ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

1

ان سال جي پوئين اونهاري دوران اسان هڪڙي ڳوٺ جي گهر ۾ رهائش پذير هئاسين جيڪو درياه ۽ جابلو ميدان جي آرپار ڏيکارجي رهيو هو. درياه جي تري ۾ ڪنڪر ۽ وڏا پٿر پيل هئا، اهو سج جي روشنيءَ ۾ خشڪ اڇاڻ مائل ڏيکارجي رهيو هو، ان جو پاڻي ڪافي صاف هو جيڪو تيز رفتاري سان وهي رهيو هو، اهو تنگ آبي رستن ۾ نيرو نظر اچي رهيو هو. گهر جي ڀرکان ۽ هيٺيين رستي ڏانهن فوجي جٿن جو گذر ٿي رهيو هو انهن جي حرڪت جي ڪارڻ اڏامندڙ مٽي وڻن جي پنن ۾ رائي جي صورت ۾ ڄمي ويئي. انهن وڻن جا ٿڙ به مٽيءَ هاڻا ٿي ويا هئا ۽ ان سال وڻن جا پن به وقت کان پهريان ڇڻي رهيا هئا، اسان فوجي جٿن کي رستن تان گذرندي، ڌوڙ اڏائيندي ڏٺو، جڏهن ته، تازي هوا جي جهونڪن جي ڪارڻ وڻن جا پن تيزيءَ سان لڏي ۽ ڇڻي رهيا هئا ۽ فوجي جٿا اڳتي وڌي رهيا هئا، هلندي هلندي رستا ايترا ته ويران ٿي ويا جو انهن تي سواءِ ڇڻيل پنن جي ٻيو ڪجھ به نظر نه پئي آيو. ميدان سرسبز کيتن سان شاداب هو، اتي ميون جي وڻن وارا ڪيترائي باغ موجود هئا ۽ ميدان کان پرڀرو خاڪ رنگي ويران جبل هئا. جبلن ۾ ممڻ متل هو ۽ رات جي وقت ۾ جنگي سازو سامان سان ليس ويڙهاڪ فوجين پاران هلايل هٿيارن جا چمڪاٽ ڏيکارجي رهيا هئا. انڌ انڌوڪار ۾ اونهاري جي کنوڻين جهڙا کيج پئي لڳا، پر راتيون ٿڌيون هيون ۽ ڪنهن طوفان جي آمد جو ڪو امڪان ڪونه پئي محسوس ٿيو. اونداه ۾ اسان کي دريءَ جي هيٺان فوجي جٿن جي گذرڻ ۽ موٽر وارن ٽريڪٽرن وسيلي وڏي جنگي ساز و سامان جي گهلجڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. رات جي وڳڙي ۾ ڪافي ٽريفڪ هئي ۽ رستن تي ڪيترائي خچر هلي رهيا هئا جن جي پاکڙن جا ٻئي پاسا گولي بارود سان ڀريل هئا ۽ خاڪي ٽرڪون هيون جيڪي ماڻهن کي کنيو پئي ويون، ۽ ٻيون ٽرڪون جن تي وزنائتو سامان سٿيل هو ۽ اهي وڏي ڪپڙي سان ڍڪيل هيون، جيڪي ٽريفڪ ۾ ڌيمي ڌيمي هلي رهيون هيون. ڪافي وڏيون بندوقون به هيون جيڪي ٽريڪٽر وسيلي گهلجندي گذري رهيون هيون، بندوقن جون ڊگهيون ناليون ساون پنن وارين ٽارين سان ڍڪيل هيون ۽ ٽريڪٽرن جي مٿان انگوري ول ڏنل هئي. اتر پاسي اسان ڪنهن واديءَ جي آرپار ڏسي پئي سگهياسين ۽ اتي اسان کي شاه بلوط جا وڻ پئي نظر آيا ۽ انهن جي پويان درياه جي اورئين پاسي اسان کي هڪڙو ٻيو جبل به ڏيکارجي رهيو هو. ان جبل جي خاطر پڻ ويڙه وڙهي ويئي هئي، پر اها ناڪاميءَ جي ور چڙهي ويئي، ۽ خزان جي موسم ۾ جڏهن مينهن پوڻ لڳا شاه بلوط جي وڻن جا سمورا پن ڇڻي ويا ۽ انهن جون ٽاريون اجڙي ويون ۽ برسات جي ڪري انهن جا ٿڙ ڪاراٽجي ويا. انگورن جا فصل سنهڙا ٿي ويا ۽ انهن جون ڏانڊيون پڻ اجڙِي ويون ۽ سارو ڏيھ خزان جي ڪري گهم، موت ۽ خاڪ سان سراپجي ويو. درياه جي مٿان ڌنڌ ڇائنجي ويو ۽ جبلن تي ڪڪر ۽ ٽرڪين رستن تي گپ جا ڦهنگا ڦهلائي ڇڏيا، ۽ فوجي جٿا پنهنجي ٽوپلن سميت گپ ۾ آلا ٿي ويا، ٽوپلن جي هيٺان انهن جون رائفلون ۽ انهن جي پٽن جي اڳيان لٽڪيل چمڙاوان ڪارتوسن وارا ٿيلها پڻ آلا ٿي ويا هئا، ساڍن ڇهن سُوتن وارن ڪارتوسن سان ڀريل لاتعداد سنهڙين ميخن وارا خاڪ رنگي ڳرا ٿيلها، انهن ٽوپلن جي هيٺان اهڙي نموني ٻاهر نڪري رهيا هئا، جو رستن تان گذرندڙ، اهي فوجي جٿا ايئن هلي رهيا هئا ڄڻ اهي پنجين مهيني پيٽ سان هجن. اتي سياهي مائل سفيد رنگ جون موٽر واريون ڪارون هيون جيڪي تيزيءَ سان گذري رهيون هيون، انهن ڪارين ۾ اڪثر طور تي ڊرائيور جي سِيٽ جي ڀرسان هڪڙو آفيسر ويهندو هو ۽ گهڻا تڻا آفيسر پوئين سيٽ تي ويهندا هئا.، انهن ڪارين ته ٽرڪن کان به ويتر وڌيڪ گپ پئي ڦهلائي ۽ اتي پوئين سيٽ تي جيڪڏهن ڪو ڊينبو آفيسر ٻن سپھ سالارن جي درميان ويٺل هوندو ته اهو پاڻ سر ايترو ته بي قدو هوندو جو توهان کي صرف ان جي ٽوپي ۽ ننڍڙي پٺي ئي نظر ايندي، ۽ جيڪڏهن ڪار خاص طور تي تيز رفتار هلندي هجي ته يقين ڪجو اهو ڪو شهنشاه هوندو. هو يُوڊائين جو رهاڪو هوندو هو ۽ هو ان ڳالھ جو جائزو وٺڻ لاءِ ته معاملا ڪيئن هلي رهيا آهن، هيڏانهن ڀيرو ڀريندو رهندو هو ۽ معاملا ڪافي خراب هئا. سياري جي شروعات ۾ مستقل وسڪارو اچي ڏوٽيو وري وسڪاري سان گڏ پيچش جي بيماري ڦهلجي ويئي. پر ان تي قابو پاتو ويو ۽ پڇاڙيءَ ۾ فقط ست هزار فوجي جوان زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺا.