22
هڪڙي ڏينهن جڏهن مان يرقان سان بستر تي هوس مس وان ڪيمپين ڪمري ۾ اندر گهڙي آئي، وڏي الماڙيءَ جو دروازو کولي اتي پيل خالي بوتلون ڏٺائين. مون انهن جو هڪڙو وڏو تعداد حماليءَ وسيلي هيٺ کڻائي ڇڏيو هو ۽ مان سمجهان ٿو ته هن لازمي طور تي انهن جي اندر ٻاهر اچڻ کي ڏٺو هوندو ۽ ڪجھ وڌيڪ انهن کي ڦٿوڙي رهي هئي. اهي گهڻي قدر مهڪدار شراب جون بوتلون، مرسالا جون بوتلون، ڪيپريءَ جو بوتلون، شيانتيءَ جون سوڙهي ڳچيءَ واريون خالي بوتلون ۽ ڪجھ ڪوگنيڪ جون بوتلون هيون. حمالي وڏيون بوتلون کڻي ويو هو، جن ۾ مهڪدار شراب، ۽ شيانتيءَ جون سوڙهي ڳچيءَ واريون بُوسي سان ڍڪيل بوتلون شامل هيون، ۽ هن برانڊي جون بوتلون آخر ۾ کڻي وڃڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنيون هيون. اهي برانڊيءَ جون بوتلون هيون ۽ هڪڙي بوتل جيڪا هڪڙي بيئر جي شڪل جهڙي هئي، جنهن ۾ ڪُميل (kümmel: مٺو روسي شراب) پيل هو، جيڪو مس ڪيمپين کي هٿ اچي ويو. هوءَ بيئر جي شڪل واري بوتل تي خاص طور تي ڏمرجي پيئي. هوءَ ان کي مٿي ڪيو بيٺي هئي، بيئر هن جي ڪلهي تي لڳي ويو هو ۽ هن جا چنبا مٿي هئا، هن جي عينڪ جي مٿان هڪڙو ڍڪڻ آيل هو ۽ ان جي هيٺان لڳلڳدارسنگِ مردار لڳل هو. مون ٽهڪ ڏنو. ”اهو ڪُميل آهي،“ مون چيو. ”بهترين ڪُميل انهن بيئر جي شڪل جهڙين بوتلن ۾ ايندو آهي. اهو روس مان ايندو آهي.“ ”اهي سڀ برانڊيءَ جون بوتلون آهن، ها نه؟“ مس وان ڪيمپين پڇيو. ”مان انهن سڀني کي ڏسي نه ٿو سگهان،“ مون چيو. ”پر غالباَ اهي آهن.“ ”اهو سلسلو گهڻي وقت کان پئي هليو آهي؟“ ”مون اهي پاڻ خريد ڪيون آهن ۽ مان پاڻ کڻي آيو آهيان،“ مون چيو. ”مون سان ملڻ جي لاءِ اڪثر اطالوي آفيسر ايندا رهندا آهن ۽ مان انهن کي آڇڻ جي لاءِ اهي رکيون آهن.“ ”تون پاڻ سر اهي نه پيئندو رهيو آهين؟“ هن پڇيو. ”مون پاڻ به پيتو آهي.“ ”برانڊي،“ هن چيو. ”برانڊيءَ جون يارنهن خالي بوتلون ۽ اها پاڻياٺي بيئر جي بوتل.“ ”ڪُميل.“ ”مان انهن کي هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن کي موڪليان ٿي. بس تو وٽ ايتريون ئي خالي بوتلون آهن نه؟“ ”هن مهل تائين اهي ئي آهن.“ ”۽ مان توتي ترس کائي رهي هئس ته توکي يرقان آهي. رحم ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن تنهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.“ ”تنهنجي مهرباني.“ ”مان سمجهان ٿي محاذ ڏانهن نه وڃڻ لاءِ توتي ڪو الزام مڙهي نه ٿو سگهجي. پر مونکي اهو سمجهڻ گهرجي ته تون الڪوحل وسيلي يرقان پيدا ڪرڻ کان اڃا وڌيڪ ٻي ڪا چالاڪي سوچيندو هوندين. تو اهو ٻڌو نه.“ مون ڪجھ به نه ڪڇيو. ”جيستائين تون ٻي ڪاشيءِ معلوم ڪري وٺين مونکي افسوس آهي جڏهن تون يرقان مان نجات ماڻي وٺندين توکي واپس محاذ ڏانهن وڃڻو پوندو. مان نه ٿي مڃان ته پاڻ تي پاڻ طاري ڪيل يرقان توکي هڪڙي روبصحت موڪل جو حق عطا ڪري ٿو.“ ”توکي ناهي نه؟“ ”مونکي ڪونهي.“ ”مس وان ڪيمپين ڇا توکي ڪڏهن يرقان ٿي آهي؟“ ”نه، پر مون ان جو هڪڙو وڏو انگ ڏٺو آهي.“ ”تو ڌيان ۾ آندو آهي ته مريض ان مان ڪيئن مزو وٺندا آهن؟“ ”مان سمجهان ٿو ته اها محاذ کان بهتر آهي.“ ”مس وان ڪيمپين،“ مون چيو، ”ڇا تو ڪڏهن اهڙي ماڻهوءَ کي ڄاتو جنهن پنهنجي خصن کي ڌڪ هڻي ناڪاره بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي؟“ مس وان ڪيمپين حقيقي سوال کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. هن کي يا ته ان کي نظرانداز ڪرڻو هو يا وري ڪمرو ڇڏي ڏيڻو هو. هوءَ وڃڻ لاءِ تيار نه هئي هن مونکي ڪيتري وقت کان ناپسند پئي ڪيو هو ۽ هاڻي هوءَ مون کان حساب چڪتو ڪري رهي هئي. ”مون ڪيترن ئي ماڻهن کي ڄاتو آهي جيڪي محاذ تان فرار ٿيڻ جي لاءِ پاڻ مٿان پاڻ زخم طاري ڪندا آهن.“ ”مون اهو سوال ڪو نه پڇيو.“ ”مون پاڻ سر پاڻ تي پاڻ طاري ڪيل گهاو ڏٺا آهن.“ ”مون تو کان پڇيو ته ڇا تو ڪڏهن هڪڙي اهڙي شخص کي ڏٺو آهي جنهن پنهنجي خصن کي پاڻ ڌڪ هڻي ناڪاره ڪيو هجي. ڇاڪاڻ جو اهو يرقان سان قريبي تعلق رکندڙ احساس آهي ۽ اهو هڪڙو اهڙو احساس آهي جيڪو مان سمجهان ٿو شايد ئي چند عورتون ڪڏهن ان جي تجربي مان گذريون هجن. جنهن جي ڪري ئي مون، مس وان ڪيمپين، توکان معلوم ڪيو ، ڇاڪاڻ جو ــ“ مس وان ڪيمپين ڪمري مان نڪري ويئي. بعد ۾ مس گيج اندر گهڙي آئي. ”تو مس وان ڪيمپين کي ڇا پئي چيو؟“ هوءَ ڏمريل هئي. ”اسان احساسن کي ڀيٽي رهيا هئاسين.“ ”تون احمق آهين،“ گيج چيو. ”هوءَ تنهنجي پٺيان پئجي ويئي آهي.“ ”هوءَ منهنجي پويان پئجي ويئي آهي،“ مون چيو. “هن منهنجون موڪلون وڃرائي ڇڏيون آهن ۽ هوءَ ڪوشش ڪري مونکي ڪورٽ مارشل ڪرائي سگهي ٿي. هوءَ ڪافي ويل آهي.“ .هن توکي ڪڏهن به پسند ڪو نه ڪيو آهي،“ گيج چيو.”هاڻي ڇا تي آٽيئو؟“ ”هوءَ چوي ٿي ته مون شراب پي ڪري پاڻ کي پاڻ يرقان ۾ مبتلا ڪيو آهي ته جيئن مان محاذ ڏانهن وڃي نه سگهان.“ ”لاحول ولا،“ مس گيج چيو. ”مان قسم کڻنديس ته تو ڪڏهن به شراب نه واپرايو آهي. هر شخص قسم کڻندو ته تو ڪڏهن به شراب نه واپرايو آهي.“ ”هن بوتلون ڳولهي لڌيون.“ ”مون توکي سئو ڀيرا چيو آهي ته اهي بوتلون هٽرائي ڇڏ. هاڻي اهي ڪٿي آهن؟“ ”وڏي الماڙيءَ ۾“. ”تو وٽ ڪو سوٽ ڪيس آهي؟“ ”نه. انهن کي ڪپڙن جي ان ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏ.“ مس گيج بوتلون ڪپڙي جي ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيون. ”مان اهي حماليءَ جي حوالي ڪنديس،“ هن چيو. هوءَ دروازي ڏانهن هلڻ لڳي. ”هڪڙو منٽ بيهجو،“ مس وين ڪيمپين چيو. ”اهي بوتلون مان کڻنديس.“ هوءَ حماليءَ کي ساڻ وٺي آئي هئي. ”مهرباني ڪري انهن کي کڻو،“ هن چيو. ”جڏهن مان پنهنجي رپورٽ تيار ڪنديس ته مان اهي ڊاڪٽر کي ڏيکارينديس.“ هوءَ هيٺ هال ڏانهن هلي ويئي. حمالي ٻوري پاڻ سان کنئي. هن ڄاتو پئي ته انهن ۾ ڇا هيو. ڪجھ ڪو نه ٿيو سواءِ ان جي جو منهنجي موڪل ضايح ٿي ويئي.