38
اسان ڪنڊ واري ميز وٽ بيئر واري هنڌ تي هئاسين. اتي ٻاهر اونداهي ٿي رهي هئي. اهو اڃا سوير ڀرو هو پر ڏينهن ميرانجهڙو هو جنهن ڪري لڳي رهيو هو ڄڻ سج سوير ڀرو لهي رهيو هجي. ”اچ ته هاڻي ئي شادي ڪيون،“ مون چيو. ”ڪيٿرائن چيو،“ ”اها هاڻي ڪافي ناگوار آهي. مان صاف طور تي چوان ٿي مان ڪنهن جي به اڳيان وڃي هن رياست ۾ شادي ڪو نه ڪنديس.“ ”ڪاش اسان شادي شده هجون ها.“ ”مان سمجهان ٿو اهو ڪافي بهتر هجي ها. پر، جاني، اسان ڪڏهن ڪنداسين؟“ ”مان نه ٿي ڄاڻان.“ ”مان ڪجھ به نه ٿي ڄاڻان. مان هن شاندار مادراڻي رياست ۾ شادي نه ٿي ڪري سگهان.“ ”تون مادراڻا ناهين.“ ”او، ها، مان آهيان، جاني.“ ”حجامت ڪرڻ واريءَ مون کان پڇيو پئي ته ڪٿي اها اسان جي شروعات ته ڪو نه هئي؟“ مون هن سان ڪوڙ ڳالهايو. ”نه، اسان کي ٻه ڇوڪرا ۽ ٻه ڇوڪريون آهن.“ ”اسان ڪڏهن شادي ڪنداسين؟“ ”ڪنهن به وقت جڏهن مان وري سنهڙي ٿي وڃان. مان هڪڙي عاليشان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي جتي هر ڪو اهو سوچي رهيو هجي ته هڪڙو ڪيڏو نه خوبصورت نوجوان جوڙو آهي.“ ”۽ توکي ڪا به چنتا ناهي؟“ ”جاني، اسان کي ڪا به چنتا ڇو ڪرڻ گهرجي؟“ ”مون فقط هڪڙي دفعي تڏهن برو محسوس ڪيو هو جڏهن مون پاڻ کي ملان ۾ هڪڙي طوائف محسوس ڪيو هو ۽ اها محسوسات فقط ستن منٽن تائين برقرار رهي هئي ۽ ٻيو ته اتي ڪمري ۾ ڪافي آرائشي سجاوتون هيون. ڇا مان تو لاءِ سٺي زال ناهيان؟“ ”تون هڪڙي دلربا گهر واري آهين.“ ”ته پوءِ تمام گهڻي فنڪاري نه ڪر، جاني. مان جيئن ئي سنهڙي ٿي ويس مان توسان شادي ڪري ڇڏيندس.“ ”ٺيڪ آهي.“ ”ڇا تون سمجهين ٿو ته مون کي هڪڙو ٻيو بيئر پيئڻ گهرجي؟ ڊاڪٽر چيو ته منهنجا ٻنڊڻ صفا سوڙها آهن ۽ جيڪڏهن اسان نوجوان ڪيٿرائن کي ننڍڙو رکون ته اهو سڀ ڪجھ بهتري لاءِ هوندو.“ ”هن ٻيو ڇا چيو؟“ مان پريشان ٿي ويس. ”ڪجھ به نه. منهنجي خون جو دٻاءُ صفا صحيح آهي، جاني. هن منهنجي خون جي دٻاءُ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي.“ ”هن تنهنجي ٻنڊڻن جي سوڙهي هئڻ بابت ڇا چيو؟“ ”ڪجھ به نه. هرگز ڪجھ به نه. هن چيو ته مون کي برف تي ترڪڻ نه گهرجي.“ ”بلڪل ٺيڪ.“ ”هن چيو جيڪڏهن مون اهو پهريان نه ڪيو آهي ته هاڻي ان جي ڪرڻ لاءِ گهڻي دير ٿي چڪي آهي. هن چيو جيڪڏهن مان ڪِري نه پوان ته مان برف تي ترڪي سگهان ٿي.“ ”هو وڏيءَ دل وارو هڪڙو مسخرو آهي.“ ”هو واقعي زبردست هو. اسان کي جڏهن ٻار پيدا ٿيندو اسان هن کي گهرائينداسين.“ ”ڇا تو هن کان شادي ڪرڻ جي باري ۾ معلوم ڪيو؟“ ”نه. مون هن کي ٻڌايو ته اسان سالن کان وٺي شادي شده آهيون. جاني تون ڄاڻين ٿو ته، جيڪڏهن مان توسان شادي ڪنديس ته مان هڪڙي آمريڪن ٿي وينديس ۽ ڪنهن به وقت جڏهن اسان آمريڪي قائدي تحت شادي ڪري وٺنداسين ته ٻار جائز بڻجي ويندو.“ ”تو اهو ڪٿان معلوم ڪري ورتو؟“ ”ڪتب خاني ۾ نيويارڪ جي دنيا جي جنتريءَ ۾.“ ”تون هڪڙي عظيم ڇوڪري آهين.“ ”هڪڙي آمريڪي عورت بڻجي وڃڻ ۾ مون کي خوشي محسوس ٿيندي ۽ اسان آمريڪا هليا وينداسين، ها نه جاني؟“ ”مان نياگرا جا آبشار ڏسڻ چاهيان ٿي.“ ”تون هڪڙي زبردست ڇوڪري آهين.“ ”اتي ڪا ٻي شيءِ به آهي جنهن کي مان ڏسڻ گهران ٿي پر مون کي اها ياد نه ٿي اچي.“ ”مال منڊي؟“ ”نه. مان ان کي ياد نه ٿي ڪري سگهان.“ ”وول ورٿ جي عمارت؟“ ”نه.“ ”گرانڊ ڪينيون؟“ ”نه. پر مان ان کي ڏسڻ چاهينديس.“ ”اهو ڇا هو؟“ ”گولڊن گيٽ. ها مان ان کي ڏسڻ چاهيان ٿي.“ ”گولڊن گيٽ ڪٿي آهي؟“ ”سين فرانسيسڪو ۾.“ ”ته پوءِ اچ ته اوڏانهن هلون. مان هر حال ۾ سين فرانسيسڪو ڏسڻ چاهيان ٿي.“ ”ٺيڪ آهي. اسان اوڏانهن هلنداسين.“ ”هاڻي اچ ته مٿي پهاڙ ڏانهن هلون. واقعي؟ ڇا اسان ايم.او.بي وٺي سگهون ٿا؟“ ”ٿوريءَ دير کان پوءِ پنجين وڳي بعد اتي هڪڙي ريل ايندي.“ ”اچ ته ان کي پڪڙيون.“ ”ٺيڪ آهي. مان پهريان هڪڙو وڌيڪ بيئر پيئندس.“ ”جڏهن اسان اڳتي ڳليءَ ڏانهن هلڻ لاءِ نڪري آياسين ۽ اسٽيشن جي لاءِ ڏاڪڻيون چڙهياسين اتي ڪافي سردي هئي. رون وادِيءَ جي هيٺان هڪڙي ٿڌڙي هير گهلي رهي هئي. اتي دوڪانن جي درين ۾ روشنيون هيون ۽ اسان مٿاهين ڳليءَ وٽان لهواري پٿر واري ڏاڪڻ تي چڙهياسين، انهي کان پوءِ اڳيان اسٽيشن جي لاءِ هڪڙي ٻي ڏاڪڻ تي چڙهياسين. اتي برقي ريل بيٺي هئي، جنهن جون سموريون روشنيون ٻري رهيون هيون. ”اتي هڪڙو گهڙيال لڳل هو جيڪو ان جي رواني ٿيڻ جو وقت ڏيکاري رهيو هو. گهڙيال جا ڪانٽا ان جي روانگيءَ جو وقت پنج لڳي ڏه منٽ ڏيکاري رهيا هئا. مون اسٽيشن جي گهڙيال ڏانهن نهاريو. انهي مطابق اڃا پنج منٽ پيا هئا. جيئن ئي اسان ريل ۾ سوار ٿياسين مون موٽر واري همراه ۽ ڪنڊيڪٽر کي اسٽيشن جي مئخاني کان ٻاهر ايندي ڏٺو. اسان ريل ۾ ويهي رهياسين ۽ دري کولي ڇڏي سين. ريل بجليءَ وسيلي گرمايل هئي ۽ اها ٻُوساٽيل هئي پر دريءَ مان تازي ٿڌڙي هوا اچي رهي هئي. ”ڪيٽ، ڇا تون ٿڪجي پيئي آهين؟“ مون پڇيو. ”نه مان. زبردست محسوس ڪري رهي آهي آهيان.“ ”اهو ايترو ڊگهو سفر نه آهي.“ ”مون کي سفر ڪرڻ پسند آهي،“ هن چيو. “منهنجي ڪا به چنتا نه ڪر جاني. مان عمدو پئي محسوس ڪيان.“ ناتال کان ٽي ڏينهن پهريان تائين ڪا به برفباري ڪو نه ٿي. هڪڙي ڏينهن صبح جو جڏهن اسان سجاڳ ٿياسين اتي برفباري ٿي رهي هئي. اسان بستر ۾ ٽڪيل رهياسين باه چلھ ۾ ٽڙڪاٽ ڪري رهي هئي ۽ اسان برفباري کي ڏسي رهيا هئاسين. مسز گٽنجين ناشتي واري طشتري کڻي ويئي ۽ چلهي ۾ وڌيڪ ٻارڻ وجهي ويئي. اهو هڪڙو وڏو برفاني طوفان هو. هن چيو ته اهو اڌ رات ڌاران شروع ٿيو هو. مان دريءَ ڏانهن ويس ۽ ٻاهر نظر ڦيرايم پر رستي جي آرپار ڏسي ڪو نه سگهيس. اتي انتهائي تيز هوا گهلي رهي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ برفباري پڻ ٿي رهي هئي. ”مان واپس بستر ڏانهن ويس ۽ اسان اتي آهلجي ويٺاسين ۽ پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳاسين.“ ”ڪاش مان برف تي هلي سگهان ها.“ ڪيٿرائن چيو. ”برف تي هلي ڦري نه سگهڻ مون کي فرسوده ڀاسجي ٿو.“ ”اسان هڪڙي برف تي هلڻ واري گاڏيءَ تي چڙهنداسين ۽ رستي کان هيٺ هلنداسين. اهو تو لاءِ هڪڙي ڪار ۾ سواري ڪرڻ کان وڌيڪ خراب ناهي.“ ”ڇا اهو مشڪل نه هوندو؟“ ”اسان ان کي پرکي سگهون ٿا.“ ”مان اميد ٿو ڪيان ته اهو ايترو مشڪل نه هوندو.“ ”انهي کان پوءِ اسان برف ۾ هڪڙو چڪر هڻنداسين.“ ”مانجهاندي کان پوءِ،“ ڪيٿرائن چيو. ”انهي سان اسان کي سٺي بک لڳندي.“ ”مان هميشه بکايل هوندي آهيان.“ ”مان به.“ اسان ٻاهر برف ڏانهن وياسين اتي انهي جا ڍڳ جمع ٿي ويا هئا جنهن ڪري اسان گهڻو پري پنڌ ڪري ڪو نه سگهياسين. مان اڳتي هليو ويس ۽ اسٽيشن کان هيٺ هڪڙو رستو بڻايم پر جڏهن اسان اتي پهتاسين اسان کي لڳو ته اسان گهڻو اڳتي نڪري آيا آهيون. برفباري وسي رهي هئي تنهن ڪري اسان مشڪل سان ڏسي پئي سگهياسين ۽ اسان اسٽيشن جي ڀرسان هڪڙي ننڍڙي سراءِ ۾ وياسين ۽ هڪٻئي کي هڪڙي بُرش سان ڇنڍيوسين ۽ هڪڙي ميز تي ويهي رهياسين ۽ خوشبودار شراب پيتوسين. ”اهو ڪافي وڏو طوفان آهي.“ شراب پيش ڪرڻ واري عورت چيو. ”ها.“ ”هن سال ڪافي دير سان برفباري ٿي آهي.“ ”ها.“ ”ڇا مان چاڪليٽ کائي سگهان ٿي؟“ ڪيٿرائن چيو. ”يا مانجهاندي جو وقت صفا نزديڪ آهي؟ مان هميشه بک ورتل هوندي آهيان.“ ”هڪڙو ڀلي کاءُ،“ مون چيو. ”مان هڪڙو خشڪ ميوي سان گڏ کائينديس،“ ڪيٿرائن چيو. “اهي ڪافي سٺا آهن.“ ”ڇوڪريءَ چيو. ”اهي مون کي ڪافي پسند آهن.“ ”مان هڪڙو ٻيو خوشبوءَ وارو شراب پيئندس،“ مون چيو. جڏهن اسان واپس مٿي رستي ڏانهن هلڻ لاءِ ٻاهر آياسين ته اسان وارو رستو برف سان ڍڪجي ويو هو. جتي اڳ ۾ گُرخا هوندا هئا اتي فقط مدهم گوشيدار شگاف هئا . برف اسان جي منهن سان ٽڪرائي رهي هئي جنهن ڪري اسان مشڪل سان ڏسي پئي سگهياسين. اسان پاڻ کي اگهي صاف ڪيوسين ۽ مانجهاندي لاءِ روانا ٿياسين. مسٽر گُٽنجين اسان لاءِ مانجهاندو کڻي آيو.“ ”سڀاڻي اتي برفباري تي هلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو،“ هن چيو. “ڇا توهان برفباريءَ ۾ ترڪڻ پسند ڪندا آهيو، هينري؟“ ”نه. پر مان سکڻ چاهيان ٿو.“ ”توهان آسانيءَ سان سکي ويندئو. منهنجو ڇوڪرو ناتال جي ڪري هتي ايندو ۽ هو توهان کي سيکاريندو.“ ”اهو ڪافي سٺو آهي. هو ڪڏهن ايندو؟“ ”سڀاڻي رات جو.“ جڏهن اسان مانجهاندي کان پوءِ ننڍڙي ڪمري ۾ چلهي جي ڀرسان ويٺا هئاسين ۽ ٻاهر دريءَ ڏانهن هيٺ وسندڙ برفباريءَ ڏانهن نهاري رهيا هئاسين ڪيٿرائن چيو، ”جاني، ڇا تون ڪنهن سير جي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ڏانهن پنهنجي سر پاڻ نه ويندين ڇا، ۽ اتي وڃي ڪري ماڻهن کي ڏسڻ ۽ برفباريءَ تي ترڪڻ جو مزو ڪو نه وٺندين ڇا؟“ ”نه. مان ڇاڪاڻ وڃان؟“ ”ڪڏهن ڪڏهن مون کي اهو سوچڻ گهرجي ته تون ڪڏهن ڪڏهن مون کان علاوه ٻين ماڻهن کي ڏسڻ چاهيندو هوندين.“ ”ڇا تون ٻين ماڻهن کي ڏسڻ چاهيندينءَ؟“ ”نه. مان به نه چاهينديس.“ ”مان ڄاڻان ٿي. پر تون مختلف آهين. مان هڪڙي ٻار کي پيٽ ۾ پالي رهي آهيان ۽ ان سان مان ڪجھ به نه ڪرڻ سان مطمئن رهان ٿي. مان سمجهان ٿي ته هاڻي مان بيحد احمق آهيان ۽ مان تمام گهڻي جَکَ هڻان ٿي ۽ مان سمجهان ٿي ته توکي ٻاهر وڃڻ گهرجي ان سان تون مون مان بيزار نه ٿي پوندين.“ ”ڇا تون چاهين ٿي ته مان هليو وڃان؟“ ”نه. مان چاهيان ٿي ته تون هُج.“ ”اهو ئي ته مان ڪري رهيو آهيان.“ ”هيڏانهن اچ،“ هن چيو. مون کي تنهنجي مٿي تي ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجڻ جو نشان محسوس ٿئي ٿو.“ هن پنهنجي آڱر ان جي مٿان گهمائي. ”جاني، ڇا تون ڏاڙهي رکرائيندين؟“ ”ڇا تون چاهين ٿي ته مان اها رکرايان؟“ ”اهو ڪافي مزيدار رهندو. مان توکي هڪڙي ڏاڙهيءَ ۾ ڏسڻ کي پسند ڪنديس.“ ”ٺيڪ آهي. مان اها رکرائيندس. مان ان کي هن منٽ کان وٺي ڇڏي ٿو ڏيان. اهو هڪڙو ڀلو خيال آهي. انهي سان مون کي ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جو موقعو ملندو.“ ”ڇا تون ان جي لاءِ پريشان آهين ڇاڪاڻ جو تو وٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪجھ به ڪونهي؟“ ”نه. مان ان کي پسند ڪيان ٿو. مان هڪڙي عمدي زندگي گھاريان پيو. ڇا تون نه پيئي گهارين؟“ ”مون وٽ هڪڙي عمدي زندگي آهي. پر مونکي ڀئو ٿو ٿئي ڇاڪاڻ جو هاڻي مان ٿلهي ٿي ويئي آهيان تنهن ڪري مان تنهنجي لاءِ بيزاري پيدا ڪري رهي هونديس.“ ”او، ڪيٽ، تون نه ٿي ڄاڻين ته مان تنهنجي لاءِ ڪيترو پاڳل آهيان.“ ”انهي نموني سان“ ”جنهن نموني ۾ تون آهين. مان هڪڙو بهترين وقت گهاري رهيو آهيان. ڇا اسان هڪڙي سٺي زندگي نه گهاري رهيا آهيون؟“ ”مان گهاريان پئي. پر مون سمجهيو ٿي سگهي تون بي چين هجين.“ ”نه. ڪڏهن ڪڏهن مون کي محاذ جي باري ۾ ۽ انهن ماڻهن جي باري ۾ حيرت ٿيندي آهي جن کي مان سڃاڻان ٿو پر مون کي ان جي ڪا به پرواه ناهي. مان ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ايترو نه سوچيندو آهيان.“ ”توکي ڇا جي باري ۾ حيرت ٿيندي آهي؟“ .پادريءَ ۽ رنالڊيءَ جي باري ۾ ۽ ڪيترائي ٻيا ماڻهو جن کي مان سڃاڻان ٿو. پر مان انهن جي باري ۾ گهڻو ڪو نه سوچيندو آهيان. مان جنگ جي باري ۾ سوچڻ نه ٿو گهران. مان انهي مان گذري چڪو آهيان.“ ”هاڻي تون ڇا جي باري ۾ سوچي رهيو آهين؟“ ”ڪجھ به نه.“ ”ها تون ڪجھ سوچي رهيو هئين. مون کي ٻڌاءِ.“ ”مون کي انهي تي حيرت ٿي رهي هئي ته ڪٿي رنالڊيءَ کي آتشڪ هو به يا نه.“ ”ڇا تون بس ايترو سوچيندو آهين؟“ ”ها.“ ”ڇا هن کي آتشڪ هو؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان.“ ”مون کي خوشي آهي ته اهو توکي ڪونهي. ڇا توکي انهي جهڙي ڪا به شيءِ ڪڏهن ٿي؟“ “مونکي سوزاڪ ٿيو هو.“ ”مان انهي جي باري ۾ ٻڌڻ نه ٿي گهران. جاني، ڇا اهو ڪافي دردناڪ هو؟“ ”تمام گهڻو.“ ”ڪاش اهو مون کي هجي ها.“ ”نه اهو توکي ٿي نه ٿو سگهي.“ ”ها ٿي سگهي ٿو. ڪاش اهو مون کي ٿئي ها جيئن توکي ٿيو هو. ڪاش مان تو وارين سڀني ڇوڪرين وٽ ترسان ها ته جيئن مان تولاءِ انهن سان کل ڀوڳ ڪيان ها.“ ”اها هڪڙي خوبصورت تصوير آهي.“ ”توهان کي سوزاڪ ٿي وڃي اها ڪا خوبصورت تصوير نه ٿي ٿي سگهي.“ ”مان اهو ڄاڻان ٿي. هاڻي برف ڏانهن نهار.“ ”مان اڃا به تو ڏانهن نهارڻ پسند ڪندس. جاني، تون پنهنجا وار وڏا ڇو نه ٿي ڪرين؟“ ”ڪيترا وڏا؟“ ”بس ٿورڙا وڏا هجن.“ ”اهي هاڻي ڪافي وڏا آهن.“ ”نه، انهن کي ٿورو وڏو ٿيڻ جي لاءِ ڇڏي ڏي ۽ مان پنهنجا وار ڪٽرائي سگهان ٿو ۽ اسان بلڪل هڪجهڙا ۽ هڪ لڳنداسين هڪڙو سياه رنگ، وارن ۽ اکين وارو ۽ ٻي سونهري رنگ، وارن ۽ اکين واري.“ ”مان توکي تنهنجا وار ڪٽرائڻ ڪو نه ڏينديس.“ ”اهو ڪافي مزيدار رهندو.“ ”انهن مون کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. اهي رات جو بستر ۾ بيحد پريشاني ڏين ٿا.“ ”مان انهن کي پسند ڪيان ٿي.“ ”ڇا تون انهن جي ننڍڙي هئڻ کي پسند ڪندينءَ؟“ ”مان ڪري سگهان ٿي. مان انهن کي اهڙي جو اهڙو پسند ڪيان ٿي.“ ”اهي ننڍڙا سهڻا لڳندا. پوءِ اسان ٻئي هڪجهڙا لڳنداسين. او، جاني، مان توکي تمام گهڻو چاهيان ٿو مان به تو جهڙو ئي ٿيڻ چاهيان ٿو.“ ”تون آهين. اسان هڪجهڙا ئي آهيون.“ ”مان اهو ڄاڻان ٿو. رات جو اسان هڪجهڙا ٿي ويندا آهيون.“ ”راتيون عظيم آهن.“ ”مان چاهيان ٿي ته اسان پاڻ ۾ ملي جلي وڃون. مان نه ٿي چاهيان ته تون هليو وڃ. مون فقط اهو ئي چيو. جيڪڏهن تنهنجي دل گهري ٿي ته تون هليو وڃ. پر جلدي واپس وري اچجانءِ. انهي لاءِ، جو جانب، جڏهن مان توسان گڏ نه هوندي آهيان مون کي جيئڻ اجايو لڳندو آهي.“ ”مان ڪڏهن به ڪاڏي ڪو نه ويندس،“ مون چيو. ”جڏهن تون اتي نه هوندو آهين مان ڪنهن ڪم جي نه هوندي آهيان. وڌيڪ لاءِ مون وٽ ڪا حيات نه هوندي آهي.“ ”مان چاهيان ٿو ته تو وٽ ڀرپور زندگي هجي. مان چاهيان ٿو ته تو وٽ هڪڙي عمدي زندگي هجي. پر اها اسان گڏ گهارينداسين، ها نه؟“ ”۽ هاڻي تون چاهين ٿي ته مان پنهنجي ڏاڙهيءَ جي واڌ ويجھ کي روڪي ڇڏيان يا انهي کي وڌڻ لاءِ ڇڏي ڏيان؟ ”ڇڏي ڏي. انهي کي ڇڏي ڏي ته ڀلي اها وڏي ٿي وڃي. اها ڪافي متحرڪ ڪندي. ٿي سگهي اها نئين سال تائين وڏي ٿي وڃي.“ ”ڇا هاڻي تون شطرنج کيڏڻ چاهيندينءَ؟“ .مان اها بلڪه توسان کيڏڻ چاهينديس.“ ”نه. اچ ته شطرنج کيڏون.“ ”۽ انهي کان پوءِ اسان کيڏنداسين؟“ ”ها.“ ”ٺيڪ آهي.“ مون شطرنج جي راند جو بورڊ ٻاهر ڪڍيو ۽ ان جي پيادن کي ترتيب سان رکيو. اتي اڃا ٻاهر برفباري ٿي رهي هئي. هڪڙي دفعي رات جو مان جاڳي پيس ۽ ڏٺم ته ڪيٿرائن پڻ جاڳي رهي هئي. چنڊ دريءَ وٽان چمڪي رهيو هو ۽ دريءَ جي شيشن ۾ لڳل سلاخن مان بستر تي پاڇولا ٺاهي رهيو هو. ”مٺڙي، ڇا تون جاڳي رهي آهين؟“ ”ها. ڇا توکي ننڊ نه ٿي اچي؟“ ”مان بلڪل انهي مهل جاڳي پيس جڏهن مان اهو ويچاري رهي هيس ته جڏهن مان توسان پهريون دفعو ملي هئس ته مان ڪيتري نه پڳلي هوندي هيس. ڇا توکي ياد آهي؟“ .تون بلڪل ٿورڙي پڳلي هئينءَ.“ ”هاڻي مان ڪڏهن به اهڙي نه آهيان. هاڻي مان عاليشان آهيان. تون عاليشان ايتري ته مٺڙي انداز سان پئي چوين. وري چئو عاليشان.“ ”عاليشان.“ ”او، تون مٺڙي آهين. ۽ هاڻي مان ايتري پڳلي نه آهيان. مان فقط، گهڻي، گهڻي، گهڻي خوش آهيان.“ ”سمهي پئو،“ مون چيو. ”ٺيڪ آهي. اچ ته بلڪل ساڳي ئي لمحي ۾ سمهي پئون.“ ”ٺيڪ آهي.“ ”پر اسان سمهي ڪو نه سگهياسين. مان بلڪل هڪڙي ڊگهي وقت تائين جاڳي رهيو هوس ۽ شين جي باري ۾ سوچي رهيو هوس ۽ ڪيٿرائن کي ستل ڏسي رهيو هوس، چنڊ جي روشني هن جي چهري تي چمڪي رهي هئي. انهي کان پوءِ مان پڻ سمهي پيس.