ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

34

عام ڪپڙن ۾ مون پاڻ کي هڪڙي ٻهروپي جيان محسوس ڪيو. مان گهڻي وقت کان وٺي هڪڙي ورديءَ ۾ هوس ۽ مون پنهنجي بدن تي ڪپڙن جي ڇڪجي بيهڻ واري احساس جي ڪمي محسوس ڪئي. ٽرائوزر ڪافي سست لڳي رهيا هئا. مون ملان وٽان اسٽريسا جي لاءِ هڪڙي ٽڪيٽ خريد ڪئي هئي. مون هڪڙي نئين ٽوپي پڻ ورتي هئي. مان سِم جي ٽوپي پائي نه سگهيس پر هن جا ڪپڙا ڪافي سٺا هئا. انهن مان تماڪ جي بوءِ اچي رهي هئي ۽ جيئن ئي ريل جي ڪمري (ڪمپارٽمينٽ) ۾ ويٺس ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳس نئين ٽوپي ڪافي نئين محسوس ٿيڻ لڳي ۽ ڪپڙا ڪافي پراڻا محسوس ٿيڻ لڳا. مون پنهنجو پاڻ کي ايترو اداس ۽ گهميل محسوس ڪيو جيترو لومبارڊ جا اهي کيت جيڪي دريءَ منجهان ٻاهر نظر اچي رهيا هئا. اتي ريل جي ڪمري ۾ ڪجھ هواباز (پائيليٽ) ويٺا هئا جن مون ڏانهن گهڻو ڌيان نه پئي ڏنو. انهن مون ڏانهن نهارڻ کان پرهيز پئي ڪيو ۽ منهنجي عمر جي هڪڙي شهري کان هو ڪافي حقارت ڪري رهيا هئا. مون کي توهين جو احساس نه ٿيو. جي اهي منهنجا پهريان وارا پراڻا ڏينهن هجن ها ته مان انهن کي بي عزتو ڪيان ها ۽ انهن سان وڙهي پوان ها. اهي گيليريٽ وٽ لهي ويا ۽ مون پاڻ کي اڪيلو ڏسندي ڪافي سرهائي محسوس ڪئي. مون وٽ اخبارون هيون پر مان اهي پڙهي ڪو نه رهيو هوس ڇاڪاڻ جو مون جنگ جي باري ۾ پڙهڻ نه پئي چيو. مون جنگ کي وسارڻ پئي چاهيو. مون عليحده طور تي امن اختيار ڪيو هو. مون پنهنجو پاڻ کي بدبخت تنها محسوس ڪيو ۽ جڏهن ريل اسٽريسا ڏانهن هلڻ لڳي ته مون کي سرهائي ٿي. اسٽيشن کان پوءِ مون هوٽل کان حمالين کي ڏسڻ جي توقع ڪئي پر اتي ڪو به ڪو نه هو. مند گهڻي وقت کان پوري ٿي چڪي هئي ۽ ريل وٽان ڪو به نه مليو. مان ريل تان پنهنجي ٿيلهي سميت هيٺ لٿس، اهو سِم جو ٿيلهو هو، ۽ اهو کڻڻ ۾ ڪافي هلڪو هو، لڳ ڀڳ سمورو خالي هو سواءِ ٻن قميضن جي، ۽ برسات ۾ اسٽيشن جي ڇت جي هيٺان بيهي رهيس جڏهن ته ريل هلي ويئي هئي. مون اسٽيشن وٽ هڪڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو ۽ ان کان معلوم ڪيم متان هن کي ڄاڻ هجي ته ڪهڙا هوٽل کليل هئا. گرانڊ هوٽل ۽ ڊيس آئيلز باروميز ۽ ٻيا ڪيترا ئي ننڍڙا هوٽل جيڪو سارو سال کليل رهندا هئا کليل هئا.
مون هلندڙ برسات ۾ آئيلز بارو مِيس جي لا ءِ ٿيلها کڻندي هلڻ شروع ڪيو. مون هڪڙي ٽانگي کي گهٽيءَ جي هيٺان ايندي ڏٺو ۽ ڊرائيور کي اشارو ڏنم. هڪڙي ٽانگي ۾ سوار ٿي پهچڻ بهتر هو. اسان وڏي هوٽل وٽ ٽانگي جي داخلا واري هنڌ ڏانهن سوار ٿياسين ۽ دربان هڪڙي ڇٽيءَ سان ٻاهر نڪري آيو ۽ هو ڪافي مهذب لڳي رهيو هو. مون هڪڙو سٺو ڪمرو ورتو. اهو ڪافي وڏو ۽ روشن هو ۽ انهي کان ٻاهر ڍنڍ نظر پئي آئي. ڪڪر هيٺ ڍنڍ جي مٿان هئا ۽ پر اها سج جي روشنيءَ سان اڃا به خوبصورت ٿي ويندي. مان پنهنجي گهر واريءَ جي لاءِ منتظر هوس، مون چيو. اتي هڪڙو ٻٽو پلنگ هو, جنهن تي اطلس سان ملندڙ جلندڙ چادر ڏنل هئي. هوٽل ڪافي عاليشان هو. مان هيٺ طويل احاطن ڏانهن ويس، جيڪي بار ڏانهن ويندڙ ڪمرن وچان ويڪرين ڏاڪڻين جي هيٺان هئا. مون بار واري همراه کي ڄاتو پئي ۽ هڪڙي اوچي اسٽول تي ويهي رهيس ۽ نمڪين بادام ۽ پٽاٽن جون چپپسون کائڻ لڳس. مارٽيني (martini : شراب جي بڻايل هڪڙي ڪارڪ) ٿڌي ۽ صاف محسوس ٿي رهي هئي. ”بورگِيزي (borghese: اعليٰ اطالوي خاندان ــ مترجم)، تون هتي ڇا ڪري رهيو آهين؟“ ٻي مارٽيني ملائڻ کان پوءِ بار واري همراه پڇيو. ”مان موڪل تي آهيان. روبصحت موڪل تي.“ ”هتي ڪو به ڪونهي. مان نه ٿو ڄاڻان ته انهن هوٽل کولي ڇو رکيو آهي.“ ”ڇا تو مڇيءَ جو شڪار پئي ڪيو؟“ ”مون ڪجھ خوبصورت مڇيون پڪڙيون آهن. هن سال ڪنڍي سان شڪار ڪندي تون ڪجھ خوبصورت مڇيون پڪڙي سگهين ٿو.“ ”ڇا توکي ڪڏهن اها تماڪ ملي جيڪا مون تو ڏانهن ڏياري موڪلي هئي؟“ ”ها.“ ”ڇا توکي منهنجو ڪارڊ ڪو نه مليو؟“ مون ٽهڪ ڏنو. مان تماڪ وصول ڪرڻ جي قابل ڪو نه ٿي سگهيو هوس. اها آمريڪي سلڦيءَ واري تماڪ هئي جيڪا هن مون کي ڏيڻ چاهي پئي، پر منهنجي رشتيدارن انهي جي روانگيءَ کي روڪي ڇڏيو هو يا انهن پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڇڏي هئي. بحرحال اها ڪڏهن به ڪو نه آئي. ”مان ڪڏهن ڪٿي نه ڪٿي ڪجھ حاصل ڪندس،“ مون چيو. ”مون کي ٻڌاءِ ڇا تو شهر ۾ ٻن انگريز ڇوڪرين کي ڏٺو؟“ ”اهي ٽئين ڏينهن هتي آيون هيون.“ ”اهي هوٽل ۾ نه آهن.“ ”اهي نرسون آهن.“ ”مون ٻه نرسيون ڏٺيون آهن. هڪڙو منٽ بيھ، مان ڳولهي لهان ٿو ته اهي ڪٿي آهن.“ ”انهن مان هڪڙي منهنجي گهر واري آهي،“ مون چيو. ”مان هتي هن سان ملڻ آيو آهيان.“ ”ٻي منهنجي گهر واري آهي.“ ”مان مذاق نه ٿو ڪيان.“ ”منهنجي احمقاڻي مذاق کي درگذر ڪجو،“ هن چيو. ”مان سمجهي ڪو نه سگهيس.“ هو هليو ويو ۽ بلڪل ٿوري وقت لاءِ غائب ٿي ويو. مون زيتون، نمڪين بادام ۽ پٽاٽن جون ڪاترون (چپسون) کاڌيون ۽ پنهنجو پاڻ کي عام ڪپڙن ۾ بار جي آئيني جي پويان ڏٺو. ساقي (بار وارو) واپس موٽي آيو. ”اهي اسٽيشن جي قريب هڪڙي ننڍڙي هوٽل ۾ آهن،“ هن چيو. ”ڪجھ سموسن جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ ”مان انهن جي لاءِ گهنٽي وڄائيندس. تون سمجهين ٿو نه ته هتي ڪجھ به ڪونهي، هاڻي هتي ڪو به ماڻهو ڪونهي.“ ”ڇا واقعي ۾ اتي ڪو به ڪونهي؟“ ”ها. اتي تمام ٿورڙا ماڻهو آهن.“ سموسا اچي ويا ۽ مون ٽي سموسا کاڌا ۽ مارٽيني جو هڪڙو سوايو جوڙو پيتو. مون ڪڏهن به ڪا شيءِ ايتري ٿڌي ۽ صاف ڪو نه چکي هئي. انهن جي واپرائڻ سان مون پاڻ کي نفيس طبع محسوس ڪيو. مون وٽ تمام گهڻو ڳاڙهو شراب هو، خراب ڪافي ۽ گريپا هئي. مان آرامده سدا بهار ٻوٽي جي اڳيان اوچي اسٽول تي ويهي رهيس، جنهن جي اڳيان آرسيون ۽ پتل هو ۽ ڪجھ به سوچي نه رهيو هوس. بار واري همراه مون کان ڪو سوال ڪيو. ”جنگ جو ذڪر نه ڪر،“ مون چيو. جنگ پري طويل رستي تي هئي. ٿي سگهي ٿو اتي ڪا جنگ نه هجي. هتي ڪا به جنگ ڪو نه هئي. انهي کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته اها منهنجي لاءِ ختم ٿي ويئي هئي. پر مون کي اها محسوسات ڪو نه هئي ته اها حقيقت ۾ ختم ٿي ويئي هئي. مون هڪڙي اهڙي ٻار جيان محسوس ڪيو جيڪو اهو سوچي رهيو هجي ته ڪنهن مخصوص گهنٽي ۾ ڳوٺ جي ان اسڪول واري عمارت ۾ ڇا هلي رهيو هوندو جتان هو گسائي آيو هو. جڏهن مان انهن جي هوٽل ڏانهن ويس ڪيٿرائن ۽ فرگوسن انهي مهل رات جي مانيءَ وٽ هيون. احاطي وٽان بيهندي مون انهن کي ميز وٽ ڏٺو. ڪيٿرائن جو چهرو مون کان هٽيل هو ۽ مون هن جي وارن جي چڳ ۽ ڳلڙن ۽ حسين ڳچيءَ ۽ ڪلهي کي ڏٺو. فرگوُسن ڳالهائي رهي هئي. جڏهن مان گهڙي پيس هوءَ بيهجي ويئي. ”منهنجا خدا،“ هن چيو. “هيلو،“ مون چيو. ”ڇو ـــــ تون آهين!“ ڪيٿرائن چيو. هن جو چهرو ٻهڪي پيو. هن کي اعتبار ئي نه پئي آيو ۽ هوءَ بي انتها خوش نظر اچڻ لڳي. مون هن کي چمي پاتي. ڪيٿرائن جو چهرو شرم وچان سرخ ٿي ويو ۽ مان هيٺ ميز وٽ ويهي رهيس. ”تو ڏاڍو سٺو پريشان ڪيو آهي،“ فرگُوسن چيو. ”توهان هتي ڇا ڪري رهيون آهيو؟ ڇا توهان ڪجھ کاڌو آهي؟“ ”نه.“ اها ڇوڪري جيڪا مانيءَ جي خدمت تي مقرر هئي اندر گهڙي آئي مون هن کي پاڻ لاءِ هڪڙي پليٽ کڻي اچڻ جو چيو. ڪيٿرائن سمورو وقت مون ڏانهن نهاريندي رهي، هن جي اکين ۾ خوشي هئي. ”تون انهن پراڻن ڪپڙن ۾ ڇا ڪري رهيو آهين؟“ فرگوسن پڇيو. ”مان ننڍڙي الماڙي ساڻ ڪري آيو آهيان.“ ”تون ڪنهن الجهن ۾ آهين.“ ”مسڪراءِ، فرگِي. فقط ٿورو مسڪراءِ.“ ”مان توکي ڏسڻ کان پوءِ شادمان ناهيان. مان ڄاڻان ٿي ته تو هن ڇوڪريءَ کي ڪيتري مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. تون خوشيءَ وارو نظارو نه آهين.“ ڪيٿرائن مون ڏانهن ڏسندي مسڪرايو ۽ ميز جي هيٺان پنهنجي پير سان مون کي ڇهيو. ”فرگِي، مون کي ڪنهن به الجهن ۾ نه وڌو آهي. مان پاڻ پنهنجين پريشانين ۾ گهيريل آهيان.“ ”مان هن سان نه ٿي بيهي سگهان،“ فرگوسن چيو. ”هن پنهنجي مڪار اطالوي چالن سان توکي سواءِ برباد ڪرڻ جي ٻيو ڪجھ به ڪو نه ڪيو آهي. آمريڪي طالوين کان به برا آهن.“ ”اسڪاچ وري ايترا با اخلاق آهن،“ ڪيٿرائن چيو. .”منهنجو اهو مطلب ڪو نه هو. منهنجو مطلب هن جي اطالوي مڪاري وارو هو.“ ”ڇا مان مڪار آهيان، فرگي؟“ ”تون آهين. تون مڪار کان به برو آهين. تون هڪڙي نانگ جيان آهين. هڪڙو نانگ جنهن کي اطالوي وردي پاتل آهي. جنهن جي ڳچيءَ ۾ هڪڙي ٽوپي ڦيرايل آهي.“ ”هاڻي مون کي اطالوي وردي پاتل ڪونهي.“ ”اهو تنهنجي مڪاريءَ جو هڪڙو ٻيو نمونو آهي. تون سڄو سانوڻ پيار جو چڪر هلائيندو رهيين ۽ هن ڇوڪريءَ کي حامله بڻايئي ۽ هاڻي مان سمجان ٿي ته تون وري لڪي لڪي هليو ويندين.“ مون ڪيٿرائن ڏانهن ڏسي مسڪرايو ۽ هن مون ڏانهن ڏسي مسڪرايو. ”اسان ٻئي لڪي لڪي هليا وينداسين.“ هن چيو. ”توهان ٻئي هڪجهڙا آهيو،“ فرگوسن چيو. ”مون کي تو تي شرم ٿو اچي، ڪيٿرائن بارڪلي. تو وٽ ڪو شرم ڪو حياءُ ۽ ڪا غيرت ڪونهي ۽ تون اهڙي ئي مڪار آهين جهڙو هو آهي.“ ”نه، فرگِي،“ ڪيٿرائن هن کي چيو ۽ هن جي هٿ تي هٿ ڦيرايائين. ”سرِ عام منهنجي خلاف نه ڳالهاءِ. تون ڄاڻين ٿي ته اسان هڪٻئي کي پسند ڪنديون آهيون.“ ”پنهنجو هٿ پري ڪر،“ فرگوسن چيو. هن جو چهرو سرخ هو. ”جيڪڏهن تو وٽ شرم وحياءُ هجي ها ته ڪو نه ڪو فرق پوي ها. پر خدا ڄاڻي ٿو ته ڪيترن مهينن کان تون حامله آهين ۽ ان کي مذاق ٿي سمجهين ۽ اهي سڀ مسڪراهٽون تنهنجي چهري تي ان لاءِ آيون آهن ڇاڪاڻ جو تنهنجو ورغلائيندڙ واپس موٽي آيو آهي.“ هن روئڻ شروع ڪري ڏنو. ڪيٿرائن هن جي مٿان ڦري آئي ۽ پنهنجي ٻانهن هن جي چوگرد ڦيرايائين. جيئن ئي هوءَ فرگوسن کي دلاسو ڏيڻ جي لاءِ اٿي بيٺي، مون هن جي هڏ ڪاٺ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه تبديلي محسوس ڪو نه ڪئي. ”مون کي ڪا به پرواه ڪونهي،“ فرگوسن سڏڪڻ لڳي. ”مان سمجهان ٿي ته اهو ڀيانڪ آهي.“ ”اتي، اتي، فرگِي،“ ڪيٿرائن هن کي دلاسو ڏيڻ لڳي. ”مان شرمنده ٿينديس. روءِ نه، فرگي. نه روءِ، پراڻي فرگي.“ ”مان روئان نه ٿي،“ فرگي سڏڪو ڏنو. ”مان نه ٿي روئان. سواءِ ان ڀيانڪ شيءِ جي جنهن جي تون ور چڙهي ويئي آهين.“ هن مون ڏانهن نهاريو. ”مان تو کان نفرت ٿي ڪريان،“ هن چيو. ”هوءَ مون کي تو کان نفرت ڪرڻ کان روڪي نه ٿي سگهي. تون غليظ مڪار آمريڪي اطالوي.“ هن جون اکيون ۽ نڪ روئڻ جي ڪري سرخ ٿي ويا. ڪيٿرائن مون ڏانهن ڏسي مسڪرايو. ”ڇا تون مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙي هن ڏانهن مسڪرائي نه رهي آهين.“ ”فرگِي، تون اجايو پئي سمجهين.“ ”مان اهو ڄاڻان ٿي،“ فرگوسن سڏڪو ڏنو. ”توهان ٻنهي منجهان ڪنهن به هڪ کي مون تي ڪو به اعتراض نه ڪرڻ گهرجي. مان تمام گهڻو اداس آهيان. مان پنهنجي وس ۾ ناهيان. مان اهو ڄاڻان ٿي. مان فقط توهان ٻنهيءَ کي خوش ڏسڻ چاهيان ٿي.“ ”اسان خوش آهيون،“ ڪيٿرائن چيو. “تون هڪڙي مٺڙي فرگِي آهين.“ ”فرگوسن وري روئڻ لڳي. ”جهڙي نموني توهان هلي رهيا آهيو مان توهان کي اهڙي نموني سان خوش ڏسڻ نه ٿي چاهيان. توهان ٻئي شادي ڇو نه ٿا ڪيو؟ تو وٽ ڪا ٻي زال ته ناهي، يا اٿئي؟“ ”نه،“ مون چيو. ڪيٿرائن ٽهڪ ڏنو. ”انهي ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالھ آهي،“ فرگوسن چيو. ”ڪيترن ئي مردن کي ٻيون زالون هونديون آهن.“ ”فرگِي، اسان شادي ڪنداسين،“ ڪيٿرائن چيو، ”جيڪڏهن انهي سان توکي خوشي ملي ٿي ته.“ ”مون کي خوش ڪرڻ جي لاءِ نه. توهان کي شادي شاده هئڻ گهرجي.“ ”اسان تمام گهڻو مصروف رهيا آهيون.“ ”ها. ”مان ڄاڻان ٿي. مصروف ٻارن کي پيدا ڪرڻ جي لاءِ.“ مون سمجهيو هوءَ وري روئڻ واري هئي پر بجاءِ ان جي هن تلخ مزاجي اختيار ڪئي. ”مان سمجهان ٿي ته تون اڄوڪي رات هن سان دور هلي ويندينءَ؟“ ”ها،“ ڪيٿرائن چيو. ”جيڪڏهن هو چاهي ٿو ته.“ ”منهنجو ڇا ٿيندو؟“ ”ڇا تون اڪيلو رهڻ کان خوفزده آهين؟“ ”ها، مان آهيان.“ ”ته پوءِ مان تو وٽ هونديس.“ ”نه، تون هن سان هلي وڃ. جلدي هن سان هلي وڃ.“ ”فرگي، معقول ٿي.“ ”مان چوانءِ ٿي ته فٽا فٽ هن سان هلي وڃ. توهان ٻئي هليا وڃو.“ ”ته پوءِ اچ ته هلون،“ مون چيو. مان فرگيءَ کان بيزار ٿي پيو هوس. ”تون مون کي ڇڏڻ چاهين ٿي. تون سمجهين ٿي ته تون مون کي تان جو رات جي ماني کائڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ويندينءَ. مون هميشه اطالوي ڍنڍن تي اڪيلو وڃڻ چاهيو ۽ اهو بس ايئين ئي آهي. او، او،“ هوءَ سڏڪڻ لڳي، انهي کان پوءِ هن ڪيٿرائن ڏانهن ڏٺو ۽ بس ٿي ويئي. ”اسان رات جي مانيءَ تائين ٽڪنداسين،“ ڪيٿرائن چيو. ”۽ جيڪڏهن تون چاهين ٿي ته مان توکي اڪيلو ڇڏي نه ڏيان ۽ ترسي پوان ته پوءِ مان توکي ڇڏي نه ڏينديس. فرگي، مان توکي اڪيلو ڇڏي نه وينديس.“ ”نه. نه. مان چاهيان ٿي ته تون وڃ. مان چاهيان ٿي تون وڃ.“ هن هن جي اکين کي اگهيو. ”مان ڪيتري نه بي عقلي ٿي ويئي آهيان. مهرباني ڪري مون کي غلط نه سمجهجو.“ مانيءَ جي خدمت لاءِ مقرر ڪيل ڇوڪري انهي سموري روڄ راڙي تي پريشان ٿي ويئي هئي. هاڻي جڏهن اها ٻئي ڀيري آئي اها اهو ڏسي ڪافي پرسڪون ٿي ويئي ته شيون ڪافي بهتر ٿي ويون هيون. انهي رات جو هوٽل ۾، اسان جي ڪمري ۾ ٻاهريان طويل احاطي سان گڏ ۽ دروازي کان ٻاهر پيل اسان جا جوتا، ڪمري جي فرش تي پيل ٿلهو قالين، کڙڪين کان ٻاهر پوندڙ برسات ۽ ڪمري ۾ روشني ۽ فرحت ۽ خوشي، انهي کان پوءِ ٻاهر روشني ٿيڻ ۽ ان سان همورا چادرن تي اڀرندڙ جوش ۽ بستر جي نرمي، اهو احساس ته اسان گهر ڏانهن واپس موٽي آيا آهيون، اهو احساس ته اسان وڌيڪ تنها نه آهيون، رات جو جاڳي ڏسڻ ته اسان ٻئي موجود آهيون، ۽ ڪاڏي هليا نه ويا آهيون؛ باقي سڀ ڪجھ ڪوڙ هو. جڏهن اسان ٿڪجي پياسين اسان سمهي رهياسين ۽ جڏهن اسان مان ڪو سجاڳ پئي ٿيو ته ٻيو پڻ ازخود جاڳي پئي پيو جنهن ڪري اڪيلائيءَ جو ڪو احساس ڪو نه هو. اڪثر ڪري هڪڙو مرد اڪيلي رهڻ جو خواهشمند هوندو آهي ۽ هڪڙي ڇوڪري پڻ تنها رهڻ جي خواهش رکندي آهي ۽ جيڪڏهن اهي هڪٻئي کي چاهيندا هجن ته اهي هڪٻئي تي کامندا پڻ آهن، پر مان سچ سان چئي سگهان ٿو ته اسان ڪڏهن به اهڙو ڪجھ محسوس ڪو نه ڪيوسين. اسان هڪٻئي سان گڏ هوندي اڪيلائي محسوس ڪري پئي سگهياسين، پر اها ٻين جي برخلاف هئي. اهڙو ڪجھ مون سان فقط هڪڙي دفعي پيش آيو. جڏهن مان گهڻين ڇوڪرين سان گڏ هوندو هوس مان تنها هوندو هوس ۽ اهو ئي رستو آهي جنهن سان توهان تمام گهڻو تنها ٿي سگهو ٿا. پر اسان ڪڏهن به تنها ڪو نه هئاسين ۽ جڏهن به اسان گڏ هئاسين اسان کي ڪو به خوف ڪو نه پئي ٿيو. مون ڄاتو پئي ته رات ڏينهن جيان ساڳي ناهي: ته سڀ شيون مختلف آهن، ته رات جون شيون ڏينهن جو بيان ڪري نه ٿيون سگهجن، ڇاڪاڻ جو اهي پوءِ ڪو وجود نه ٿيون رکن، ۽ رات اڪيلن انسانن جي لاءِ ڀيانڪ وقت ٿي سگهي ٿو هڪ دفعو جڏهن انهن جي تنهائي جو آغاز ٿي وڃي. پر ڪيٿرائن سان گڏ اتي رات جو لڳ ڀڳ ڪو به فرق نه پئي ٿيو سواءِ ان جي ته اهو اڃا به بهتر وقت هو. جيڪڏهن ڪو انسان هن دنيا کي گهڻو حوصلو، بهادري ۽ شجاعت عطا ڪرڻ چاهي ٿو دنيا کي اهڙن انسانن کي مارڻو آهي، ٽوڙڻو آهي، اهڙيءَ طرح يقيناَ اها انهن کي ماري ئي ڇڏيندي آهي. دنيا هر ماڻهوءَ کي ٽوڙي ٿي ۽ پوءِ ٽٽل هنڌن تي ڪيترائي مضبوط ٿي ويندا آهن. پر اهي جيڪي ٽٽڻ نه ٿا چاهن انهن کي ماريو وڃي ٿو. اها تمام سٺن، معزز ۽ بهادر انسانن کي غيرجانبداراڻي نموني سان ماري ٿي. جيڪڏهن توهان انهن منجهان هڪ نه آهيو توهان به يقين ڪري سگهو ٿا ته اها توهان کي پڻ ماريندي پر اتي ان لاءِ ڪا خاص جلدي نه ڪئي ويندي. مون کي صبح جو جاڳڻ ياد ٿو اچي. ڪيٿرائن ستل هئي ۽ سج جي روشني کڙڪين وسيلي اندر اچي رهي هئي. برسات بند ٿي ويئي هئي ۽ مون پلنگ کان ٻاهر ۽ فرش جي آرپار کڙڪيءَ ڏانهن قدم رکيو. هيٺ باغ هئا، جيڪي ان مهل بي لباس هئا پر روز بروز سهڻا ٿيندا پئي ويا، روڙيدار رستا، وڻ، ڍنڍ وٽان پٿر جون ديوارون ۽ سج جي روشنيءَ ۾ ڍنڍ هئي جنهن جي پٺيان پهاڙ هئا. مان کڙڪيءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو هوس ۽ جڏهن مان پوئتي مڙيس ڏٺم ته ڪيٿرائن جاڳي رهي هئي ۽ مون ڏانهن نهاري رهي هئي. ”جاني، ڪيئن آهين؟“ هن چيو. ڇا اهو حسين ڏينهن ناهي؟“ ”تون ڪيئن پئي محسوس ڪرين؟“ ”مان هاڻي ڪافي بهتر ڀايان ٿي. اسان هڪڙي حسين رات گذاري سين.“ ”ڇا تون ناشتو ڪرڻ چاهين ٿو؟“ هن ناشتو ڪرڻ پئي چاهيو. مون به اهو ئي چاهيو پئي ۽ اسان اهو پلنگ تي ڪيوسين، نومبر جي سج جي روشني کڙڪيءَ کان اندر اچي رهي هئي، ۽ ناشتي جي طشتري منهنجي جهوليءَ ۾ رکيل هئي. ”ڇا توکي اخبارون گهرجن؟ تون اڪثر اسپتال ۾ اخبارون گهرندو هئين؟“ ”نه،“ مون چيو. ”هاڻي مون کي اخبارون نه گهرجن.“ ”ڇا اهو ايترو خراب هو جو تون تان جو ان جي باري ۾ پڙهڻ به نه ٿو گهرين؟“ ”مان ان جي باري ۾ پڙهڻ نه ٿو گهران.“ ”ڪاش مان به توسان گڏ هجان ها ته مان پڻ ان جي باري ۾ ڄاڻي سگهان ها.“ ”جيڪڏهن اهو صحيح سلامت منهنجي دماغ ۾ آيو ته مان توکي ان جي باري ۾ سڀ ڪجھ ٻڌائيندس.“ ”پر جيڪڏهن انهن توکي ورديءَ جي بنا ڏٺو ته ڇا اهي توکي گرفتار نه ڪندا؟“ ”اهي غالباَ مون کي گولي هڻي ڇڏيندا.“ ”ته پوءِ اسان هتي نه ٽڪنداسين. اسان ملڪ کان ٻاهر نڪري وينداسين.“ ”مان ان جي باري ۾ ڪجھ نه ڪجھ سوچيندس.“ ”اسان ٻاهر هليا وينداسين. جاني توکي احمقاڻا موقعا نه وٺڻ گهرجن. مون کي ٻڌاءِ ته تون ميسٽر کان ملان تائين ڪيئن پهتين؟“ ”مان ريل تي آيس. انهي مهل مون کي وردي پاتل هئي.“ ”ڇا تون ان مهل مصيبت ۾ هئين؟“ ”ايترو نه. مون وٽ تحرڪ جي هڪڙي پراڻي ترتيب هئي. مون ان تي ميسٽر ۾ تاريخون مقرر ڪيون.“ ”جاني، تون هتي ڪنهن به وقت گرفتار ٿيڻ جي قابل آهين. مان اهو نه ٿي چاهيان. اهڙي قسم جي ڪا به شيءِ ڪرڻ احمقاڻو آهي. جيڪڏهن اهي توکي کڻي هليا ويا ته پوءِ اسان ڪيڏانهن وينداسين؟“ ”اچ ته ان جي باري ۾ سوچون. مان ان جي باري ۾ سوچي سوچي ٿڪجي پيو آهيان.“ ”جيڪڏهن اهي توکي گرفتار ڪرڻ آيا ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟” ”انهن کي گولي هڻي ڇڏيندس.“ ”تون سمجهين ٿو نه ته تون ڪيترو نه احمق آهين، مان توکي هوٽل کان ٻاهر وڃڻ نه ڏينديس جيستائين اسان هتان هليا نه ٿا وڃون.“ ”اسان ڪيڏانهن وڃڻ وارا آهيون؟“ ”جاني، مهرباني ڪري ايئين نه ڳالهاءِ. جيڏانهن تون چوندين اسان تيڏانهن هلنداسين. پر ڪو هنڌ ڳولهي لھ جيڏانهن اسان جلدي جلدي هليا هلون.“ ”سوئزلينڊ ڍنڍ جي هيٺان آهي، اسان اوڏانهن هلي سگهون ٿا.“ ”اهو خوبصورت رهندو.“ اتي ٻاهر جهڙالو ٿي رهيو هو ۽ ڍنڍ تي اونداه ڇائنجي رهي هئي. ”ڪاش اسان کي هميشه مجرمن جيان رهڻو نه پوي،“ مون چيو. ”جاني، ايئين نه چئو. تو ڳچ عرصو ڏوهارين جيان نه گهاريو آهي. اسان سٺو وقت ماڻڻ وڃي رهيا آهيون.“ ”مان هڪڙي مجرم جيان محسوس ڪيان ٿو. مون فوج سان دغابازي ڪئي آهي.“ ”جاني، مهرباني ڪري هوش ۾ اچ. اها فوج سان دغابازي ناهي. اها فقط اطالوي فوج آهي.“ مون ٽهڪ ڏنو. ”تون هڪڙي سٺي ڇوڪري آهين. اچ ته واپس بستر ڏانهن هلون. مون کي بستر ۾ سڪون ايندو آهي.“ ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪيٿرائن چيو، ”تون هڪڙي مجرم جيان محسوس نه ٿو ڪرين، ها نه؟“ ”نه،“ مون چيو. ”تڏهن نه جڏهن مان توسان هوندو آهيان.“ ”تون اهڙو ته احمق ڇوڪرو آهين،“ هن چيو. ”پر مان تنهنجو خيال رکنديس. جاني، ڇا اهو شاندار ناهي، جو مون کي ڪا به صبح جي بيماري بَري ڪونهي؟“ ”اهو عاليشان آهي.“ ”تون ان جي ساراه نه ٿو ڪرين ته توکي ڪيتري نه زبردست زال ملي آهي. پر مون کي ان جي ڪا پرواه ناهي. مان توکي اهڙي هنڌ ڏانهن وٺي وينديس جتي اهي توکي گرفتار نه ڪري سگهندا ۽ پوءِ اسان هڪڙو حسين وقت گهارينداسين.“ ”اچ ته جلدي جلدي هلون.“ ”اسان هلنداسين، جانِ من. مان جنهن به هنڌ تي تون چاهيندينءَ توسان گڏجي هلندس.“ ”اچ ته في الحال ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ سوچڻ بند ڪري ڇڏيون.“ ”ٺيڪ آهي.“