18
رات جي ماني کائڻ کان پوءِ اسان گيليريا منجھ گهمياسين، ٻين هوٽلن وٽان مٽياسين ۽ انهن دوڪانن وٽان جن جا شٽر بند هئا، ۽ هڪڙي ننڍڙي هنڌ تي بيهي رهياسين جتي اهي سموسا، مرونءَ جي ران ۽ سلاد جي پتن وارا سموسا ۽ چٽ پٽي ذائقي واري هڪڙي ننڍي مڇي (اينڪووي) وارا سموسا جيڪي ڪافي ننڍڙن خاڪي روغن وارن ويڙهن (رولن) مان ٺهيل هئا ۽ اهي صرف هٿ جي آڱرين جيترا ڊگها هئا، وڪرو ڪري رهيا هئا. اهي رات جي وقت ۾ کائڻا هئا جڏهن اسان کي بک محسوس ٿئي. ان کان پوءِ اسان گرجا گهر جي اڳيان گيليريا کان ٻاهر هڪڙي کليل ٽانگي ۾ گهڙياسين ۽ اسپتال ڏانهن هليا وياسين. اسپتال جي دروازي وٽ حمالي بيساکين جي سهائتا لاءِ ٻاهر نڪري آيو. مون ٽانگي واري کي اجورو ڏنو، ۽ ان کان پوءِ اسان مٿي لفٽ ۾ مٿي وياسين. ڪيٿرائن هيٺين منزل تي لهي ويئي جتي نرسون رهنديون هيون ۽ مان مٿي هلندو رهيس ۽ بيساکين وسيلي هيٺ هال ڏانهن پنهنجي ڪمري ڏانهن ويس؛ ڪنهن ڪنهن مهل مان پاڻ کي بي لباس ڪري بستر ۾ آهلجي پئي رهيس ته ڪنهن ڪنهن مهل وري مان ٻاهر ڇڄي (بالڪوني) وٽ هڪڙي ٻي ڪرسيءَ تي ڄنگهون رکي پئي ويٺس ۽ ڇتين جي مٿان اڏامندڙ ابابيلن کي ڏسي رهيو هوس ۽ ڪيٿرائن جو انتطار ڪري رهيو هوس. جڏهن هوءَ مٿي ڏاڪڻين تان چڙهي آئي ايئين لڳو ڄڻ هوءَ ڪنهن ڊگهي سفر تي مونکان دور ويل هئي ۽ مان هن سان گڏ بيساکين تي هال جي ڀرسان ويس ۽ پاڻ کي هلڪو ڪيم ۽ دروازي جي ٻاهريان انتظار ڪرڻ لڳس، يا وري هن سان گڏ به پئي ويم؛ تنهن جو دارومدار ان تي هو ته اهي اسان جا دوست هئا به يا نه، ۽ جڏهن هن سڀ ڪجھ پورو ڪيو اسان مون واري ڪمري جي ڇڄي جي ٻاهران ويهي رهياسين.
بعد ۾ مان بستر ڏانهن هليو ويس ۽ جڏهن اهي سڀ ننڊ پئجي ويا ۽ هن کي پڪو يقين ٿي ويو ته اهي هن کي سڏ نه ڪندا هوءَ اندر گهڙي آئي. مونکي هن جي وارن کي لاڏ ڪوڏ سان هيٺ مٿي ڪرڻ وڻيو پئي ۽ هوءَ بستر تي ويهي رهي ۽ ڪافي خاموش هئي، سواءِ ان جي جو هوءَ مونکي چمڻ لاءِ اچانڪ هيٺ جهڪي پئي ويئي جڏهن مان مصروف هوس، ۽ مون هن جي وارن ۾ پيل ميخون پئي ڪڍيون ۽ انهن کي چادر جي مٿان پئي رکيم ۽ اهي وکري پئي ويا ۽ مون هن کي تڪيو پئي جڏهن هوءَ صفا خاموش بڻجي پئي ويئي ۽ ان کان پوءِ آخري ٻن ميخن جو نڪرڻ جنهن سان سموري جا سمورا وار هيٺ پئي آيا ۽ هن پنهنجي ڪنڌ کي ڦٽو پئي ڪيو ۽ اسان ٻئي ان منجهه گهڙي وياسين، ۽ اها ڪنهن خيمي جي اندر واري محسوسات هئي يا ڪنهن هڪڙي آبشار جيان. هن جا وار حيرت انگيز حد تائين حسين هئا ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن بستر تي ليٽندي هن کي پنهنجي وارن کي کليل دروازي وٽان ايندڙ روشنيءَ ۾ مٿي ورائيندي ڏسندو هوس ۽ اهي تان جو رات جي تاريڪيءَ ۾ پڻ چمڪندا هئا جهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪڏهن سج اڀرڻ کان پهرين رات جو پاڻي چمڪندو آهي. هن جي هڪڙي سهڻي صورت هئي ۽ هڪڙو من موهيندڙ جسم هو ۽ هن جا لڱ لسا هئا. اسان ٻئي گڏجي آهلبا هئاسين ۽ مان هن جي ڳلن ۽ پيشاني ۽ کاڏڙي ۽ سندس نيڻن جي هيٺان پنهنجي آڱرين جي چوٽين سان ڇهندو هوس ۽ هن کي چوندو هوس، ”پيانو جي چاٻين جيان هموار،“ ۽ هوءَ منهنجي کاڏيءَ تي پنهنجي آڱر ڦيرائيندي چوندي هئي،”ريگ مال جي پني جيان لسو ۽ پيانو جي چاٻين تي گهڻو گھڻو سخت.“ ”ڇا اها کُهري آهي؟“ ”نه جاني مان ته فقط توسان مذاق ڪري رهي هيس.“ ”اهو رات جي وڳڙي ۾ ڪافي دلفريب هوندو هو ۽ جيڪڏهن اسان فقط هڪٻئي کي ڇهي پئي سگهياسين ته ان سان اسان کي مسرت ملي رهي هئي. وڏن وڏن لمحن کان علاوه اسان وٽ پريت ڪرڻ جا ڪيترائي ٻيا به ننڍڙا وسيلا هئا ۽ جڏهن اسان مختلف ڪمرن ۾ هوندا هئاسين اسان هڪٻئي جي دماغن ۾ خيال وجهڻ جون ڪوششون وٺندا هئاسين. اهو ڪڏهن ڪڏهن ڪارگر لڳندو هو پر اهو غالباَ ان جي ڪري هوندو هو جو بحرحال اسان ساڳي ئي شيءِ بابت سوچيندا هئاسين. اسان هڪٻئي کي چوندا هئاسين ته اسان انهي پهرين ڏينهن تي ئي شادي رچائي ڇڏي هئي جڏهن هوءَ اسپتال ڏانهن آئي هئي ۽ اسان پنهنجي شاديءَ جي ڏينهن جي تنهن ڏينهن کان ڳڻپ شروع ڪري ڏني. مون حقيقت ۾ شادي شده ٿيڻ پئي چاهيو پر ڪيٿرائن چيو ته جيڪڏهن اسان شادي ڪنداسين ته اهي هن کي پري موڪلي ڇڏيندا ۽ جيڪڏهن اسان فقط دستورن جي شروعات ڪنداسين اهي هن تي نظرداري رکندا ۽ اسان ٻنهيءَ کي هڪٻئي کان جدا ڪري ڇڏيندا. اسان کي اطالوي قانون جي مطابق شادي ڪرڻي پوي ها ۽ ان جون رسمون ڀيانڪ هيون. مون ان لاءِ شادي شده هئڻ پئي چاهيو ڇاڪاڻ جو مونکي ٻار جي پيدا ٿي وڃڻ جو فڪر لاحق ٿي ويو جڏهن مون ان جي باري ۾ سوچيو پئي، پر اسان هڪٻئي سان شادي شده هئڻ جو ڍونگ رچائي ڇڏيوسين ۽ ان جي ايتري پرواه ڪو نه ڪندا هئاسين ۽ مان سمجهان ٿو ته حقيقت ۾ مون بنا شاديءَ جي ڪافي خوشي پئي محسوس ڪئي. مونکي ياد آهي ته اسان هڪڙي رات ڌاران ان بابت ڳالهايو هئوسين ۽ ڪيٿرائن چيو، ”پر، جاني، اهي مونکي دور موڪلي ڇڏيندا.“ ”ايئين به ته ٿي سگهي ٿو ته اهي نه به موڪلن.“ ”اهي ايئين ڪندا. اهي مونکي گهر ڏانهن روانو ڪري ڇڏيندا ۽ اسان هڪٻئي کان جنگ جي خاتمي تائين جدا ٿي وينداسين.“ ”مان موڪل ڪري ايندس.“ ”تون هڪڙي موڪل تي اسڪاٽلينڊ ڏانهن اچي وڃي ڪو نه سگهندين. انهي کان علاوه، مان توکي پاڻ کان الڳ ڪو نه ڪنديس. هاڻي شادي ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ملندو؟“ ”مان صرف تولاءِ لڇان ٿي.“ ”اتي ڪا ”مان“ رهي ئي ناهي. ”مان“ ”تون“ آهيان. تون هڪڙي عليحده ”مان“ نه بڻاءِ. ”مان سمجهان ٿو ته ڇوڪريون هميشه شادي شده هئڻ کي پسند ڪنديون آهن.“ ”اهي ڪنديون آهن. پر، جاني، منهنجي تو سان شادي ٿي چڪي آهي. ڇا مان تو لاءِ هڪڙي سٺي گهر واري ناهيان؟“ ”تون هڪڙي پياري زال آهين.“ ”جاني، تون سمجهي سگهين ٿو. مان شادي رچائڻ جي انتطار واري هڪڙي تجربي منجهان گذري چڪي آهيان.“ ”مان ان جي باري ۾ ٻڌڻ نه ٿي چاهيان. تون ڄاڻين ٿو ته مان تو کان سواءِ ٻيو ڪنهن سان به پيار ڪو نه ٿي ڪريان. تون ان کي دل ۾ نه ڪر ته ڪنهن ٻئي مون کي چاهيو هو.“ ”مان نه ٿو ڪيان.“ ”تون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان حسد نه ڪر جيڪو هن دنيا ۾ رهيو ئي ناهي جڏهن تو ُوٽ سڀ ڪجھ آهي.“ ”نه، پر مان ان جي باري ۾ ٻڌڻ پسند نه ٿو ڪيان.“ ”غريب دلبر. ۽ مان ڄاڻان ٿي ته تون هر قسم جي ڇوڪرين سان رهيو آهين ۽ ان سان مون تي ڪو به فرق ڪو نه ٿو پوي.“ ”ڇا اسان ڪنهن به طريقي سان خانگي طور تي شادي شده بڻجي نه ٿا سگهون؟ ته پوءِ جيڪڏهن مونکي ڪجھ به ٿي پوي يا توکي ڪو ٻار ڄمي پوي.“ ”اتي شادي ڪرڻ جو بنا ڪنهن رياست ۽ گرجا گهر جي ٻيو ڪو به رستو ناهي. اسان خانگي طور تي شادي شده آهيون. جاني، تون سمجهي سگهين ٿي، اهو سڀ ڪجھ مون لاءِ ڪا معنيٰ تڏهن رکي ها جڏهن منهنجو ڪو دين ڌرم هجي ها. پر منهنجو ڪو به دين ڌرم ڪونهي.“ ”تو مونکي بزرگ اينٿوني ڏنو هو.“ ”اهو ڀاڳ جي لاءِ هو. مونکي پڻ ڪنهن ڏنو هو“. ”ته پوءِ توکي ڪو به ڳڻتي ڳارو ڪونهي ڪو؟“ ”صرف توکان الڳ ٿي وڃڻ جي مونکي ٻيو ڪو به فڪر ڪونهي. تون ئي منهنجو دين ڌرم آهين. منهنجو سڀ ڪجھ تون ئي آهين.“ ”چڱو ٺيڪ آهي. پر مان توسان تنهن ڏينهن شادي ڪندس جنهن ڏينهن تون پاڻ چوندينءَ.“ ”تون اهڙيءَ طرح نه چئو جو لڳي ته تون مونکي هڪڙي ايماندار عورت بڻائڻ جي چڪر ۾ هجين، جاني. مان تما۾ گهڻي پرخلوص عورت آهيان. تون ڪنهن به اهڙي شيءِ جي باري ۾ شرمسار ٿي نه ٿو سگهين جنهن بابت تون فقط سرهائي محسوس ڪرين ٿو ۽ ان تي ناز ٿو ڪرين. ڇا تون خوش نه آهين؟“ ”پر تون مونکي ڪنهن ٻئي جي ڪري ڇڏي نه ويندينءَ.“ ”نه، جاني. مان ڪنهن ٻئي جي ڪري توکي ڪو نه ڇڏي وينديس. مان سمجهان ٿي ته اسان سان هر قسم جون ڀيانڪ شيون پيش اينديون. پر توکي انهن جي باري ۾ ڪا به چنتا نه ڪرڻي آهي.“ ”مان نه ڪندس. پر مان توسان بيحد پيار ڪيان ٿو ۽ تون اڳ ۾ ڪنهن ٻئي سان پيار ڪري چڪي آهين.“ ۽ هن کي ڇا ٿيو؟“ ”هو مري ويو.“ ”ها ۽ جيڪڏهن هو مري نه وڃي ها ته مان توسان ملي نه سگهان ها. مان بي وفا ناهيان، جاني. مون ۾ عيب اپار آهن پر مان تمام گهڻي وفادرا آهيان. تون مون مان بيزار ٿي وئين ته منهنجي وفا اڃا وڌي ويندي.“ ”مونکي محاذ ڏانهن جلدي واپس ورڻو آهي.“ ”مان ان جي باري ۾ تيستائين ڪو خيال نه ٿي ڪري سگهان جيسين تون اوڏانهن موٽي وڃين. جاني، تون سمجهي سگهين ٿو ته مان خوش آهيان ۽ اسان هڪڙو پيارو وقت گهاريون پيا. مان ڪيتري وقت کان ناخوش هوس ۽ جڏهن مان توسان مليس مان زري گهٽ پاڳل ٿي ويس. شايد مان پاڳل هيس. پر هاڻي اسان خوش آهيون ۽ اسان هڪٻئي سان پيار ڪيون ٿا. مهرباني ڪري اچ ته بلڪل خوش رهون. تون خوش آهين نه، ها نه؟ ڇا مون ڪا اهڙي شيءِ ڪئي آهي جيڪا توکي پسند ناهي؟ ڇا مان توکي خوش ڪرڻ جي لاءِ اڃا ڪجھ ڪيان؟ ڇا تون اهو پسند ڪندين ته مان پنهنجا وار تولاءِ وکيري ڇڏيان؟ ڇا تون راند رچائڻ چاهين ٿو؟“ ”ها ۽ بستري ڏانهن اچ.“ ”ٺيڪ آهي. مان وينديس ۽ پهريان مريضن کي ڏسنديس.“