ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

14

جڏهن مان سجاڳ ٿيس ان مهل سج جي چمڪندڙ روشني اچي رهي هئي. مون سمجهيو ڄڻ مان واپس محاذ تي هجان ۽ مون بستر تي ڪر موڙيا. منهنجي ڄنگهن ۾ سور پئي اٿيو ۽ مون انهن ڏانهن هيٺ نهاريو اهي اڃا تائين گندين پٽين ۾ويڙهيل هيون، ۽ انهن کي ڏسندي ئي ڄاڻي ويس ته مان ڪٿي هوس. مان مٿي گهنٽيءَ جي ڏوريءَ تائين پهتس ۽ بٽڻ کي دٻائي ڇڏيم. مون ان جي ڀُون ڀُون جي آواز کي دالان تائين ويندي ٻڌو ۽ ان کان پوءِ مون ڪنهن کي هال جي رٻڙ وارن ترن تان ايندي ڏٺو. اها مس گيج هئي ۽ هوءَ چمڪندڙ سج جي روشنيءَ ۾ ٿوري پوڙهي لڳي رهي هئي ۽ ايتري سهڻي نه پئي لڳي. ”صبح جو سلام هجي،“ هن چيو. ”ڇا توهان جي رات سٺي گذري؟“ ”ها. تنهنجي تمام گهڻي مهرباني،“ مون چيو. ”ڇا مون کي هڪڙو حجم ملي سگهي ٿو؟“ ”مان تو کي ڏسڻ جي لاءِ اندر آئي هيس پر تون هن سان گڏ بستر ۾ ستل هئين.“ هن وڏي الماڙيءَ جو دروازو کوليو ۽ خوشبودار شراب جي بوتل کي مٿي ان ۾ رکي ڇڏيو. اها زري گهٽ خالي ٿي ويئي هئي. ”مون اتان بستر جي هيٺان هڪڙي بوتل پڻ کنئي آهي،“ هن چيو. ”توهان مونکي هڪڙي گلاس جي آڻڻ جو ڇو نه چيو؟” ”مون سمجهيو متان تون مونکي اهو پيئڻ نه ڏئين.“ ”مان توسان گڏجي ٿورو پيئڻ چاهيان ٿو.“ ”تون هڪڙي سٺي ڇوڪري آهين.“ ”اهو اڪيلي سر پيئڻ تنهنجي لاءِ بهتر ناهي ڇا،“ هن چيو. ”تو کي لازماَ ايئين نه ڪرڻ گهرجي.“ ”ٺيڪ آ نه.“ ”تنهنجي دوست مس بارڪلي اچي ويئي آهي،“ هن چيو. ”واقعي؟“ ”ها. مان هن کي پسند نه ٿي ڪيان.“ ”تون هن کي پسند ڪندينءَ. هو بيحد سٺي آهي.“ هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. ”مون کي يقين آهي ته هوءَ ٺيڪ آهي. ڇا تون ان کي ٿورو هن طرف ڌڪو ڏيندين؟ اهو ٺيڪ آهي. مان توکي ناشتي لاءِ صاف ڪنديس.“ هن مونکي هڪڙي ڪپڙي ۽ صابڻ ۽ گرم پاڻيءَ سان صاف ڪيو. ”پنهنجو ڪلهو مٿي جهلي رک،“ هن چيو. ”ٺيڪ آهي.“ ”ڇا ناشتي کان پهريان مونکي حجم ملي ويندو؟” ”مان حماليءَ کي ان جي لاءِ موڪلينديس.“ هوءَ ٻاهر وڃي موٽي آئي. ”هو ان لاءِ ويو آهي،“ هن چيو ۽ ڪپڙي کي پاڻيءَ ۾ آلو ڪري هن ان کي پاڻيءَ جي بيسڻ ۾ رکي ڇڏيو.
حجم حماليءَ سان گڏ آيو. هو لڳ ڀڳ پنجاه سالن جي عمر وارو شخص هو جنهن جو مڇون مٿي وريل هيون. مِس گيج جو ڪم پورو ٿي ويو هو ۽ هوءَ ٻاهر هلي ويئي ۽ حجم منهنجي منهن تي صابڻ جي جهڳ هڻي منهنجي ڏاڙهي ڪوڙڻ لڳو. هو ڪافي سنجيده هو ۽ ڳالهائڻ کان پرهيز پئي ڪيائين.“ ”ڇا مسئلو آهي؟ ڇا تو کي ڪا به خبر نه آهي؟“ مون پڇيو. ”ڪهڙي خبر؟“ ”ڪا به خبر. شهر ۾ ڇا ٿيو آهي؟“ ”هي جنگ جو دور آهي،“ هن چيو. ”دشمن هر طرف کان پنهنجا ڪن ڌريو ويٺو آهي.“ مون ڪنڌ مٿي ڪري هن ڏانهن نهاريو. ”مهرباني ڪري پنهنجو ڪنڌ سڌو ڪيو،“ هن چيو ۽ ڏاڙهي ڪوڙڻ کي لڳي ويو. ”مان ڪنهن کي ڪجھ به نه ٻڌائيندس.“ ”توسان ڪهڙو مسئلو آهي؟“ مون پڇيو. ”مان هڪڙو اطالوي آهيان. مان دشمن سان رابطو نه رکندس.“ ان تي مون هن کي ڇڏي ڏنو. جيڪڏهن هو پاڳل آهي ته مون کي جيترو جلدي ٿي سگهي هن جي پاڪيءَ جي هيٺان بهتر نموني سان گذري وڃڻ گهرجي. هڪ دفعو مون هن ڏانهن سٺيءَ طرح سان نهارڻ جي ڪوشش ڪئي. ”خبردار،“ هن چيو. ”پاڪي تکي آهي.“ مون هن کي قيمت ادا ڪئي ۽ هن کي هڪڙي ليرا جو آڌيو پڻ بخشش (ٽِپ) طور ڏنو. هن سڪا موٽائي ڏنا. ”مان نه وٺندس. مان جنگ جي محاذ تي نه آهيان. مان هڪڙو اطالوي آهيان“ ”هتان ٽري وڃ.“ ”توهان جي اجازت سان،“ هن چيو ۽ هن پنهنجي پاڪين کي اخبار ۾ ويڙهي ڇڏيو. هو ٽامي جا پنج سڪا بستر جي ڀرسان واري ميز تي رکي هليو ويو. مون گهنٽي وڄائي. مس گيج اندر گهڙي آئي. ”مهرباني ڪري توهان حماليءَ کي اندر موڪليندا؟“ ”ٺيڪ آ.“ حمالي اندر گهڙي آيو. هو کلڻ کان پرهيز ڪري رهيو هو. ”ڇا اهو حجم پاڳل آهي؟“ ”نه، سگنورِينو. هن کان هڪڙي غلطي ٿي ويئي. هو چڱي نموني سمجهي ڪو نه سگهيو ۽ هن سمجهيو ته مون هن کي چيو ته توهان هڪڙا آسٽريائي آفيسر آهيو.“ ”او،“ مون چيو. ”هو، هو، هو،“ حمالي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. هن چيو، توهان پنهنجي پاران رڳو هڪڙو قدم کڻو ها ۽ هو ـــــــــــ.“ هن پنهنجون آڱريون پنهنجي ڳلي جي آرپار ڏئي ڇڏيون. ”هو هو هو،“ هن کل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. “جڏهن مون هن کي ٻڌايو ته توهان آسٽريائي نه هئا. ”هو هو هو.“ ”هو هو هو،“ مون تلخيءَ وچان چيو. ”جيڪڏهن هو منهنجو ڳلو ڪپي وجهي ها ته اهو ڪيڏو نه عجيب هجي ها. هو هو هو.“ ”نه، سگنورِينو. نه، نه. هو هڪڙي آسٽريائي کان ايترو ته خوفزده هو. هو هو هو.“ ”هو هو هو،“ مون چيو. ”هتان ٽري وڃ.“ هو ٻاهر هليو ويو ۽ مون هن کي هال وٽان ٽهڪ ڏيندي ٻڌو. مون ڪنهن کي دالان جي هيٺان ايندي ڏٺو. مون دروازي ڏانهن ڏٺو. اها ڪيٿرائن بارڪلي هئي. هوءَ ڪمري ۾ آئي ۽ بستر جي مٿان بيٺي. ”هلو، جاني،“ هن چيو. هوءَ ڪافي تازي تواني جوان ۽ بيحد سهڻي لڳي رهي هئي. مون سوچيو مون ڪڏهن هن جهڙو حسين ڪو نه ڏٺو هو. ”هلو،“ مون چيو. مون هن کي ڏٺو ته مونکي هن سان محبت ٿي ويئي. منهنجي اندر مان هرشيءِ ڪک پن ٿي ويئي. هن دروازي ڏانهن ڏٺو، هن ڏٺو اتي ڪو به ڪو نه هو، ان کا پوءِ هوءَ بستر جي ڀرسان ويهي رهي ۽ مٿان جهڪي مون کي چمي پاتائين. مون هن کي ڇڪي هيٺ ڪيو ۽ هن کي چمڻ لڳس ۽ هن جي دل جي ڌڙڪڻ کي محسوس ڪرڻ لڳس. ”تون مٺڙي،“ مون چيو. ”ڇا تنهنجو هتي اچڻ ڪافي عمدو ناهي؟“ ”اهو ايترو مشڪل ڪو نه هو. هتي رهڻ مشڪل بڻبو.“ ”توکي رهڻو پوندو،“ مون چيو. ”او تون تمام سٺي آهين.“ مان هن جي لاءِ ديوانو هوس. مونکي يقين ئي نه پئي آيو ته ڪو هوءَ حقيقت ۾ مون وٽ هئي ۽ مان هن کي پاڻ سان ٻيڪڙيو ويٺو هوس. ”تون لازماَ ايئين نه ڪر،“ هن چيو. ”تون ايترو چاڪ ناهين.“ ”ها. مان آهيان. سري اچ.“ ”نه. تون ايترو ٻلوان ناهين.“ ”ها. مان آهيان. ڪرم ڪر.“ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ ”مان سچ پچ توسان پيار ڪيان ٿو. مان تو لاءِ پاڳل آهيان. مهرباني ڪري اچ.“ ”اسان جي دلين جي ڌڙڪ کي محسوس ڪرين ٿو.“ ”مان اسان جي دلين جي ڪا به پرواه نه ٿو ڪيان.“ ”ڇا تون واقعي ۾ مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ ”ايئين چوڻ جاري نه رک. اچ. قرب ڪر. قرب ڪر.“ ڪيٿرائين بستر جي ڀرسان واري ڪرسيءَ تي ويهي رهي. دروازو هال جي پاسي کان کليل هو. وحشت موڪلائي ويئي ۽ مون پنهنجو پاڻ کي ايترو اجرو اجرو محسوس ڪيو جو مون شايد ئي ڪڏهن پهريان محسوس ڪيو هجي. هن پڇيو، ”هاڻي ته توکي يقين اچي ويو نه ته مان توسان پيار ڪيان ٿي.“ ”او، تون تمام گهڻي پياري آهين،“ مون چيو. ”توکي رهڻو پوندو. اهي توکي پري نه ٿا اماڻي سگهن. مان تنهنجي پيار ۾ پاڳل آهيان.“ ”اسان کي بيحد محتاط رهڻو پوندو. اها بلڪل ديوانگي هئي. اسان ايئين نه ٿا ڪري سگهون. توکي ٻين ماڻهن جي اڳيان محتاط رهڻو پوندو.“ ”مان رهندس.“ ”توکي رهڻو ئي پوندو. تون پيارو آهين. تون مون سان پيار ڪرين ٿو نه، ها نه؟“ ”وري ٻيهر ايئين نه چئجانءِ. تون نه ٿي ڄاڻين ته ان سان مون تي ڇا ٿو وهي واپرجي.“ ”ته پوءِ مان محتاط رهندس. مان توسان وڌيڪ ڇيڙ ڇاڙ ڪو نه ڪندس.“ ”جاني، واقعي ۾، هاڻي مونکي وڃڻو آهي.“ ”جلدي واپس ورڻ جي ڪجانءِ.“ ”مان تڏهن ورنديس جڏهن مونکان پڄي سگهيو.“ ”الوداع.“ ”الوداع، مٺڙا.“ هوءَ ٻاهر هلي ويئي. خدا ڄاڻي ٿو مان هن جي پيار ۾ گرفتار ٿيڻ نه پئي چاهيو. مان ڪنهن جي به محبت ۾ گرفتار ٿيڻ نه پئي چاهيو. پر خدا ڄاڻي ٿو ته مان هن جي پيار ۾ گرفتار ٿي ويو هوس ۽ مان ملان ۾ اسپتال جي ڪمري تي آهلجي پيس ۽ منهنجي دماغ ۾ هر قسم جون شيون اچڻ ۽ وڃڻ شروع ٿي ويون پر مون پاڻ کي حيرت انگيز محسوس ڪيو ۽ آخرڪار مس گيج اندر گهڙي آئي. ”ڊاڪٽر اچي رهيو آهي،“ هن چيو. ”هن ليڪ ڪومو مان تار موڪلي آهي. ”هو هتي ڪڏهن پهچندو؟“ ”هو اڄوڪي منجهند ڌاران هتي پهچي ويندو.“