ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

26

مان دروازي ڏانهن ويس ۽ ٻاهر نهاريم. اتي برسات پوڻ بند ٿي ويئي هئي پر اتي ڪوهيڙو هو. ”ڇا اسان کي ڏاڪڻ کان مٿي هلڻ گهرجي؟“ ”مون پادريءَ کان پڇيو. ”مان صرف ٿوري وقت لاءِ ترسي سگهان ٿو.“ ”مٿي اچ.“ اسان ڏاڪڻ تان چڙهياسين ۽ مون واري ڪمري ۾ وياسين. مان هيٺ رنالڊيءَ جي بستري تي ليٽي پيس. پادري منهنجي کٽ تي ويٺو جنهن کي اردلي ٺيڪ ڪري رکيو هو. اتي ڪمري ۾ اونداه هئي. ”چڱو،“ هن چيو، ”تون سچ پچ ڪيئن آهين؟“ ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان. مان اڄوڪي رات ٿڪل آهيان.“ ”مان پڻ ٿڪل آهيان، پر بنا ڪنهن سبب جي.“ ”جنگ جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ ”مان سمجهان ٿو ته اها جلدي ختم ٿي ويندي. مان نه ٿو ڄاڻان ڇاڪاڻ، پر مان ان کي محسوس ڪيان ٿو.“ ”تون ان کي ڪيئن ٿو محسوس ڪرين؟“ ”تون ڄاڻين ٿو ته تنهنجو ميجر ڪيئن آهي؟ ٿڌي مزاج وارو؟ ڪيترائي ماڻهو هاڻي ايئين ٿي ويا آهن.“ ”مان پاڻ سر اهڙي نموني محسوس ڪيان ٿو،“ مون چيو. ”اهو هڪڙو ڀيانڪ سانوڻ هو،“ پادريءَ چيو. هاڻي هو منهنجي هتان وڃڻ کان پهريان کان وڌيڪ خود اعتماد هو.“ ”تون اعتماد نه ٿو ڪري سگهين ته اهو ڪيئن رهيو آهي. سواءِ ان جي جو تون هُتي رهيو پيو هئين ۽ تو ڄاتو پئي ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو. هن سانوڻ ۾ ڪيترن ماڻهن جنگ کي سمجهي ورتو آهي. اهي آفيسر جن جي باري ۾ مون سوچيو هو ته اهي ڪڏهن به سمجهي نه سگهندا هاڻي اهي ان کي سمجهي رهيا آهن.“ ”ڇا ٿيندو؟“ ”مون قالين تي هٿ ڦيرايو. ”مان نه ٿو ڄاڻان پر مان نه ٿو سمجهان ته اها ڪو ايترو وقت جاري رهي سگهي ٿي.“ ”ڇا ٿيندو؟“ ”اهي وڙهڻ بند ڪندا.“ ”ڪير؟“ ”ٻئي ڌريون.“ ”مان اهڙي اميد ڪيان ٿو،“ مون چيو. ”توکي ان تي يقين نه ٿو اچي؟“ ”مان نه ٿو سمجهان ته ٻئي ڌريون يڪدم وڙهڻ بند ڪنديون.“ ”مان سمجهان ٿو نه. اها حد کان وڌيڪ توقع ڪرڻ آهي. پر جڏهن مان ماڻهن ۾ تبديليون ڏسان ٿو مان نه ٿو سمجهان ته اها جاري رهي سگهي ٿي.“ ”هن سانوڻ ۾ ڪنهن جنگ ۾ ڪير سوڀارو ٿيو؟“ ”ڪو به نه.“ ”آسٽريا وارن کٽيو،“ مون چيو. ”انهن انهن کي سين گيبريل کان پري رکيو. اهي کٽي ويا آهن. اهي وڙهڻ بند ڪندا.“ ”جيڪڏهن اهي ايئين محسوس ڪري رهيا آهن جيئن اسان محسوس ڪري رهيا آهيون اهي بس ڪري سگهن ٿا. اهي ساڳي ئي شيءِ مان گذريا آهن.“ ”ڪو به ڪڏهن تڏهن بس ڪو نه ڪندو جڏهن اهو کٽي رهيو هجي.“ ”تون منهنجي حوصله شڪني ٿو ڪرين.“ ”مان صرف اهو چئي سگهان ٿو جيڪو مان سوچان ٿو.“ ته پوءِ تون سمجهين ٿو ته اها جاري و ساري رهندي؟ ڪڏهن ڪجھ به ڪو نه ٿيندو؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان. مان صرف اهو سمجهان ٿو ته آسٽريا وارن جڏهن هڪڙي سوڀ ماڻي آهي اهي بس نه ڪندا. اهو شڪست ۾ آهي جو اسان عيسائي ٿي وڃون ٿا. آسٽريائي سواءِ بوسنيا وارن جي عيسائي آهن.“ ”منهنجو مطلب تڪنيڪي طور تي عيسائي ناهي. منهنجو مطلب اسان جي ايشور جيان آهي.“ هو ڪجھ نه ڪڇيو. ”اسان سڀيئي هاڻي نرم مزاج ٿي ويا آهيون ڇاڪاڻ جو اسان چوٽ کاڌي آهي. اسان جو ايشور ڪيئن هجي ها جيڪڏهن پطرس هن کي باغيچي ۾ خطري کان بچائي ها؟“ ”جيئن هو هجي ها بلڪل ساڳيءَ طرح.“ ”مان ايئين نه ٿو سمجهان،“ مون چيو. ”تون منهنجي حوصله شڪني ڪرين ٿو،“ هن چيو. “مان مڃان ٿو ۽ دعا ٿو ڪيان ته ڪجھ نه ڪجھ ٿيندو. مون ان کي ويجهڙائيءَ کان محسوس ڪيو آهي.“ ”ڪجھ نه ڪجھ ٿي سگهي ٿو،“ مون چيو. “پر اهو فقط اسان سان ٿيندو. جيڪڏهن اهي اسان جيان محسوس ڪن ٿا، اهو بلڪل ٺيڪ رهندو. پر انهن اسان کي ماريو آهي. اهي ٻئي طريقي سان محسوس ڪن ٿا.“ ”شروعات انهن جي مارجڻ کان ٿي هئي. اهي ماريا ويا هئا تڏهن جڏهن هنن انهن کي انهن جي کيتن مان کڻي انهن کي فوج ۾ داخل ڪيو. جنهن جي ڪري هارين ۾ ڏاهپ آهي، ڇاڪاڻ جو هو شروع کان شڪستياب ٿيو هو. هن کي بااختيار بڻايو ۽ ڏسو ته هو ڪيترو نه ڏاهو آهي.“ ”هن ڪجھ به نه چيو. هو سوچي رهيو هو. ”هاڻي مان پاڻ سر افسرده آهيان،“ مون چيو. ”جنهن جي ڪري مان ڪڏهن به انهن شين جي باري ۾ نه سوچيندو آهيان. مان ڪڏهن به نه سوچيندو آهيان ۽ پوءِ به جڏهن مان ڳالهائيندو آهيان مان چوندو آهيان جيڪي شيون مون پنهنجي دماغ مان ڳولهي لڌيون آهن اهي سوچ کان خالي آهن.“ ”مون ڪنهن شيءِ جي باري ۾ اميد ڪئي هئي.“ ”شڪست؟“ ”نه.“ ”ڪاشيءِ انهي کان وڌيڪ.“ ”اتي ڪا ٻي وڌيڪ شيءِ ڪونهي. سواءِ سوڀ جي. اها خراب ٿي سگهي ٿي.“ ”مون گهڻي عرصي کان سوڀ جي اميد ڪئي هئي.“ ”مون پڻ.“ ”هاڻي مان اڻڄاڻ آهيان.“ ”ان کي هڪ نه ٻي ٿيڻو آهي.“ ”مان وڌيڪ لاءِ فتح تي يقين نه ٿو رکان.“ ”مان نه. پر مان شڪست تي يقين رکان ٿو. البت اها بهتر ٿي سگهي ٿي.“ ”تون ڇا ۾ يقين رکين ٿو؟“ ”آرام ۾. هو اٿي بيهي رهيو. ”مان گھڻو وقت ترسڻ لاءِ معذرت ٿو ڪيان. پر مون توسان ڳالهائڻ کي گهڻو پسند ڪيو.“ ”اهو وري ڳالهائڻ سٺو آهي.“ ”مون اهو سمهڻ جي باري ۾ چيو، جنهن جو مطلب هو ڪجھ به نه.“ اسان اٿي بيٺاسين اونداهي ۾ هڪٻئي سان هٿ ملاياسين. ”هاڻي مان 307 وٽ سمهندو آهيان،“ هن چيو. ”مان سڀاڻي چوڪيءَ تي سويرو ويندس.“ ”جڏهن تون واپس وري ايندين مان توسان ملندس.“ ”اسان گڏجي گهمنداسين ۽ ڳالهائينداسين.“ مان هن سان دروازي تائين گڏجي ويس. ”هيٺ نه هل،“ هن چيو. “اهو ڪافي سٺو آهي جو تون واپس وري آيو آهين. جيتوڻيڪ تولاءِ ايترو سٺو نه آهي.“ هن پنهنجو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکيو. ”اهو مون لاءِ بلڪل ٺيڪ آهي،“ مون چيو. “الوداع،“ ”الوداع. سِي آئو!“ ”سِي آئو!“ مون چيو. مونکي بيحد ننڊ ورائي ويئي.