5
اطالوي هئڻ جي ناتي ڌارين کي بنا ڪنهن پشيمانيءَ جي سلام ڪرڻ مشڪل هوندو هو. اطالوي سلام ڪڏهن به روانگي لاءِ تيار ڪيل نه لڳندو هو. ڏينهن ڪافي گرم هو. مان درياه جي مٿان پلاوا (Plava) واري هنڌ تي دشمن جي ويجهو موجود هڪڙي پل جي آخر ۾ هڪڙي دفاعي مورچي وٽ هوس. هي اهو هنڌ هو جتان جارحيت جو آغاز ٿيڻ وارو هو. هڪڙو سال اڳ پرانهين پاسي چڙهائي ڪرڻ ناممڪن هو ڇاڪاڻ جو ڪاٺ واري عارضي پل ڏانهن وڃڻ لاءِ هيٺيين لنگھ لاءِ فقط هڪڙو ئي رستو موجود هو ۽ اهو لڳ ڀڳ هڪڙي ميل جي مفاصلي کان گهنڊ مِشنُين ۽ گولي بارود جي نشاني تي هو. اهو ايترو ڪشادو به ڪونه هو جنهن منجهان ڪنهن جارحيت لاءِ سموري نقل وحمل (transport) کي نيئي سگهجي ۽ آسٽريا وارا ان کي ڪنهن مقتل گاه ۾ تبديل ڪري سگهن. پر اٽليءَ وارا ڪجھ مفاصلي تائين پرانهين پار ڏانهن اڳتي ٽپندي ڦهلجي ويا هئا جتي اهي آسٽريا جي پاسي واري درياه کان ڏيڍ ميلن واري ايراضي کي گهيرو ڪري ويهي رهيا. اهو غليظ هنڌ هو ۽ آسٽريائي انهن کي جيڪر قبضو ڪرڻ نه ڏين ها. مان سمجهان ٿو ته اهو باهمي برداشت جي ڪري هو ڇاڪاڻ جو هينئر تائين آسٽريائي درياه جي هيٺان دشمن کان پرڀرو هڪڙي ڪاٺ جي عارضي پل رکيو ويٺا هئا.
آسٽريائي مورچا پهاڙن جي پاسي مٿان کان موجود هئا جيڪي اطالوي صفن کان ڪجھ گزن جي مفاصلي تي هئا. اتي هڪڙو ننڍڙو قصبو هوندو هو پر هاڻي اهو ملبي جو ڍير بڻجي ويو هو. اتي رهجي ويل ريلوي اسٽيشن هئي ۽ مستقل طور تي ٽٽي ويل پل جنهن جي مرمت ۽ واهپو ناممڪن هو ڇاڪاڻ جو اها واضح طور تي نظر ۾ ٿي آئي. مان هيٺ درياه ڏانهن ويندڙ سوڙهي رستي تان گذري رهيو هوس، ڪار کي پهاڙ جي هيٺان واري مرمتي اڏي تي ڇڏي ڏنو، ڪاٺ واري عارضي پل کي پار ڪيو، جنهن جو پهاڙ جو ڪلهو محافظ هو، ۽ انهن مورچن منجهان گذرڻ لڳس جيڪي هيٺ مسمار ٿيل قصبي ۽ لاهيءَ جي حد ۾ واقحهئا. هر ڪو زير زمين محفوظ ڪمرن ۾ ويٺو هو. اتي راڪيٽن جا شڪنجه هئا جيڪي ان صورت ۾ ڇهڻ لاءِ کڙا ڪيل هئا جڏهن آرٽيلري کان مدد جي ضرورت درڪار هجي يا وري ٽيليفون جي تارن جي ڪٽجي وڃڻ جي صورت ۾ اشارو ڏيڻو هجي. ڪافي گرم ۽ گندو ڏينهن هو. مون آسٽريائي صِفن جي آر پار تار کي ڏٺو. مون کي ڪو به ماڻهو نظر ڪو نه آيو. مون هڪڙي ڀيري هڪڙي ڪپتان سان گڏجي شراب پيتو هو زير زمين محفوظ ڪمري ۾ رهڻ واري ان ڪپتان کي مون سڃاڻي ورتو ۽ پل جي آر پار وڃڻ لڳس.
هڪڙو نئون ويڪرو رستو ٺاهي تيار ڪيو پئي ويو هو جيڪو جبل جي مٿان گذرندي ۽ ورن وڪڙن سان هيٺ پل ڏانهن پئي ويو. جڏهن هي رستو مڪمل ٿي ويندو ته جارحيت شروع ٿي ويندي. اهو جهنگ وچان تکن موڙن سان هيٺ وڃي رهيو هو. هن سرشتي جو مقصد هو ته هر شيءِ کي نئين رستي وسيلي هيٺ نيو وڃي ۽ خالي ٽرڪن، جانورن جي مدد سان هلندڙ گاڏين، ڀريل ايمبولنسن ۽ هر واپس موٽندڙ ٽريفڪ کي پراڻي سوڙهي رستي کان مٿي آندو وڃي. مرمتي اڏو آسٽريائي طرف واري درياه کان پهاڙ جي ڪناري وٽ هو اسٽريچر سنڀاليندڙ زخمين کي ڪاٺ واري عارضي پل جي آرپار واپس کڻي ايندا. جڏهن جارحيت جو آغاز ٿيندو ته ساڳيو ئي طريقيڪار اپنايو ويندو. جيستائين مان ان نئين تعمير ڪيل رستي جو آخري ميل يا ان جي لڳ ڀڳ وارو مفاصلو طئه ڪري وٺان جتي ان جا ور وڪڙ ختم ٿيڻ لڳن ٿا ته مان آساني سان آسٽريائي گوليباري جي نشاني تي اچي پئي سگهيس. لڳي رهيو هو ڄڻ اها ڪا بدحواسي هجي. پر مون کي هڪڙو هنڌ نظر آيو جتي ڪارين کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو جڏهن اهي ان خراب نظر ايندڙ ٽُڪري مان گذري وڃن ۽ زخمين جي لاءِ انتظار ڪري پئي سگهيس جن کي ان عارضي ڪاٺ واري پل جي آرپار آندو ويندو. مون ان نئين رستي جي مٿان گاڏي هلائڻ پئي چاهي پر اهو اڃا ٺهي راس نه ٿيو هو. اهو ڪشادو ۽ سٺي نموني تعمير ٿيل نظر اچي رهيو هو ۽ ان جا ور وڪڙ ڪافي موثر نظر اچي رهيا هئا جتان جهنگ ۾ پهاڙ جي پاسي وارا شگاف نظر پئي آيا. ڪاريون پنهنجي ڌاتوئي بريڪن سان گڏ ڪافي ٺيڪ رهنديون ۽ کڻي ڇا به ٿي پوي، هيٺ ويندي، انهن تي ڪو به وزن نه رکيو ويندو. مان واپس سوڙهي رستي تي هلڻ لڳس. ٻه ڪيرابنيري (اطالوي پيرا ملٽري فورس جا رڪن / پوليس وارا) ڪار کي جهليو بيٺا هئا. هڪڙو بارودي گولو ڪريو هو ۽ جڏهن اسان انتظار ۾ بيٺا هئاسين ٻين ٽن گولن رستي تي اچي ڦهڪو ڪيو هو. اهي گولا 77 وارا هئا جيڪي هوا ۾ تيزيءَ سان زوڪاٽ ڪندا آيا، هڪڙي سخت جڳمڳائيندڙ چمڪ سان گڏ ڌماڪيدار آواز ۽ پوءِ رستي جي آرپار ڦاٽي پوڻ جي ڪارڻ ان مان ڀورو ڀورو دونهون اٿڻ لڳو. اطالوي پوليس (Carabinieri) اسان کي هٿ لوڏيندي اتان ٽري وڃڻ جو اشارو ڪيو. جتي گولا ڪريا هئا اتان لنگهندي مون ڏراٽيل زمين کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مان ان وڏي ڌماڪي مان اٿندڙ بدبوءَ کي محسوس ڪري رهيو هوس ۽ ڌماڪي سان ڦاٽي پيل مٽي ۽ پٿر ۽ تازوئي چڪنا چور ٿي ويل چقمقي پٿر جي بدبو پڻ منهنجي حواسن کي واسو ڪري ڇڏيو. مان گوريزيا جي شاهي محل ڏانهن واپس ڊوڙڻ لڳس، ته جيئن مس بارڪلي سان ملي سگهان جيڪا تنهن وقت ڊيوٽي ڪري رهي هئي.
رات جي ماني مون جلدي جلدي کائي ورتي ۽ شاهي محل ڏانهن روانو ٿي ويس جتي برطانيا وارن جي پنهنجي اسپتال هئي. اها ڪافي ڪشادي ۽ خوبصورت هئي ۽ ان جي ميدان ۾ ڪافي سهڻا وڻ هئا. مس فرگوسن هن سان گڏ هئي. اهي مون کي ڏسي ٻهڪي پيون ۽ ٿوري وقت کان پوءِ معذرت ڪندي هوءَ اسان کي اڪيلو ڇڏي روانو ٿيڻ لڳي. ”مان توهان ٻنهي کي ڇڏڻ ٿي چاهيان،“ هن چيو” مون بنا توهان ٻئي سٺي نموني رهي سگهو ٿا،“ هن چيو. ”هيلن، تون نه وڃ،“ مس بارڪلي چيو.”سچ پڄ مان پڻ واپس وڃڻ چاهيان ٿو. مون کي ڪجھ خط لکڻا آهن.“ ”شب خير،“ مون چيو. ”شب خير مسٽر هينري.“ ”ڪا به اهڙي شيءِ نه لکجانءِ جيڪا سينسر (حذف) ڪرڻ جي متصادم هجي.“ ”تون ان ڳالھ جو ڪو به اونهو نه ڪر مان فقط اهو لکندس ته اسان ڪيتري نه خوبصورت جاءِ ۾ رهائش پذير آهيون ۽ اطالوي ڪيترا نه بهادر آهن.“ ”اهڙي نموني ئي توکي آراسته ڪرڻو پوندو.“ ”اهو ئي بهتر هوندو. شب خير، ڪيٿرائن.“ ”مان توسان ٿوريءَ دير کان پوءِ ملان ٿي،“ مس بارڪلي چيو. مس بارڪلي تاريڪي ۾ هلي ويئي. ”هوءَ ڏاڍي سٺي آهي،“ مون چيو. ”اوه، هائو، هوءَ واقعي ڏاڍي سٺي آهي. هوءَ نرس آهي.“ ”تون نرس ناهين ڇا؟“ ”اوه، نه. مان وي.اي.ڊي ( V. A. D.) آهيان. اسان ڪافي مشقت سان ڪم ڪنديون آهيون پر اسان تي ڪو به ڀروسو نه ڪندو آهي.“ ”ڇا لاءِ؟“ ”جڏهن ڪجھ به هلي نه رهيو هوندو آهي ته اسان تي ڪو به ڀروسو نه ڪندو آهي. جڏهن حقيقت ۾ ڪو ڪم ڪار شروع ٿي ويندو آهي ته پوءِ اسان تي ڀروسو ڪيو ويندو آهي.“ ”انهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪهڙو تفاوت بيهي ٿو؟“ ”هڪڙي نرس ڊاڪٽر جيان هوندي آهي. وي.اي.ڊي. ٿيڻ لاءِ ڪافي عرصو لڳي ويندو آهي، اهو شارٽ ڪٽ (مختصر رستو آهي)“. ”مان سمجهي ويُس.“ ”اطالوي نه ٿا چاهن ته عورتون محاذ جي ايترو نزديڪ هجن. تنهن ڪري اسان مخصوص رويو اختيار ڪري ڇڏيو آهي. اسان ٻاهر نه نڪرنديون آهيون.“ ”مان ته هتي اچي سگهان ٿو نه؟“ ”اوه، ها. اسان ڪنهن خانقاه ۾ ويٺل ناهيون.“ ”اچ ته جنگ کي ترڪ ڪيون.“ ”ڪافي مشڪل آهي. ڪو اهڙو خانو ڪونهي جتي ان کي ڦٽو ڪري ڇڏجي.“ ”ڪنهن به نموني اچ ته جنگ کي ترڪ ڪيون.“ ”چڱو ٺيڪ آهي.“
اسان رات جي تاريڪي ۾ هڪٻئي ڏانهن نهاريوسين. مون سوچيو هوءَ ڪافي حسين هئي ۽ مون هن جي هٿ کي پڪڙي ورتو. هن مون کي ان کي پڪڙي رکڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ مون سندس هٿ کي پڪڙي ئي رکيو ۽ پنهنجي ٻانهن کي هن جي ٻانهن جي اندريان کان ورائي ڇڏيم. ”نه،“ هن چيو. مون پنهنجي ٻانهن کي پوءِ به نه هٽايو. ”ڇو نه،“ ”نه“. هن انڪار ڪيو. ”ها.“ مون چيو. ”عنايت ڪر.“ ”مان رات جي تاريڪي ۾ هن کي ڳراٽڙي پائڻ لاءِ اڳتي سرڻ لڳس ۽ اتي تيز ڌار واري ڏنگيندڙ چمڪ هئي هن منهنجي منهن تي زوردار چنبو وهائي ڪڍيو. هن مون کي نڪ ۽ اکين ۾ چنبو هنيو، ۽ اضطراب وچان منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ”مون کي افسوس آهي،“ هن چيو.“ مون پاڻ کي ٿورو برتر سمجهيو“ ”تو سڀ ڪجھ صحيح ڪيو“. ”مان بيحد افسوس ٿي ڪيان،“ هن چيو. ”مان برداشت ڪري نه سگهيس. منهنجو مقصد تنهنجي دل آزاري ڪرڻ وارو نه هو. مون تنهنجي دل آزاري ڪئي، ها نه؟“ هوءَ رات جي تاريڪيءَ ۾ مون ڏانهن نهاري رهي هئي، مان غصي ۾ هوندي به پراعتماد هوس، ۽ ان سموري وارتا کي شطرنج جي راند جي چالن جيان ڏسي رهيو هوس. ”تو بلڪل صحيح ڪيو،“ مون چيو.”مون کي بلڪل برو نه لڳو.“ "قابلِ رحم انسان“. ”تون ڄاڻين ٿو ته مان انوکو جيون گهاري رهي آهيان. ۽ مان انگريزي ورلي ڳالھائيندي آهيان. ۽ ٻيو ته تون ڪافي حسين آهين“. مون هن ڏانهن نظر کڻي نهاريو. ”توکي ايتري بڪ بڪ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. مون چيو مون کي پڻ افسوس آهي. اسان کي پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃڻ گهرجي.“ ”ها،“ مون چيو. ”۽ اسان جنگ کان جدا ٿي چڪا آهيون.“ هن ٽهڪ ڏنو. اهو پهريون دفعو هو جڏهن مون هن کي ٽهڪ ڏيندي ڏٺو هو. مون هن جي چهري کي ڏٺو. ”تون سُريلو آهين،“ هن چيو. ”نه، مان ناهيان.“ ”ها. تون پيارو آهين. توکي پپي پائڻ ۾ مون کي ڪافي خوشي ملندي جيڪڏهن تون ان کي برو نه سمجهين ته.“ مون هن جي نيڻن ۾ نهاريو ۽ اڳ جيان مون پنهنجي ٻانهن کي هن جي چوگرد ورايو ۽ هن کي پپي پائڻ لڳس. مون هن کي زور سان چمڻ شروع ڪيو ۽ هن کي پاڻ سان جڪڙي ورتو ۽ هن جي لبڙن کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي مضبوطيءَ سان ٻيڪڙيل هئا. مان اڃا غصي ۾ هوس ۽ جيئن ئي مون هن کي زور سان ٻيڪڙي ڇڏيو هن جو جسم ڪنبڻي هڻڻ لڳو. مون هن کي پاڻ سان جڪڙي ڇڏيو ۽ مون هن جي دل جي ڌڙڪڻ جي آواز کي محسوس ڪيو ۽ هن جا لب کلي ويا ۽ هن جو مٿو منهنجي هٿ جي هيٺان ٿي ويو ۽ پوءِ هوءَ منهنجي ڪلهي تي دانهون ڪرڻ لڳي. ”منهنجا جاني، منهنجا دلبر،“ هن چيو. ”تون مون سان توڙ نڀائيندين، ها نه؟“ ڪهڙي دوزخ جي ڳالھ پئي ڪري، مون سوچيو. مون هن جي وارن تي هٿ ڦيرايو ۽ هن جي ڪلهي کي زور ڏنو. هوءَ دانهون ڪري رهي هئي. ”تون نڀاءُ ڪندين نه؟“ هن پنهنجا نيڻ کڻي مون ڏانهن نهاريو. ”ڇاڪاڻ جو اسان ڪيڏي نه عجيب زندگي گهاري رهيا آهيون.“ ٿوريءَ دير کان پوءِ مان هن سان شاهي محل جي دروازي تائين ساڻ ويس ۽ هوءَ هلي ويئي ۽ مان گهر ڏانهن واپس ورڻ لڳس. واپسيءَ تي مان مٿي ڏاڪڻين تي چڙهي ويس. رنالڊي پنهنجي بستر تي ليٽيل هو. هن مون ڏانهن ڏٺو. ”چئبو ته تون مس بارڪلي سان واسطو وڌائي آئين؟“ ”اسان دوست آهيون.“ ”توکي گرميءَ ۾ ان ڪتي جي وڻندڙ هوا لڳي رهي آهي؟“ مون کي هن جي ڳالھ سمجھ ۾ ڪو نه آئي. ”ڇا جي؟“ هن وضاحت ڪئي. ”ڪتي جي وڻندڙ هوا جيڪا ـــــــ“ ”اڙي هاڻي بس ڪر“، مون چيو. ”ٿوري وقت لاءِ اسان ذليل قسم جون ڳالهيون ڪنداسين.“ هو ٽهڪ ڏيڻ لڳو. ”چڱو شب خير،“ مون هن کي چيو. ”شب خير، ننڍڙا ڪُتڙا.“ مون هن جي ٻرندڙ ميڻ بتيءَ تي وهاڻو ڏئي ڇڏيو ۽ اونداه ۾ بستر ڏانهن هليو ويس. رنالڊي موم بتيءَ کي کڻي ان کي وري ٻاريو ۽ پڙهڻ لڳو.