ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

27

مان تڏهن جاڳي پيس جڏهن رنالڊي اندر گهڙي آيو هن ڪو نه ڳالهايو ۽ مان وري سمهي پيس. صبح جو مون لباس اوڙهيو ۽ پره ڦٽيءَ کان پهريان هليو ويس. جڏهن مان نڪتس رنالڊي اڃا سجاڳ ڪو نه ٿيو هو. مون اڳ ۾ بينسيزا ڪو نه ڏٺو هو ۽ مٿي لاهي وٽ وڃڻ ڪافي عجيب هو جتي آسٽريائي موجود هوندا هئا، درياه جي ڀرسان انهي هنڌ کان پرتي جتي مان گهائجي ويو هوس. اتي هڪڙو چاڙهي وارو نئون رستو هو ۽ ڪيتريون ئي ٽرڪون هيون. پري کان، رستو ٻاهر جي طرف هموار هو ۽ مون ڌنڌ ۾ ٻيلو ۽ اوچا پهاڙ ڏٺا. اتي ٻيلا هئا جن کي جلديءَ ۾ هٽايو ويو هو پر اهي ٽٽي ڪو نه پيا هئا. پرتان جتي رستو پهاڙن جي تحفظ ۾ نه هو ان کي پاسن کان ۽ مٿان کان تڏن جي اَڙ ڏني ويئي هئي. رستو هڪڙي مسمار ٿيل ڳوٺ وٽ پورو پئي ٿيو. صفون اڳتي ان کان پرانهون هيون. ان جي چوگرد خاشي تعداد ۾ پيادل دستو بيٺو هو. گهر بريءَ طرح سان ٽٽي ويا هئا پر شيون سٺي نموني سان منظم هيون ۽ اتي هر طرف کان نشانن واريون تختيون (سائن بورڊز) لڳل هيون. اسان گِينو کي ڳولهي لڌوسين ۽ هن اسان کي ڪجھ ڪافي پيئاري ۽ بعد ۾ هن سان گڏجي ويس ۽ ڪيترن ماڻهن سان مليس ۽ چوڪيون ڏٺم. گِينو ٻڌايو ته برطانوي ڪاريون اڃا هيٺ بينسيزا ۾ ريوِن وٽان ڪم ڪري رهيون هيون. هو برطانوين کي ڪافي واکاڻي رهيو هو. هن چيو ته، هينئر تائين گوليباري جو ڪجھ مقدار هلي رهيو هو، پر ايترا گهايل نه پئي ٿيا. هاڻي جڏهن برساتون پوڻ شروع ٿي ويون آهن ڪيترائي بيمار ٿيندا. آسٽريائن جي باري خيال ڪيو ٿو وڃي ته اهي حملو ڪرڻ وارا آهن پر هو ان کي نه ٿو مڃي. اسان جي باري ۾ پڻ اهو خيال ڪيو پئي ويو ته اسان حملو ڪنداسين، پر انهن ڪي به نوان جٿا نه آندا آهن تنهنڪري هن جي خيال ۾ اهو پڻ ختم هو. خوراڪ جي ڪمي هئي ۽ هن کي گوريزيا ۾ هڪڙي مڪمل ماني کائڻ سان خوشي محسوس ٿيندي. مون رات جي ماني ڪهڙي قسم جي کاڌي هئي؟ مون هن کي ٻڌايو ۽ هن چيو ته اهو ڪافي سٺو رهندو. هو شيرين ۽ ملائم کان ڪافي متاثر هو، مان سمجهان ٿو ته هن سمجهيو پئي ته اها پاڻيءَ ۾ پچايل مانيءَ کان وڌيڪ خالص هئي. ڇا مان ڄاڻي سگهان ٿو ته هو ڪيڏانهن هلڻ وارو هو؟ مون چيو مان نه ٿو ڄاڻان پر اهو ته ڪجھ ٻيون ڪاريون ڪيپوريٽو ۾ هيون. هن اميد ڪئي ته هو مٿي انهي رستي ڏانهن هلندو. اهو هڪڙو ننڍڙو وڻندڙ هنڌ هو ۽ هن ٽرڪ وسيلي پرانهن اوچن پهاڙن مان گذرڻ کي پسند پئي ڪيو. هو هڪڙو سٺو ڇوڪرو هو ۽ لڳي رهيو هو ته هر ڪنهن هن کي پسند پئي ڪيو. هن چيو ته آسٽريائن وٽ ٽرنووا جي ڊگهي پهاڙيءَ ۾ پريان اسان جي مٿان کان پيادل دستن جو هڪڙو وڏو مقدار هو، ۽ اهي رات جي وقت ۾ رستن تي بريءَ طرح سان گوليباري ڪري رهيا هئا. اتي بحري بندوقن جو هڪڙو گروه هو جنهن هن جي نڪ ۾ دم ڪري رکيو هو. مان انهن کي انهن جي هڪڙي مستقل آواز واري خَطي حرڪت مان سڃاڻي ويندس. اطلاع ٻڌڻ ساعت ئي اتي شور شرابو لڳ ڀڳ هڪدم شروع پئي ٿي ويو. اهي اڪثر طور تي هڪدم ٻن بندوقن جا ٺڪاو ڪندا هئا، هڪڙي ٺيڪ ٻِيءَ جي پٺيان، ۽ انهن جي ٺڪاون مان نڪرندڙ ٽٽل ٽڪڙا بي انتها هئا. هن مونکي هڪڙو ٽڪڙو ڏيکاريو، هڪڙو هموار نموني سان نوڪدار ڌاتوئي ٽڪڙو جيڪو لڳ ڀڳ هڪڙي فٽ جيترو ڊگهو هو. اهو ٽامي جي ڌاتو جهڙو هو. ”مان نه ٿو سمجهان ته ڪو اهي ايترا اثرائتا آهن،“ گينو چيو. ”پر اهي مونکي ڊيڄاري ڇڏيندا آهن. انهن جي آواز مان ايئين لڳندو آهي ڄڻ اهي سڌو سنئون توهان ڏانهن اچي رهيا آهن. پهريان اتي هڪڙو پڙاڏو اٿي ٿو، انهي کان پوءِ هڪڙي هڪدم پيدا ٿيندڙ رڙ ۽ پوءِ ڌماڪو. گهايل نه ٿيڻ جو ڪهڙو فائدو جيڪڏهن اهي توهان ۾ موت جو خوف پيدا ڪن؟“ هن چيو ته هاڻي اسان جي اڳيان صفن ۾ ڪروشيائي باشندا بيٺل هئا ۽ ڪجھ هنگريءَ جا باشندا پڻ. اسان جا جٿا اڃا تائين حملي ڪرڻ جي حيثيتن ۾ هئا. ڳالهائڻ جي لاءِ ڪا تار ڪو نه هئي ۽ جيڪڏهن ڪو آسٽريائي حملو ٿي پوي ته اتي ڪو متبال هنڌ ڪو نه هو. اتي تحفظ جي لاءِ ننڍڙين ٽڪرين ۾ عمدا هنڌ هئا جيڪي سطح مرتفع کان ٻاهر هئا پر انهن کي تحفظ جي لاءِ منظم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم نه کنيو ويو هو. بحرحال هن بينسِيزا جي باري ۾ ڇا پئي سوچيو؟ ما ان جي بلڪل سڌي هئڻ لاءِ متوقع هوس، گهڻي قدر هڪڙي ميدان مرتفع وانگي. مون ان جي باري ۾ اهو نه سمجهيو آهي ته اهو ايتري قدر ٽٽل آهي. ”ايلتو پيانو“ گِينو چيو،”پر ڪو به پيانو ڪو نه.“ اسان گهر جي تھ خاني ڏانهن وياسين جتي هو رهندو هو. مون چيو مان سمجهان ٿو هڪڙو ڊگهو پهاڙ جيڪو مٿي ٻاهر جي طرف هموار هو ۽ اهو ٿورو گهرو هو انهي تي گرفت رکڻ ننڍڙن جبلن جي هڪڙي سلسلي جي بجاءِ وڌيڪ آسان ۽ وڌيڪ قابل عمل هوندو. ڪنهن سطح جي بجاءِ ڪنهن جبل جي مٿان بيهي حملو ڪرڻ ايترو ڏکيو نه هو، مون دليل ڏنو. ”ان جو دارومدار پهاڙن تي آهي،“ هن چيو. ”سين گيبريل ڏانهن ڏس،“ ”ها،“ مون چيو، ”پر جتي انهن کي مشڪلات پيش آئي اها مٿاهين هئي جتان اهو هموار هو. ”اهي مٿي چوٽيءَ تي آسانيءَ سان چڙهي ويا.“ ”ايتري آسانيءَ سان نه،“ هن چيو. ”ها،“ مون چيو، ”پر اها خاص صورت هئي ڇاڪاڻ جو اهو بحرحال، هڪڙي جبل جي بجاءِ هڪڙو قلعو هو. آسٽريائي سالن کان ان جي قلعي بندي ڪري رهيا هئا.“ ”منهنجو مطلب هڪڙي جنگ ۾ چالن ۽ ماهراڻي جوڙ توڙ آهي جتي ڪجھ تحرڪ موجود هو اتي جبلن جو هڪڙو سلسلو ڪنهن صف کي اوٽ ڏيڻ لاءِ ڪجھ به نه هو ڇاڪاڻ جو انهن کي منتشر ڪرڻ آسان هو. توهان وٽ لازماَ امڪاني حرڪت پذيري هئڻ گهرجي هڪڙو جبل ڪافي متحرڪ نه ٿو هجي. پڻ، ماڻهو اڪثر هيٺ پهاڙ ڏانهن حدف يا حد جي پار نشانو وٺندا آهن. جيڪڏهن صف کي موڙيو وڃي، ته بهتر کان بهتر ماڻهو اوچن پهاڙين تي رهجي ويندا. اهو جبلن ۾ هڪڙي جنگ تي اعتماد نه ٿو ڏياري. مون ان جي باري ۾ گهڻو ڪجھ سوچيو هو، مون چيو. توهان هڪڙي جبل ۾ سوڙهو ڪيو ٿا ۽ اهي ٻئي ۾ سوڙهو ڪن ٿا پر جڏهن حقيقت ۾ ڪا شيءِ شروع ٿيڻ لڳي ٿي ته انهن کي جبلن تان هيٺ لهڻو پوي ٿو. تون جيڪڏهن ڪنهن جبل واري محاذ تي هجين ته ڇا ڪندين؟“ هن پڇيو. ”مون ان تي هن مهل تائين ڪو به ڪم نه ڪيو آهي،“ مون چيو، ۽ اسان ٻنهي ٽهڪ ڏنوسين. ”پر،“ مون چيو، ”آڳاٽن ڏينهن ۾ ويرونا جي آرپار آسٽريائن کي چوگوشي ۾ هميشه رڳڙيو ويندو هو. انهن هنن کي هيٺ اچڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ اتي انهن کي رڳڙو ڏنائون.“ ”ها،“ گينو چيو. ”پر اهي فرانسيسي هئا ۽ توهان فوجي مسئلن کي تنهن مهل مشقت سان واضح طور تي منهن ڏئي سگهو ٿا جڏهن توهان ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ڌرتيءَ تي وڙهي رهيا هجو.“ ”ها،“ مون هن سان اتفاق ڪيو، ”جڏهن اهو توهان جو پنهنجو ملڪ آهي توهان ان کي سائنسي طريقي سان ڪتب آڻي نه ٿا سگهو.“ ”روس وارن، نيپولين کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڪيو.“ ”ها، پر انهن وٽ جهجا ملڪ هئا. پر جيڪڏهن توهان نيپوليئن کي ڦاسائڻ لاءِ اٽليءَ ۾ پوئتي هٽڻ جي ڪوشش ڪندئو ته توهان پاڻ کي بِرنڊسِي (Brindisi) ۾ ڏسندئو.“ ”هڪڙو ڪافي ڀيانڪ هنڌ،“ گينو چيو. ”ڇا تون ڪڏهن اتي ويو آهين؟“ ”نه ٿو چئي سگهجي.“ ”مان هڪڙو ديش ڀڳت آهيان،“ گينو چيو. ”پر مان برنڊسي يا ٽَرانٽو سان پيار ڪري نه ٿو سگهان.“ ”ڇا تون بينسِيزا سان پيار ڪرين ٿو؟“ مون پڇيو. ”ڌرتي خوفائتي آهي،“ هن چيو. ”پر مان چاهيان ٿو ته اها وڌيڪ پٽاٽا پيدا ڪري. تون ڄاڻين ٿو جڏهن اسان هتي آياسين اسان آسٽريائن پاران پوکيل پٽاٽن جا کيت ڏٺاسين.“ ”ڇا واقعي خوراڪ جي گهٽتائي اچي ويئي آهي؟“ ”مون پنهنجي سر کائڻ لاءِ ناڪافي ڀايو آهي پر مان تمام گهڻو ٻِرڙو/ کائُو آهيان ۽ مان بک ڪو نه مئو آهيان. ميس سراسر آهي. صفن ۾ بيٺل فوجي دستن کي ڪافي سٺي غذا ملي ٿي پر انهن جي سهائتا ڪندڙن لاءِ ناڪافي آهي. ڪٿي نه ڪٿي ڪجھ غلط آهي. اتي غذا جي جهجهائپ هئڻ گهرجي. ”اهي شارڪ مڇيءَ کي ڪنهن ٻئي هنڌ ڏانهن وڪرو ڪري رهيا آهن.“ ”ها، اهي اڳين صفن وارن فوجي دستن کي جيترو ٿي سگهي ڏئي رهيا آهن پر اهي جيڪي انهن کان پوئتي آهن انهن کي صفا ٿوري ملي ٿي. انهن آسٽريا وارن جا سمورا پٽاٽا ۽ جهنگل ۾ موجود شاه بلوط جا ميوا کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن. انهن کي گهرجي ته اهي انهن کي سٺي غذا پهچائن. اسان تمام گھڻا کائُو آهيون. مونکي يقين آهي ته اتي کاڌي پيتي جي اڻاٺ ڪونهي. اهو سپاهين جي لاءِ برو آهي ته انهن وٽ کاڌي پيتي جي اڻاٺ هجي. ڇا ڪڏهن تو اهو ڌيان ۾ آندو آهي ته ان سان سوچ تي ڪهڙو اثر پوي ٿو؟“ ”ها،“ مون چيو. ”ان سان اهي ڪا جنگ کٽي ته ڪو نه ٿا سگهن پر هارائي ضرور سگهن ٿا.“ ”اسان هارائڻ جي ڳالھ ڪو نه ڪنداسين. هارائڻ جي باري ۾ گهڻو ڳالهايو ويو آهي. هن سانوڻ ۾ جيڪو ڪجھ به ڪيو ويو آهي اهو سڀ ڪجھ بيڪار ۾ ڪيو ويو آهي.“ مون ڪجھ به نه چيو. مان مقدس، عظيم الشان ۽ قرباني ۽ بيڪار جهڙن لفظن ۽ اظهارن تي هميشه شرمساري محسوس ڪندو هوس. اسان انهن کي ٻڌو هو، ڪڏهن ڪڏهن بارش ۾ بيهندي انهي فاصلي تائين جيستائين آواز پهچي سگهي ٿو، ڪجھ اهڙي نموني جو رڙين وارا لفظ سڌو سنئون اچي رهيا هجن، جو اشتهار لڳائڻ وارن طرفان نهايت ئي پرتڪلف طريقي سان باضابطا اعلانن مٿان اعلان پئي ڪيا ويا، هاڻي ڪجھ ڊگهي وقت لاءِ، ۽ مون ڪجھ به مقدس نه ڏٺو هو ۽ اهي شيون جيڪي عظيم الشان هيون اهي عظمت کان عاري هيون ۽ قربانيون شڪاگو ۾ چوپائي مال جي منڊين کان علاوه ٻيو ڪجھ به ڪو نه هيون جتي گوشت کي سواءِ دفنائڻ جي ٻيو ڪجھ به ڪو نه پئي ڪيو ويو. اتي ڪيترائي لفظ هئا جن کي پاڻ کي سيڙاهي ٻڌي سگهڻ جو توهان ست به ساري نه سگهندئو ۽ آخر ۾ فقط ڪن جاين جا نالا معتبر هئا. ڪي عدد ساڳي ئي طرييقيڪار وارا هئا ۽ ڪي تاريخون انهن جاين جي نالن سميت جن جي باري ۾ توهان چئي سگهو ٿا ته انهن جي ڪا معنيٰ ۽ ڪو مفهوم ٿي سگهي ٿو. مجرد لفظ جهڙوڪ عظمت، شان، بهادري، يا مقدس ڳوٺن جي حقيقي نالن، رستن جي تعدادن، درياهن جي نالن، فوجي دستن جي تعدادن ۽ تاريخن سميت بيهوده هئا. گِينو هڪڙو ديش ڀڳت هو، تنهنڪري هو اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اسان جي درميان فاصلا پيدا ڪنديون هيون، پر هو هڪڙو سٺو ڇوڪرو پڻ هو ۽ مون هن جي ديش ڀڳت هئڻ کي سمجهيو پئي. هو پئدائشي طور تي هڪ هو. هو واپس گوريزيا ڏانهن وڃڻ جي لاءِ پيڊُوزي سان گڏ ڪار ۾ روانو ٿيو. هوا مينهن کي هيٺ ڌڪي آئي ۽ اتي هر هنڌ تي پاڻي ۽ مٽي گڏ ٿي ويئي. ٽٽل گهرن جو پليستر ميٽاهون ۽ گهميل هو. دير سان منجهند ڌاران مينهن وسڻ بس ٿي ويو ۽ ٻن چوڪين جي ٻاهرين عددن مان مون بي لباس گهميل خزان وارا کيت ڏٺا جبلن جي چوٽين تي ڪڪرن سان گڏ ۽ رستن جي مٿان ڪکن ڪانن جون جمع ٿي ويل رڪاوٽون هيون جن مان پاڻي ٽمي رهيو هو. سج هڪڙو دفعو ظاهر ٿيو اهو غائب ٿيڻ کان اڳ ڊگهي جبل جي پرتان بي لباس ٻيلن تي چمڪي رهيو هو. انهي ڊگهي جبل واري ٻيلي ۾ ڪيتريون ئي بندوقون تعينات ڪيل هيون پر فقط ڪجھ مان فائرنگ ايندي هئي. مون اچانڪ آسمان ۾ زرعي زمين جي ڀرسان واري هڪڙي ٽٽل حويليءَ جي مٿان جتان صف قريب هئي اتي آسمان ۾ گولِيدار گولي جو گول گول دونهون ڏٺو؛ نرم دونهون جنهن جي درميان ۾ هڪڙي پيلي سفيد چمڪ هئي. پهريان چمڪاٽ ٿيو، پوءِ ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، تهان پوءِ دونهي جو گول دائرو وکرڻ لڳو جيڪو هوا ۾ آهستي آهستي سنهڙو ٿيندو ويو. اتي گهرن جي ملبي ۾ گولِيدار گولن جا ڪيترائي لوه جا بلور هئا ۽ ٽٽل گهرن جي ڀرسان وارن رستن تي پڻ جتي چوڪي موجود هئي، پر انهي منجهند جو هنن چوڪيءَ جي ويجهو گوليباري ڪو نه ڪئي هئي. اسان ٻن ٽرڪن کي ڀريوسين ۽ هيٺ روڊ جي طرف هلڻ لڳاسين ۽ پاڇاٽو سج وقفي وقفي سان تڏن جي وٿين منجهان ليئا پائيندو رهيو. اسان جي صاف رستي تي اچڻ کان اول پهاڙن جي پويان سج لهي ويو. اسان هيٺ صاف سٿري رستي تي هلندا رهياسين ۽ جڏهن اسان هڪڙي ڪنڊ کان کليل ميدان کان چوسول ۾ تڏن جي محراب نما سرنگ ۾ اندر گھڙياسين وري ٻيهر برسات پوڻ لڳي. رات جي وقت ۾ هوا گهلڻ لڳي ۽ صبح جو ٽِين وڳي شين جي ٽُڪڙن سميت مينهن جي آمد سان گڏ اتي هڪڙي بمباري ٿيڻ لڳي ۽ ڪروشيائي جبل جي آرپار چراگاهن ۽ ٻيلي جي وٿين منجھ ۽ اڳيان واري صف ۾ سُري آيا. اهي اونداه ۾ وسندڙ مينهن ۾ وڙهڻ لڳا ۽ ٻي صف جي ڊنل ماڻهن طرفان ڪيل هڪڙي جوابي حملي سان اهي پوئتي ڌڪجي ويا. اتي برسات ڪافي تيز ٿي ويئي ۽ گوليباري ۽ راڪيٽ ڇڏيا ويا ۽ صف جي ويجهو مشين گنن ۽ رائفلن جي فائرنگ ڪئي ويئي. اهي وري ٻيهر ڪو نه آيا ۽ طوفان ۽ برسات جي درميان اسان دور اتر جي طرف هڪڙي وڏي بمباريءَ جو آواز ٻڌي رهيا هئاسين. زخمي ٿيل ماڻهو چوڪين ڏانهن اچي رهيا هئا، ڪجھ کي اسٽريچر تي کنيو ويو، ڪي پاڻ سر پنڌ ڪري رهيا هئا ۽ ڪجھ کي ماڻهن جي پٺن تي آندو ويو جيڪي کيتن جي آر پار اچي رهيا هئا. انهن جا ڪپڙا مڪمل طور تي ڀنل هئا ۽ اهي خوف ۾ ورتل هئا. اسان ٻن ڪارين کي اسٽريچر جي پيتين سان سٿيوسين جيئن ئي اهي چوڪيءَ جي تھ خاني مان آيا ۽ جيئن ئي مان ٻي ڪار جا دروازا بند ڪرڻ لڳس ۽ انهن کي ٻڌڻ لڳس مون پنهنجي چهري تي مينهن کي برف ۾ بدلجندي ڏٺو. برف جا ننڍڙا ننڍڙا زرڙا وسندڙ مينهن ۾ ڳرا ۽ تيز ٿيندا پئي ويا. جڏهن ڏينهن ٿيو طوفان اڃا هلي رهيو هو پر برفباري رڪجي ويئي هئي. اها ڀنل ميدان تي ڪرڻ کان پوءِ پگهرجڻ لڳي ۽ هاڻي وري مينهن وسي رهيو هو. منجهند کان بلڪل بعد م هڪڙو ٻيو حملو ٿيو جيڪو ناڪام رهيو. اسان سڄو ڏينهن هڪڙي حملي جي توقع ڪري رهيا هئاسين پر اهو تيستائين ڪو نه ٿيو جڏهن سج لهڻ لڳو. بمباري ڏکڻ ڏانهن وڏي جهنگ واري ڊگهي جبل ۾ شروع ٿي جتي آسٽريائي بندوقون مقرر ڪيون ويون هيون. اسان هڪڙي بمباري جي توقع ڪئي سين پر اها ڪو نه ٿي. اتي رات ٿيڻ لڳي. بندوقون ڳوٺ جي پٺيان کيتن کان ٺڪاٺوڪي ڪري رهيون هيون ۽ گذرندڙ گولا هڪڙو تسلي بخش آواز ڪري رهيا هئا. اسان اهو ٻڌوسين ته ڏکڻ جي طرف حملو ناڪام ٿي ويو هو. انهن ان رات جو حملو ڪو نه ڪيو پر اسان ٻڌوسين ته اهي اتر ۾ ڪاهي پيا آهن. رات جي وقت اسان کي حڪمنامو موصول ٿيو ته اسان پوئتي هٽڻ جي تياري ڪري رهيا هئاسين. اهو مون کي چوڪيءَ وٽ موجود ڪپتان ٻڌايو. هن اهو برگيڊ وٽان ٻڌو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هو ٽيليفون کان ٿي آيو ۽ چيائين ته اهو ڪوڙ هو. برگيڊ کي حڪم موصول ٿيو هو ته بينسِيزا جي صف کي کڻي ڇا به ٿي پوي برقرار رکيو وڃي. مون رڪاوٽ جي عبوريءَ جي باري ۾ پڇيو ۽ هن چيو ته هن برگيڊ وٽان ٻڌو آهي ته آسٽريائن ڪيپوريٽو کان اڳتي ستاويهين فوجي جٿي ۾ رڪاوٽ کي عبور ڪيو هو. اتي اتر ۾ سارو ڏينهن وڏي ويڙهاند هلندي رهي. ”جيڪڏهن انهن حرامين انهن کي رڪاوٽ عبور ڪرڻ ڏني ته اسان جي کل لهي ويندي،“ هن چيو، ”اهي جرمن آهن جيڪي حملو ڪري رهيا آهن،“ هڪڙي طبعي آفيسر چيو. جرمن لفظ ڪجھ ڀوائتو هو. اسان جرمنن سان ڪنهن به قسم جو ڪو به ٽڪراءُ ڪرڻ نه پئي چاهيو. ”اتي جرمنن جون پندرنهن ڊويزنون آهن،“ طبعي عملدار چيو. ”اهي ڪاهي آيا آهن ۽ اسان کي ٻيرا ٻيرا ڪيو ويندو.“ ”برگيڊ وٽ، اهي چون ٿا ته هن صف کي جاري رکيو ويندو. اهي چون پيا ته انهن بريءَ طرح رڪاوٽ کي پار نه ڪيو آهي ۽ اسان مونٽِي ميگِي اور کان جبلن جي آرپار هڪڙي صف کي کڙو ڪنداسين.“ ”انهن اهو ڪٿان ٻڌو؟“ ”ڊويزن وٽان.“ ”اسان جي پوئتي هٽڻ وارو حڪم ڊويزن وٽان آيو.“ ”اسان فوجي جٿي هيٺ ڪم ڪري رهيا آهيون،“ مون چيو. ”پر هتي مان توهان جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهيان. فطري طور تي جڏهن توهان مون کي وڃڻ جو حڪم ڪندا ته مان ويندس. پر حڪمناما سڌا سنوان ڏيڻ گهرجن.“ ”پر حڪمناما چون ٿا ته اسان هتي ترسيل هجون. تون زخمين کي هتان کان مرهم پٽي واري اڏي ڏانهن نيئي وڃ.“ ”ڪڏهن ڪڏهن اسان مرهم پٽي واري اڏي کان فيلڊ واري اسپتال ڏانهن نيئي ويندا آهيون،“ مون چيو. ”مون کي ٻڌاءِ، مون ڪڏهن به پوئتي هٽڻ کي نه ڏٺو آهي جيڪڏهن پوئتي هٽڻ جو ڪو عمل جنم وٺي ٿو ته پوءِ سمورن زخمين کي خطري جي جاءِ کان ڪيئن ٻاهر ڪڍيو ويندو؟“ ”انهن کي نه ٿو بچائي سگهجي. اهي جيترن کي کڻي سگهيا کڻندا ۽ باقي کي ڇڏي ڏيندا.“ ”مان ڪارين ۾ ڇا کڻندس؟“ ”اسپتال جو سازوسامان.“ ”ٺيڪ آهي،“ مون چيو. ٻي رات جو پوئتي هٽڻ جو عمل شروع ٿي ويو. اسان ٻڌوسين ته جرمن ۽ آسٽريائي اتر ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ اهي جبلن جي واديءَ ۾ سِوِيڊيل ۽ يُوڊائن ڏانهن اچي رهيا آهن. واپسي باترتيب، ڀنل ۽ بدمزاج هئي. رات جو، آهستي آهستي پرهجوم رستن تان هلندي اسان جٿن وٽان گذرياسين جيڪي برسات جي هيٺان هلي رهيا هئا، بندوقون، گاڏن کي گهليندڙ گهوڙا، خچر، موٽر واريون ٽرڪيون، سڀ محاذ کان پري هٽايون پئي ويون. هاڻي وڌيڪ جي لاءِ ڪا بدنظمي ڪا نه هئي جيئن چڙهائيءَ وقت ڏسجڻ ۾ ٿي آئي. انهي رات جو اسان فيلڊ اسپتالن کي خالي ڪرڻ ۾ سهائتا ڪئي جيڪي گهٽ مسمار ٿيل ڳوٺن جي مٿانهن ميدانن ۾ اڏيون ويون هيون، درياه سان گڏ واري آبي گذرگاه تي زخمين کي هيٺ پلاوا ڏانهن نيئندي: ۽ ٻئي ڏينهن سڄو ڏينهن هلندڙ مينهن ۾ پلاوا وٽ اسپتالن ۽ مرهم پٽيءَ جي اڏن کي خالي ڪرڻ ۾ لڳايوسين. اتي باقائده مينهن وسي رهيو هو ۽ بينسِيزا جي فوج آڪٽوبر ۾ اوچي ميدان کان ۽ درياه جي آرپار کان ڪُوچ ڪيو جتي ان سال جي بهار ۾ فتحن جو آغاز ٿيو هو. اسان انهي سال جي وچ دوران گوريزيا ۾ آياسين. برسات بيهي ويئي هئي قصبو لڳ ڀڳ خالي ٿي ويو هو. جيئن ئي اسان مٿي ڳليءَ ۾ آياسين اهي سپاهين جي رنڊي خاني مان ڇوڪرين کي هڪڙي ٽرڪ ۾ ويهاري رهيا هئا. اتي ست ڇوڪريون هيون ۽ انهن کي پنهنجون ٽوپيون ۽ مٿان وارا غلاف پهريل هئا ۽ انهن کي ننڍڙا سوٽ ڪيس کنيل هئا. انهن منجهان ٻه ڄڻيون روئي رهيون هيون. ٻين منجهان هڪڙي اسان ڏانهن ڏسي مسڪرايو ۽ پنهنجي زبان ٻاهر ڪڍي ان کي هيٺ مٿي ڪري رهي هئي. ان کي زبرا ۽ ڀريل چپ هئا ۽ هن جون اکيون ڪاريون هيون. مون ڪار کي روڪيو ۽ مٿي ويس ۽ منتظمه سان ڳالهايم. هن چيو، ته اعليٰ عملدارن جي گهرن واريون ڇوڪريون انهي صبح جو هليون ويون هيون. اهي ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن؟ ڪونِيگليانو ڏانهن، هن چيو. ٽرڪ هلڻ شروع ڪيو. ٿلهن چپن واري ڇوڪريءَ وري ٻيهر اسان ڏانهن زبان ڪڍي ٻِرڪائِي. منتظمه پنهنجا هٿ لوڏيا. ٻن ڇوڪرين روئڻ شروع ڪيو. ٻين دلچسپيءَ وچان شهر جي ٻاهريان ڏسڻ شروع ڪيو. مان واپس ڪار ۾ ويهي رهيس. ”اسان کي هنن سان گڏجي هلڻ گهرجي،“ بونيلو چيو. ”ان سان اسان هڪڙو سٺو سفر ڪنداسين.“ ”مان به اهو ئي چاهيان ٿو،“ مون چيو. اسان ولا جي داخلي سڙڪ تائين آياسين. ”مان تيستائين اتي رهڻ پسند ڪندس جيسين انهن منجهان ڪجھ بدمعاش نِرتڪيون اندر گهڙن ۽ انهن کي مٿي ٽپا ڏئي سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسان.“ ”ڇا تون سمجهين ٿو ته اهي ايئين ڪنديون؟“ ”يقيناَ. ٻي فوج وارو هر شخص انهي منتظمه کي سڃاڻي ٿو.“ اسان وِلا جي ٻاهريان هئاسين. ”اهي هن کي مهان امڙ جي نالي سان پڪاريندا آهن،“ بونيلو چيو.”ڇوڪريون نيون آهن پر هر ڪو هن کي سڃاڻي ٿو. انهن هنن کي لازماَ جنگ بندي کان بلڪل پهريان آندو هوندو.“ ”انهن وٽ هڪڙو وقت ٿي سگهي ٿو.“ ”مان چوان ٿو ته انهن وٽ هڪڙو وقت ٿي سگهي ٿو. مان انهن سان مفت ۾ هڪڙي من ماني رچائڻ پسند ڪندس. بحرحال اهي ان اڏي تي تمام گهڻو معاوضو وٺندا آهن. اسان کي حڪومت ڌوڪي سان لٽي رهي آهي.“ ”ڪار کي ٻاهر ڪڍ ۽ مسترين کي اوڏانهن وڃڻ ڏي،“ مون چيو. ” تيل مٽاءِ ۽ گراڙين جي چڪاس ڪر. انهن کي ڀري ڇڏ ۽ ڪجھ آرام ڪر. ”ٺيڪ آهي، سگنور تينينت.“ ولا خالي ٿي چڪو هو. رنالڊِي اسپتال وارن سان روانو ٿي چڪو هو. ميجراسپتال جي عملي کي عملي کڻڻ واري ڪار ۾ کڻڻ ويو هو. دريءَ تي منهنجي لاءِ هڪڙو يادداشت نامو لڳل هو ته مان هال ۾ جمع ڪيل سامان کي ڪار ۾ ڀري پورڊِينون ڏانهن روانو ٿيان. مستري اڳ ۾ ئي روانا ٿي چڪا هئا. جڏهن مان اتي هوس اتي ٻه ٻيون ڪاريون پڻ آيون جن جا ڊرائيور هيٺ لهي بيٺا. اتي ٻيهر وسڪارو شروع ٿيڻ لڳو. ”مون تي تمام گھڻي ننڊ طاري ٿي ويئي آهي. مان پَلاوا کان هتي اچڻ کان پوءِ ٽي ڀيرا سمهڻ جي ڪيم،“ پيانيءَ چيو. ”تينينت، تون ڇا ڪرڻ وڃي رهيو آهين؟“ ”اسان تيل مٽائينداسين، انهن کي مڪمل ڀرينداسين، پوءِ انهن کي اڳيان جي چوگرد ڦيرائينداسين انهن جيڪو ڪٻاڙ ڇڏيو آهي اهو انهن ۾ مٿي چاڙهينداسين.“ ”انهي کان پوءِ ڇا اسان روانا ٿيون؟“ ”نه، اسان ٽن ڪلاڪن جي لاءِ آرام ڪنداسين.“ ”يسوع مسيح جو قسم ننڊ ڪرڻ سان مون کي سڪون ملندو،“ بونيلو چيو. “مان ننڊاکڙي حالت ۾ گاڏي هلائي نه سگهندس“ ”تنهنجي ڪار ڪيئن آهي، ايمو؟“ مون پڇيو. ”اها بلڪل ٺيڪ آهي.“ مون کي شام جي وقت پهرڻ وارو وڳو ڏيو ۽ مان توهان جي تيل ڀرڻ ۾ سهائتا ڪندس.“ ”تينينت، ڇا تون اهو نه ٿو ڪري سگهين،“ ايمو چيو. ”انهي جو ڪو مسئلو ناهي. توهان وڃو ۽ پنهنجو سامان بند ڪيو.“ ”منهنجو سمورو سامان سهيڙيل آهي،“ مون چيو. ”مان ويندس ۽ انهن جيڪو اسان جي لاءِ سامان ڇڏيو آهي انهي کي ٻاهر کڻي ايندس. جيترو جلدي گاڏيون تيار هجن انهن کي هيڏانهن ڦيرائي اچو.“ اهي ولا جي اڳيان چوگرد گاڏيون ڦيرائي آيا ۽ اسان انهن کي اسپتال جي سامان سان سٿيوسين جيڪو وسيع وعريض ڪمري ۾ ڍير لڳو پيو هو. جڏهن اهو سارو اندر ٿي ويو مينهن ۾ وڻن جي هيٺان داخلي سڙڪ وٽ گاڏيون قطار ۾ بيهاريون ويون. اسان اندر هليا وياسين. ”رڌڻي ۾ باه ٻاريو ۽ پنهنجي سامان کي سڪايو،“ مون چيو. ”مون کي خشڪ ڪپڙن جي پرواه ناهي،“ پيانيءَ چيو. ”مان سمهڻ چاهيان ٿو.“ ”مان ميجر جي پلنگ تي سمهڻ ٿو وڃان،“ بونيلو چيو. ”مان اتي سمهڻ ٿو وڃان جتي پوڙهو شخص سمهندو آهي.“ ”مان کڻي ڪاٿي به سمهان مون کي ان جي پرواه ناهي،“ پيانيءَ چيو. ”هتي اندر ٻه بسترا آهن،“ بونيلو چيو. اهو مڇيءَ جي شڪل جهڙي پوڙهي شخص جو ڪمرو هو،“ پيانيءَ چيو. ”توهان ٻئي هتي اندر سمهو،“ مون چيو. “مان توهان کي جاڳائيندس.“ ”جيڪڏهن تون گهڻي وقت تائين ستو رهيين ته اسان کي آسٽريائي اچي اٿاريندا، تينينت،“ بونيلو چيو. ”مان ايتري گهڻي ننڊ ڪو نه ڪندس،“ مون چيو. “ايمو ڪٿي آهي؟“ ”هو ٻاهر رڌڻي ڏانهن ويو.“ ”سمهي پئو،“ مون چيو ”مان سمهندس،“ پيانيءَ چيو. “مون سڄو ڏينهن سڌو ٿي ويهندي ننڊ ڪئي آهي. منهنجي مٿي جو سڄو حصو منهنجي اکين تي ڪرندو رهيو.“ ”پنهنجا جوتا لاه،“ بونيلو چيو. ”اهو مڇيءَ جي شڪل واري پوڙهي شخص جو ڪمرو آهي.“ ”مڇيءَ جي شڪل وارو شخص مون لاءِ ڪجھ به ناهي.“ پياني بستر تي ليٽي پيو، هن جا مٽيءَ هاڻا جوتا سڌي طور تي ٻاهر نڪتل هئا، هن پنهنجو مٿو پنهنجي ٻانهن تي رکي ڇڏيو هو. مان ٻاهر رڌڻي ڏانهن ويس. ايمو چلهي ۾ باه ٻاري ۽ ان جي مٿان پاڻيءَ جي ڪٽلي رکي ڇڏي هئي.“ ”مون سوچيو مون کي ڪجھ پاستا ايسييُوتا ٺاهڻ گهرجن،“ هن چيو. “جڏهن اسان جاڳنداسين ته اسان کي بک لڳندي.“ ”ڇا تو کي ننڊ نه ٿي اچي، بارتولومِي او؟“ ”ايترو گهڻو ننڊاکڙو ناهيان. جڏهن پاڻي ٻڙڪندو مان ان کي ڇڏي ڏيندس.“ ”باه جهڪي ٿي ويندي.“ .بهتر آهي ته تون ڪجھ ننڊ ڪر،“ مون چيو. ”اسان پنير ۽ باندر جو گوشت کائي سگهون ٿا.“ ”اهو بهتر آهي،“ هن چيو. ”انهن ٻن لاوجوديت جي قائلن (انارڪسٽن) لاءِ ڪجھ گرم شيءِ بهتر رهندي.“ ”تون ننڊ ڪر، تينينت.“ ”اتي ميجر جي ڪمري ۾ هڪڙو بستر موجود آهي.“ ”تون اتي سمهي پئو.“ ”نه مان مٿي پنهنجي پراڻي ڪمري ڏانهن وڃي رهيو آهيان. ڇا تون هڪڙو جام پيئڻ چاهين ٿو، بارتولومِي او؟“ ”تينينت، اسان ڪڏهن روانا ٿينداسين؟“ ”هاڻي اهو منهنجي ڪنهن فائدي جو ناهي.“ ”جيڪڏهن تون ٽن گهنٽن جي اندر جاڳي پوين ۽ جيڪڏهن مان توکي سڏ نه ڪيان، مون کي اٿارجانءِ، ها نه؟“ ”تينينت، مون وٽ ڪا به گهڙي ڪونهي.“ ”اتي ميجر جي ڪمري ۾ هڪڙو گهڙيال آهي.“ ”ٺيڪ آهي.“ مان ٻاهر کاڌو کائڻ واري ڪمري ڏانهن ويس ۽ هال ڏانهن ۽ مٿي سنگ مرمر وارين ڏاڪڻين ڏانهن انهي ڪمري ڏانهن جتي مان رنالڊيءَ سان گڏ رهندو هوس. اتي ٻاهر مينهن وسي رهيو هو. مان دريءَ ڏانهن ويس ۽ ٻاهر نظر ڦيرايم. اتي اونداه ٿي رهي هئي ۽ مون ٽن گاڏين کي وڻن جي هيٺان قطار ۾ ڏٺو. مينهن ۾ وڻ ٽمي رهيا هئا. اتي ٿڌڪار هئي ۽ مينهن جا ڦڙا وڻن جي ٽارين ۾ ٽنگجي پيا هئا. مان واپس رنالڊيءَ جي بستر ڏانهن ويس ۽ هيٺ ليٽي پيس ۽ پاڻ کي ننڊ جي حوالي ڪري ڇڏيم. اسان هلڻ کان اڳ ۾ رڌڻي ۾ کاڌو پيتوسين. ايمو وٽ ڳوهيل اٽي وارين سين جو ٿانءُ هو جنهن سان گڏ بصر هئا ۽ دٻي بند گوشت جا ٽڪرا ان جي مٿان رکيل هئا. اسان ميز جي چوگرد ويٺاسين ۽ شراب جون ٻه بوتلون پيتيوسين جيڪي ولا جي تھ خاني ۾ ڇڏيون ويون هيون. اتي ٻاهر اونداه ڇانيل هئي ۽ اڃا برسات هلي رهي هئي. پياني ميز وٽ ڪافي ننڊاکڙي حالت ۾ ويٺو هو. ”مان چڙهائيءَ کان هڪڙي واپسيءَ کي بهتر نموني پسند ڪيان ٿو،“ بونيلو چيو. ”اسان هڪڙي واپسيءَ تي باربيرا پيتوسين.“ ”اڄ اسان کي اهو پي ڇڏڻ گهرجي. ٿي سگهي سڀاڻي اسان کي مينهن جو پاڻي پيئڻو پوي،“ ايمو چيو. ”سڀاڻي اسان يُوڊائن ۾ هونداسين. اسان شيمپين پيئنداسين. اهو اهو هنڌ آهي جتي نڪما رهندا آهن. جاڳ، پياني! اسان سڀاڻي يُوڊائن ۾ شيمپين پيئنداسين!“ ”مان جاڳان ٿو،“ پيانيءَ چيو. هن پنهنجي ٿالهيءَ کي ڳوهيل اٽي وارين سين ۽ گوشت سان ڀري ڇڏيو. ”بارتو، ڇا تون ٽماٽن جي چٽڻي نه ڳولهي سگهيين ڇا؟“ ”اتي ڪجھ به ڪونهي،“ ايمو چيو. ”اسان يُوڊائن ۾ شيمپين پيئنداسين،“ بونيلو چيو. هن پنهنجي گلاس ۾ صاف ڳاڙهو باربرا ڀري ڇڏيو. ”اسان يوڊائن کان اڳ ۾ پي سگهون ٿا،“ پيانيءَ چيو. ”ڇا تو ڪافي کاڌو آهي،تينينت؟“ ايمو پڇيو. ”مون وٽ ڳپل آهي. بارتولومِي او، مون کي بوتل ڏي.“ ”مون وٽ ڪار ۾ کڻڻ لاءِ في ڪس بوتل آهي،“ ايمو چيو ”ڇا تو هرگز به ننڊ ڪا نه ڪئي؟“ ”مون کي گهڻي ننڊ جي ضرورت ڪونهي. مون تمام ٿورڙي ننڊ ڪئي.“ ”سڀاڻي اسان بادشاه جي بستري ۾ سمهنداسين،“ بونيلو چيو. هو ڪافي سٺو محسوس ڪري رهيو هو. ”ٿي سگهي سڀاڻي اسان ــــــ اندر سمهون،“ پيانيءَ چيو. ”مان راڻيءَ سان گڏجي سمهندس،“ بونيلو چيو. هن مون ڏانهن نهاريو اهو ڏسڻ لاءِ ته مون کي لطيفو ڪيئن لڳو. ”تون ــــــ سان سمهندين،“ پيانيءَ ننڊاکڙي حالت ۾ چيو.”اها غداري آهي، تينينت،“ بونيلو چيو. ”ڇا اها غداري ناهي؟“ ”بس ڪر،“ مون چيو. ”تون هڪڙي ٿورڙي شراب تي تمام گهڻو مزاحيه ٿي وڃين ٿو.“ ٻاهر اتي تيزيءَ سان مينهن پئجي رهيو هو. مون پنهنجي گهڙيءَ ڏانهن نهاريو اتي ساڍا نو ٿي رهيا هئا.“ ”اهو رڙهڻ جو وقت ٿي ويو آهي،“ مون چيو ۽ مٿي کڙو ٿي بيٺس. ”تينينت، تون ڪنهن سان گڏجي سواري ڪري رهيو آهين؟“ بونيلو پڇيو. ”ايمو سان. انهي کان پوءِ تون اچ. انهي کان پوءِ پياني. اسان ٻاهر رستي تي ڪورمونس ڏانهن هلڻ شروع ڪنداسين. ”مون کي افسوس آهي ته مان ننڊ پئجي ويندس،“ پيانيءَ چيو. ”ٺيڪ آهي. مان توسان گڏجي سفر ڪندس. انهي کان پوءِ بونيلو سان. انهي کان پوءِ ايمو سان. ”اهو بهترين طريقو آهي،“ پيانيءَ چيو. ”ڇاڪاڻ جو مان تمام گهڻو ننڊاکڙو آهيان.“ ”مان هلائيندس ۽ تون ٿوريءَ گهڙيءَ لاءِ آرام ڪجانءِ.“ ”نه. مان بلڪل ايتري طويل گاڏي هلائي سگهان ٿو جيتري مان ڄاڻان ٿو جيڪڏهن مون کي ننڊ اچي ويئي ته ڪو نه ڪو مون کي جاڳائيندو.“ ”مان توکي جاڳائيندس. بارتو، بتيون وسائي ڇڏ.“ ”تون انهن کي اهڙي جو اهڙو ڇڏي سگهين ٿو،“ بونيلو چيو. ”هيءَ جاءِ هاڻي اسان جي وڌيڪ ڪم جي ناهي.“ ”مون وٽ منهنجي ڪمري ۾ هڪڙي ننڍڙي تجوڙي واري صندوق آهي،“ مون چيو. ”ڇا تون ان کي هيٺ لاهڻ ۾ مدد ڪندين؟“ ”ايلڊو، اچ.“ هو هال ڏانهن بونيلو سان گڏ هليو ويو. مون انهن کي مٿي ڏاڪڻين تي ويندي ٻڌو. ”اهو هڪڙو عمدو هنڌ هو،“ ايمو چيو. هن شراب جو ٻه بوتلون ۽ هڪڙي پنير جو اڌ پنهنجي ڪپڙن واري ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيو. ”اتي ڪڏهن به وري هن جاءِ جهڙي ڪا ٻي جاءِ نه ٿي سگهندي. تينينت، اهي ڪيڏانهن واپس موٽ کائيندا؟“ ”اهي چون ٿا، تيگليامينتو ڏانهن هلندا. اسپتال ۽ سيڪٽر پورڊينون وٽ هئڻا آهن. ”هي پورڊينون کان هڪڙو بهترين قصبو آهي.“ ”مان پورڊينون جي باري ۾ نه ٿو ڄاڻان،“ مون چيو. “مان اتان صرف گذريو آهيان.“ ”اهو گهڻي قدر ڪنهن جاءِ جهڙو ناهي،“ ايمو چيو.