ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

19

اهڙي نموني سانوڻ گذري ويو. مونکي ڏينهن جي باري ۾ ايترو ياد نه ٿو اچي؛ سواءِ ان جي ته اهي گرم هئا ۽ اهو ته اتي اخبارن ۾ ڪيتريون ئي فتحون نظر اچي رهيون هيون. مان ڪافي صحتياب هوس ۽ منهنجون ڄنگهون ڪجھ اهڙيءَ طرح جلديءَ ۾ شفاياب ٿي ويون جو مان پهريان بيساکين تي روان ٿيس ۽ پوءِ هڪڙي لٺ جي مدد سان هلڻ لڳس.
انهي کان پوءِ مون اوسپيڊيل ميگِي اور ۾ گوڏن جي موڙ وارو اعلاج شروع ڪرايو، اهو شيشن جي هڪڙي پيتيءَ ۾ بنفشي شعائن سان دم پختو ڪرڻ، مساج ۽ شنان ڪرڻ جو هڪڙو مصنوعي اعلاج هو. مان اوڏانهن منجهند ڌاران ويندو هوس ۽ بعد ۾ ڪيفي وٽ رڪندو هوس ۽ هڪڙو جام پيئندو هوس ۽ اخبارون پڙهندو هوس. مان شهر جي چوگرد هروڀرو گشت ڪو نه ڪندو هوس؛ پر اسپتال کان جلدي گهر ڏانهن اچڻ جي ڪندو هوس. مان اهو سڀ ڪجھ ڪيٿرائن کي ڏسڻ جي لاءِ ڪندو هوس. باقي وقت پورو ڪرڻ ۾ مونکي خوشي ٿيندي هئي. اڪثر ڪري مان صبح جي وقتن تي سمهي پوندو هوس، ۽ منجهند جو، ڪڏهن ڪڏهن، مان گوءِ ڏسڻ ويندو هوس، ۽ دير سان ميڪينوٿراپي وارن اعلاجن لاءِ ويندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن مان اينگلوـ آمريڪن ڪلب وٽ بيهي رهندو هوس ۽ کڙڪيءَ جي اڳيان گهري چمڙائين گديءَ واري ڪرسيءَ تي ويهي رهندو هوس ۽ رسالا پڙهندو هوس. جڏهن مان بنا بيساکين جي هلڻ لڳس اهي اسان ٻنهي کي گڏجي ٻاهر وڃڻ جي لاءِ نه ڇڏيندا هئا ڇاڪاڻ جو اهو هڪڙي نرس جي لاءِ نازيبا هو ته هوءَ هڪڙي اهڙي مريض سان ٻاهر ساڻ هجي جنهن کي ڏسندي ايئن محسوس ٿئي ته هن کي ڪنهن نگهباني جي ڪا به ضرورت ڪو نه هئي، تنهنڪري اسان منجهند جو ايترو گڏ نه هوندا هئاسين. البت اسان ڪڏهن ڪڏهن جيڪڏهن فرگوسن ساڻ هوندي هئي ته پوءِ رات جي ماني کائڻ لاءِ ٻاهر ويندا هئاسين. مس وان ڪيمپين اهو تسليم ڪري ورتو هو ته اسان عظيم دوست هئاسين ڇاڪاڻ جو هن ڪيٿرائن کان ڪم جو وڏو مقدار حاصل ڪيو هو. هن سمجهي ورتو ته ڪيٿرائن ڪنهن گهراڻي گهر منجهان هئي ۽ انهي سان هوءَ آخرڪار هن جي طرفداري ڪرڻ لڳي. مس ڪيمپين ڪيٿرائن جي خاندان جي واکاڻ جا ڍڪ ڀرڻ لڳي ۽ هوءَ پاڻ سر پڻ هڪڙي زبردست گهراڻي مان هئي. اسپتال پڻ ڪافي مصروف هئي، ۽ انهي هن کي مشغول بڻائي رکيو هو. اهو گرم سانوڻ هو ۽ ملان ۾ منهنجي ڪيترن ئي ماڻهن سان واقفيت هئي پر جيئن ئي منجهند پوري ٿي ويندي هئي مونکي اڪثر ڪري اسپتال واري گهر ڏانهن جلدي ورڻ جي اُڻ تڻ هوندي هئي. محاذ تي اهي ڪارسو ڏانهن وڌي رهيا هئا، انهن پلاوا جي آرپار ڪُڪ تي قبضو ڄمائي ورتو هو ۽ اهي بينسزا واري مٿاهين پٽ ڏانهن محاذ آرائي ڪري رهيا هئا. مغربي محاذ ايترو سٺو نه پئي لڳو. ايئين لڳي رهيو هو ڄڻ جنگ هڪڙي ڊگهي عرصي تائين جاري رهڻ واري هئي. هاڻي اسان جنگ منجھ هئاسين پر مون سمجهيو ته جٿن جو هڪڙو وڏو تعداد مٿي اماڻڻ لاءِ ۽ انهن کي وڙهڻ جي سکيا ڏيڻ لاءِ هڪڙو سال درڪار هو. ٻيو سال هڪڙو برو سال ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو هڪڙو سٺو سال به ٿي سگهي ٿو. اطالوي ماڻهن جو هڪڙو ڀيانڪ انگ ڪتب آڻي رهيا هئا. مونکي اهو سمجهڻ ۾ ڏکيو پئي لڳو ته اهو سڀ ڪجھ ڪيئن هلندو رهندو. تان جو اهي بينسِزا ۽ مونٽِي سين گيبريل جو سارو حصو والاري به وڃن تڏهن به آسٽريائن جي لاءِ پرئين پاسي ڏانهن کوڙ سارا جبل موجود هئا. سمورا اوچا پهاڙ انهي طرف کان هئا. ڪارسو کان اهي اڳتي وڌي رهيا هئا پر اتي هيٺ سمونڊ وٽان ڌٻڻيون ۽ نشيبي علائقا هئا. ميدانن ۾ نيپوليئن آسٽريائن جي مٿان ڪڙڪو ڪري ها. هو انهن سان جبلن ۾ وڙهي ئي نه ها. هو انهن کي هيٺ اچڻ جي ترغيب ڏئي ها ۽ انهن کي ويرونا جي چئوگرد سوڙهو ڪري ها. هينئر تائين اولھ واري محاذ وٽان ڪير به ڪنهن تي ڪڙڪي ڪو نه رهيو هو. شايد تاحال جنگيون سوڀاريون ڪو نه رهيون هيون. شايد اهي هميشه جاري پئي رهيون. شايد اها سئو سالن واري هڪڙي ٻي جنگ جو ڏيک ڏئي رهي هئي. مون اخبارون واپس ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيون ۽ ڪِلب کان نڪري آيس. مان هوشياري سان ڏاڪڻين کان هيٺ لٿس ۽ اڳتي مِيا مينزونِي ڏانهن هلڻ لڳس. گران هوٽل جي ٻاهريان مان جهوني ميئرز ۽ هن جي گهر واريءَ کي هڪڙي ٽانگي مان لهندي مليس. اهي گوءِ تان واپس وري رهيا هئا. هوءَ هڪڙي وڏي اُره واري عورت هئي جنهن کي چمڪندڙ ريشمي لباس اوڙهيل هو. هو ننڍي قد وارو ۽ جهونو مڙس هو، جنهن کي سفيد مڇون هيون ۽ هو هڪڙي لٺ جي مدد سان پير سڌا ڪري هلي رهيو هو. ”توهان ڪيئن آهيو؟“ ”توهان ڪيئن آهيو؟“ هن هٿ کي لوڏو ڏنو. ”هيلو،“ ميئرز چيو.”گويون ڪيئن هيون؟“ ”سٺيون. اهي بلڪل پياريون هيون. مون وٽ شرط کٽڻ وارا ٽي سوار لڳا“ ”توهان اهو ڪيئن ڪيو؟“ مون ميئرز کان پڇيو. ميئرز جي گهر واريءَ چيو، ”ٺيڪ آ. مونکي شرط کٽيندڙ هڪڙو سوار لڳو.“ ”مان ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهي آهيان ته هو اهو ڪيئن ڪري ويندو آهي.“ ”هو مونکي ڪڏهن به ڪو نه ٻڌائيندو آهي.“ ”مان سڀ ڪجھ صحيح ڪندو آهيان.“ ميئرز چيو. هو پرخلوص ٿي رهيو هو. ”توکي ٻاهر اچڻ گهرجي.“ جڏهن هو ڳالهائي رهيو هو انهي دوران هو ڪنهن ڏانهن به نه نهاري رهيو هو يا وري هو ڪنهن کي به غلطيءَ وچان ڪو ٻيو سمجهي رهيو هو. ”مان ايندس،“ هن چيو. ”مان توکي ڏسڻ جي لاءِ مٿي اسپتال ڏانهن اچي رهي آهيان،“ هن جي گهر واريءَ چيو. ”مون وٽ پنهنجي نينگرن جي لاءِ ڪي شيون آهن. توهان سڀ منهنجا نينگر آهيو. توهان يقيناَ منهنجا پيارا نينگرڙا آهيو.“ ”اهي توهان کي ڏسي خوش ٿيندا.“ ”اهي پيارا نينگر. تون پڻ. تون به منهنجي نينگرن منجهان هڪ آهين.“ ”مونکي واپس وڃڻو آهي،“ مون چيو. ”تون انهن سڀني پيارن ٻچڙن کي منهنجو پيار ڏجانءِ. مون آڻڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون گڏ ڪيون آهن. مون وٽ ڪجھ عمدا مرسالا (marsala: گهري رنگ وارو مٺو الڪوحل آميز شراب جيڪو کاڌو کائڻ کان پوءِ پيتو ويندو آهي ـــ مترجم) ۽ ڪيڪ آهن.“ ”الوداع،“ مون چيو. ”اهي توهان کي ڏسي ڪافي سرها ٿيندا.“ ”الوداع،“ ميئرز چيو. ”توهان گيليريا جي ارد گرد اچو. توهان ڄاڻو ٿا ته منهنجي ميز ڪٿي آهي. اسان سڀيئي هر منجهند ڌاران اتي هوندا آهيون.“ ”مان مٿي ڳليءَ ڏانهن هلڻ لڳس. مون ڪووا مان ڪيٿرائن جي لاءِ ڪا نه ڪا شيءِ خريد ڪرڻ پئي چاهي. اندر، ڪووا وٽ، مون چاڪليٽن جي هڪڙي دٻي خريد ڪئي ۽ جڏهن ڇوڪري ان کي ويڙهي رهي هئي مان مئخاني ڏانهن وڌڻ لڳس. اتي ڪجھ برطانوي ۽ ڪجھ هواباز (پائليٽ) موجود هئا. مون فقط هڪڙو مارٽيني (martini : شراب جنهن ۾ بک کي وڌائڻ وارو مشروب شامل ڪيل هوندو آهي ــ مترجم) ورتو، ان جي ادائگي ڪيم، ٻاهرئين دخل تان چاڪليٽن جي دٻي کنيم ۽ اسپتال واري گهر ڏانهن واپس ورڻ لڳس. اسڪيلا جي ڀرسان ننڍڙي مئخاني جي ٻاهريان اتي ڪجھ ماڻهو بيٺا هئا جن مان ڪجھ کي مون سڃاتو پئي، هڪڙو وائيس قونصل، ٻه همراه جيڪي راڳ جو مطالعو ڪندا هئا، اِيتور موريتِي، هڪڙو سين فرانسيسڪو وارو اطالوي جيڪو اطالوي فوج ۾ هو. مون انهن سان گڏجي هڪڙو جام نوش ڪيو. هڪڙي ڳائڻي جو نالو رالف سائمن هو، ۽ هو اينرِيڪو ديل ڪِرِيدو جي تخلص سان ڳائي رهيو هو. مون ڪڏهن نه پئي ڄاتو ته هو ڪهڙيءَ طرح سٺو ڳائي وڄائي سگهندو پر هو هميشه ڪنهن تمام وڏي واقعي واري نقطي تي هوندو هو. هو ٿلهو متارو هو نڪ ۽ وات مان وري وري ورجائڻ جي ڪري ڪافي بي تڪو ٿي پئي ويو ڄڻ ته هو ڪنهن ڪاهِيءَ واري تپ ۾ ورتل هجي. هو پياسينزا مان ڳائي واپس آيو هو. هن توسڪا راڳ پئي ڳاتو هو ۽ اهو حيرت انگيز رهيو هو. ”يقيناَ توهان مونکي ڪڏهن به ڳائيندي ڪو نه ٻڌو آهي،“ هن چيو. ”تون هتي ڪڏهن ڳائيندين؟“ ”مان خزان جي رت ۾ اسڪالا ۾ هوندس.“ ”مان شرط ٿو لڳايان ته اهي توتي ميزن جو وسڪارو ڪري ڏيندا،“ اِيتور چيو. ”ڇا توهان اهو ٻڌو ته موڊينا ۾ هن تي انهن ڪيئن بينچون وسايون هيون؟“ ”اهو سراسر ڪوڙ آهي.“ ”انهن هن ڏانهن ميزون اڇلايون هيون،“ اِيتور چيو. ”مان اتي هوس. مون پاڻ سِر ڇھ ميزيون اڇلايون هيون. تون فِريسڪو جو هڪڙو اطالوي نزاد شخص آهين.“ ”هي اطالوي ڀاشا اچاري نه ٿو سگهي،“ ايتور چيو. ”هو جيڏانهن به ويندو آهي اهي هن ڏانهن ميزون ڦٽيون ڪندا آهن.“ ”اتر اٽليءَ ۾ پِياسينزا ڳائڻ لاءِ هڪڙو مشڪل ترين گهر آهي،“ موسيقي ۾ بلند مرداڻي آواز واري هڪڙي ٻئي شخص چيو. ”مون تي يقين ڪيو ته اهو ڳائڻ جي لاءِ هڪڙو مشڪل گهر آهي.“ بلند آواز واري هن شخص جو نالو ايڊگر سانڊرز هو، ۽ هن ايڊُوارڊو جِيووانِي جي تخلص هيٺ ڳاتو پئي. ”مان اتي انهن کي توڏانهن ميزون الارڻ ۽ اڇلائڻ واري نظاري کي ڏسڻ لاءِ پاڻ اچڻ پسند ڪندس.“ ايتور چيو. ”تون اطالوي ۾ ڳائي نه ٿو سگهين.“ ”هو هڪڙو چرياڻ آهي،“ ايڊگر سانڊرز چيو. ”هو رڳو ميزون اڇلائڻ بابت ئي ڄاڻي ٿو.“ ”سو ڪيئن ڪجي اهو ئي ته اهي (ٻڌندڙ) ڄاڻيندا آهن جڏهن توهان ٻئي ڳائنيدا آهيو،“ ايتور چيو. ”بعد ۾ توهان جڏهن آمريڪا ويندئو توهان اسڪيلا ۾ پنهنجي ڪاميابين جا ڳُڻ ڳائيندا.“ ”مان اسڪيلا ۾ ڳائيندس،“ سائمنز چيو. ”مان آڪٽوبر ۾ توسڪا راڳ ڳائڻ پيو وڃان. ”اسان به اوڏانهن اينداسين، ميڪ ها نه؟“ ايتور وائيس قونصل کي چيو. ”اهي پاڻ بچائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جي ضرورت محسوس ڪندا.“ ”ٿي سگهي ٿو ته آمريڪي فوج اتي اچي انهن کي بچائي،“ وائس قونصل چيو. ”سائمنز، ڇا تون هڪڙو ٻيو جام پيئڻ چاهين ٿو؟ سانڊرز، توکي هڪڙو جام کپي؟“ ”چڱو ٺيڪ آهي،“ سانڊرز چيو. ”مون ٻڌو آهي ته توکي چانديءَ جو تمغو ملڻ وارو آهي،“ ايتور مونکي چيو. ”توکي ڪهڙي قسم جو اعزاز ملڻ وارو آهي؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان. مان نه ٿو ڄاڻان ته اهو مونکي ملڻ وارو آهي.“ ”اهو توکي ملڻ وارو آهي. او ڇوڪرا، ڪووا جون ڇوڪريون ته پوءِ اهو سمجهڻ لڳنديون ته تون شاندار آهين. اهي سمجهنديون ته تو ٻه سئو آسٽريائن کي ماريو يا هڪڙي سموري خندق اڪيلي سر گرفتار ڪئي. مون تي يقين ڪر، مونکي پنهنجي اعزاز ماڻڻ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي.“ ”تو ڪيترا اعزاز ماڻيا آهن؟“ ايتور وائيس قونصل کان پڇيو. ”هن کي هرشيءِ ملي آهي،“ سائمنز چيو. ”هي اهو ڇوڪرو آهي جنهن تي اهي ويڙه برقرار رکيو اچن.“ ”مون ٻه ڀيرا پتل جا ۽ ٽي ڀيرا چانديءَ جا تمغا ماڻيا آهن،“ ايتور چيو. ”پر فقط هڪڙي جا ڪاغذ مليا آهن.“ ”ٻين جو ڇا مسئلو آهي؟“ ”فعل ناڪام رهيو،“ ايتور چيو. “جڏهن فعل ناڪام ويندو آهي اهي سمورا تمغا روڪي ڇڏيندا آهن.“ ”ايتور، تون ڪيترا ڀيرا زخمي ٿيو آهين.“ ”بريءَ طرح ٽي دفعا. مون زخمن واريون ٽي پٽيون ماڻيون. ڏسندين؟“ هن پنهنجي ٻانهن جي چوگرد ڇڪ ڏني. اهي پٽيون ڪاري پس منظر سان هموار چانديءَ جون قطارون هيون جيڪي ٽي سُوت ڪلهي جي هيٺان ٻانهن جي ڪپڙي تي سِيتل هيون. “ ”تو به هڪڙي ماڻي هئي،“ ايتور مونکي چيو. ”مان ته تمغن جي بجاءِ انهن جي هئڻ کي پسند ڪندس. ڇوڪرا، مون تي يقين ڪر، جڏهن توهان ٽي ماڻيو ٿا ته توهان ڪجھ نه ڪجھ حاصل ڪيو ٿا. توهان کي هڪڙي فقط انهي حالت ۾ ملي ٿي جڏهن هڪڙي زخم جي ڪري توهان کي ٽي مهينا اسپتال ۾ رکيو وڃي.“ ”اِيتور، تون ڪٿي زخمي ٿيو هئين؟“ وائيس قونصل پڇيو. ”اِيتور پنهنجي ٻانهن کي مٿي ڪيو. ”هتي،“ هن گهرو ڳاڙهو داغ ڏيکاريو. ”هتي منهنجي ڄنگھ تي. مان توکي اهو نه ٿو ڏيکاري سگهان ڇاڪاڻ جو مون انهن جي مٿان چمڙاوان جورابا پهري رکيا آهن؛ ۽ پيرن ۾. منهنجي پير ۾ هڪڙي ناڪاره هڏي آهي جنهن مان هن مهل تائين ڌپ ايندي آهي. هر صبح جو مان ان مان نوان نوان زرا ڪڍي ٻاهر ڪندو آهيان ۽ انهي مان هر وقت ڌپ ايندي رهندي آهي.“ ”توکي ڇا لڳو هو؟“ سائمنز پڇيو. ”هڪڙو دستي بم. انهن پٽاٽن جو ڪچُومر ڪڍڻ وارن مان هڪ. انهي منهنجي پير جي هڪڙي پاسي کي صفا اڏائي ڇڏيو؟“ هو مون ڏانهن راغب ٿيو. ”يقيناَ.“ ”مون هڪڙي ڪتِيءَ جي ڦر کي ان کي اڇلائيندي ڏٺو،“ ايتور چيو. ”انهي سان مان هيٺ ڪري پيس ۽ مون سمجهيو ته مان صفا مري ويُس پر انهن آلوءَ جو ڪچومر ڪڍندڙ ڪمبختن ان ۾ ڪجھ به ڪو نه ملايو هو. مون ڪتيءَ جي پٽ کي پنهنجي رائيفل جي گوليءَ سان پورو ڪري ڇڏيو. مان هميشه پاڻ سان هڪڙي رائيفل کڻندو هوس تنهنڪري اهي ٻڌائي نه سگهندا ته مان ڪو آفيسر آهيان.“ ”هو ڏيکارجڻ ۾ ڪيئن هو؟” سائمنز چيو. ”انهي کي فقط اهو هڪڙو ئي (دستي بم) هو،“ ايتور چيو. ”مان نه ٿو ڄاڻان ته هن ان کي ڇاڪاڻ اڇلايو. هن غالباَ ڪڏهن به ڪا حقيقي لڙائي ڪا نه ڏٺي هئي. مون ڪتيءَ جي ڦر کي اڦُٽ ماري ڇڏيو.“ ”جڏهن تو هن کي گولي هنئي ته هو ڪيئن پئي نظر آيو؟“ سائمنز پڇيو. ”کڏ جي تري ۾ پوي، مان ڪيئن پئي ڄاڻي سگهيس،“ اِيتور چيو. ”مون هن کي پيٽ ۾ گولي هنئي. مونکي ان تي افسوس ٿي رهيو هو ته جيڪڏهن مان هن کي مٿي ۾ گولي هڻندس ته اها گُسي ويندي.“ ”اِيتور، تون ڪيتري وقت کان آفيسر رهيو آهين؟“ مون پڇيو. ”ٻه سال. مان ڪپتان ٿيڻ وارو آهيان. تون ڪيتري وقت کان ليفٽيننٽ رهيو آهين؟” ”ٽن سالن کان وٺي.“ ”توهان هڪڙو ڪپتان ٿي نه ٿا سگهو ڇاڪاڻ جو توهان کي اطالوي ڀاشا سٺي نموني ڳالهائڻ ڪو نه ٿي اچي،“ اِيتور چيو. ”توهان ڳالهائي ته سگهو ٿا پر توهان سٺي نموني لکي ۽ پڙهي نه ٿا سگهو. توهان کي هڪڙو ڪپتان ٿيڻ لاءِ هڪڙي تعليم پرائڻي پوندي.“ ”تون آمريڪي فوج ۾ ڇو نه ٿو وڃين.؟“ ”ٿي سگهي ته مان وڃان.” ”مان رب کي ٻاڏايان ٿو ته ڪاش مان ٿي سگهان. او، ڇوڪرا، هڪڙي ڪپتان کي ڪيتري پگهار ملندي آهي؟“ ”مان ٺيڪ سان نه ٿو ڄاڻان. لڳ ڀڳ ٻه سئو ۽ پنجاه ڊالر، مان سمجهان ٿو.“ ”يسوع مسيح جو قسم مان ٻه سئو پنجاه ڊالرن مان ڇا ڪري سگهندس. فِريڊ، بهتر آهي ته تون جلد کان جلد آمريڪي فوج ۾ شامل ٿي. ڏس جيڪڏهن تون مونکي شامل نه ٿو ڪرائي سگهين.“ ”ٺيڪ آ.“ ”مان اطالوي ۾ هڪڙي ڪمپنيءَ کي حڪم ڏئي سگهان ٿو. مان ان کي انگريزيءَ ۾ آسانيءَ سان سکي سگهان ٿو.“ ”تون هڪڙو سپھ سالار ٿيندين،“ سائمنز چيو. “نه مان هڪڙي سپھ سالار لاءِ ايتري ڄاڻ نه ٿو رکان. هڪڙي سپھ سالار کي خاشي ڄاڻ هئڻ گهرجي. توهان ماڻهو سمجهو ٿا ته جنگ ۾ ڪا به ڳالھ ناهي. توهان کي ايترو عقل به ناهي جو هڪڙي ثانوي درجي وارا ڪارپورل (corporal) ٿي سگهو.“ ”رب جي ڪرم سان مان بڻجڻ به نه ٿو چاهيان،“ سائمنز چيو. ”ٿي سگهي توکي بڻايو وڃي جڏهن اهي توهان جي سڀني ڪم چورن جي تڏا ويڙه ڪن. او ڇوڪرا، مان توهان ٻنهيءَ کي پنهنجي پليٽون ۾ ڏسڻ گهران ٿو. ميڪ پڻ. ميڪ، مان توکي پنهنجو پٽيوالو بڻائيندس.“ ”اِيتور، تون هڪڙو عظيم ڇوڪرو آهين،“ ميڪ چيو. ”پر مونکي افسوس آهي جو تون جنگ پسند آهين.“ ”مان جنگ جي خاتمي کان پهريان هڪڙو ڪولونيل ٿيندس،“ اِيتور چيو. “جيڪڏهن انهن توکي ماري نه ڇڏيو ته.“ ”اهي مونکي نه ماريندا.“ هن پنهنجي آڱوٺي ۽ شهادت واري آڱر سان گلي بند (ڪالر) وٽان پنهنجي ستارن کي ڇهيو. ”ڇا مونکي ايئين ڪندي ڏسو ٿا؟ جڏهن به ڪو مارجي وڃڻ جو ذڪر ڪندو آهي اسان پنهنجن ستارن کي ڇهندا آهيون.“ ”سِم، اچ ته هلون.“ سانڊرز مٿي اٿندي چيو. ”ٺيڪ آ.“ ”سدائين لاءِ،“ ”مونکي پڻ وڃڻو آهي.“ اندر مئخاني جي گهڙيال ۾ پوڻا ڇھ وڄي رهيا هئا. ”سِي آئو، اِيتور.“ ”سِي آئو، فريڊ،“ اِيتور چيو. ”توکي چانديءَ جو تمغو ملي رهيو آهي اهو ڪافي شاندار آهي.“ ”مان نه ٿو ڄاڻان ته اهو مونکي ملندو، فريڊ، تون اهو ماڻيندين. مون ٻڌو آهي ته اهو توکي ملڻ وارو آهي.“ ”چڱو، تيستائين،“ مون چيو. ”اِيتور، مشڪل کان ٻاهر نڪر.“ ”منهنجو فڪر نه ڪر. مان نه پيئندو آهيان ۽ مان هيڏي هوڏي نه ڊوڙندو آهيان. مان شرابي ناهيان ۽ مان رنڊيباز ناهيان. مان ڄاڻان ٿو ته مون لاءِ ڇا بهتر آهي.“ ”تيستائين،“ مون چيو. ”ڪپتان مونکي خوشي آهي ته تنهنجي ترقي ٿيڻ واري آهي.“ ”مونکي ترقيءَ جو انتطار ڪرڻو ناهي. مان جنگ جي قابليت جي بنياد تي هڪڙو ڪپتان بڻجي رهيو آهيان. تون ڄاڻين ٿو. آرپار تلوارن سان ٽي ستارا ۽ انهن جي مٿان وارو تاج. اهو مان آهيان.“ ”ڀلا ڀاڳ.“ ”ڀلا ڀاڳ. تون محاذ ڏانهن واپس ڪڏهن وڃي رهيو آهين؟“ ”تمام جلد.“ ”ٺيڪ آهي مان توکي آسپاس ڏسندس.“ ”تيستائين.“ ”تيستائين. ڪا گندي نقلي چاندي نه وٺجانءِ.“ مان هڪڙي پوئين گهٽيءَ ڏانهن هيٺ هلڻ لڳس جيڪو اسپتال ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪڙو مختصر رستو هو. اِيتور ٽيويهن سالن جو هو. هن کي سين فرانسيسڪو ۾ سندس هڪڙي چاچي پالي تاتي وڏو ڪيو هو ۽ جڏهن جنگ جو اعلان ڪيو ويو هو هُو ٽورِينو ۾ پنهنجي ابي ۽ امڙ سان ميل جول رکندو پئي آيو. هن کي هڪڙي ڀيڻ هئي، جنهن کي هن سان گڏ پنهنجي چاچي وٽ رهڻ جي لاءِ روانو ڪيو ويو هو، جيڪا هن سال روايتي مڪتبي مان گريجوئيشن پوري ڪرڻ واري هئي. هو جائز سورمو هو جيڪو هر ملندڙ ماڻهوءَ کي بيزار ڪري ڇڏيندو هو. ڪيٿرائن هن کي برداشت ڪري نه سگهندي هئي. ”اسان وٽ پڻ سورما آهن،“ هن چيو. ”پر جاني، اڪثر طور تي اهي خاموش رهندا آهن.“ ”مونکي هن تي ڪوبه اعتراض ڪونهي.“ ”مان هن تي ڪو به اعتراض ڪو نه ڪنديس جيڪڏهن هو ايترو بي مقصد نه هجي ۽ مونکي بيزار نه ڪري، ۽ هو مون ۾ بيزاريءَ جي مٿان بيزاري ٿو پيدا ڪري.“ ”هو مونکي بيزار ڪندو آهي.“ .جاني تون ايئين چوندي سٺي ٿي لڳين. پر توکي ايئين چوڻ جي ڪا ضرورت ناهي. تون هن جي تصوير کي اڳيان آڻي سگهين ٿي تون ڄاڻين ٿي ته هو ڪارائتو آهي پر هو گهڻي قدر اهڙي قسم جو ڇوڪرو آهي جنهن جي مان پرواه نه ٿو ڪيان. ”مان ڄاڻيان ٿي.“ ”تون اهو ڄاڻڻ لاءِ بيحد مٺڙي آهين، ۽ مان هن کي پسند ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو پر هو حقيقت ۾ هڪڙو ڀيانڪ ۽ ڀيانڪ ڇوڪرو آهي.“ ”هن چيو ته اڄوڪي منجهند ڌاران هو ڪپتان ٿي رهيو آهي.“ ”مونکي خوشي ٿي،“ ڪيٿرائن چيو. ”ان سان هن کي به خوشي ٿيڻ گهرجي.“ ”ڇا تون اهو پسند نه ڪندينءَ ته مونکي ڪجھ وڌيڪ اعليٰ درجو ملڻ گهرجي؟“ ”نه، جاني. مان بس تو لاءِ ايترو ئي درجو ڪافي سمجهان ٿي جو اسان سٺن کان سٺن هوٽلن ۾ هلي سگهون.“ ”بس منهنجي رينڪ ايتري ئي ته آهي.“
”تنهنجو هڪڙو شاندار عهدو آهي. مان تو لاءِ ڪو ٻيو درجو نه ٿي گهران. اهو تنهنجي دماغ کي واسو ڪري سگهي ٿو. او، جاني، مان تمام گهڻي خوش آهيان ته تون مغرور ناهين. تون جيڪڏهن وڏائي پسند هجين به ها ته به مان توسان شادي ڪيان ها پر هڪڙي نادِم مڙس جو هئڻ ڪافي آرامده آهي.“ ”اسان ٻاهر ڇڄي تي نرميءَ سان ڳالهائي رهيا هئاسين. چنڊ جو اڀرڻ لازمي هو پر اتي شهر جي مٿان ڌنڌ ڇانيل هو ۽ اهو ظاهر ڪو نه ٿيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ بوندا باري پوڻ لڳي ۽ اسان اڳتي سري وياسين. ٻاهر ڌنڌ برسات ۾ بدلجي ويو ۽ ٿوري گهڙيءَ جي اندر اهو وڏڦڙي ۾ بدلجي ويو ۽ اسان ڇت تي ان جو کڙڪو ٻڌي رهيا هئاسين. مان دروازي وٽان بيهي رهيس اهو ڏسڻ لاءِ ته متان اتان مينهن وسي رهيو هجي پر اتي اهڙو ڪجھ به نظر نه آيو. ”تو ٻيو ڪنهن کي ڏٺو؟“ ڪيٿرائن پڇيو. ”مسٽر ۽ مسز ميئرز کي.“ ”اهي ڪافي عجيب آهن.“ ”هن کي لڳي ٿو ته گهر ۾ هڪڙي اصلاحي قيدخاني ۾ رهڻ لاءِ ڇڏيو ويو هو. هنن هن کي ٻاهر مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو.“ ”۽ هو بعد ۾ ملان ۾ خوش وخرم زندگي گهارڻ لڳو.“ ”مان نه ٿو ڄاڻان ته هو ڪهڙيءَ طرح زنده دلي سان رهيو.“ ”مان سمجهان ٿي ته قيد وبند کانپوءِ ڪافي خوشيءَ سان رهيو.“ ”هوءَ هتي ڪجھ شيون کڻي اچڻ چاهي ٿي.“ ”هوءَ عمديون شيون آڻيندي آهي. ڇا تون هن جي پيارن ٻچڙن مان هئين؟“ ”انهن منجهان هڪ.“ ”توهان سڀ هن جا پيارا ٻچڙا آهيو،“ ڪيٿرائن چيو. ”هوءَ پيارن ٻارن کي ترجيح ڏئي ٿي. ٻُڌ مينهن وسي رهيو آهي.“ ”اهو ڪافي تيز وسي رهيو آهي.“ ”۽ تون هميشه مونکي چاهيندو رهندين، ها نه؟“ ”ها.“ ”۽ برسات پوڻ سان ڪو به فرق ڪو نه پوندو؟“ ”نه.“ ”اهو ٺيڪ آهي. ڇاڪاڻ جو مان برسات کان ڊڄندي آهيان.“ ”ڇو؟“ مونکي پنڪيون اچي رهيون هيون. ٻاهر باقاعده مينهن وسي رهيو هو. ”مان نه ٿي ڄاڻان، جاني.“ ”مان هميشه مينهن کان ڊڄندي رهي آهيان.“ ”مونکي اهو وڻندو آهي.“ ”مونکي ان ۾ هلڻ وڻندو آهي. اهو پيار تي ڪافي ڀاري آهي.“ ”مان توسان هميشه جي لاءِ پيار ڪندو رهندس.“ ”مان توسان وسندڙ مينهن ۾ برف ۾ ۽ ڳڙي ۾ پيار ڪندو رهندس ۽ باقي اتي اڃا ڇا رهجي ويو؟“ ”مان نه ٿوڄاڻان. مان سمجهان ٿو ته مونکي ننڊ ورائي وئي آهي.“ ”جاني، آرام ڪرڻ لاءِ وڃ، ۽ کڻي ڇا به ٿيندو هجي مان توسان پيار ڪندي رهنديس.“ ”تون واقعي به مينهن کان نه ٿي گهٻرائين، ها نه؟ ”جڏهن مان توسان گڏ هجان ان وقت ته نه.“ ”تون ان کان ڇالاءِ خوفزده هوندين آهين؟“ ”مان نه ٿي ڄاڻان.“ ”مونکي ٻڌاءِ.“ ”مونکي زور نه ڪر.“ ”مونکي ٻڌاءِ.“ ”ٺيڪ آ. مان مينهوڳي کان ان جي لاءِ خوفزده هوندي آهيان ڇاڪاڻ جو ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجو پاڻ کي ان ۾ مري ويل ڏسندي آهيان. ”نه.“ ”۽ ڪڏهن ڪڏهن مان توکي به ان ۾ مري ويل ڏسندي آهيان.“ ”اهو ڪافي ممڪن آهي.“ ”نه اهو ناهي، جاني. ڇاڪاڻ جو مان تنهنجي حفاظت ڪري سگهان ٿو. مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪري سگهان ٿو. پر ڪو به پنهنجي حفاظت پاڻ نه ٿو ڪري سگهي.“ ”مهرباني ڪري ايئين نه چئو. مان توکي اڄوڪي رات ۾ اسڪاچ ۽ پاڳل ٿيندي نه ٿو ڏسڻ گهران. اسان گهڻو وقت گڏ نه هونداسين.“ ”نه، پر مان اسڪاچ ۽ پاڳل آهيان. پر مان انهي کي روڪي ڇڏينديس. اهو سڀ ڪجھ بيڪار آهي.“ ”ها اهو سڀ ڪجھ بيڪار آهي.“ ”اهو سڀ ڪجھ بيڪار آهي. اها صرف بڪواس آهي. مان مينهوڳي کان خوفزده نه آهيان. او، او، خدايا. ڪاش مان نه هجان.“ هوءَ روئي رهي هئي. مون هن کي آٿت ڏني ۽ هن روئڻ بند ڪيو. پر اتي ٻاهر اڃا تائين برسات وسي رهي هئي.