ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

16

انهي رات جو ڪمري جي اندر هڪڙو چمڙو اڏامي آيو انهي کليل دروازي جي وسيلي جيڪو ڇڄي (بالڪوني) ڏانهن ويندو هو ۽ جنهن وچان اسان شهر جي ڇتين جي مٿان وارو رات جو نظارو ڪندا هئاسين. اتي اسان جي ڪمري ۾ اونداهي ڇانيل هئي سواءِ ان ننڍڙي روشنيءَ جي جيڪا رات جي وڳڙي ۾ شهر جي مٿان هئي ۽ چمڙي کي ڪو به ڀئو ڀولو ڪو نه هو پر هو ڪمري ۾ ايئين شڪار ڪري رهيو هو ڄڻ ته هو ٻاهر هجي. اسان ليٽيل رهياسين ۽ ان کي تڪيندا رهياسين ۽ مان نه ٿو سمجهان ته ڪو هن اسان کي ڏٺو هجي ڇاڪاڻ جو اسان چپ چاپ ليٽيل هئاسين. هن جي ٻاهر وڃڻ پڄاڻان اسان هڪڙي سرچ لائيٽ کي ايندي ڏٺو ۽ شعاع کي آسمان جي آرپار حرڪت ڪندي ڏٺوسين ۽ ان کان پوءِ اهو غائب ٿي ويو ۽ اتي ٻيهر اونداه ڇائنجي ويئي. رات جو تازي هوا گهلي رهي هئي ۽ اسان ڀرسان واري ڇت تي طياره شڪن توپ وارن همراهن کي هڪٻئي سان ڳالهائيندي ٻڌوسين. اتي ڪافي ٿڌڪار هئي ۽ انهن کي پنهنجون ٽوپيون پاتل هيون. مونکي مٿي ڪنهن جي اچڻ جي ڳڻتي ورائي ويئي پر ڪيٿرائن چيو ته اهي سڀ ستل هئا. رات جو هڪڙي ڀيري اسان سمهي پيا هئاسين ۽ جڏهن مان سجاڳ ٿيس هوءَ اتي ڪو نه هئي پر مون هن کي هال جي ڀرسان ايندي ٻڌو ۽ دروازو کليو ۽ هوءَ بستري ڏانهن واپس وري آئي ۽ چيائين ته اتي سڀ ڪجھ ٺيڪ هو هوءَ هيٺ ڏاڪڻين ڏانهن ويئي هئي ۽ اهي سڀ ستا پيا هئا. هوءَ ٻاهر مس وان ڪيمپين جي دروازي ڏانهن ويئي هئي ۽ هن کي ننڊ ۾ کونگهارا هڻندي ڏٺائين. هوءَ پاڻ سان نمڪين بسڪوٽ کڻي آئي ۽ اسان اهي کاڌاسين ۽ ڪجھ مهڪدار شراب پيتوسين. اسان ڪافي بکايل هئاسين پر هن چيو ته ان سان سڀ ڪجھ گڙ ٻڙ ٿي ويندو ۽ هن کي صبح تائين مون کان جدا رهڻو پوندو. مان صبح جو جڏهن باک ڦٽي چڪي هئي وري ننڊ پئجي ويس ۽ جڏهن مان جاڳي پيس مون ڏٺو ته هوءَ وري ٻيهر هلي ويئي هئي. هوءَ واپس موٽي آئي ۽ ڏاڍي تازي تواني ۽ پياري لڳي رهي هئي ۽ هوءَ بستر تي ويهي رهي ۽ سج اڀريو جڏهن منهنجي وات ۾ ٿرماميٽر پيل هو اسان کي ڇت تي پيل شبنم جي خوشبو اچي رهي هئي ۽ ان کان پوءِ ٻي ڇت تي بندوق وارن همراهن جي ڪافيءَ جي مهڪ اچي رهي هئي. ”مان هڪڙو چڪر لڳائڻ جي خواهشمند آهيان،“ ڪيٿرائن چيو. ”جيڪڏهن اسان وٽ هڪڙي ڦيٿن واري ڪرسي هجي ها ته مان توکي چڪر هڻايان ها.“ ”مان ڪرسيءَ ۾ ڪيئن گهڙي سگهندس؟“ ”اسان اهو ڪنداسين.“ ”اسان پارڪ ۾ ٻاهر هلي سگهنداسين ۽ ٻاهر ناشتو به ڪري سگهنداسين.“ ”مون ٻاهر کليل چائنٺ ڏانهن ڏٺو. ”اسان تحقيق جيڪو ڪجھ به ڪنداسين،“ هن چيو، ”اهو آهي توکي تنهنجي دوست ڊاڪٽر ويلينٽِني لاءِ تيار ڪرڻ.“ ”مان سمجهان ٿي ته هو تمام گهڻو عظيم انسان هو.“ ”مان هن کي ايترو پسند ڪو نه ٿو ڪيان جيترو تون ڪرين ٿي. پر مان سمجهان ٿو ته هو ڪافي سٺو آهي.“ ”ڪيٿرائن، مهرباني ڪري، بستر جي قريب اچ.“ مون چيو. ”مان نه اينديس. ڇا تون نه ٿو سمجهين ته اسان هڪڙي حسين رات گذاري ڇڏي سين؟“ ”۽ ڇا تون اڄ رات رات جي نوڪريءَ تي هجي سگهين ٿي؟“ ”غالباَ مان هونديس. پر توکي منهنجي طلب ڪو نه ٿيندي.“ ”ها، مونکي تون گهرجين.“ ”نه، توکي ضرورت نه پوندي. تو ڪڏهن جراحي ڪو نه ڪرائي آهي. تون نه ٿو ڄاڻين ته تون ڪيئن هوندين.“ ”مان بلڪل ٺيڪ هوندس.“ ”تون مرخين هوندين ۽ مان تنهنجي لاءِ ڪا معنيٰ نه رکي رهي هونديس.“ ”ته پوءِ هينئر اچ.“ ”نه،“ هن چيو. ”جاني، مونکي منصوبا بندي ڪرڻي آهي ۽ توکي تيار ڪرڻو آهي.“ ”ڇا تون مون سان واقعي ۾ پيار نه ٿي ڪرين يا تون واپس وري ايندينءَ. ”تون صفا ٻار آهين؟“ هن مونکي چمي پاتي. ”اهو سڀ ڪجھ منصوبا بندي جي لاءِ ٺيڪ آهي. تنهنجو بخار هميشه ضابطي ۾ رهي ٿو. توکي اهڙو ته پيارو بخار آهي جو بس.“ ”تو هرشيءِ کي واکاڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي.“ ”او نه. توکي پيارو بخار آهي. مان تنهنجي بخار تي بيحد ناز ٿي ڪيان.“ ”ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سمورن ٻارن جو بخار مناسب رهي.“ ”اسان جي ٻارن جو بخار حيواني خصلتن وارو هوندو.“ ”تون مونکي ويلينٽيِني جي لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ ڇا ڪندينءَ؟“ ”ايترو نه. پر اهو ايترو خوشگوار به نه هوندو.“ ”مان خواهشمند آهيان جيڪر توکي اهو سڀ ڪجھ نه ڪرڻو پوي.“ ”مان نه ٿي چاهيان. مان نه ٿي چاهيان ته ڪو ٻيو توکي ڇهي. مان پاڳل آهيان. جيڪڏهن اهي توکي ڇهنديون ته مان غضبناڪ ٿي وينديس.“ ”ڀلي اها فرگوسن ڇو نه هجي؟“ ”خاص طور تي فرگوسن ۽ گيج ۽ ٻيون، هن جو نالو ڇا آهي؟“ ”واڪر؟“ ”ها اها. هاڻي انهن وٽ هتي ڪيتريون ئي نرسيون آهن. هتي وڌيڪ مريضن جو هجڻ لازمي آهي نه ته اهي اسان کي پري موڪلي ڇڏيندا. هاڻي انهن وٽ چار نرسيون آهن“ ”ٿي سگهي ٿو اتي ڪجھ ٻئي به اچن. انهن کي ايتريون ساريون نرسيون گهرجن. اها ڪافي وڏي اسپتال آهي.“ ”مونکي اميد آهي ڪي قدر ٻيون به اينديون. جيڪڏهن اهي مونکي پري موڪلي ڇڏيندا ته مان ڇا ڪنديس؟ جيڪڏهن گهڻا مريض هوندا ته ايئين نه ٿيندو.“ ”مان به هليو ويندس.“ ”چريو نه ٿي. تون اڃا هلڻ چلڻ جهڙو به ناهين. پر جاني جلديءَ ۾ چاق ٿي، ۽ اسان ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن هليا وينداسين.“ ”۽ پوءِ ڇا ڪنداسين؟“ ”ٿي سگهي ته جنگ ختم ٿي وڃي. اها سدائين جاري رهي نه ٿي سگهي.“ ”مان خوش ٿي ويندس،“ مون چيو. ”ويلينٽيني مونکي ٺيڪ ڪندو.“ ”لازماَ هو پنهنجي انهن شهپرن سان مونکي ٺيڪ ڪري. ۽، جاني، جڏهن تون اِيٿر(Ether) (آتشگير ۽ جلدي بخارن ۾ بدلجندڙ شيءِ جيڪا گهڻي قدر مخدد ۽ محلل جي طور تي استعمال ٿيندي آهي ـ مترجم) جي هيٺان وڃين ان مهل اسان جي بجاءِ ڪنهن ٻي شيءَ جي باري ۾ سوچجانءِ. ڇاڪاڻ جو ماڻهو بيهوشي واري دوا هيٺ ڪافي وڦلندا آهن.“ ”مون کي ڇا بابت سوچڻ گهرجي؟” ”ڪا به شيءِ. ڪا به شيءِ سواءِ اسان جي. پنهنجي ماڻهن جي باري ۾ سوچجانءِ. يا تان جو ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ جي باري ۾.“ ”نه،“ ”پوءِ پاڻ لاءِ دعائون گهرجانءِ. انهي سان هڪڙو شاندار تاثر پيدا ٿيڻ گهرجي.“ ”متان مان مرڳو ڳالهايان ئي ڪو نه.“ ”اهو سچ آهي. اڪثر طور تي ماڻهو نه ڳالهائيندا آهن.“ ”مان نه ڳالهائيندس.“ ”جاني، ڏيکاءُ نه ڪجانءِ. مهرباني ڪري، ڏيکاءُ نه ڪجانءِ. تون ڪافي مٺڙو آهين ۽ توکي ڏيکاءُ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي.“ ”مان هڪڙو لفظ به نه ڳالهائيندس.“ ”هاڻي تون ڏيکاءُ ڪري رهيو آهين، جاني. تون سمجهين ٿو نه ته توکي ڏيکاءُ نه ڪرڻو آهي. بس پنهنجون دعائون شروع ڪر يا شاعري يا ڪجھ ٻيو جڏهن اهي توکي اونهو ساه کڻڻ جي لاءِ چون. تون اهڙي نموني پيارو لڳندين ۽ مان توتي فخر ڪنديس. بحرحال مان توتي فخر ڪيان ٿي. تنهنجو بخار ڪيڏو نه سٺو آهي ۽ تون وهاڻي کي ڀاڪر ۾ ڀري ننڍڙي ٻار جيان سمهي پوندو آهين ۽ سمجهڻ لڳندو آهين ته اهو وهاڻو نه پر مان آهيان. يا ڪا ٻي ڇوڪري سمجهندو آهين؟ ڪا خوبصورت اطالوي ڇوڪري؟“ ”اها تون آهين.“ .يقيناَ مان ئي ته آهيان. او مان توسان پيار ڪيان ٿي ۽ ويلينٽيني توکي هڪڙي سٺي ڄنگھ عطا ڪندو. مان خوش آهيان ڇاڪاڻ جو مونکي ان ڏانهن ڏسڻو ڪو نه پوندو.“ ”۽ تون رات جو رات جي ڊيوٽيءَ تي هوندينءَ؟“ ”ها. پر توکي ان جو اُلڪو نه هوندو.“ ”تون انتظار ڪجانءِ ۽ ڏسجانءِ.“ ”اتي، جاني. هاڻي تون اندريان ٻاهريان اڇو اجرو آهين.“ ”مونکي ٻڌاءِ ته تو ڪڏهن به ڪيترن ڪِن ٻين مردن کي چاهيو آهي؟“ ”ڪنهن کي به ڪو نه.“ ”مونکي به نه؟” ”ها. تون.“ ”سچي پچي ٻيا ڪيترا هئا؟“ ”ڪو به نه.“ ”ڪيتريون (ڇوڪريون) تنهنجي زندگيءَ ۾ــــــــــ، تون ان جو بيان ڪيئن ڪندين؟“ ”ــــــــ ڪيترن سان تو گڏ گذاريو؟“ ”ڪنهن سان به نه.“ ”تون مون سان ڪُپت ٿو ڪرين.“ ”ها.“ ”اهو سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي. ڀلي مون سان ڪوڙ ڪُٽيندو رھ . مان چاهيان ٿي ته تون ايئين ئي ڪر. ڇا اهي حسين هيون؟“ ”مان ڪڏهن به ڪنهن وٽ ڪو نه ترسيو آهيان.“ ”اهو ٺيڪ آهي. ڇا اهي پرڪشش هيون؟“ ”مان انهن جي باري ۾ ڪجھ به نه ٿو ڄاڻان.“ ”تون صرف منهنجو آهين. اهو ئي سچ آهي ۽ تنهنجو ڪڏهن به ڪنهن ٻِي سان ڪو به تعلق نه رهيو آهي. پر جيڪڏهن رهيو به آهي ته مونکي ان جي ڪا به پرواه ناهي. پر مونکي انهن جي باري ۾ ڪجھ به نه ٻڌاءِ. جڏهن ڪو مرد ڪنهن ڇوڪريءَ وٽ ٽڪي ٿو اها ڪهڙي مهل ان جي قيمت بابت پڇندي آهي؟” ”مان نه ٿو ڄاڻان.“ ”يقيناَ نه. ڇا هوءَ ايئين چوندي آهي ته هوءَ ان سان پيار ڪري ٿي؟ مونکي ان جي باري ۾ ٻڌاءِ. مان ان جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيان ٿي.“ ”ها. جيڪڏهن هو واقعي ۾ هن کي پسند ڪندي ته.“ ”ڇا هُو پڻ هُن کي چوندو آهي ته هُو به هُن کي چاهي ٿو؟ مهرباني ڪري مونکي ٻڌاءِ. اهو اهم آهي.“ ”هو تڏهن ڪندو جڏهن هو ان کي پسند ڪندو.“ ”پر تو ڪڏهن به ايئين ڪو نه ڪيو؟ سچي؟“ ”نه.“ ”سچ پچ نه. مونکي سچ سڻاءِ؟“ ”نه،“ مون ڪوڙ ڳالهايو. ”تو نه ڪيو هوندو،“ هن چيو. ”مونکي پڪ هئي ته تو ايئين نه ڪيو هوندو. او، جاني، مان توسان پيار ڪيان ٿي.“ ٻاهر سج ڇتين جي مٿان هو ۽ مون گرجا گهر جي ڪُنڊين تي سج جي روشني پوندي ڏٺي. مان اندريان توڻي ٻاهريان اڇو اجرو هوس ۽ طبيب جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس. ”هوءَ اهو فقط تنهن وقت چوندي آهي جڏهن هو ان کان اهڙي قسم جي اميد رکندو هجي؟“ ”هميشه نه.“ ”پر مان ڪنديس. جيڪو تون چاهيندين مان اهو ئي چونديس ۽ جيڪو تون چاهيندين مان اهو ئي ڪنديس ۽ پوءِ تون ڪڏهن ڪِن به ٻين ڇوڪرين کي نه چاهيندين، ها نه؟“ هن مون ڏانهن وڏي خوشيءَ وچان نهاريندي چيو. ”مان اهو سڀ ڪجھ ڪندِيَس جيڪو تون چاهين ٿو ۽ چوندس جيڪو توکي گهرجي ۽ پوءِ مان عظيم ڪاميابي ماڻينديس، ها نه؟“ ”ها.“ ”تو لاءِ هاڻي مان ڇا ڪريان جنهن لاءِ تون صفا تيار آهين؟” ”وري بستر تي اچ.“ ”ٺيڪ آهي. مان اچان ٿي.“ ”او، جاني، جاني،“ مون چيو. ”تون ڏسين پيو،“ هن چيو. ”مان ڪا به شيءِ ڪري سگهان ٿي جنهن جي توکي طلب آهي.“ ”تون تمام گهڻو پيارو آهين.“ ”مان ڊڄان ٿي ته مان ان ۾ اڃا ايتري ڀڙ ناهيان.“ ”تون بيحد پيارو آهين.“ ”مان اهو طلبيان ٿي جيڪو تون طلبين ٿو. هاڻي اتي ڪنهن به ”مان“ جي ڪا گنجائش نه رهي آهي. صرف جيڪو تون چاهين. ”تون مٺڙا.“ ”مان سٺي آهيان. ڇا مان سٺي ناهيان؟ تون ڪن به ٻين ڇوڪرين کي نه چاهيندين، ها نه؟“ ”نه.“ ”تون ڏسين ٿو؟ مان سٺي آهيان. مان اهو ڪجھ ڪيان ٿي جيڪو تون چاهين ٿو.“