ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

37

مان رات جي تاريڪيءَ ۾ هوا جي آمهون سامهون ٿيندي ونجھ هلائيندو رهيس. اتي ڪافي اونداهي ڇانيل هئي، ۽ هوا سرد هئي. مان ٻيڙيءَ جي پٺيان کان ڪيٿرائن کي ڏسي رهيو هوس پر مان پاڻيءَ کي ڏسي ڪو نه پئي سگهيس جتي ونجهن وارا مٺيا ٻڏل هئا. ونجھ ڊگها هئا ۽ انهن جي مٿان ٻاهر کسڪڻ کان بچائڻ جي لاءِ ڪو به چمڙو ڪو نه آيل هو. مون ڪاهيو، مٿي کڙو ٿيس، اڳتي مڙي ويس، پاڻيءَ کي ڏٺم، ان جا ڦهنگا لڳندا رهيا ۽ مان ڌوڪيندو رهيس، جيترو آرام سان مان هلائي سگهيس ڪاهيندو رهيس. مان ونجهن کي ٻاهر جهلي نه پئي سگهيس ڇاڪاڻ جو هوا اسان سان گڏ هئي. مون ڄاتو پئي ته منهنجي هٿن ۾ لڦون پئجي وينديون ۽ مون جيتري دير ٿي سگهيو ان کي ڍر ڏئي ڇڏي. ٻيڙي هلڪي هئي ۽ اها آرام سان هلي رهي هئي. مون ان کي تاريڪ پاڻيءَ وٽان ڇڪيو. مان ڏسي نه پئي سگهيس، ۽ مون اميد ڪئي ته اسان جلد ئي پيلنزا جي آمهون سامهون ٿينداسين. اسان ڪڏهن به پيلينزا ڪو نه ڏٺو هو. هوا ڍنڍ جي مٿان گهلي رهي هئي ۽ اسان انهي هنڌ تان گذرياسين جتان رات جو پيلينزا نظر ۾ نه ٿي آيو ۽ اسان کي ڪڏهن به روشنيون ڏسڻ ۾ ڪو نه آيون. جڏهن اسان آخر ۾ ڍنڍ کان گهڻو پرتي ۽ ساحل جي ويجهو ڪجھ روشنيون ڏٺيوسين اهو انِترا هو. پر هڪڙي ڊگهي وقت لاءِ اسان کي ڪا به روشني نظر ڪو نه آئي، نه ئي اسان کي ڪنارو نظر آيو پر آرام سان اونداهيءَ ۾ لهرن سان گڏ ڪاهيندا رهياسين. ڪڏهن ڪڏهن جيئن ئي لهر ٻيڙيءَ کي مٿي اڀاريو مون ونجهن کي پاڻيءَ ۾ ڇڏي ڏنو. اهو بلڪل ڪٺن هو؛ پر مون ونجھ هلائڻ جاري رکيو، جيسين اچانڪ اسان هڪڙي پٿر واري نقطي جي برعڪس جيڪو اسان جي اڳيان اڀاميو بيٺو هو ساحل جي قريب هئاسين؛ لهرون ان سان ٽڪرائي رهيون هيون، اهي تمام گهڻو مٿي اڇل ڏئي رهيون هيون، مون ساڄي پاسي واري ونجھ کي زور سان ڇڪ ڏني، ۽ ٻئي سان پاڻِيءَ کي پٺ ڏني ۽ اسان ٻاهر وري ڍنڍ ۾ گهڙياسين؛ ٻاهر اڀاميل هنڌ نطرن کان اوجهل ٿي ويو ۽ اسان اڳتي ڍنڍ ڏانهن هلي رهيا هئاسين. ”اسان ڍنڍ جي آرپار آهيون،“ مون ڪيٿرائن کي چيو. ”اسان پيلينزا کي ڏسڻ نه ٿا هلون ڇا؟“ ”اسان ان کان پري ٿي وياسين.“ ”جانِ من، تون ڪيئن آهين.“ ”مان ٺيڪ آهيان.“ ”مان ٿوريءَ گهڙيءَ جي لاءِ ونجھ هلايان.“ ”نه، مان ٺيڪ آهيان.“ ”ويچاري فرگوُسن،“ ڪيٿرائن چيو. “صبح جو هوٽل ڏانهن ايندي ۽ ڏسندي ته اسان هوٽل ۾ نه آهيون.“ ”مان ان جي باري ۾ ايترو فڪرمند نه آهيان،“ مون چيو، ”جيترو ڍنڍ جي سوئس واري حصي ۾ سج اڀرڻ کان اول محصولاتي محافظن جو فڪر اٿم متان اهي اسان کي ڏسي نه وٺن.“ ”ڇا اهو هڪڙو پرانهون پنڌ آهي؟“ ”اهو هتان کان ڪجھ ٽيهن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي.“ مون سموري رات ونجھ هلايو. آخرڪار منهنجا هٿ ايترا ته سڄي ويا جو مان انهن کي ونجهن ۾ مشڪل سان ورائي پئي سگهيس. اسان ساحل تي ڪيترائي ڀيرا زري گهٽ پاش پاش ٿي وياسين. ”مون مناسب طور تي ساحل جو ڪنارو اختيار ڪيو هو ڇاڪاڻ جو مون تي ڍنڍ ۾ ڀلجي وڃڻ ۽ وقت جي ضايح ٿي وڃڻ جو خوف طاري هو. ڪنهن ڪنهن مهل اسان ايترو ته ويجهو هئاسين جو اسان وڻن جي هڪڙي قطار ۽ ساحل جي ڀرسان رستي کي ڏسي پئي سگهياسين جنهن جي پٺيان جبل هئا. برسات رڪجي ويئي ۽ هوا ڪڪرن کي اهڙي نموني ڌڪي ويئي جو اسان کي چنڊ چمڪندي نظر اچڻ لڳو ۽ پوئتي نهاريندي مان ڪيسٽاگنولا جي تاريڪ هنڌ ۽ سفيد جهڳ ساڻ ڍنڍ ۽ انهي کان پرتان ڏسي پئي سگهيس، ۽ اوچن برفاني پهاڙن مٿان چنڊ کي ڏسي پئي سگهياسين. انهي کان پوءِ ٻيهر چنڊ جي مٿان ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ جبل ۽ ڍنڍ نظرئي نه ٿي آئي، پر اهي پهريان کان هلڪا هئا ۽ اسان ڪناري کي ڏسي پئي سگهياسين. مان ان کي صفا صاف ڏسي پئي سگهيس ۽ اوڏانهن پيلينزا واري رستي جي ڀرسان هڪلڻ لڳس جيڏانهن جيڪڏهن محصولاتي محافظ (ڪسٽم گارڊز) بيٺا هئا ته اهي ان کي ڏسي ڪو نه سگهندا. جڏهن چنڊ ٻيهر ظاهر ٿيو اسان ساحل تي جبلن جي لاهين تي سفيد رنگ جي وِلائن کي ڏسي پئي سگهياسين ۽ سفيد رستي ڏانهن جيڪو اتي وڻن جي وچان نظر اچي رهيو هو. سارو وقت مان ئي ونجھ هلائي رهيو هوس. ڍنڍ ويڪري ٿي ويئي ۽ ان جي آرپار ساحل تي جبلن جي قدمن ۾ ٻئي طرف کان اسان کي ڪجھ روشنيون نظر آيون ۽ مون سمجهيو ته اهو لازماَ لُو اِينو هوندو. جيڪڏهن اهو واقعي ۾ هو ته اسان سٺو وقت جوڙي رهيا هئاسين. مون ونجهن کي اندر جي طرف ڇڪيو ۽ واپس نشست تي ويهي رهيس. مان ونجھ هلائي هلائي تمام گهڻو ٿڪجي پيو هوس. منهنجون ٻانهون ۽ ڪلها ۽ پُٺا وٺجي ويا ۽ منهنجا هٿ سور ڪري رهيا هئا. ”مان ڇٽيءَ کي جهلي سگهان ٿي،“ ڪيٿرائن چيو. ”اسان ان کي بادبان طور استعمال ڪندي هوا سان گڏ هلي سگهون ٿا.“ ”ڇا تون هلائي سگهين ٿي؟“ ”مان ايئين ڀايان ٿي.“ ”تون هن ونجھ کي پڪڙ ۽ ان کي پنهنجي ٻانهن ۾ جهلي رک ۽ مان ڇٽي جهليان ٿو.“ مان واپس ٻيڙيءَ جي پٺ ڏانهن ويس ۽ هن کي ڏيکاريم ته ونجھ کي ڪيئن پڪڙجي. مون وڏيءَ ڇٽيءَ کي کنيو جيڪا حماليءَ مون کي ڏني هئي ۽ ٻيڙيءَ جي اڳئين پاسي کان ٿي ويٺس ۽ ان کي کولي ڇڏيم. اها هوا سان ٽڪرائيندي کلي ويئي. مون ڄھنگهون ٻنهي پاسن ڏانهن ٽيڙيندي ان کي ٻنهي پاسن کان پڪڙيو، مٺيو نشست جي مٿان وريل هو. ان ۾ هوا ڀرجي ويئي ۽ مون ٻيڙيءَ کي اڳتي ڌڪجندي محسوس ڪيو جڏهن ته مون ٻنهي ڪنڊن کان جيترو مون کان پڄي سگهيو اوتري زور سان سوگهو ڪيو. انهي سان انهيءَ کي شديد ڇڪ آئي. ٻيڙي تيزيءَ سان هلڻ لڳي. ”اسان خوبصورتيءَ سان هلي رهيا آهيون،“ ڪيٿرائن چيو. مون کي صرف ڇٽيءَ جون تارون نظر اچي رهيون هنيون. ڇٽيءَ مان وڏو زور ۽ ڇڪ پيدا ٿي ۽ مون پاڻ کي ان سان گڏ هلندي ڏٺو. مون پنهنجي پيرن کي قابو ڪيو ۽ ان تي جهلي بيٺس، انهي کان پوءِ اها اچانڪ مڙي ويئي؛ مون پنهنجي پيشانيءَ تي هڪڙي تار جي ٽڪرائجڻ جو آواز ٻڌو، مون مٿيان واري حصي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو هوا جي ڪري مڙي رهيو هو ۽ اها سموري اکڙي ويئي ۽ اها اندريان کان ٻاهر نڪري آئي ۽ مان هڪڙي اندريان کان ٻاهر ٿي ويل مٺيي سان ڄھنگهون ٽيڙيو ويٺو هوس، ڦاٽل ڇٽيءَ سان، جتي مان ان کي هوا سان ڀريل بادبان بڻايو ويٺو هوس. مون نشست تان مٺيو کولي ڇڏيو، ڇٽيءَ کي ٻيڙيءَ جي اڳئين پاسي ۾ رکيم ۽ ڪيٿرائن ڏانهن ونجھ هلائڻ لاءِ ويس. هوءَ ٽهڪ ڏئي رهي هئي. هن منهنجي هٿ کان ورتو ۽ ٽهڪن ۾ ويڙهجي ويئي. ”ڇا ڳالھ آهي؟“ مون ونجھ ورتو. ”تون ان کي پڪڙڻ مهل کل جهڙو لڳي رهيو هئين.“ ”مان به ايئين سمجهان ٿو.“ ”ڪاوڙ نه ڪر پيارا. اهو بيحد مزيدار هو. تون ڪنارن کان ڇٽيءَ کي جهليندي زري گهٽ ويھ فٽ ويڪرو پئي لڳين ۽ تمام گهڻو مهربان ،“ ٽهڪ ڏيندي هن جو زري گهٽ ساه پئي منجهيو. ”مان ونجھ هلائيندس.“ ”ٿورو ساه پٽ ۽ هڪڙو جام پيءُ. اها هڪڙي عاليشان رات آهي ۽ اسان هڪڙي ڊگهي رستي سان هليا آهيون.“ ”مان ٻيڙيءَ کي لهرن جي اڇل کان پري رکندس.“ ”مان توکي هڪڙو جام پيئارينديس. انهيءَ کان پوءِ ٿوريءَ گهڙيءَ جي لاءِ ساهي پٽجانءِ، پيارا.“ مان ونجهن کي مٿي جهلي بيٺس ۽ اسان انهن جي بادبانيءَ سان هلڻ لڳاسين. ڪيٿرائن ٿيلهو کولي رهي هئي. هن برانڊيءَ جي بوتل منهنجي حوالي ڪئي. مون پنهنجي کيسي ۾ پيل چاقوءَ سان ان جو ڍڪڻو لاٿو ۽ جام کي هڪڙي ڊگهي ڳيت ڏني. اهو هموار ۽ گرم هو ۽ ان جي سموري گرمائش منهنجي اندر ۾ اوتجي ويئي ۽ مون پاڻ کي گرم ۽ خوش محسوس ڪيو. ”اها پياري برانڊي آهي،“ مون چيو. چنڊ وري غائب ٿي ويو پر مان ساحل کي ڏسي رهيو هوس. اتي هڪڙي ڊگهي رستي سان ڍنڍ ۾ اڳيان ويندڙ هڪڙو ٻيو هنڌ ڀاسي رهيو هو. ”ڇا تون ڪافي گرم ٿي ويئي آهين، ڪيٽ؟“ ”مان شاندار آهيان. مان ٿوري ٻلوان ٿي آهيان.“ ”اهو پاڻي ٻاهر ڪڍ ۽ تون پنهنجا پير اندر رکي سگهين ٿي.“ انهي کان پوءِ مون ونجھ هلائڻ شروع ڪيا ۽ ونجهن جي تالن جي آواز کي ۽ ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ واري ٻالٽيءَ جي ڀرجڻ ۽ ان مان پاڻيءَ جي ٻاهر نڪرڻ جا آواز پوئين نشست جي هيٺان ٻڌا. ”ڇا تون مونکي ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ واري ٻالٽي ڏيندينءَ؟“ مون چيو. ”مان هڪڙو ڍڪ ڀرڻ چاهيان ٿو.“ ”اها بيحد گندي آهي.“ ”انهي جو خير آهي. مان انهي کي صاف ڪيان ٿي.“ مون ڪيٿرائن کي ان کي پاسي وٽان ڌوئيندي ٻڌو. مون برانڊي پيئڻ کان پوءِ پياس محسوس ڪئي ۽ پاڻي برف جهڙو ٿڌو هو، ايترو ٿڌو جو منهنجا ڏند سور ڪرڻ لڳا. مون ساحل ڏانهن نهاريو. اسان ڊگهي هنڌ جي قريب هئاسين. اتي خليج ۾ روشنيون هيون. ”مهرباني،“ مون چيو ۽ هن کي ٻالٽي واپس ڪيم. ”تنهنجو سدائين مرحبا آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”جيڪڏهن تون چاهين ته اڃا به گھڻو موجود آهي.“ ”ڇا تون ڪجھ کائڻ چاهين ٿو؟“ ”نه. اسان کي ٿوري گهڙيءَ کان پوءِ بک ورائيندي. اسان تنهن مهل تائين جي لاءِ بچائي رکنداسين.“ ”ٺيڪ آهي.“ جيڪو ڪنهن هنڌ جيان نظر آيو پئي اهو هڪڙي اوچي ڇڄي نما پهاڙ هو. مان ان کان گذرڻ جي لاءِ ڍنڍ کان وڌيڪ اڳتي ويس. هاڻي ڍنڍ ڪافي سوڙهي هئي. ٻيهر چنڊ ظاهر ٿيو گارڊيا ڊي فِنينزا (guardia di finanza ــ اطالوي ــ اقتصادي پوليس ــ مترجم) جيڪڏهن اسان کي ڏسي رهي هوندي ته انهن کي پاڻيءَ تي اسان جي ٻيڙي ڪاري نظر ايندي هوندي. “ڪيٽ، تون ڪيئن آهين؟“ مون پڇيو. ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان. اسان ڪٿي آهيون؟“ ”مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي اسان کي لڳ ڀڳ اٺن ميلن کان وڌيڪ جو پنڌ ڪرڻو آهي.“ ”اهو ونجھ هلائڻ جي لاءِ طويل رستو آهي، تون غريب مٺڙا. ڇا تون مري نه پيو آهين؟“ ”نه. مان بلڪل ٺيڪ آهيان. منهنجا هٿ سڄي ويا آهن پر انهن جو خير آهي.“ اسان ڍنڍ ڏي اڳتي وياسين. اتي ساڄي ڪناري تي پهاڙن ۾ هڪڙي رڪاوٽ هئي ٻاهر جي طرف کان هڪڙي همواري هڪڙي هيٺاهين ڪناري سان جنهن جي باري ۾ مون سوچيو ته اهو ڪينوبيو هو. مان ٻاهر جي طرف نڪتل هڪڙي ڊگهي رستي وٽ رڪجي ويس ڇاڪاڻ جو اهو هاڻي کان هو جو اسان محافظن جي تمام گهڻي خطرناڪ حصي وٽ هئاسين. اتي هڪڙي ٻئي ساحل کان ٿورو اڳتي هڪڙو مقبري نما ٽوپي پهريل اوچو جبل هو. مان ٿڪجي پيو هوس. اهو ونجھ هلائڻ لاءِ وڏو مفاصلو ڪو نه هو پر جڏهن توهان تربيت کان ٻاهر هجو ته اهو هڪڙو طويل رستو ٿي پئي سگهيو. مون ڄاتو پئي ته مون کي سوئس پاڻيءَ ۾ پهچڻ کان اول ان جبل مان گذرڻو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ وڌيڪ پنج ميل اڳتي ڍنڍ ڏانهن وڃڻو آهي. چنڊ هاڻي لڳ ڀڳ هيٺ هو پر اهو آسمان کان هيٺ وڃڻ کان پهريان وري ڪڪرن سان ڇائنجي ويو ۽ اتي ڪافي انڌيرو ڇائنجي ويو. مان ٿوريءَ دير تائين ونجھ هلائيندي ڍنڍ کان ٻاهر سٺي نموني ترسيم، انهي کان پوءِ ساه پٽيم ۽ ونجهن کي جهلي بيٺس ته جيئن هوا ان جي مُٺين کي ڌڪي سگهي. ”مون کي ٿوريءَ دير جي لاءِ هلائڻ ڏي،“ ڪيٿرائن چيو ”مان نه ٿو سمجهان ته توکي هلائڻ گهرجي.“ ”احمق. اهو منهنجي لاءِ ٺيڪ رهندو. اهو مون کي گهڻو غيرلچڪدار ٿيڻ کان بچائيندو.“ ”مان نه ٿو سمجهان ڪيٽ ته توکي هلائڻ گهرجي.“ ”پرهيز سان ونجھ هلائڻ هڪڙي حامله عورت جي لاءِ ڪافي سٺو آهي.“ ”ٺيڪ آهي، تون ٿورو آرام سان هلائجانءِ. مان پوئتي ويندس، انهي کان پوءِ تون پوئتي ٿجانءِ. جڏهن تون واپس ورين ته ٻيڙيءَ جي ٻنهي مٿين حصن کان جهلي هلجانءِ. مان ٻيڙيءَ جي پويان پنهنجي ڪوٽ سميت ويٺس ۽ ان جا ڳلي بند کليل هئا ۽ ڪيٿرائن کي ونجھ هلائيندي ڏسڻ لڳس. هن ڪافي سٺي نموني سان ونجھ پئي ورايا پر اهي ڪافي ڊگها هئا ۽ انهن هن کي تنگ پئي ڪيو. مون ٿيلهو کوليو ۽ سموسن جو هڪڙو جوڙو کاڌو ۽ براندِيءَ جو هڪڙو جام پيتو. انهي هرشيءِ کي بهتر بڻائي ڇڏيو ۽ مون هڪڙو ٻيو جام پيتو. ”جيڪڏهن تون ٿڪجي پيئي آهين ته مون کي ٻڌاءِ،“ مون چيو. انهي کان ٿورو دير بعد، ”ٻاهر ونجھ ڏانهن ڏس ڪٿي اهو تنهنجي پيٽ کي ته نه ٿو لڳي.“ ”جيڪڏهن اهو ان کي لڳو ته ـــــــــــ“ ڪيٿرائن ونجھ هلائيندي چيو، ”زندگي گهڻي سادي هئڻ گهرجي ـــــــ.“ مون برانڊيءَ جو هڪڙو ٻيو جام پيتو. ”تون ڪيئن پيئي هلين؟“ ”بلڪل ٺيڪ.“ ”جڏهن تون روڪڻ چاهين ته مون کي ٻڌائجانءِ.“ ”ٺيڪ آهي.“ مون برانڊيءَ جو هڪڙو ٻيو جام پيتو، انهي کان پوءِ ٻيڙيءَ جي ٻن مٿين پاسن کي قابو ڪيو ۽ اڳتي هلڻ لڳس. ”نه مان. خوبصورتيءَ سان ڪاهي رهي آهيان.“ ”ٻيڙيءَ جي پوئين پاسي ڏانهن وڃ. مون عاليشان آرام ڪيو آهي.“ ”ٿوريءَ گهڙيءَ جي لاءِ، برانڊيءَ سان گڏ، مون آساني ۽ آرام سان ڪاهيو.“ ”انهي کان پوءِ مون کيکڙا پڪڙڻ شروع ڪيا ۽ مان انهن کي ڪٽي ڪري انهن مان نڪرندڙ زردات جو سرمئي سواد وٺي رهيو هوس ڇاڪاڻ جو مون برانڊي پيئڻ کان پوءِ تمام گهڻو ونجھ هلايو هو. ”مون کي پاڻيءَ چڪو پيئار، پيئاريندينءَ نه؟“ مون چيو. ”اهو سئولو آهي،“ ڪيٿرائن چيو. باک ڦٽِيءَ کان پهريان اتي بوندا باري پوڻ لڳي. هوا هيٺ هئي يا وري اسان انهن جبلن جي تحفظ ۾ هئاسين جن انهي موڙ کي گهيري رکيو هو جيڪي ڍنڍ جوڙيا هئا. جڏهن مون ڄاتو ته باک ڦٽڻ واري آهي مان آرام سان ويهي رهيس ۽ سختيءَ سان ونجھ ورائڻ لڳس. مون نه پئي ڄاتو ته اسان ڪٿي هئاسين ۽ مون ڍنڍ جي سوئس واري پاسي ۾ گهڙڻ پئي چاهيو. جڏهن اتي باک ڦٽڻ جي ابتدا ٿيڻ لڳي ۽ اسان ڪناري جي بلڪل قريب هئاسين. مان پٿرائون ساحل ۽ وڻ ڏسي پئي سگهيس. ”اهو ڇا آهي؟“ ڪيٿرائن پڇيو. مان ونجهن تي آهلجي ويس ۽ ان جي آواز کي ٻڌڻ لڳس. اها هڪڙي موٽر واري ٻيڙي هئي. مان مٿي ساحل جي ويجهو ڪاهڻ لڳس ۽ چپ چاپ هوس. انجڻ جو آواز ويجهو ٿيڻ لڳو؛ انهي کان پوءِ برسات ۾ اسان پنهنجي پٺيان کان ٿورو پرڀرو موٽر واري ٻيڙيءَ کي ڏٺوسين. اتي اقتصادي پوليس وارا چار ڄڻا هئا جيڪي پنهنجي ٻيڙيءَ جي پٺيان کان ويٺا هئا، انهن جا سرپيچي ٽوپلا هيٺ ڇڪيل هئا، انهن جي ٽوپين جا گلي بند مٿي مڙيل هئا ۽ انهن جون ننڍڙيون گهنڊ مشينيون انهن جي پٺن جي آرپار لٽڪيل هيون. اهي سڀيئي صبح جو ايترو سوير ننڊاکڙا لڳي رهيا هئا. مان انهن جي ٽوپلن تي پيلاڻ ۽ انهن جي گلي بندن تي پيلا نشان ڏسي پئي سگهيس. موٽر واري ٻيڙيءَ جي انجڻ پاڻيءَ ۾ ڦڙ ڦڙ ڪري رهي هئي ۽ اها وسڪاري ۾ نظرن کان اوجهل هئي. جيڪڏهن اسان سرحد جي ايترو ويجهو ٿي ويا آهيون مون نه پئي چاهيو ته رستي تي اسان جو ڪو رکوالو آڌر ڀاءُ ڪري. مان ٻاهر رڪجي ويندس جتان مان ڪناري کي ڏسي سگهان ۽ مون وسندڙ مينهن ۾ هڪڙي گهنٽي جي ٽين چوٿائيءَ جيترو ونجھ هلايو. اسان هڪ دفعو ٻيهر هڪڙي موٽر واري ٻيڙيءَ جو آواز ٻڌوسين پر مون خاموشي اختيار ڪئي جيسين انجڻ جو آواز ڍنڍ جي آرپار هليو ويو. “مان سمجهان ٿو ته اسان سوئزرلينڊ ۾ آهيون، ڪيٽ،“ مون چيو. ”واقعي؟“ ”ان کي ڄاڻڻ لاءِ اتي ٻيو ڪو به رستو ڪونهي جيسين اسان سوئس جٿن کي نه ڏسون.“ ”يا سوئس بحري فوج کي.“ ”سوئس بحري فوج اسان جي لاءِ ڪو چرچو ناهي. اسان جنهن آخري ٻيڙيءَ جو آواز ٻڌوسين اها غالباَ سوئس بحري فوج هئي.“ ”جيڪڏهن اسان سوئزرلينڊ ۾ آهيون ته پوءِ اچ ته هڪڙو وڏو نيرانو ڪيون. اسان وٽ زبردست رول آهن ۽ مکڻ ۽ مٺو مُربو (جيم) آهي سوئزرلينڊ ۾.“ هاڻي صاف ڏينهن ٿي ويو هو ۽ زبردست وسڪارو جاري هو. اڃا تائين ڍنڍ جي مٿان هوا گهلي رهي هئي ۽ اسان سفيد جهڳ کي ڍنڍ جي مٿان پاڻ کان پري ٿيندي ڏسي رهيا هئاسين. مون کي يقين ٿي ويو ته اسان سوئزرلينڊ ۾ هئاسين. اتي وڻن جي پٺيان ساحل کان ڪيترائي گهر هئا ۽ ساحل کان اڳتي هڪڙي رستي وٽان پٿراون گهرن سان هڪڙو ڳوٺ هو، اتي ٽڪرين تي ڪجھ ولاز ۽ هڪڙو گرجا گهر هو. مان هڪڙي رستي ڏانهن ڏسي رهيو هوس جيڪو ساحل کي پهريدارن سان گهيرڻ لاءِ مقرر ٿيل هو پر مون کي ڪو به نظر ڪو نه آيو. رستو هاڻي ڍنڍ جي قريب ٿي ويو ۽ مون هڪڙي سپاهيءَ کي هڪڙي ڪيفي کان ٻاهر رستي تي ڏٺو. هن کي هڪڙي سليٽي سائي رنگ جي وردي پاتل هئي ۽ هڪڙو جرمنن جهڙو ٽوپلو پاتل هو. هن جي صحتمنداڻي صورت هئي ۽ ڏندن کي صاف ڪرڻ واري هڪڙي ننڍڙي برش جهڙيون مڇون هيون. هن اسان ڏانهن نهاريو. ”هن ڏانهن هٿ لوڏ،“ مون ڪيٿرائن کي چيو. هن هن ڏانهن هٿ لوڏيو ۽ سپاهيءَ شرمساريءَ وچان مسڪرايو ۽ هن پڻ پنهنجي هٿ کي لوڏيو. مون ونجھ هلائڻ کان جان ڇڏائي ورتي هئي. اسان ڳوٺ جي پاڻيءَ کان متصل حصي وٽان گذري رهيا هئاسين. ”اسان کي لازماَ سٺي نموني سرحد جي اندر هئڻ گهرجي،“ مون چيو. “جانِ من، اسان کي پڪ ڪرڻ گهرجي. اسان نه ٿا چاهيون ته اهي اسان کي سرحد ڏانهن واپس ورائي ڇڏين.“ ”محاذ واپسيءَ جو هڪڙو طويل رستو آهي. مان ڀايان ٿو ته هي محصولاتن وارو قصبو آهي. مون کي پورو يقين آهي ته اهو بِرِيساگو آهي.“ ”ڇا اتي اطالوي نه ٿا ٿي سگهن؟ هڪڙي محصولاتن واري قصبي ۾ اتي اڪثر طور تي ٻئي ڌريون هونديون آهن.“ ”جنگ جي وقت ۾ نه هونديون آهن. مان نه ٿوسمجهان ته اهي اطالوين کي سرحد پار ڪرڻ ڏيندا.“ اهو ڏسڻ ۾ هڪڙو ننڍڙو ۽ زبردست قصبو هو. اتي گهاٽ وٽ ڪيتريون ئي مڇيءَ مارڻ واريون ٻيڙيون هيون ۽ ڄار ڄاريدان ۾ رکيل هئا. اتي نومبر جو زبردست وسڪارو پئجي رهيو هو پر اهو ايتريقدر جو برسات جي باوجود به خوشيءَ سان ڀرپور ۽ صاف نظر اچي رهيو هو. ”ته پوءِ ڇا اسان قدم رکون ۽ نيرانو ڪيون.“ ”ٺيڪ آهي.“ مون کاٻي پاسي کان ونجھ کي زور سان ڇڪيو ۽ ويجهو سري آيس، پوءِ جڏهن اسان گهاٽ جي قريب هئاسين مان سڌو ٿي بيٺس ۽ ٻيڙيءَ کي لڳو لڳ آندم. مون ونجهن کي اندر ڇڪيو، هڪڙي لوهي دائري کي سوگهو ڪيم، مٿي آلي پٿر تي قدم بوس ٿيس ۽ سوئزرلينڊ ۾ هوس. مون ٻيڙيءَ کي ٻَڌو ۽ هيٺ ڪيٿرائن لاءِ پنهنجو هٿ جهلي بيٺس. ”.مٿي اچ، ڪيٽ. اها هڪڙي عظيم محسوسات آهي.“ ”ٿيلهن جي باري ۾ ڇا ڪجي؟“ ”انهن کي ٻيڙيءَ ۾ ڇڏي ڏي.“ ڪيٿرائن مٿي قدم رکيا ۽ اسان ٻئي سوئزرلينڊ ۾ گڏ هئاسين. ”ڪيترو نه خوبصورت ملڪ آهي،“ هن چيو. ”ڇا اهو عاليشان ناهي؟“ ”اچ ته هلون ۽ ناشتو ڪيون!“ ”ڇا اهو عاليشان ملڪ ناهي؟ مان پنهنجي جوتن جي هيٺان محسوس ٿيندڙ رستي سان پيار ڪيان ٿي.“ ”مان ايترو ته وٺجي ويو آهيان جو مان ان کي سٺي طريقي سان محسوس ئي نه ٿو ڪري سگهان. پر اهو ڪنهن عاليشان ملڪ جيان محسوس ٿئي ٿو. جانِ من، ڇا تون محسوس ڪرين ٿي ته اسان هتي آهيون ۽ ان واهيات هنڌ کان نڪري چڪا آهيون؟“ ”ها مان ڪيان ٿي. مان واقعي ڪيان ٿي. مون ان کان پهريان ڪڏهن به ٻي ڪنهن به شيءِ کي ايئين محسوس نه ڪيو آهي.“ ”گهرن ڏانهن ته نهار. ڇا اهو هڪڙو زبردست چئوسُول ناهي؟ اتي هڪڙي جاءِ آهي جتي اسان ناشتو ڪري سگهون ٿا. ”ڇا برسات عمدي ناهي؟ انهن وٽ اتي اٽليءَ ۾ ڪڏهن به ههڙي برسات ڪو نه پوندي هئي. اها بارش خوشين سان معمور آهي.“ ”۽ اسان هتي آهيون، جان من! ڇا تون محسوس ڪرين ٿي ته اسان هتي آهيون؟“ اسان ڪيفي جي اندر وياسين ۽ هڪڙي صاف سُٿري ڪاٺ جي ميز تي ويهي رهياسين. اسان ايترو پرجوش هئاسين ڄڻ اسان خماريل هجون. هڪڙي زبردست صاف سٿري عورت جنهن کي پيش بند پهريل هو آئي ۽ اسان کان معلوم ڪيائين ته اسان ڇا پئي چاهيو. ”رول، جيم، ۽ ڪافي،“ ڪيٿرائن چيو. ”مون کي افسوس آهي، اسان وٽ جنگ جي وقت دوران رول ناهن.“ ”ته پوءِ بريڊ.“ ”مان ڪجھ ڊبل روٽيون سيڪي سگهان ٿي.“ ”ٺيڪ آهي.“ ”مان ڪجھ پڪل انڊا پڻ گهران ٿو.“ ”معزز ماڻهوءَ لاءِ ڪيترا انڊا هجن؟“ ”ٽي.“ “جانِ من، چار وٺ.“ ”چار انڊا.“ ”عورت هلي ويئي. مون ڪيٿرائن کي چمي پاتي ۽ هن جي هٿ کي زور سان ٻيڪڙايو. اسان هڪٻئي ڏانهن ۽ ڪيفي ڏانهن نهاريوسين. ”دلبر، دلبر، ڇا اهو حسين ناهي.“ ”اهو عاليشان آهي،“ مون چيو. ”جيڪڏهن اتي رول ناهن ته مان ان کي برو نه ٿي ڀايان،“ ڪيٿرائن چيو. ”مون انهن جي باري ۾ ساري رات سوچيو هو. پر مان ان کي برو نه ٿي ڀايان. مان ان کي بلڪل به برو نه ٿي ڀايان. ”مان سمجهان ٿو ته اهي جلد ئي اسان کي گرفتار ڪندا.“ ”ڪا ڳالھ ناهي، جاني. اسان پهريان ناشتو ڪنداسين. تون ناشتي کان پوءِ گرفتار ٿي وڃڻ کي برو ڪو نه سمجهندين. ۽ پوءِ اتي اهڙو ڪجھ ڪرڻ جي لاءِ هنن وٽ ڪجھ به ڪونهي. اسان سٺي بيهڪ وارا برطانوي ۽ آمريڪي شهري آهيون. “تو وٽ هڪڙو پاسپورٽ آهي، آهي نه؟“ ”يقيناَ. او اچ ته انهيءَ جي باري ۾ نه ڳالهايون. اچ ته خوش ٿيون.“ ”مان ڪا به خوشي ڪري نه ٿو سگهان،“ مون چيو. هڪڙي خاڪستري رنگ جي ٻلي هڪڙي اهڙي پڇ سان جنهن کي اها هڪڙي کنڀ جيان هلائي رهي هئي اسان جي ميز واري فرش تان گذري ۽ منهنجي ڄنگھ جي پٺيان مڙي هر وقت ڌيمي ڌيمي آواز ۾ ميائون ميائون ڪندي پاڻ کي منهنجي ڄنگھ سان مهٽي رهي هئي. مان هيٺ تائين جهڪي ويس ۽ ان جي مٿان نرميءَ سان هٿ ڦيرايم. ڪيٿرائن مون ڏانهن خوشيءَ وچان مسڪرايو. ”ڪافي اچي رهي آهي،“ هن چيو. انهن اسان کي ناشتي کان پوءِ گرفتار ڪيو. اسان هڪڙي ڳوٺ وچان ٿورو پنڌ پياسين انهيءَ کان پوءِ اسان گهاٽ ڏانهن پنهنجا ٿيلها کڻڻ وياسين. هڪڙو سپاهي ٻيڙيءَ جي مٿان پهرو ڏئي رهيو هو. ”ڇا هيءَ توهان جي ٻيڙي آهي؟“ ”ها.“ ”توهان ڪٿان پيا اچو.“ ”اڳيان ڍنڍ کان.“ ”ته پوءِ مان توهان کي چوان ٿو ته مون سان گڏ هلو.“ ”ٿيلهن جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ ”توهان ٿيلها پاڻ سان گڏ کڻي سگهو ٿا.“ مون ٿيلها کنيا ۽ ڪيٿرائن منهنجي ڀرسان هلڻ لڳي ۽ سپاهي اسان جي پويان هو هو اسان کي پراڻي محصول گهر ڏانهن وٺي ويو. محصول گهر ۾ هڪڙي سنهڙي ملٽريءَ واري ليفٽيننٽ اسان کان سوال ڪيو. ”توهان جي قوميت ڪهڙي آهي؟“ ”آمريڪي ۽ برطانوي.“ ”مون کي پنهنجا پاسپورٽ ڏسڻ ڏيو. مون هن کي پنهنجو پاسپورٽ ڏنو ۽ ڪيٿرائن پنهنجي هٿ واري ٿيلهي مان ٻاهر ڪڍيو. هن ان کي ڪافي وقت لاءِ چڪاسيو. ”توهان ههڙي طريقي سان سوئزرلينڊ ۾ ڇاڪاڻ داخل ٿيا؟“ ”مان هڪڙو رانديگر آهيان،“ مون چيو. ”ونجھ هلائڻ منهنجو وڏو مشغلو آهي.“ ”توهان هتي ڇا لاءِ آيا آهيو؟“ ”سرديءَ جي راندين لاءِ، اسين سياح آهيون ۽ اسان سرديءَ جون رانديون رچائڻ گهرون ٿا.“ ”هيءَ سرديءَ جي راندين رچائڻ جو هنڌ ناهي.“ ”اسان اهو ڄاڻون ٿا. اسان اوڏانهن وڃڻ چاهيون ٿا جتي اهي سردين جون رانديون رچائيندا آهن.“ ”توهان اٽليءَ ۾ ڇا ڪري رهيا هئا؟“ ”مان فنِ تعمير جو مطالعو ڪري رهيو هوس. منهنجي سئوٽ آرٽ جو مطالعو ڪري رهي هئي.“ ”توهان اتان ڇو ڇڏيو؟“ ”اسان سردين جون رانديون رچائڻ گهرون ٿا. ڪو هلندڙ جنگ دوران فنِ تعمير جو مطالعو ڪري نه ٿو سگهي.“ ”توهان مهرباني ڪري اتي ئي ترسندا جتي توهان آهيو،“ ليفٽيننٽ چيو. هو واپس عمارت ۾ اندر گهڙي ويو ۽ اسان جي پاسپورٽن سان گڏ موٽي آيو. ”جاني، تون شاندار آهين،“ ڪيٿرائن چيو. ”ساڳي ئي رستي تي هل. ڇا تون سردين جون رانديون رچائڻ چاهين ٿي؟“ ”ڇا تون آرٽ جي باري ۾ ڪجھ به ڄاڻين ٿي؟“ ”روبَنز،“ ڪيٿرائن چيو. ”ڊگهو ۽ ٿلهو،“ مون چيو. ”ٽائيشن،“ ڪيٿرائن چيو. (Titian:ٽِي زيانو ويسيلي Tiziano Vecelli يا ٽِيِ زيانو ويسِليئو Tiziano Vecellio جنهن کي انگريزيءَ ۾ ٽائيشن ڪوٺيو ويندو آهي، هڪڙو اطالوي مصور هو، جيڪو سورنهين صدي جي وينيس جي اسڪول جو مکيه رڪن هو. ـــ مترجم) ”ٽائيشن جيان ڇڏيل وارن وارو،“مون چيو. ”مينتيگنا جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ (Mantegna: اينڊريا مينتيگنا Andrea Mantegna پندرهين صديءَ جو اطالوي مصور ــ مترجم) ”ڏکيا سوال نه ڪر،“ ”ڪيٿرائن چيو. “جڏهن ته البت مان ان جي باري ۾ ڪافي تلخيءَ سان ڄاڻان ٿو.“ ”تلخيءَ سان،“ مون چيو. ”ڪوڪن جا ڪيترائي سوراخ.“ ”تون ڏسندين ته مان تو لاءِ هڪڙي سٺي گهر واري بڻنديس،“ ڪيٿرائن چيو. ”مان تنهنجي گراهڪن سان آرٽ جي باري ۾ ڳالهائڻ جي قابل بڻنديس.“ .هوڏانهن هو اچي ٿو،“ مون چيو. سنهڙو ليفٽيننٽ محصول گهر جي ويڪر وٽان هيٺ آيو هن جي هٿ ۾ اسان جا پاسپورٽ هئا. ”مون کي توهان کي لوڪارنو ڏانهن موڪلڻو پوندو،“ هن چيو. “توهان هڪڙو ٽانگو پڪڙي سگهو ٿا ۽ هڪڙو سپاهي توهان سان گڏ هلندو.“ ”ٺيڪ آهي،“ مون چيو. “ٻيڙيءَ جي باري ۾ ڇا ٿا چئو؟“ ٻيڙي ضبط ڪئي ويئي آهي. توهان جو انهن ٿيلهن ۾ ڇا آهي؟“ هو ٻنهي ٿيلهن ڏانهن ويو ۽ برانڊيءَ جي هڪ چوٿائي واري بوتل کي مٿي جهلي بيٺو. ”ڇا توهان مون سان پيئڻ ۾ شامل ٿيندا؟ مون پڇيو. “نه توهان جي مهرباني.“ هو سڌو ٿي بيٺو. ”توهان وٽ ڪيترا پيسا آهن.“ ”پنجويھ سئو لاير.“ ”هو طرفداراڻي انداز سان متاثر هو. ”تنهنجي سئوٽ وٽ ڪيترا آهن؟“ ڪيٿرائن وٽ يارنهن سئو لايرن کان ٿوري مٿي رقم هئي. ليفٽيننٽ خوش ٿي ويو. اسان سان هن جي جابراڻي ورتاءُ ۾ گهٽتائي اچي ويئي. ”جيڪڏهن توهان سرديءَ جي راند کيڏڻ چاهيو ٿا،“ هن چيو، ”وينجن هڪڙو هنڌ آهي. منهنجي والد جو وينجن ۾ تمام زبردست هوٽل آهي. اهو سارو وقت کليل رهندو آهي. ”اهو ڪافي شاندار آهي،“ مون چيو. ”ڇا توهان مون کي نالو ڏئي سگهو ٿا؟“ ”مان اهو هڪڙي ڪارڊ تي لکندس.“ هن ڪافي شائستگيءَ سان ڪارڊ منهنجي حوالي ڪيو. ”سپاهي توهان کي لوڪارنو ڏانهن وٺي ويندو. هو توهان جا پاسپوٽ پاڻ وٽ رکندو. مان ان جو افسوس ٿو ڪيان پر اهو لازمي آهي. مان ڀلي اميد ٿو ڪيان ته اهي توهان کي لوڪارنو ۾ هڪڙي ويزا يا پوليس جو تحريري اجازت نامو ڏيندا.“ هن ٻه پاسپورٽ سپاهيءَ جي حوالي ڪيا ۽ ٿيلها کڻندي اسان هڪڙي ٽانگي جو حڪم ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڏانهن هلڻ شروع ڪيوسين.“ ”هاءِ،“ ليفٽيننٽ سپاهيءَ کي سڏ ڪيو. هن جرمن لهجي ۾ هن کي چيو. سپاهيءَ پنهنجي رائيفل کي پٺيءَ ۾ لٽڪايو ۽ ٿيلها مٿي کنيا. ”اهو هڪڙو عظيم ملڪ آهي،“ مون ڪيٿرائن کي چيو. ”اهو ڪافي باعمل آهي.“ ”توهان جي تمام گهڻي مهرباني،“ مون ليفٽيننٽ کي چيو. هن پنهنجو هٿ لوڏيو. ”خدمت گذاري!“ هن چيو. اسان پنهنجي پهريدار جي پويان ڳوٺ ۾ وياسين. سپاهي اڳين نشست تي ڊارئيور سان گڏ ويٺو ۽ ٽانگي سوار لوڪارنو ڏانهن هڪلڻ لڳو. لوڪارنو ۾ اسان کي ڪو به برو وقت پيش نه آيو. انهن اسان کان پڇا ڳاڇا ڪئي پر اهي شائسته هئا ڇاڪاڻ جو اسان وٽ پيسا ۽ پاسپورٽ هئا. مان نه ٿو سمجهان ته انهن ڪهاڻيءَ جي ڪنهن به لفظ کي تسليم ڪيو هجي ۽ مون سمجهيو ته اها احمقاڻي هئي پر اها هڪڙي قانوني عدالت جيان هئي. انهن کي ڪا به معقول شيءِ گهربل ڪو نه هئي، انهن ڪجھ تڪنيڪي شيءِ پئي چاهي ۽ پوءِ بنا ڪنهن وضاحت جي انهي جي حمايت پئي ڪئي. پر اسان وٽ پاسپورٽ هئا ۽ اسان پيسا خرچ ڪرڻ وارا هئاسين. تنهنڪري انهن اسان کي عارضي ويزا ڏني. ڪنهن به وقت تي اها ويزا واپس ٿي پئي سگهي. اسان جيڏانهن به وينداسين اسان پوليس کي رپورٽ ڪنداسين ”ڇا اسان جيڏانهن به وڃڻ چاهيون وڃي سگهون ٿا؟“ ”ها.“ ”اسان ڪيڏانهن هلڻ چاهيون ٿا“ ”ڪيٽ، تون ڪيڏانهن هلڻ چاهيندينءَ؟“ ”مونترس / مونترو Montreux“. ”اهو هڪڙو زبردست هنڌ آهي،“ اهلڪار چيو. ”مان سمجهان ٿو توهان کي اهو هنڌ پسند ايندو.“ ”هتي لوڪارنو ۾ هڪڙو زبردست هنڌ آهي،“ هڪڙي ٻئي اهلڪار چيو. ”مون کي يقين آهي توهان ان کي هتي لوڪارنو ۾ پسند ڪندا. لوڪارنو ڪافي پرڪشش هنڌ آهي.“ ”اسان ڪنهن اهڙي هنڌ کي پسند ڪنداسين جتي ڪا سرديءَ واري راند هجي.“ ”اتي مونترو ۾ سرديءَ واري ڪا به راند ڪونهي.“ ”مان توهان کان معافيءَ جو طلبگار آهيان،“ هڪڙي ٻئي اهلڪار چيو. ”منهنجو تعلق مونترو سان آهي. اتي مونترو اوبرلينڊ بيرنوئس ريلوي وٽ يقيناَ سرديءَ واري راند آهي.“ ”انهي کان انڪار ڪرڻ توهان لاءِ غلط هوندو.“ ”مان ان کان انڪار نه ٿو ڪيان. مون صرف اهو چيو ته مونترو ۾ سردين واري ڪا به راند ڪونهي.“ ”مان انهي تي اعتراض واريان ٿو،“ ٻئي اهلڪار چيو. ”مان ان بيان تي اعتراض واريان ٿو.“ ” مان بيان تي قائم آهيان.“ ”مان ان بيان تي اعتراض واريان ٿو. مان پاڻ سر مونترو جي گهٽين ۾ برف جي گاڏيءَ تي گهميو آهيان. مون اهو هڪڙو دفعو نه پر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي. برف گاڏيءَ تي هلڻ يقيناَ سردين واري راند آهي.“ ٻيو اهلڪار مون ڏانهن مڙيو. ”سائين، ڇا توهان برف گاڏيءَ تي هلڻ کي سردين جي راند تصور ڪيو ٿا؟ مان توهان کي چوان ٿو ته هتي لوڪارنو ۾ اهو ڪافي آرامده هوندو. توهان کي صحتمنداڻي موسم ملندي، توهان کي پرڪشش ماحول ملندو. توهان ان کي تمام گهڻو پسند ڪندا.“ ”لُوجِنگ ( luging: برف گاڏيءَ تي هلڻ) ڇا آهي؟“ مون پڇيو. ”توهان ڏسو ٿا هن ڪڏهن لُوجنگ جي باري ۾ ڪونه ٻڌو آهي!“ ٻئي اهلڪار جي لاءِ اهو وڏي پئماني تي معنيٰ خيز هو. هن کي اهو ٻڌي ڪافي سرهائي ٿي. ”لُوجنگ،“ پهرين اهلڪار چيو، ”ٽوبوگيننگ،“ آهي. ( tobogganing: برف گاڏي) ”مان امتياز رکڻ لاءِ معافي ٿو وٺان،“ ٻئي اهلڪار پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. ”مون کي لازماَ وري به امتياز رکڻ گهرجي. ٽوبوگن لُوج کان ڪافي مختلف آهي. ٽوبوگن ڪينيڊا ۾ ڪاٺِ جي تختين مان جوڙي ويندي آهي. لُوج ڀڄندڙن سان گڏ هڪڙي عام برفاني گاڏي آهي. درستگي به ڪاشيءِ هوندي آهي.“ ”ڇا اسان ٽوبوگن ڪري نه ٿا سگهون؟“ .يقيناَ توهان ڪري سگهو ٿا،“ پهرين عملدار چيو. ”توهان تمام بهتر نموني سان ڪري سگهو ٿا. مونترو ۾ ڪينيڊا جون انتهائي زبردست ٽوبوگنس وڪرو ڪيون وينديون آهن. اوڪس برادرز ٽوبوگنس وڪرو ڪندا آهن.“ ”اهي پنهنجون ٽوبوگنس درآمد ڪندا آهن.“ ٻيو اهلڪار مڙي ويو. “ٽوبگيننگ،“ هن چيو، ”جي لاءِ برف زار ۾ بڻايل هڪڙو خاص رستو گهربل هوندو آهي. توهان مونترو جي گهٽين ۾ ٽوبوگن ڪري نه ٿا سگهو. توهان هتي ڪٿي ترسي رهيا آهيو؟“ ”اسان نه ٿا ڄاڻون،“ مون چيو. “اسان بريساگو کان بلڪل نڪري وياسين . ٽانگو ٻاهر آهي.“ ”توهان مونترو ڏانهن وڃڻ ۾ ڪا به غلطي نه ڪجو،“ پهرين اهلڪار چيو. “توهان کي موسم دلڪش ۽ خوبصورت نظر ايندي. سردين جي راند لاءِ توهان کي گهڻو مفاصلو درڪار نه هوندو. ”جيڪڏهن توهان واقعي ۾ سردين جي راند کيڏڻ چاهيو ٿا،“ ٻئي اهلڪار چيو، ”توهان کي اينگيڊائن يا مورِن ڏانهن وڃڻو پوندو. سردين جي راند جي لاءِ توهان کي مونترو ڏانهن وڃڻ جي لاءِ ڏنل صلاح جي مون کي لازماَ مخالفت ڪرڻ گهرجي.“ ”مونترو کان مٿي ليس ايوانتس وٽ اتي سردين جون هر قسم جون زبردست رانديون رچايون وينديون آهن.“ مونترو جي حامي پنهنجي ساٿيءَ جو ڌيان ڇڪرائيندي چيو. ”حضرات،“ ”مون چيو، ”مونکي افسوس آهي ته اسان کي هلڻ گهرجي. منهنجي سئوٽ ڪافي ٿڪل آهي. اسان آزمائشي طور تي مونترو ڏانهن وينداسين.“ ”مان توهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو،“ پهرين اهلڪار منهنجو هٿ جهليو. ”مان سمجهان ٿو توهان لوڪارنو کي ڇڏي ڪري پڇتائيندا،“ ٻئي اهلڪار چيو.”توهان ڪنهن به قيمت تي مونترو وٽ پوليس کي رپورٽ ڪندا.“ ”اتي پولس وٽ ڪنهن به قسم جي ڪا به ناخوشگواري پيش نه ايندي،“ پهرين اهلڪار مون کي يقين ڏياريو. ”توهان کي سمورا باشنده انتهائي شائسته ۽ دوستاڻا ملندا.“ ”توهان ٻنهيءَ جي تمام وڏي مهرباني،“ مون چيو. ”اسان توهان جي صلاح کي تمام گهڻو واکاڻيون ٿا.“ ”الوداع،“ ڪيٿرائن چيو. ”توهان ٻنهيءَ جي تمام گهڻي مهرباني.“ اهي تعظيم وچان اسان جي لاءِ جهڪي بيٺا لوڪارنو جو حامي ڪجھ ٿڌائپ مان جهڪي بيٺو. اسان ٽانگي ۾ هيٺ سُري ويٺاسين. ”منهنجا خدا، جاني،“ ڪيٿرائن چيو. ”ڇا اسان جلديءَ ۾ پڄي نه ٿا سگهون؟“ مون هڪڙي هوٽل جو نالو کنيو جيڪو هڪڙي اهلڪار ٽانگي سوار کي تجويز ڪيو هو. هن مهارون مٿي ڪيون. ”تو فوج کي وساري ڇڏيو آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ٽانگي جي پاسي کان سپاهي بيٺو هو. مون هن کي ڏهن ليرن جو نوٽ ڏنو. ”مون وٽ اڃا تائين سوئس پيسا نه آهن،“ مون چيو. هن منهنجو شڪريو ادا ڪيو، سلام ڪيو ۽ هليو ويو. ٽانگو هلڻ لڳو ۽ اسان هوٽل پهتاسين. ”تو مونترو جو انتخاب ڪيئن ڪيو؟“ مون ڪيٿرائن کان پڇيو. ”ڇا تون واقعي ۾ اوڏانهن وڃڻ چاهين ٿي؟“ ”اهو پهريون هنڌ هو جنهن جي باري ۾ مان هڪدم سوچي سگهيس،“ هن چيو. ”اهو خراب هنڌ ناهي. اسان مٿي پهاڙن ۾ ڪو نه ڪو هنڌ ڳولهي سگهون ٿا.“ ”ڇا تون ننڊاکڙو آهين؟“ ”مان هينئر صفا سُن ٿي ويو آهيان. اسان هڪڙو سٺو آرام ڪنداسين. معصوم ڪيٽ، تو هڪڙي ڊگهي بري رات گذاري.“ ”مون هڪڙو حسين وقت گذاريو،“ ڪيٿرائن چيو. ”خاص طور تي جڏهن تو ڇٽيءَ کي بادبان بڻائي هلايو.“ ”ڇا تون محسوس ڪرين ٿو ته اسان سوئزرلينڊ ۾ آهيون؟“ ”نه، مون کي افسوس آهي.“ ”مان سجاڳ ٿيندس ۽ اها حقيقيت نه هوندي.“ ”اهو سچ آهي، جاني، ڇا اهو سچ ناهي؟“ ”مان هيٺ اسٽيزيون ڏانهن ملان ۾ توکي بلڪل به ڇڏڻ نه وڃي رهيو آهيان.“ ”مان اميد ڪيان ٿو ته اهو ايئين نه هجي.“ ”ايئين نه چئو. اهو مونکي ڊيڄاري ٿو. ٿي سگهي ٿو اهو اتي هجي جيڏانهن اسان هلي رهيا آهيون.“ ”مان ايترو ته مدهوش آهيان جو مان نه ٿو ڄاڻان،“ مون چيو. ”مون کي پنهنجا هٿ ڏسڻ ڏي. مون انهن کي ٻاهر ڪڍيو. انهن ٻنهي ۾ لڦون پئجي ويون هيون.“ ”منهنجي پاسي ۾ ڪو به سوراخ ڪونهي،“ مون چيو. ”گستاخانه نه ٿي.“ مون ڪافي ٿڪل محسوس ڪيو ۽ مٿي ۾ مونجھ پئي لڳي. سموري خوشي هلي ويئي هئي. ٽانگو گهٽيءَ وٽان هلي رهيو هو. ”ويچارا هٿ،“ ڪيٿرائن چيو.