2
قصبي کان پرانهون پهاڙن تي واقح شاه بلوط جي وڻن جو ٻيلو غائب ٿي ويو هو. اونهاري ۾ جڏهن اسان قصبي ۾ آيا هئاسين ان وقت اهو ٻيلو سائو ستابو هو پر هاڻي وڻن جي ٿڙن ۽ ٽٽل ٽارين جا ڍڳ پيا هئا ۽ ميدان ۾ ڏار پئجي ويا هئا ۽ هڪڙي ڏينهن جڏهن خزان موڪلائي ويئي هئي جڏهن مان ٻاهر ويو هوس مون پهاڙ جي مٿان ڪڪر کي ايندي ڏٺو هو. اهو ڪافي تيزيءَ سان آيو ۽ سج مدهم پيلو ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ هر شيءِ سرمئي ٿي ويئي ۽ آسمان ڍڪجي ويو ۽ ڪڪر جبل تي هيٺ اچي بيٺو ۽ اچانڪ اسان ان ۾ گهڙي پياسين ۽ پوءِ برفباري ٿيڻ لڳي، ۽ برفباري هوا جي چوگرد جهڪي ٿي ويئي، اجڙيل ميدان ڍڪجي ويو، وڻن جا ٿڙ اڀا ٿي ويا، بندوقن تي برف ڄمي ويئي ۽ ان برف ۾ رستا هئا جيڪي خندقن جي پويان اٿ ويھ وارين جاين ڏانهن وڃي رهيا هئا.
بعد ۾ قصبي جي هيٺان، مون برفباري ڏٺي، جسم فروشي واري اڏي جي هڪڙي گهر جي کڙڪيءَ مان نهاريندي، جيڪو اعليٰ عملدارن لاءِ مخصوص هو، اتي مان پنهنجي هڪڙي دوست سان گڏ ويٺو هوس اسان جي آڏو ٻه گلاس پيل هئا اسان اطالوي شراب آستي پي رهيا هئاسون، ۽ ٻاهر آهستي آهستي وسندڙ برف کي ڏسي رهيا هئاسين، اسان ڄاتو پئي ته ان سال لاءِ ڪافي برفباري ٿي چڪي هئي. درياه جي پاسي کان موجود جبلن تي اڃا قبضو ڄمي ڪو نه سگهيو هو. اهو سڀ ڪجھ ايندڙ سال جي لاءِ ڇڏيو ويو هو. منهنجي دوست اسان جي ميس کان پادري کي ڏسي ورتو جيڪو گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هو، هو پِگهريل برف مان ڪافي احتياط سان گذري رهيو هو، منهنجي دوست دريءَ کي زور سان ڌڪ هنيو ته جيئن پادري اسان ڏانهن متوجھ ٿي سگهي. پادري اسان ڏانهن نهاريو. منهنجي دوست هن کي اسان ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيو. پادري پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندي اڳتي لنگهي ويو. ان رات ميس ۾ ڳوهيل اٽي مان بڻايل سيون کائڻ واري مرحلي پڄاڻان، جن کي هرهڪ ڪافي ڳنڀيرتا ۽ تڪڙ وچان کاڌو، سين کي ڏندائين چمچي وسيلي ايئين پئي ڦاسائي کنيائون جيئن انهن جو ڍريون لڙهيون لڙڪي بيهن تهان پوءِ انهن کي وات جي مٿان جهڪايائون پئي، ڪجھ فوجي وري لڳاتار طريقي سان کڻندي وات ۾ وجهندا پئي ويا اسان شراب پيئڻ دوران پنهنجي مدد پاڻ ڪري رهيا هئاسين ڇاڪاڻ جو اسان کي اهو گاه سان ڍڪيل گيلن ۾ رکيل ننڍڙين سوڙهين ڳچين وارين صراحين مان ٻاهر اوتڻو پئي پيو، اهي بوتلون هڪڙي ڌاتوئي هندوري ۾ لڏي رهيون هيون ۽ اسان کي صراحي جي ڳچيءَ کي آڱرين سان ڇڪڻو پئي پيو، جنهن مان مازي يا ڪسي جي تيزاب مان ٺهيل شراب کي ساڳي ئي هٿ سان جهليل گلاس ۾ اوتيوسين، هن سلسلي کانپوءِ، ڪپتان پادريءَ کي سندس منشا تي ڇڏي ڏنو.
پادري نوجوان هو ۽ با آساني هن جي چهري جي رنگت شرم کان سرخ ٿي ويندي هئي، هن کي اسان جهڙي ئي وردي پاتل هئي پر هن جي ڊگهي سرمئي جُبي جي کاٻي پاسي واري کيسي کان سرخ گهرو مخملي صليب جو نشان لٽڪيل هوندو هو. ڪپتان منهنجي مشڪوڪ فائدي لاءِ، مخلوط اطالوي ڀاشا ۾ ڳالهائيندو هو ته جيئن مان چڱي چوکي نموني سمجهي وڃان ۽ ڪابه شيءِ ضايع نه ٿي سگهي.
”اڄ پادري ڇورين سان گڏ هو،“ ڪپتان مون ڏانهن ۽ پادريءَ ڏانهن نهاريندي چيو. پادري مسڪرائي ڏنو ۽ لڄي ٿي ويو ۽ پنهنجو مٿو ڌوڻيائين. هي ڪپتان اڪثر طور تي هن تي طنز ڪندو رهندو هو. ”ڇا مان صحيح ناهيان؟“ ڪپتان پڇيو. ”اڄ مان پادريءَ کي ڇورين سان گڏ ڏٺو“. ”نه“. پادري جواب ڏيندي چيو. ٻيا عملدار اهڙي طنز تي ٻهڪي پيا. ”پادري ۽ ڇورين سان گڏ نه هجي“، ڪپتان چوندو رهيو. ”پادري ڪڏهن به ڇورين سان گڏ نه هوندو،“ هن بيان ڪندي مون کي چيو. هن منهنجو گلاس سوري ان کي ڀري ڇڏيو، هر وقت منهنجي اکين ڏانهن نهاريندو رهيو، پر پادري مان به نظر نه پئي ڪڍيائين.
”هڪڙو پادري هر رات پنجن پنجن سان گڏ.“ ميزن تي ويٺل هر ماڻهو مسڪرائيندو رهيو. ”توهان سمجهو ٿا؟ پادري هر رات پنجن پنجن سان گڏ.“ هن هڪڙي قسم جو اشارو ڪندي چيو. پادري ان کي هڪڙي لطيفي طور قبول ڪيو. ”پاپاءِ اعظم (پوپ) چاهي ٿو ته آسٽريا جنگ ۾ سوڀارو ٿئي،“ ميجر چيو. ”هو فرانز جوزف کي چاهي ٿو. اتان پئسو ملي ٿو. مان دهريو آهيان.“ ”ڇا توهان ’بليڪ پِگ‘ پڙهيو آهي.“ ليفٽيننٽ چيو. ”مان توهان کي ان جو نقل ڏيندس. ان منهنجي ايمان کي ڌوڏي ڇڏيو.“ ”اهو گندو ۽ قابلِ اعتراض ڪتاب آهي،“ پادريءَ چيو. ”تون واقعي ان کي پسند نه ٿو ڪرين.“ ”اهو ڪافي اهميت جوڳو آهي.“ ليفٽيننٽ چيو. ”ان ۾ اهڙي قسم جي پادرين بابت بيان ڏنو ويو آهي. توکي پسند ايندو،“ هن مون کي چيو. مون پادريءَ تي مسڪرائي ڏنو ۽ هن پڻ موم بتيءَ جي روشنيءَ جي آرپار مسڪرايو. ”ڇا تو نه پڙهيو آهي،“ هن چيو. ”مان تو لاءِ کڻي ايندس،“ ليفٽيننٽ چيو. ”سمورا سوچيندڙ انسان دهريا هوندا آهن،“ ميجر چيو. ”ليڪن مان فري ميسنن (:Freemasonsهڪڙي بين الاقوامي نظام جو رڪن جيڪو باهمي مدد ۽ رفاقت لاءِ قيام ۾ آندو ويو ۽ مفصل رازداراڻيون رسمون منعقد ڪندو آهي) کي ڪو نه ٿو مڃان.“ ”مان فريميسنن (Freemasons) کي مڃان ٿو“. ليفٽيننٽ چيو. ڪو اندر گهڙي آيو ۽ جيئن ئي دروازو کليو مون کي ٻاهر برفباري نظر آئي. ”هاڻي ڪا جارحيت نه ٿي سگهندي ڇاڪاڻ جو برفباري ٿي رهي آهي.“ مون چيو. ”بلڪل نه ٿيندي.“ ميجر چيو. ”توکي موڪل تي وڃڻ گهرجي. توکي روم، نيپلز يا سِسلي وڃڻ گهرجي.“ ”هن کي اَمالفِي ڏانهن وڃڻ گهرجي.“ ليفٽيننٽ چيو. مان توکي امالفي ۾ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪارڊ لکي ڏيندس. اهي توکي پٽ سمجهي پيار ڪندا.“ ”هن کي پالِيريمو ڏانهن وڃڻ گهرجي.“ ”هن کي ڪيپري ڏانهن وڃڻ گهرجي.“ ”مان چاهيان ٿو ته تون ابرُوزِي ڏانهن وڃ ۽ اتي ڪيپاراڪوٽا ۾ منهنجي خاندان سان مل،“ پادريءَ چيو. ”هن کي ٻڌو ابرُوزي جو ٿو چوي. اتي ته هتان کان به وڌيڪ برفباري ٿيندي آهي. هن کي هارين سان ملڻ جو ڪو شوق ڪونهي. هن کي ثقافت ۽ تهذيب جي مرڪز ڏانهن وڃڻ ڏيو. ”هن وٽ زبردست ڇوريون هئڻ گهرجن. مان توکي نيپلز ۾ جاين جا ڏس پتا ڏيان ٿو. اتي سهڻيون ڇوڪريون پنهنجي مائرن سان گڏ اينديون آهن. ها! ها! ها!“ ڪپتان پنهنجا هٿ ڦهلائي ڇڏيا، آڱوٺن سان ڪاميابيءَ جو اشارو ڏيندي، هن پنهنجون آڱريون ايئن ڦهلايون جيئن توهان پاڇولن واريون تصويرون جوڙيندا آهيو. هن جي هٿ جو پاڇو ديوار تي ٺهي بيٺو. هن هڪ دفعو ٻيهر مخلوط ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”تون هيئن وڃ“، هن آڱوٺي ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”۽ هينئن موٽي اچ،“ هن چيچ کي ڇهندي چيو. هرڪو کل ۾ ويڙهجي ويو. ”ڏس،“ ڪپتان چيو. هن هڪ دفعو ٻيهر هٿ کي ڦهلايو. هڪ دفعو ٻيهر موم بتي جي ڪري ان جو ديوار تي پاڇو ٺهي بيٺو. هن آڱوٺي کي سڌو ڪندي چيو ۽ آڱوٺي ۽ چئن آڱرين جا ترتيبوار نالا ٻڌائڻ لڳو ”سوتوتينيت (آڱوٺو)، ”تينيت“ (ڏسڻي آڱر)، ”ميگِي اور“ (وچين آڱر)، ۽ ”تينينت ڪولونيلو“ ( ٻاچ). ليفٽينٽ تون هليو وڃ ۽ سوير موٽي اچجانءِ“. سڀيئي کل ۾ ويڙهجي ويا. ڪپتان آڱرين واري راند ۾ ڪافي سڦلتا ماڻي رهيو هو. هن پادريءَ ڏانهن ڏسي دانهن ڪئي، ”پادري هر رات پنجن پنجن سان گڏ!“ سڀيئي فوجي وري ٽهڪن ۾ ويڙهجي ويا. ”تون جلدي موڪل ڪري هليو وڃ،“ ميجر چيو. ”مان به توسان گڏجي هلڻ چاهيان ٿو ۽ توکي ڪي شيون ڏيکاريندس.“ ليفٽيننٽ چيو. ”موٽ تي مون لاءِ فونوگراف آڻجانءِ“. ”ڪا سٺي اوپيرا (ناٽڪ) جي ڊسڪ آڻجانءِ.“ ”ڪارُوسو (اطالوي راڳ) آڻجانءِ.“ ”ڪاروسو نه آڻجانءِ. هي رڙيون ڪندو آهي.“ ”ڇا تون به هن وانگي روئڻ ۽ پٽڻ چاهين ٿو؟“ ”هي دانهون ڪندو آهي. مان چوان ٿو هي دانهون ڪندو آهي!“ ”مان توکي چوان ٿو ته تون ابرُوزي ڏي وڃ،“ پادريءَ وڏي واڪي چيو. ٻيا پڻ رڙيون ڪري رهيا هئا. ”اتي خاشو شڪار هوندو آهي. توکي ماڻهو وڻندا جيتوڻيڪ اتي ٿڌ پوندي آهي پر پوءِ به اتي چٽائي ۽ خشڪي هوندي آهي. تون منهنجي خاندان وٽ ترسي سگهين ٿو. منهنجو بابو مشهور شڪاري آهي.“ هاڻي ڇڏيو انهي ٻائيتال کي“. ڪپتان وراڻيو. ”اسان کي حُسن جي بازار ڏانهن هلڻ گهرجي ان کان اڳ ۾ جو اها ڪٿي بند نه ٿي وڃي.“ ”چڱو شب خير.“ مون پادريءَ کي چيو. ”شب خير.“ پادري وراڻيو.