ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

25

هاڻي خزان جي موسم ۾ سمورا وڻ ٺوڙها هئا ۽ رستا مٽيءَ هاڻا. مان يُوڊائن کان گورِيزيا ڏانهن ٽرڪ تي سوار ٿي ويس. اسان رستي تي ٻين ٽرڪن کان اڳ هڻي آياسين ۽ مون کيتن ڏانهن ڏٺو. شهتوتن جا وڻ ٺوڙها هئا ۽ کيت خاڪ رنگي هئا. اتي رستي تي ٺوڙهن وڻن جي قطارن کان گهميل سڪل پن پيل هئا ۽ ماڻهو رستن تي ڪم ڪري رهيا هئا، اهي رستي جي پاسي کان وڻ جي قطارن جي درميان ٽٽل پٿرن جي ڍڳ مان سڙڪن ۾ پيل ڏرن کي پٿرن سان ڀري رهيا هئا. اسان شهر کي ڏٺوسين جنهن جي مٿان ڌنڌ ڇانيل هو اهو پهاڙن جو مختصر رستو هو. اسان درياه ٽپياسين ۽ ڏٺوسين ته اهو تارون تار هو. اتي پهاڙن ۾ برسات وسي رهي هئي. اسان شهر ۾ آياسين صنعت گاهن مان گذرياسين ۽ پوءِ گهرن ۽ محلن مان ۽ مون ڏٺو ته اڃا ڪيترن گهرن کي نشانو بڻايو ويو هو. هڪڙي سوڙهي گهٽيءَ مان اسان هڪڙي برطانوي ريڊ ڪراس واري ايمبولنس وٽان گذرياسين. ڊرائيور کي هڪڙي ٽوپي پاتل هئي ۽ هن جو چهرو سنهڙو ۽ اس جي ڪري ڪافي سڙي ويو هو. مون هن کي نه پئي ڄاتو. مان شهر جي اڳيان ميجر جي گهر وٽان وڏي مربع ۾ ٽرڪ کان هيٺ لٿس، ڊرائيور ڪپڙن جو ٿيلهو منهنجي حوالي ڪيو ۽ مون ان کي کنيو ۽ ان کي ٻن فرانسيسي مشڪ بينن تي لٽڪايو ۽ پنهنجي ولا ڏانهن هلڻ لڳس. اها هڪڙي گهر ڏانهن واپسي واري محسوسات ڪو نه هئي. مان هيٺ گهميل روڙيدار گهر جي داخلي دروازي تي هلڻ لڳس ۽ وڻن وچان ولا ڏانهن نهاري رهيو هوس. سموريون دريون بند هيون پر دروازو کليل هو. مان اندر گهڙي پيس ۽ ميجر کي قليل ڪمري ۾ هڪڙي ميز تي نقشن سان ويٺل ڏٺم ۽ هو ديوار سان ڪاغذ جي ٽڪرن کي ٽائيپ ڪري رهيو هو. ”هيلو،“ هن چيو. ”تون ڪيئن آهين؟ هو پوڙهو ۽ سڪل پئي لڳو. ”مان ٺيڪ آهيان،“ مون چيو. ”هرشيءِ ڪيئن پيئي هلي؟“ ”اهو سڀ ختم ٿي ويو،“ هن چيو. ”پنهنجو سامان لاه ۽ ويھ.“ ”مون پنهنجو ٿيلهو ۽ مشڪ بين هيٺ فرش تي لاهي رکي ۽ پنهنجي ٽوپي ٿيلهي جي مٿان رکي ڇڏي. مان ديوار وٽان هڪڙي ٻي ڪرسي سوري آيس ۽ ميز جي ڀرسان ويهي رهيس. ”اهو هڪڙو خراب سانوڻ هو،“ ميجر چيو. ”ڇا هاڻي تون ٻلوان آهين؟“ ”ها.“ .ڇا توکي ڪڏهن ڪي اعزاز مليا؟“ ”ها. مون سٺي نموني ورتا. تنهنجي وڏي مهرباني.“ ”اچ ته انهن کي ڏسون.“ ”مون پنهنجو بنا ٻانهن وارو ننڍڙو ڪوٽ کوليو ته جيئن هو ٻه پٽيون ڏسي سگهي. ”ڇا توکي تمغن سان گڏ دٻيون مليون؟“ ”نه. صرف ڪاغذ.“ ”دٻيون بعد ۾ اينديون. انهن لاءِ وقت درڪار آهي.“ ”مان تنهنجي لاءِ ڇا ڪيان؟“ ”سڀ ڪاريون پري آهن. مٿي اتر ۾ اتي ڪيپوريٽو ۾ ڇھ بيٺيون آهن. توکي ڪيپوريٽو جي خبر آهي؟“ ”ها،“ مون چيو. اهو مونکي هڪڙي ننڍڙي سفيد قصبي طور ياد هو جيڪو گهنڊ واري مينار سان هڪڙي واديءَ ۾ واقحهو. اهو هڪڙو صاف سٿرو ننڍڙو قصبو هو ۽ اتي مربع ۾ هڪڙو عمدو چشمو هو. ”اهي اتان کان ڪم ڪري رهيا آهن. هاڻي ڪيترائي بيمار پيا آهن. ويڙه ختم ٿي ويئي آهي.“ ”ٻيا ڪٿي آهن؟“ ”ٻه مٿي پهاڙن ۾ آهن ۽ چار ڄڻا اڃا بينسِيزا تي آهن. ٻه ٻيا ايمبولنس وارا سيڪشن ڪارسو ۾ آهن ٽين فوج سان گڏ. ”تون منهنجي لاءِ ڇا ڪرڻ جو خواهشمند آهين؟“ ”جيڪڏهن تون چاهين ته تون بينسيزا تي چار گاڏيون سنڀالي سگهين ٿو. گِينو گهڻي وقت کان اتي مٿي آهي. تو هن کي اتي مٿي نه ڏٺو آهي، يا ڏٺو آهي؟“ ”نه.“ ”اهو ڪافي برو هو. اسان جون ٽي گاڏيون ضايح ٿي ويون.“ ”مون انهن جي باري ۾ ٻڌو هو.“ ”ها رنالدي تو ڏانهن لکيو هو.“ ”رنالڊي ڪٿي آهي؟“ ”هو هتي اسپتال ۾ آهي. هن سانوڻ ۽ خزان هتي گهاري آهي.“ ”مان اهو مڃيان ٿو.“ ”اهو ڪافي خراب رهيو آهي،“ ميجر چيو. ”تون اعتماد نه ٿو ڪري سگهين ته اهو ڪيترو نه خراب رهيو آهي. مون هميشه ويچاريو آهي ته جڏهن توکي ڌڪ لڳو هو تون خوشنصيب هئين.“ ”مان ڄاڻان ٿو مان هئس.“ ”ٻيو سال خراب رهندو،“ ميجر چيو. ٿي سگهي ٿو ته اهي هاڻي حملو ڪن. اهي چون پيا ته اهي حملو ڪرڻ وارا آهن پر مان ان کي نه ٿو مڃان. هاڻي دير ٿي چڪي آهي. تو درياه ڏٺو؟“ ”ها. اهو اڳ ۾ ئي تارون تار آهي.“ .مان نه ٿو سمجهان ته اهي هاڻي حملو ڪندا ڇاڪاڻ جو مينهن وسي رهيا آهن. اسان وٽ جلد ئي برفباري پوڻ واري آهي. تنهنجي هم وطنن جو ڇا حال چال آهي؟ ڇا تو سان گڏ ڪي ٻيا آمريڪي به هوندا؟“ ”اهي ڏهن ملين جي هڪڙي فوج کي سکيا ڏئي رهيا آهن.“ ”مان اميد ٿو ڪيان ته اسان ڏانهن ڪجھ ڏياري موڪليندا. پر فرانسيسي انهن سڀني کي گهيري ويندا. اسان ڪڏهن به هتان کان هيٺ نه وينداسين. ٺيڪ آهي. تون اڄوڪي رات هتي ٽڪي پئو ۽ سڀاڻي ننڍڙي گاڏيءَ سان ٻاهر وڃي گِينو کي واپس موڪلجانءِ. مان توسان ڪو نه ڪو گڏائي ڇڏيندس جيڪو رستي کان واقف هجي. گِينو توکي سڀ ڪجھ ٻڌائيندو. اهي هاڻي به ٿوري گهڻي گوليباري ڪري رهيا آهن پر اهو سڀ ڪجھ ختم ٿي چڪو آهي. تون بينسِيزا کي ڏسڻ جي آرزو ڪندين.“ ”مان ان کي ڏسي خوش آهيان. سگنور ميگي اور، مان ٻيهر تنهنجي واپس اچڻ تي خوش آهيان.“ ”هن مسڪرايو. ”تون ايئين چوندي ڪافي سٺو ٿو لڳين. مان هن جنگ مان ڪافي ٿڪجي پيو آهيان. جيڪڏهن مان دور هجان ها ته مان نه ٿو سمجهان ته ڪو مان واپس موٽي اچان ها.“ ”ڇا اها ايتري بري آهي؟“ ”ها. اها ايتري بري ۽ بيڪار آهي.“ ”وڃ صاف سٿرو ٿي ۽ پنهنجي دوست رنالڊي سان مل.“ مان ٻاهر هليو ويس ۽ پنهنجا ٿيلها ڏاڪڻين کان مٿي کڻي ويس. رنالڊي پنهنجي ڪمري ۾ موجود ڪو نه هو پر هن جون شيون اتي پيون هيون ۽ مان پلنگ تي ويهي رهيس ۽ پنهنجا چمڙاوان جورابا کوليم ۽ پنهنجي ساڄي پير جو جوتو لاٿم. ان کان پوءِ مان پلنگ تي واپس آهلجي پيس. مان ٿڪل هوس ۽ مونکي ساڄي پير ۾ سور پئي ٿيو. پلنگ تي هڪڙي جوتي سان آهلجي پوڻ ڪافي احمقاڻو لڳي رهيو هو، تنهن ڪري مان مٿي اٿي ويٺس ۽ ٻئي جوتي جون ڪنهيون کوليم ۽ ان کي فرش تي ڦٽو ڪري ڇڏيم، ۽ پوءِ ٻيهر ڪمبل تي ليٽي پيس. ڪمرو ٻوساٽيل هو ان جون دريون بند هيون پر مان ايترو ته ٿڪل هوس جو اٿي ڪري انهن کي کولڻ جي ست به نه پئي ساري سگهيس. مون ڏٺو ته منهنجو سمورو سامان ڪمري جي هڪڙي ڪنڊ کان پيو هو. ٻاهر اوانداه ٿي رهي هئي. مان پلنگ تي ليٽندي ڪيٿرائن جي باري ۾ سوچڻ لڳس ۽ رنالڊي جو انتطار ڪرڻ لڳس. رات جي وقت ۾ سمهڻ ويلي ڪيٿرائن کي ياد ڪرڻ کان علاوه باقي وقت مان هن جي باري ۾ نه سوچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. پر هاڻي مان ٿڪل هوس ۽ اتي ڪجھ ڪرڻ جي لاءِ ڪو نه هو، تنهن ڪري مان آهلجي ڪري هن جي باري ۾ سوچي رهيو هوس. جڏهن مان هن جي باري ۾ سوچي رهيو هوس ان مهل رنالڊي اندر گهڙي آيو. هو اهڙي جو اهڙو نظر اچي رهيو هو. شايد هو ٿورو لهي ويو هو. ”چڱو، ٻچڙا،” هن چيو. مان پلنگ تي اٿي ويٺس. هو مٿان سري آيو، هيٺ ويهي رهيو ۽ پنهنجي ٻانهن منهنجي چوگرد ورايائين. ”سٺا پوڙها ٻچڙا.“ هن مونکي پٺيءَ ۾ زور سان ڌڪ هنيو ۽ مون هن جون ٻئي ٻانهون زور سان پڪڙي ورتيون. ”پوڙها ٻچڙا،“ هن چيو. ”مونکي پنهنجي ڄنگھ ڏسڻ ڏي.“ ”مونکي پنهنجي پتلون لاهڻي پوندي.“ ”ٻچڙا، پنهنجي پتلون لاه. اسان هتي سڀيئي يار آهيون. مان ڏسڻ چاهيان ٿو ته انهن ڪهڙي قسم جو ڪم ڪيو آهي.“ مان مٿي اٿي بيٺس، نيڪرن کي هٽايم ۽ گوڏي جي پٽين کي ڇڪڻ لڳس. رنالڊي فرش تي ويهي رهيو ۽ پٽيءَ کي نرميءَ سان اڳتي پوئتي ڪرڻ لڳو. هن داغ جي مٿان پنهنجي آڱر ڦيرائي؛ گوڏي جي ڍڪڻيءَ جي مٿان پنهنجا ٻئي آڱوٺا گڏائي رکيا ۽ پنهنجي آڱرين سان گوڏي کي نرميءَ سان هيڏانهن هوڏانهن لوڏي ڏٺو. ”ڇا اهو مڪمل طور تي جوڙيو ويو آهي؟“ ”ها.“ ”توکي واپس موڪلڻ هڪڙو جرم آهي. انهن کي گهرجي ته اهي مڪمل طور تي جوڙين.“ ”اهو پهريان کان ڪافي بهتر آهي. اهو هڪڙي تختي جيان سخت هو.“ رنالڊي ان کي وڌيڪ موڙيو. مون هن جي هٿ ڏانهن نهاريو پئي. هن کي هڪڙي سٺي جراح جهڙو هٿ هو. مون هن جي مٿي جي مٿان ڏٺو، هن جا وار چمڪندڙ ۽ هموار نموني سان جدا ڪيل هئا. هن گوڏي کي گهڻو پري موڙيو. ”هاءِ!“ مون چيو. ”توکي مشينن سان ان تي وڌيڪ اعلاج ڪرائڻ گهرجي،“ رنالڊي چيو. ”اهو پهريان کان بهتر آهي.“ ”ٻچا، اهو مان ڏسي رهيو آهيان. اها ڪجھ اهڙي شيءِ آهي جنهن بابت مان توکان وڌيڪ ڄاڻان ٿو.“ هو اٿي بيٺو ۽ پلنگ تي ويهي رهيو. ”بذات خود گوڏو ٺيڪ آهي.“ ”هن گوڏي واري مامري کي اڪلائي ورتو.“ ”مونکي هرشيءِ جي باري ۾ سڀ ڪجھ ٻڌاءِ.“ ”ٻڌائڻ لاءِ ڪجھ آهي ئي ڪونه،“ مون چيو. ”مون ڪافي خاموش جيون گهاريو.“ ”تون هڪڙي شادي شده شخص جيان ورتاءُ ڪري رهيو آهين.“ ”اهڙو ڪجھ به ناهي،“ مون چيو. ”توسان ڇا مسئلو آهي؟“ ”هيءَ جنگ مونکي قتل ڪري رهي آهي،“ رنالڊي چيو. ”مان ان کان ڪافي نراس آهيان.“ هن پنهنجا هٿ گوڏي سان ويڙهي ڇڏيا. “او،“ مون چيو. ”ڇا ڳالھ آهي؟“ ”ڇا مون وٽ انساني جذبا ٿي نه ٿا سگهن؟“ ”نه. مان ڏسان پيو ته تو هڪڙو سٺو وقت پئي گهاريو آهي. مونکي ٻڌاءِ. ”مون سموري اونهاري ۽ خزان ۾ ڪم ڪيو آهي. مان سارو ڏينهن لوڙيندو آهيان. مان هر ماڻهوءَ جو ڪم ڪندو آهيان. کڻي ڪهڙو به مشڪل ڪم هجي جيڪو اهي منهنجي لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن. خدا جو قسم، ٻچڙا، مان هڪڙو پيارو جراح ٿيندو پيو وڃان.“ ”اهو ڪافي سٺو پيو لڳي.“ ”مان ڪڏهن به نه ٿو سمجهان. نه، خدا جو قسم. مان نه ٿو سمجهان؛ مان لوڙيان ٿو. ”اهو درست آهي.“ ”پر هاڻي، ٻچڙا، اهو سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو. مان هاڻي ڪم نه ٿو ڪيان ۽ مان دوزخ جيان محسوس ٿو ڪيان. ٻچڙا، هي ڀيانڪ جنگ آهي. جڏهن مان ايئين چوان ٿو توکي اعتماد اچي ٿو. هاڻي تون مونکي خوش ڪر. ڇا تو فونوگراف جا رڪارڊ آندا آهن؟“ ”اهي هڪڙي پاٺي واري دٻي ۾ منهنجي ڪپڙن واري ٿيلهي ۾ ويڙهيل هئا. مان ايترو ٿڪل هوس جو انهن کي ٻاهر ڪڍي ئي نه سگهيس.“ ”ٻچا، ڇا تون پنهنجو پاڻ کي سٺو محسوس ڪرين ٿو؟“ ”مان دوزخ جيان محسوس ڪيان ٿو.“ ”هيءَ جنگ ڀيانڪ آهي،“ رنالڊي چيو. ”اچ. اسان ٻئي جام نوش ڪنداسين ۽ مسرور ٿينداسين. پوءِ اسان هلنداسين ۽ من مانيون ڪنداسين. تڏهن اسان سٺو محسوس ڪنداسين.“ ”مونکي يرقان آهي،“ مون چيو ۽ مان پي نه ٿو سگهان.“ ”تون مون ڏانهن ڪيئن آيو آهين. تون هڪڙي جگر سان وٺجي واپس آيو آهين. مان توکي چوان ٿو ته هي جنگ هڪڙي گندي شيءِ آهي. بحرحال اسان ان کي جوٽيون ڇا لاءِ ويٺا آهيون.“ ”اسان هڪڙو جام پيئنداسين. مان پيئڻ نه ٿو چاهيان پر اسان هڪڙو جام پيئنداسين.“ رنالڊي ڪمري جي آرپار بيسڻ ڏانهن ويو ۽ واپسيءَ تي ٻه گلاس ۽ هڪڙي ڪوگنيڪ کڻي آيو. ”اها آسٽريائي ڪوگنيڪ آهي،“ هن چيو ”ستن ستارن واري. اهو سڀ ڪجھ انهن سين گيبريل وٽان هٿيڪو ڪيو.“ ”ڇا تون اتي مٿي هئين؟“ ”نه. مان ڪاڏي به ڪو نه ويو هوس. مان سڄو ڏينهن هتي ڪم ڪندو هوس. ٻچڙا، ڏس، هي تنهنجي ڏندن کي برش ڪرڻ وارو گلاس آهي. مون ان کي تنهنجي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ رکيو هو.“ ”پنهنجي ڏندن کي صاف ڪرڻ وقت منهنجي ياد.“ ”نه. مون وٽ پنهنجو الڳ سان آهي. مان هي ان جي لاءِ رکيو ته جيئن مان ان کي ياد ڪيان جڏهن تون ولا روزا ڏانهن وڃڻ کان پهريان صبح جو پنهنجا ڏند صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئين، ۽ بخار ۾ گهٽتائي جي لاءِ رنڊين کي پٽيندي ۽ لعنتون وجهندي ايسپائرن جي ٽڪي کائيندو هئين. جڏهن به مان ان گلاس ڏانهن نهاريندو هوس مان تنهنجي باري ۾ سوچيندو هوس تون پنهنجي ضمير کي ڏندن جي هڪڙي برش سان صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.“ هو پلنگ جي مٿان سري آيو. ”مونکي هڪڙو ڀيرو چمي پاءِ ۽ مونکي ٻڌاءِ ته تون ڳنڀير ناهين.“ ”مان توکي ڪڏهن به چمي نه پائيندس. تون هڪڙو باندر آهين.“ ”مان سمجهان ٿو ته تون هڪڙو سٺو اينگلوــ سيڪسن ڇوڪرو آهين. مان ڄاڻان ٿو. تون ندامتي ڇوڪرو آهين، مان ڄاڻان ٿو. مان تيستائين انتظار ڪندس جيستائين مان اينگلو ــ سيڪسن کي طوائف جي پيشي کي ڏندن جي هڪڙي برش سان صاف ڪندي ڏسان.“ ”ڪجھ ڪوگنيڪ گلاس ۾ اوت.“ اسان هڪٻئي سان جام ٽڪراياسين ۽ پيئڻ لڳاسين. رنالڊي مون تي کلي رهيو هو. مان توکي مدهوش ڪندس ۽ تنهنجو جگر ڇڪي ٻاهر ڪڍندس ۽ تو ۾ هڪڙو سٺو اطالوي جگر وجهندس ۽ توکي وري هڪڙو انسان بڻائيندس.“ مان وڌيڪ گوگنيڪ لاءِ گلاس جهلي بيٺس. هاڻي ٻاهر اونداه ٿي ويئي هئي. مينهن وسڻ شروع ٿي ويو هو. ٻاهر ٿڌڪار هئي ۽ اتي وڻن ۾ ڌنڌ ڇانيل هو. ”ڪوگنيڪ کي کڙڪيءَ کان ٻاهر نه اڇلاءِ،“ رنالڊي چيو. ”جيڪڏهن تون ان کي پي نه ٿو سگهين ته مونکي ڏي.“ ”تون پنهنجي سر پاڻ ڪجھ ڪر،“ مون چيو. مان رنالڊي کي ٻيهر ڏسي ڪري خوش هوس. هن مونکي زحمتون ڏيندي ٻه سال گهاريا هئا ۽ مون هميشه ان کي پسند ڪيو هو. اسان سٺي نموني سان هڪٻئي جي نس نس کان واقف ٿي ويا هئاسون. ”ڇا تون شادي شده آهين؟“ هن مون کان بستر وٽان پڇيو. مان ديوار جي مخالف دريءَ کان بيٺو هوس. ”ڇا تو کي پيار ٿي ويو آهي؟“ ”ها.“ ”انهي انگريزي ڇوڪريءَ سان؟“ ”ها.“ ”غريب ٻچڙا. ڇا هوءَ تنهنجي لاءِ صحيح آهي؟“ ”يقيناَ.“ ”مان توکان عملي طور تي ڳالهائيندي مطلب رکان ٿو ته هوءَ تو لاءِ ٺيڪ آهي؟“ ”بس ڪر.“ ”مان ڳالهائيندس. تون ڏسندين ته مان هڪڙو وڏي نفاست وارو شخص آهيان. ڇا هوءَ؟“ ”رِينِي،“ مون چيو. ”مهرباني ڪري بس ڪر. جيڪڏهن تون منهنجو دوست رهڻ گهرين ٿو ته، بس ڪر.“ ”ٻچا، مان تنهنجو دوست رهڻ نه ٿو چاهيان مان تنهنجو دوست آهيان. ”ته پوءِ بس ڪر.“ ”ٺيڪ آهي.“ مان مٿي بستر ڏانهن هليو ويس ۽ رنالڊي جي ڀرسان ويهي رهيس. هو پنهنجو گلاس جهليو بيٺو هو ۽ فرش ڏانهن نهاري رهيو هو. ”رِينِي، تون ڏسين ٿو نه ته اهو ڪيئن آهي؟“ ”او، ها. مون پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ ڀيانڪ عنوانن سان مهاڏو اٽڪايو آهي. پر توسان تمام ٿورڙو. مان سمجهان ٿو ته تو به لازماَ اٽڪايو هوندو.“ هن فرش ڏانهن نهاريو. ”تو ڪن سان به نه اٽڪايو آهي؟“ ”ڪنهن سان به نه؟“ ”.نه.“ ”مان اهو تنهنجي امڙ ۽ اديءَ جي باري ۾ چئي سگهان ٿو؟“ ”۽ ته تنهنجي اديءَ جي باري ۾،“ رنالڊي نرميءَ مان چيو. اسان ٻنهي ٽهڪ ڏنو. ”پوڙها مافوق البشر،“ مون چيو. ”ٿي سگهي ٿو مان جلان ٿو،“ رنالڊي چيو. ”نه، تون نه ٿو جلين.“ ”منهنجو مطلب اهڙو نه هو. منهنجو مطلب ٻيو ڪجھ هو. ڇا تنهنجا ڪي شادي شده دوست آهن؟“ ”ها،“ مون چيو. ”منهنجو ڪو به ناهي،“ رنالڊي چيو. ”نه جيڪڏهن اهي هڪٻئي سان پيار ڪن ٿا.“ ”ڇو نه؟“ ”اهي مونکي پسند نه ٿا ڪن.“ ”ڇاڪاڻ؟“ ”مان نانگ آهيان. مان منطقي انداز سان سوچڻ وارو نانگ آهيان.“ ”تون ان کي گِڊ مِڊ ڪري رهيو آهين. صوف منطقي انداز هو. ”نه اهو نانگ هو.“ هو وڌيڪ مسرور هو. ”تون تڏهن ٺيڪ هوندو آهين جڏهن ايتري گهرائيءَ ۾ نه سوچيندو آهين،“ مون چيو. ”ٻچا، مان توسان پيار ڪيان ٿو،“ هن چيو. ”جڏهن مان عظيم اطالوي دانشور ٿي ويندو آهيان تون منهنجي هوا ڪڍي ڇڏيندو آهين. پر مان ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ڄاڻان ٿو جيڪي مان چئي نه ٿو سگهان. مان تو کان وڌيڪ ڄاڻيندو آهيان.“ ”ها تون ڄاڻين ٿو.“ ”پر تون هڪڙو بهتر وقت گهاريندين.“ ”تان جو پشيمانيءَ جي باوجود به تون هڪڙو سٺو وقت ماڻيندين.“ ”مان ايئين نه ٿو سمجهان.“ ”او، ها. اهو سچ آهي. اڳ ۾ ئي مان تڏهن خوش رهندو آهيان جڏهن مان ڪم ڪري رهيو هوندو آهيان.“ هن ٻيهر فرش ڏانهن ڏٺو. ”تون ان کي پورو ڪندين.“ ”نه. مان صرف ٻه ٻيون شيون پسند ڪيان ٿو؛ هڪڙي منهنجي ڪم ڪار لاءِ بري آهي ۽ ٻِي لڳ ڀڳ هڪڙو ڪلاڪ يا پندرنهن منٽن واري آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهي کان به گهٽ.“ ”ڪڏهن ڪڏهن وڏي حد تائين ڪمتر.“ ”ٻچا، شايد مون ان ۾ سڌارو آندو آهي. تون نه ٿو ڄاڻين. پر اتي فقط ٻه شيون ۽ منهنجو ڪم آهي.“ ”توکي ٻيون شيون به ملنديون.“ ”نه. اسان ڪڏهن به ڪاشيءِ حاصل نه ڪندا آهيون. سڀ ڪجھ پئدائشي طور تي اسان وٽ آهي ۽ اسان ڪڏهن به سکندا ناهيون. اسان ڪڏهن به ڪاشيءِ نئين حاصل نه ڪندا آهيون. اسان سڀ مڪمل سان شروع ڪندا آهيون. توکي هڪڙي لاطيني نه هئڻ تي سرهائي ڪرڻ گهرجي. تون پنهنجي خامين تي ايتري ته وڏائي ٿو ڪرين.“ رنالڊي مٿي نهاريو ۽ ٽهڪ ڏنائين. ”ٻچا، اسان بس ڪنداسين. مان گهڻي سوچڻ جي ڪري ٿڪجي پيو آهيان.“ هو جڏهن اندر گهڙي آيو هو ان مهل هو ٿڪل لڳي رهيو هو. ”اهو لڳ ڀڳ کائڻ پيئڻ جو وقت آهي. مونکي خوشي آهي ته تون موٽي آيو آهين. تون منهنجو بهترين دوست آهين ۽ منهنجو جنگي ڀاءُ.“ ”جنگي ڀائر کائيندا ڪڏهن؟“ مون پڇيو. ”ٿوريءَ دير ۾. اسان تنهنجي جگر جي خاطر هڪ دفعو ٻيهر پيئنداسين.“ ”سينٽ پال جيان.“ ”تون درست ناهين اهو شراب ۽ معدو هو. پنهنجي معدي جي خاطر ٿورو شراب پيءُ.“ ”تو وٽ بوتل ۾ جيڪي ڪجھ به آهي،“ مون چيو. ”ڪنهن جي به خاطر تون ذڪر ڪر.“ ”تنهنجي يارڙيءَ جي خاطر،“ رنالڊي چيو. هن پنهنجو گلاس ٻاهر جهليو. “ٺيڪ آهي.“ ”مان ڪڏهن به هن جي باري ۾ ڪا خراب ڳالھ ڪو نه ڪندس.“ ”پاڻ تي دٻاءُ نه وجھ.“ هن ڪوگنيڪ کي ڳيتي ڇڏيو. .مان خالص آهيان،“ هن چيو. ”مان تو جيان آهيان، ٻچا. مان به هڪڙي انگريزي ڇوڪري هٿ ڪندس. حقيقت اها آهي ته پهريان مون تو واري يارڙيءَ کي ڄاتو هو پر هوءَ مون کان ٿوري ڊگهي هئي. ڊگهي ڇوڪري هڪڙي ڀيڻ خاطر،“ هن حوالو ڏنو. ”تو وٽ هڪڙو پيارو خالص دماغ آهي،“ مون چيو. ”ڇا مون وٽ ناهي؟“ انهي جي ڪري ئي ته مونکي اهي رنالڊو پُورِيسِيمو چوندا آهن.“ ”رنالڊو اسپورڪِيسِيمو.“ ”اچ، ٻچا، اسان هيٺ کائڻ جي لاءِ هلنداسين جڏهن منهنجو دماغ اڃا وڌيڪ خالص ٿي ويندو.“ مون پاڻ کي ڌوتو، پنهنجي وارن کي ڦڻي ڏنم ۽ ڏاڪڻين کان هيٺ لهي ويس. رنالڊي کي ٿورو پيتل هو. جنهن ڪمري ۾ اسان کائيندا هئاسين، ماني اڃا تيار نه ٿي هئي. ”مان بوتل وٺڻ ويندس،“ رنالڊي چيو. هو مٿي ڏاڪڻين تي چڙهي ويو. مان ميز وٽ ويهي رهيس ۽ هو بوتل سان گڏ واپس وري آيو ۽ اسان ٻنهي جي لاءِ هڪڙي لسي تري وارن ٻن گلاسن ۾ اڌ جيتري ڪوگنيڪ اوتيائين. ”گهڻو ٿي ويو،“ مون چيو ۽ گلاس کي پڪڙي ميز جي چراغ وٽان انهي کي ڏٺو. ”ڪنهن هڪڙي خالي معدي لاءِ نه. اها هڪڙي نهايت ئي عمدي شيءِ آهي. اها معدي کي مڪمل طور تي ساڙي ڇڏيندي آهي. تو لاءِ ڪجھ به خراب ناهي.“ ”ٺيڪ آهي.“ ”ڏينهون ڏينهون پاڻ کي پاڻ ماريندڙ،“ رنالڊي چيو. ”اهو معدي کي برباد ڪري ٿو ۽ هٿن ۾ ڏڪڻي آڻي ٿو. فقط هڪڙي جراح جي لاءِ شيءِ.“ ”تون ان جي سفارش ڪرين ٿو؟“ ”دل وجان سان. مان ڪو ٻيو ڪتب نه آڻيندو آهيان. ٻچا، انهي کي ڳيتي ڇڏ، ۽ اڳيان پنهنجي بيمار ٿيڻ لاءِ ويچار.“ مون اڌ گلاس پيتو. مون هال ۾ پٽيوالي کي چوندي ٻڌو،”يخني! يخني تيار آهي!“ ميجر اندر گهڙي آيو، اسان ڏانهن ڪنڌ لوڏيائين ۽ ويهي رهيو. هو ميز تي ڪافي ننڍڙو لڳي رهيو هو. ”ڇا اسان سڀ آيل آهيون؟“ هن پڇيو. اردلي يخنيءَ جو پيالو هيٺ رکيو ۽ هڪڙي چمچي سان ڪڍندي هڪڙي پليٽ کي ڀري ڇڏيو. ”اسان سڀيئي موجود آهيون،“ رنالڊي چيو. .جيستائين پادري اچي. جيڪڏهن هن کي خبر آهي ته فيڊرِيڪو هتي آهي ته هو هتي ايندو. ”هو ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو. ”هو 307 وٽ آهي،“ ميجر چيو. هو پنهنجي يخنيءَ کي لڳو پيو هو. هن پنهنجو منهن اگهيو، پنهنجي ڀورين مڇن کي هوشياري سان صاف ڪندي. مان سمجهان ٿو هو ايندو. مون هنن کي سڏ ڏنو ۽ سنيهو ڇڏيم ته اهي هن کي ٻڌائن ته تون هتي آيو آهين.“ ”مان ميس جي آواز کي ياد ڪيان ٿو،“ مون چيو. ”ها، اها خاموش ٿي ويئي آهي.“ ميجر چيو. ”مان شور مچائيندس،“ رنالڊي چيو. ”اينرِيڪو، ڪجھ جام پيءُ،“ ميجر چيو. هن منهنجو گلاس ڀري ڇڏيو. ڳوهيل اٽي جون سيون اندر اچي ويون ۽ اسان سڀ مصروف هئاسين. اسان سين کي پورو ڪري رهيا هئاسين جو پادري پهچي ويو. هو هميشه جيان ساڳيو ئي هو، ننڍڙو ۽ خاڪ رنگي ۽ مجمل نظر ايندڙ. مان اٿي بيٺس ۽ اسان هٿ ملاياسين. هن پنهنجو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکيو. ”مون جيئن ئي ٻڌو تيئن ئي جلدي جلدي هليو آيس،“ هن چيو. ”ويھ،“ ميجر چيو. ”تون دير ڪري آيو آهين.“ ”سلامِ شام، پادري،“ رنالڊي چيو، انگريزي جو لفظ ڪتب آڻيندي. انهن پادريءَ تي ڪپتان جي طنز کي ڪپتان ڏانهن موڙي ڇڏيو هو، جيڪو ٿوري انگريزي ڳالهائيندو هو. ”سلامِ شام، رنالڊو،“ پادري چيو. اردلي هن جي لاءِ يخني کڻي آيو پر هن چيو ته هو سين سان گڏ شروع ڪندو. ”تون ڪيئن آهين؟“ هن مون کان پڇيو. ”ٺيڪ،“ مون چيو. ”شيون ڪيئن رهيون؟“ ”پادري، ڪجھ شراب پيءُ،“ رنالڊي چيو. ”پنهنجي معدي جي خاطر ڪجھ شراب پيءُ. اهو سينٽ پال آهي، تون ڄاڻين ٿو نه“ ”ها مان ڄاڻان ٿو،، پادري شائستگي سان چيو. رنالڊي هن جو گلاس ڀريو. ”اهو سينٽ پال،“ رنالڊي چيو. ”هو اهو آهي جيڪو ساري مشڪل پيدا ڪري ٿو.“ پادري مون ڏانهن نهاريندي مسڪرائي ڏنو. مان ڏسي پئي سگهيس ته ان قسم جي طنز هن تي هاڻي ڪو به اثر ڪو نه پئي ڪيو. ”اهو سينٽ پال،“ رنالڊي چيو. ”هو هڪڙو اوباش ۽ ڇاڻيباز هو ۽ تڏهن جڏهن هن ۾ وڌيڪ گرمي نه رهي ته پوءِ هن چيو اهو ڪنهن فائدي جو ناهي. جڏهن هن پورو ڪيو ته هن اسان جي لاءِ قائدا گهڙيا جيڪي اڃا تائين گرم آهن. ڇا اهو سچ ناهي. فيڊريڪو؟“ ميجر مسڪرائي ڏنو. هاڻي اسان آبي گوشت کائي رهيا هئاسون. ”مان انڌيري کان پوءِ هڪڙي بزرگ (سينٽ) جو جائزو نه وٺندو آهيان،“ مون چيو. پادري آبي گوشت وٽان نهاريو ۽ مون ڏانهن ڏسي مسڪرائي ڏنائين. ”هو اتي آهي، پادري جي پاسي،“ رنالڊي چيو. ”سمورا سٺا پراڻا پادريءَ جا طنزباز ڪيڏانهن هليا ويا؟ ڪيواڪلانتي ڪٿي آهي؟ بُرُونڊي ڪٿي آهي؟ سِيزر ڪٿي آهي؟ ڇا مونکي بنا ڪنهن سهائتا جي اڪيلي سر هن پادريءَ تي طنز ڪرڻي آهي؟“ ”هو هڪڙو سٺو پادري آهي،“ ميجر چيو. ”هو هڪڙو سٺو پادري آهي،“ رنالڊي چيو. ”پر آهي ته پادري نه. مان پراڻن ڏينهن واري ميس جوڙڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. مان فيڊريڪو کي خوش ڪرڻ چاهيان ٿو. مان تنهنجي پرواه نه ٿو ڪيان، پادري!“ مون ميجر کي هن ڏانهن نهاريندي ڏٺو ۽ ڌيان ۾ آندم ته هو مدهوش هو. هن جو سنهڙو چهرو سفيد هو. هن جي نرڙ جي اڳيان واري وارن جي سفيد چڳ جي برعڪس هن جا باقي وار ڪافي ڪارا هئا. ”اهو سڀ ٺيڪ آهي، رنالڊو،“ پادري چيو. ”اهو سڀ ٺيڪ آهي.“ ”مان تنهنجي پرواه نه ٿو ڪيان،“ پادري چيو. ”سموري ڪمبخت ڌنڌي جي پرواه نه ٿو ڪيان.“ هو واپس پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ”هو هڪڙي دٻاءُ هيٺ رهيو آهي ۽ هو ٿڪجي پيو آهي،“ ميجر مونکي چيو. هن پنهنجي حصي جو گوشت کائي پورو ڪيو ۽ مانيءَ جي هڪڙي ٽڪر سان گريبي اگهي ڇڏيائين. ”مان هڪڙِي ڪمبخت نه ڏيندس،“ رنالڊي ميز کي چيو. ”سموري ڪمبخت ڌنڌي جي پرواه ناهي.“ هن ميز جي چوگرد بي باڪيءَ سان ڏٺو، هن جون اکيون سڌيون هيون، هن جو منهن پيلو هو. ”ٺيڪ آهي،“ مون چيو. ”سموري ڪمبخت ڌنڌي جي پرواه ناهي.“ ”نه، نه،“ رنالڊي چيو. ”تون اهو نه ٿو ڪري سگهين. تون ان کي نه ٿو ڪري سگهين. مان چوان ٿو تون ان کي نه ٿو ڪري سگهين. تون خشڪ آهين ۽ تون خالي آهين ۽ اتي ٻيو ڪجھ به ناهي. اتي ٻيو ڪجھ به ناهي. مان توکي چوان ٿو. ڪا ڪمبخت هڪڙي شيءِ به ناهي. مان ڄاڻان ٿو، جڏهن مان ڪم ڪرڻ بند ڪندس.“ پادري پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. اردلي آبي گوشت واري ٿالهي کڻي ويو. ”تون گوشت ڇا لاءِ کائين ٿو؟“ رنالڊي پادري ڏانهن ڦريو. ”ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته اڄ جمعو آهي.“ ”اڄ خميس آهي،“ پادري چيو. ”اهو هڪڙو ڪوڙ آهي. اهو جمعو آهي. تون اسان جي ڌڻي سڳوري جو جسم کائين ٿو. اهو خدا جو گوشت آهي. مان ڄاڻان ٿو. اهو مري ويل آسٽريائي آهي. اهو اهو ڪجھ آهي جيڪو تون کائين ٿو.“ ”سفيد گوشت آفيسرن وٽان آهي،“ مون چيو، پراڻي لطيفي کي پورو ڪندي. رنالڊي ٽهڪ ڏنو. هن پنهنجو گلاس ڀري ورتو. مونکي برو نه سمجهجو،“ هن چيو. “مان فقط ٿورو پاڳل آهيان.“ ”توکي هڪڙي موڪل ڪرڻ گهرجي،“ پادري چيو. ميجر هن ڏانهن پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. رنالڊي پادري ڏانهن ڏٺو. ”ڇا تون سمجهين ٿو ته مان هڪڙي موڪل وٺان؟“ ميجر پادري ڏانهن پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. رنالڊي پادري ڏانهن نهاري رهيو هو. ”بلڪل جيئن توکي وڻي،“ پادري چيو. ”جيڪڏهن تون نه ٿو چاهين ته نه.“ ”تنهنجي پرواه ناهي،“ رنالڊي چيو. ”اهي مون مان جان ڇڏائڻ گهرن ٿا. هر رات اهي مون مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مان هنن سان وڙهندس. جيڪڏهن مون کي ٿي پيو ته ڇا ٿي پيو. اهو هر ماڻهو وٽ آهي. اهو سموري دنيا وٽ آهي. ”پهريان،“ هو چوندو رهيو، هڪڙي درس ڏيڻ واري (ليڪچرار) جو ڍنگ اپنائيندي. اهو ٿورو داڻيدار آهي. انهي کان پوءِ اسان ڪلهن ۾ هڪڙي سرخ بادي ڌيان ۾ آڻيون ٿا. انهي کا پوءِ اسان بلڪل به ڪجھ به ڌيان ۾ نه ٿا آڻيون. اسان عطارد ۾ ايمان آڻيون ٿا. ”يا سلواسن.“ (salvarsan: مرڪزي اعصابي نظام کي محرڪ ڪندڙ دوا ــ مترجم) ميجر سرگوشي وچان خلل وڌو. ”هڪڙِي عطاردِي مصنوعات،“ رنالڊي چيو. هاڻي هو ڪافي پرمسرت طريقي سان ورتاءُ ڪري رهيو هو. ”مان انهن ٻنهي جي اهميت جهڙي ڪنهن شيءِ بابت ڄاڻان ٿو. سٺا پراڻا پادري،“ هن چيو. ”تون ان کي ڪڏهن به حاصل ڪو نه ڪندين. ٻچا اهو ان کي حاصل ڪندو. اهو ڪو صنعتي حادثو ناهي. اهو سادي سودي نموني صنعتي حادثو آهي.“ اردلي مٺاڻ ۽ ڪافي کڻي آيو. مٺو هڪڙي قسم جي ڪاري رنگ جي رائِيءَ مان بڻايل پاڻيءَ سان پچايل تکي چٽڻيءَ سان گڏ هو. چراغ مان دونهون اٿي رهيو هو؛ ڪارو دونهون جيڪو چمنيءَ جي اندريان مٿي وڃي رهيو هو. ”ٻه موم بتيون آڻيو ۽ چراغ کڻي وڃو،“ ميجر چيو. اردلي ٻه ٻرندڙ موم بتيون هر هڪ هڪڙي ساسر ۾ کڻي آيو، ۽ چراغ کي وسائي کنيائين. رنالڊي هاڻي خاموش هو. هو بلڪل ٺيڪ لڳي رهيو هو. اسان ڳالهائيندا رهياسين ۽ ڪافيءَ کان پوءِ اسان سڀ هال ۾ هليا وياسين. ”تون پادريءَ سان ڳالهائڻ چاهين ٿو. مونکي شهر ڏانهن وڃڻو آهي،“ رنالڊيءَ چيو. ”شب خير، پادري.“ ”شب خير، رنالڊو،“ پادريءَ چيو. ”مان توسان ملندس، فريڊِي،“ رنالڊيءَ چيو ”ها،“ مون چيو. ”سوير ڀرو اچجانءِ.“ هن مون ڏانهن نهاريو ۽ دروازي کان ٻاهر نڪري ويو. ميجر اسان سان گڏ ويٺو هو. ”هو ڪافي ٿڪل آهي ۽ هن حد کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي،“ هن چيو. ”هو اهو پڻ سمجهي ٿو ته هن کي آتشڪ آهي. (syphilis: آتشڪ، انهي جو ڪارڻ ٽريپونيميا پيليڊم treponema pallidum) ) آهي مرض لڳڻ جي چئن يا پنجن هفتن ۾ عضو تناسل ۾ ڳوڙهي نڪرندي آهي ۽ سمورو جسم داڻن سان ڀرجي ويندو آهي 15 کان 30 سالن ۾ سمورا اعصاب بيڪار بڻجي ويندا آهن ـــــ مترجم ــ وڪيپيڊيا) مان انهي کي نه ٿو مڃان پر هُن کي ٿي به سگهي ٿي. هو ان جو اعلاج پاڻ ڪري رهيو آهي. شب خير. تون سج اڀرڻ کان اول ويندين، اينريڪو؟“ ”ها.“ ”ته پوءِ الوداع،“ هن چيو. ”ڀلا ڀاڳ، پيڊُوزِي توکي اٿاريندو ۽ توسان گڏ هلندو.“ ”الوداع، سگنور ميگي اور.“ ”الوداع.“ ”اهي هڪڙِي آسٽريائي جارحيت جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهن پر مان ان کي نه ٿو مڃان. مونکي اميد آهي ته اها نه ٿي هوندي. پر بحرحال اها هتي ڪو نه ٿيندي. گِينو توکي هرشيءِ ٻڌائيندو. هاڻي ٽيليفون ٺيڪ ڪم ڪري رهي آهي.“ ”مان مستقل ڳالهائيندو آهيان.“ مهرباني ڪري ڪجانءِ. رنالڊيءَ کي ايتري برانڊي پيئڻ نه ڏي.“ ”مان ڪوشش ڪندس ته هو نه پيئي.“ ”الوداع، پادري.“ ”شب خير، سگنور ميگي اور.“ هو پنهنجي آفيس ۾ هليو ويو.