ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

28

جيئن ئي اسان قصبي وچان هلڻ لڳاسين اهو برسات ۾ خالي هو سواءِ جٿن جي قطارن ۽ بندوقن جي جيڪي مکيه ڳليءَ وچان وڃي رهيون هيون. اتي ڪيتريون ئي ٽرڪيون پڻ هيون جانورن سان جوٽيل ڪجھ گاڏيون جيڪي ٻِيءَ ڳليءَ وچان گذري رهيون هيون ۽ ٻئي رستي سان ملي رهيون هيون. جڏهن اسان ٻاهر هئاسين ان وقت اسان اتان مکيه رستي وٽ دباغ خاني (کلون گڏ ڪرڻ واري هنڌ)، فوجي جٿن، موٽر وارين ڪارين، گهوڙن ۾ جوٽيل گاڏين ۽ هڪڙي ڪشادي قطار سان ڌيمي ڌيمي هلندڙ بندوقن وٽان گذرياسين. اسان آهستي آهستي، پر وسندڙ مينهن ۾ باقائدگيءَ سان هلي رهيا هئاسين. اسان جي ڪار جي ريڊيئيٽر وارو ڍڪڻو لڳ ڀڳ هڪڙي ٽرڪ جي عقبي حصي سان هو جنهن ۾ ڪافي وزن کنيل هو، اها ٿلهي ۽ مضبوط ڪپڙي واري وزن سان ڀريل هئي. سموري قطار رڪجي ويئي هئي. اها ٻيهر هلڻ شروع ٿي ۽ اسان ٿورو اڳتي وڌياسين، پوءِ وري بيهي رهياسين. مان ٻاهر نڪري آيس ۽ اڳتي هلڻ لڳس، ٽرڪين ۽ جانورن وارين گاڏين ۾ ۽ گهوڙن جي ڀنل ڳچين جي هيٺان. گهڻو اڳتي کان ناڪابندي ڪيل هئي. مان رستي تان لٿس، هڪڙي پائيدان تي خندق کان ٽپيس ۽ خندق کان پرڀرو کيتن ۾ هلڻ لڳس. جيئن ئي مان ان کان آرپار اڳتي کيتن ۾ ويس مان وڻن جي درميان بارش ۾ بيٺل قطارن کي ڏسي پئي سگهيس. مان گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ميل هليس. قطار اڃا به چُري پُري ڪو نه رهي هئي، ٻئي پاسي کان بيٺل گاڏين جي قطار کان مان فوجي جٿن کي هلندي ڏسي پئي سگهيس. مان واپس ڪارين ڏانهن موٽي ويس. هي ناڪابندي يُوڊائن تائين ڦهليل ٿي سگهي ٿي. پياني ڦيٿي جي مٿان ستل هو. مان هن جي ڀرسان مٿي چڙهي ويس ۽ پڻ ننڊ ڪرڻ لڳس. ڪيترن ڪلاڪن کان پوءِ مون اسان جي اڳيان هڪڙي ٽرڪ کي گيئر سان ڊران ڊران ڪندي ڏٺو. مون پيانيءَ کي جاڳايو، اسان ڪجھ گز هلياسين، ۽ وري ٿڪ لاهي، اڳتي هلندا رهياسين. اتي اڃا تائين مينهن وسي رهيو هو. مان هيٺ لٿس ۽ واپس موٽي ايمو ۽ بونيلو کي ڏسڻ ويس. بونيلو سان گڏ هن جي ڪار واري نشست تي ٻه ماهرِ فنيات (انجنيئر) ويٺا هئا. اهي منهنجي اچڻ تي سڌا ٿي ويٺا. ”انهن کي هڪڙي پل تي ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جي لاءِ ڇڏيو ويو هو،“ بونيلو چيو. “ ”هي پنهنجي يونٽ کي لهي ڪو نه سگهيا سو مون انهن کي سوار ڪيو.“ ”سائين ليفٽيننٽ جي اجازت سان.“ ”اجازت سان،“ مون چيو. ”ليفٽيننٽ هڪڙو آمريڪي آهي،“ بونيلو چيو. ”هو ڪنهن کي به سوار ڪري سگهي ٿو. هڪڙي آفيسر مسڪرايو. ٻئي بونيلو کان معلوم ڪيو ته ڪٿي مان اتر يا ڏکڻ آمريڪا جو ڪو هڪڙو اطالوي ته ڪو نه هوس. ”هو هڪڙو اطالوي ناهي. هو اتر امريڪي انگريز آهي.“ ”آفيسر شائستا ٿي ويا پر انهن کي اعتبار نه پئي آيو. مون هنن کي ڇڏي ڏنو ۽ ايمو ڏانهن واپس هليو ويس. هن سان گڏ ٻه ڇوڪريون هيون ۽ هو پوئتي ڪنڊ تي ويٺو هو ۽ سگريٽ جا سُوٽا هڻي رهيو هو. ”بارتو، بارتو،“ مون چيو. هن ٽهڪ ڏنو. ”تينينت، هنن سان ڳالهاءِ،“ هن چيو. ”مان هنن کي نه ٿو سمجهي سگهان. هئه!“ هن ڇوڪريءَ جي سٿر تي هٿ رکي ڇڏيو انهي کي هڪڙي دوستاڻي انداز ۾ دٻايائين. ڇوڪريءَ انهي جي چوگرد مضبوطيءَ سان پنهنجي شال اوڙهي ڇڏي هن هٿ کي ڇڪي پري ڪيو. ”هئه!“ هن چيو. ”تيننت کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ ۽ ته تون هتي ڇا ڪري رهي آهين.“ ڇوڪريءَ مون ڏانهن سختيءَ وچان نهاريو. ٻي ڇوڪريءَ پنهنجون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون. جنهن ڇوڪريءَ مون ڏانهن نهاريو انهي هڪڙي اهڙي لهجي ۾ ڳالهايو جنهن جو مون کي هڪڙو لفظ به سمجھ ۾ ڪو نه آيو. هوءَ گول مٽول ۽ سانوري هئي ۽ لڳ ڀڳ سورنهن سالن جي لڳي رهي هئي. ”سوريلا؟“ (اطالوي ـ ادي ــ مترجم) مون پڇيو ۽ ٻي ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪيو. هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ مسڪرايو. ”ٺيڪ آهي،“ مون چيو ۽ هن جي گوڏي تي ٿڦڪي هنئي مون هن جي ان کي سڌي ڪرڻ جي چرپر کي محسوس ڪيو. هن جي ڀيڻ ڪڏهن به ڪنڌ مٿي کڻي ڪين نهاريو شايد هوءَ نو عمر هئي. ايمو وڏي ڀيڻ جي سٿر تي پنهنجو هٿ رکيو ۽ هن ان کي ڇڪي پرتي ڪيو. هن ان تي ٽهڪ ڏنو. ”سٺو ماڻهو،“ هن پاڻ ڏانهن اشارو ڪيو. ”سٺو ماڻهو،“ هن مون ڏانهن اشارو ڪيو. “تون گهٻراءِ نه.“ ڇوڪري هن ڏانهن خار وچان نهاريو. انهن ٻنهي جو جوڙ ٻن جهنگلي پکين جهڙو هو. ”جيڪڏهن هو مون کي پسند نه ٿي ڪري ته پوءِ هن مون سان گڏ سواري ڇو ڪئي؟“ ايمو پڇيو. ”اهي بلڪل ان مهل مٿي گاڏيءَ ۾ چڙهي آيون جڏهن مون انهن کي اشارن سان اچڻ جو اظهار ڪيو.“ هو ڇوڪريءَ ڏانهن مڙيو. ”گهٻراءِ نه،“ هن چيو. ”ڪو به خطرو ڪونهي،“ هڪڙو نازيبا لفظ استعمال ڪندي. ”ڪو هنڌ ڪونهي.“ مون ڏٺو ته هُن ان لفظ کي سمجهي ورتو ۽ هُن هُن ڏانهن ڪاوڙ مان نهاريو. هُن شال کي زور سان تن تي ويڙهي ڇڏيو. ”سموري ڪار ڀريل آهي،“ ايمو چيو. ”ڪو به خطرو ناهي. ڪو به هنڌ ڪونهي.“ جيئن جيئن هر واري هن اهو لفظ ورجايو ڇوڪري ٿوري اڀي ٿيندي ويئي. ۽ پوءِ سخت انداز سان ويهندي ۽ هن ڏانهن ڏسندي هن روئڻ شروع ڪيو. مون هن جي چپن کي ڦڙڪندي ۽ هن جي گول مٽول چهري تان ڳوڙهن کي وهندي ڏٺو. هن جي ڀيڻ، مٿي ڪنڌ ڪرڻ بنا، هن جي هٿ کان پڪڙيو ۽ پوءِ اهي ٻئي گڏجي ويهي رهيون. وڏي ڇوڪري جيڪا ڪافي سخت رهي هئي، سڏڪڻ لڳي. ”مان ڀانيان ٿو ته مون هن کي ڊيڄاري وڌو،“ ايمو چيو. ”منهنجو مقصد هن کي ڊيڄارڻ وارو ڪو نه هو.“ بارتولومِي او پنهنجي ڪپڙي جو ٿيلهو کڻي آيو ۽ پنير جا ٻه ٽڪرا ڪٽي الڳ ڪيائين. ”آ هي وٺ،“ هن چيو. “روئڻ بند ڪر.“ وڏي ڇوڪريءَ پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ اڃا به روئي رهي هئي، پر نوعمر ڇوڪريءَ پنير ورتو ۽ کائڻ شروع ڪيائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ نوعمر ڇوڪريءَ پنهنجي ڀيڻ کي پنير جو ٻيو حصو ڏنو ۽ اهي ٻئي گڏجي کائڻ لڳيون. وڏي ڀيڻ اڃا ٿورڙو سڏڪي رهي هئي. ”هوءَ ٿوريءَ گهڙيءَ کان پوءِ ٺيڪ ٿي ويندي،“ ايمو چيو. هن کي هڪڙو خيال سُجهي آيو. ”ڪنواري؟“ هُن هُن جي ڀرسان واري ڇوڪريءَ کان پڇيو. هن پنهنجو ڪنڌ مضبوطيءَ سان لوڏيو. ”تون به؟“ ”هن سندس ڀيڻ ڏانهن اشارو ڪيو. ٻنهي ڇوڪرين پنهنجا ڪنڌ لوڏيا ۽ وڏيءَ ڪنهن لهجي ۾ ڪجھ چيو. ”اهو سڀ ٺيڪ آهي،“ بارتولومِي او چيو. ”اهو سڀ ٺيڪ آهي،“ ٻئي ڇوڪريون خوش نظر اچڻ لڳيون. مون انهن کي پاڻ سان گڏ ايمو وٽ ڇڏيو جيڪو پويان هڪڙي ڪنڊ ۾ ويٺو هو ۽ واپس پيانيءَ جي ڪار ڏانهن ويس. گاڏين جو قطارون چُري پُري ڪو نه رهيون هيون پر فوجي جٿا ڀرسان گذري رهيا هئا. اتي اڃا تائين تيز برسات وسي رهي هئي ۽ مون ويچاريو ته قطارن ۾ ڪجھ رڪاوٽون انهن گاڏين جي رڪجي وڃڻ جي سبب به هيون جن جون تارون آليون ٿي ويون هيون. گهڻي قدر اهو ماڻهن ۽ گهوڙن جي ننڊ ۾ وٺجي وڃڻ جي ڪارڻ به هو. پوءِ به، جڏهن هرڪو جاڳي پوندو ته به شهرن ۾ ٽريفڪ جام ئي ٿيل ٿي سگهي ٿي. اهو گهوڙن ۽ موٽر وارين گاڏين جو مجموعو هو. اهي ڪنهن به صورت ۾ هڪٻئي جي سهائتا نه پئي ڪري سگهيا. هارين جون جانورن ۾ جوٽيل گاڏيون به وڌيڪ مدد نه پئي ڪري سگهيون. بارتو سان ڇوڪرين جو هڪڙو عمدو جوڙو ساڻ هو. ٻن ڪنوارين جي لاءِ پوئتي موٽڻ لاءِ ڪا به جاءِ ڪو نه هئي. حقيقي ڪنواريون. غالباَ گهڻيون مذهبي. جيڪڏهن اتي ڪا به جنگ نه هجي ها ته اسان غالباَ سڀيئي بستر ۾ هجون ها. مان بستر تي پنهنجو ڪنڌ ڦٽو ڪيان ها. بسترو ۽ تختو. بستر ۾ هڪڙي تختي جيان سخت. هاڻي ڪيٿرائن ٻن چادرن جي درميان بستر ۾ هئي، هڪڙي هن جي مٿان ۽ هڪڙي هن جي هيٺان. هوءَ ڪهڙي پاسي ستل هئي؟ ٿي سگهي ٿو ته هوءَ جاڳندي هجي. ٿي سگهي ٿو هوءَ ليٽيل هجي ۽ مون لاءِ سوچيندي هجي. گُهل، گُهل، تون اولھ جي هوا. چڱو، اها گُهلِي ۽ اهو هلڪو مينهن نه هو وڏو مينهن جيڪو هيٺ وسندو رهيو. اهو ساري رات وسندو رهيو. ان ڏانهن نهار. يسوع مسيح، ڪاش منهنجو پيار منهنجي ٻانهن ۾ هجي ها ۽ مان ٻيهر پنهنجي بستر تي. اها منهنجي محبت ڪيٿرائن. ته منهنجي مٺڙي محبت ڪيٿرائن متان برسات هيٺ ڀِڄندي هجي. انهي جي هيٺان منهنجي لاءِ.، ٺيڪ، اسان ان منجھ هئاسين. هرڪو ان جي گرفت ۾ هو ۽ ننڍڙو وسڪارو ان کي خاموش ڪرائي نه ٿو سگهي. ”شب خير ڪيٿرائن،“ مون وڏي واڪي چيو. ”مان اميد ٿو ڪيان ته سڪون سان سمهندي هوندينءَ. جيڪڏهن اها ايتري آرامده ناهي ته پوءِ، جانِ من، پاسو ورائي ڇڏ،“ مون چيو. .مان توکي ڪجھ ٿڌو پاڻي پيئاريندس. ٿوريءَ گهڙيءَ کان پوءِ اتي صبح ٿي ويندو ۽ تهان پوءِ اهو ايترو برو نه لڳندو. مون کي افسوس آهي ته اهو توکي ايترو تڙپائي رهيو آهي. ڪوشش ڪر، ۽ ننڊ ڏانهن واپس وري پئو، مٺڙي.“ مان سارو وقت ستل هوس، هن چيو. تون پنهنجي ننڊ دوارن ڳالهائي رهيو هئين. ڇا تون ٺيڪ آهين؟ ڇا تون واقعي اِتي آهين؟ ها يقينا مان هِتي آهيان. ”مان ڪيڏانهن ڪو نه ويندس. اهو اسان ٻنهي جي درميان ڪو به فرق پيدا ڪري نه ٿو سگهي. تون تمام گھڻو پيارو ۽ مٺڙو آهين. تون رات جو ڇڏي هليو نه ويندين، يا ويندين؟ يقيناَ مان نه ويندس. مان هميشه هتي هوندس. جڏهن به تون چاهيندينءَ مان هليو ايندس.“ ”پيانيءَ چيو. ”انهن ٻيهر هلڻ شروع ڪيو آهي.“ ”مان احمق ٿي ويو هوس،“ مون چيو. مون پنهنجي گهڙيءَ ڏانهن نهاريو. انهي مهل صبح جي وقت ۾ ٽي وڄي رهيا هئا. مان نشست جي پٺيان باربيرا جي هڪڙي بوتل تائين پهتس. ”تو ڏاڍيان ڳالهايو،“ پيانيءَ چيو. “مان انگريزيءَ م سپنو ڏسي رهيو هوس. مينهن جو زور ٽٽي رهيو هو ۽ اسان اڳتي وڌي رهيا هئاسين. سج اڀرڻ کان پهريان اسان وري گڏ ٿي وياسين ۽ جڏهن اتي روشني ڦٽڻ لڳي اسان ٿورڙي اجالي ۾ ميدان ۾ هئاسين ۽ مون واپسيءَ وارو رستو گهڻو اڳتي ڦهليل ڏٺو، هر شيءِ هڪ جاءِ تي بيٺل هئي سواءِ پيادل دستن جي جيڪي وچان گذري رهيا هئا. اسان وري هلڻ شروع ڪيوسين پر پيش قدميءَ جي شرح کي اجالي ۾ ڏسندي، مون ڄاڻي ورتو ته جيڪڏهن اسان ڪڏهن يوڊائن تائين پهچڻ لاءِ اميد پئي رکي ته اسان کي ڪنهن نه ڪنهن نموني مکيه رستي تان لهي کيتن جي آر پار وڃڻو هو. رات جو ڪيترائي هاري کيتن جي رستن کان قطار ۾ شامل ٿي ويا ۽ قطار ۾ اتي جانورن ۾ جوٽيل گهريلو سازوسامان سان ڀريل گاڏيون هيون؛ اتي ڪپڙي جي غلافن ۽ گَدن جي درميان ٻاهر نڪتل آئينا هئا، ۽ گاڏين سان ڪڪڙيون ۽ بدڪون ٻڌل هيون. اتي اسان جي اڳيان گاڏيءَ ۾ سلائيءَ واري هڪڙي مشين پيل هئي. انهن گهڻي قدر قيمتي شين کي محفوظ ڪري رکيو هو. ڪجھ گاڏين تي عورتن مينهن جي خوف کان پنهنجي جسم کي سميٽي رکيو هو ۽ ٻيون ڪارين جي ڀرسان هلي رهيون هيون پاڻ کي جيترو انهن کان پڄي پئي سگهيو انهن جي قريب رکيو پئي آيون. هاڻي قطار ۾ ڪتا به هئا، اهي گاڏين جي هيٺان کان هلي رهيا هئا. رستا گپ ۾ آلا هئا، انهن جي ڀرسان واريون خندقون پاڻيءَ سان ٽُٻٽار هيون ۽ وڻن جي پرتان جيڪي رستي سان قطار ۾ هئا کيت پڻ آلا نظر اچي رهيا هئا ۽ انهن ۾ ايتري ته گپ هئي جو انهن مان گذرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بيڪار هو. مان ڪار کان هيٺ لٿس ۽ رستي کان هڪڙي مٿانهين ڪناري کان هلڻ لڳس، هڪڙي اهڙي هنڌ جي ڳولها ۾ جتان مان اڳتان هڪڙي ڀرسان واري رستي کي ڳولهي سگهان. مون ڄاتو پئي ته اتي ڪيتريون ئي ڀرسان واريون راهون هيون پر ڪنهن به اهڙي راه تي راهي ٿيڻ جي تمنا نه پئي رکيم جيڪا ڪيڏانهن نيئي وڃڻ جي رهنمائي نه ڪري. مان انهن کي ياد ڪري نه پيئي سگهيس ڇاڪاڻ جو اسان اڪثر ڪري انهن وٽان تڙتڪڙ وچان مکيه رستي تان ڪار سان مٽبا هئاسين ۽ اهي سڀيئي گهڻي قدر هڪجهڙيون نظر اينديون هيون. هاڻي مون ڄاتو ته جيڪڏهن اسان نڪرڻ جا تمنائي هئاسين ته ڪنهن هڪ کي ڳولهي لهڻ گهرجي. ڪنهن به نه پئي ڄاتو ته آسٽريائي ڪٿي هئا نه ئي وري ته شيون ڪيئن هلي رهيون هيون پر مون کي يقين هو ته جيڪڏهن برسات بيهجي وڃي ۽ مٿان کان جنگي جهاز اچيو وڃن ۽ پنهنجو ڪم انهي قطار تي شروع ڪري ڇڏين ته سڀ ڪجھ خلاص ٿي ويندو. اتي انهي سوڙه ۽ گُد واري عمل مان ڇوٽڪارو پائڻ جي لاءِ جيڪا شيءِ اشد ضروري هئي اهو هو ته ڪجھ ماڻهو پنهنجن ٽرڪين کي ڇڏي ڏين ۽ يا ڪجھ گهوڙن کي ماري ڇڏجي. هاڻي مينهن ايتري تيزيءَ سان نه وسي رهيو هو ۽ مون سوچيو ته اهو شايد صاف ٿي وڃي. مان اڳتي گس جي ڪناري سان ويس ۽ جڏهن اتي هڪڙو ننڍڙو رستو نظر آيو جيڪو ٻن کيتن جي درميان ٻنهي پاسن کان وڻن جي جهڳٽن سان اتر ڏانهن وڃي رهيو هو، مون سوچيو بهتر هو ته اسان ان کي اختيار ڪيون مان جلدي جلدي واپس ڪارين ڏانهن موٽڻ لڳس. مون پيانيءَ کي ٻڌايو ته هو واپس موڙي ۽ واپس بونيلو ۽ ايمو ڏانهن هليو ويس. ”جيڪڏهن اهو ڪيڏانهن به نه ٿو نيئي وڃي اسان چوگرد موڙي سگهون ٿا ۽ واپسيءَ تي واپس اندر ڏانهن ڪٽ هڻي سگهون ٿا،“ مون چيو. ”انهن جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“بونيلو پڇيو هن جا سارجنٽ هن جي ڀرسان واري سيٽ تي ويٺا هئا. انهن جي حجامت ڪو نه ٿيل هئي پر اهي هينئر به صبح جي پهر ۾ فوجي لڳي رهيا هئا. ”اهي ڌڪو ڏيڻ ۾ سٺو ڪم ڏيندا،“ مون چيو. اسان واپس ايمو ڏانهن وياسين ۽ هن کي ٻڌايوسين ته اسان ان لاءِ کيتن جي آرپار ڏانهن ڪوشش وٺڻ وڃي رهيا هئاسين. ”منهنجي ڪنواري خاندان جي باري ۾ ڇا ڪجي؟“ ايمو چيو. ٻئي ڇوڪريون ننڊ ۾ هيون. اهي گهڻي قدر ڪارائتيون نه رهنديون،“ مون چيو. ”توکي ڌڪي ڏيڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن کي هٿ ڪرڻ گهرجي.“ ”اهي واپس ڪار ڏانهن وڃي سگهن ٿيون،“ ايمو چيو. “اتي ڪار ۾ جڳھ آهي.“ ”ٺيڪ آهي جيڪڏهن تون انهن کي چاهين ٿو ته،“ مون چيو. ”ويڪري پٺيءَ وارن ڪن ماڻهن کي هٿ ڪر جيڪي ڌڪو ڏئي سگهن.“ ”برساليگيرين کي،“ ايمو مسڪرايو. ”انهن جون پٺيون ويڪريون آهن. اهي انهن کي ماپيندا آهن. ”تينينت، تون ڪيئن پيو محسوس ڪرين؟“ ”سٺو. تون ڪيئن آهين؟“ ”سٺو. پر ڏاڍي بک لڳي آهي.“ ”اتي مٿي ان رستي تي ڪجھ نه ڪجھ هئڻ گهرجي ۽ اسان بيهنداسين ۽ ماني کائينداسين.“ ”تنهنجي ڄنگھ ڪيئن آهي، تينينت؟“ ”ٺيڪ آهي،“ مون چيو. قدمن تي بيهندي ۽ مٿي اڳتي ڏانهن نهاريندي مون پيانيءَ جي ڪار کي پاسي واري ننڍڙي رستي تي ٻاهر ڇڪجندي ۽ ان کي چالو ڪندي ڏٺو، هن جي ڪار سڪل ٽارين جي جهڳٽي مان ڏيکارجي رهي هئي. بونيلو پاسي تي موڙيو ۽ مان هن جي پٺيان ويس ۽ ان کان پوءِ پيانيءَ پنهنجي لاءِ رستو ڪڍي ورتو ۽ اسان ٻن ايمبولنسن جي پويان جهڳٽن وچان نڪرندڙ سوڙهي رستي سان هلڻ لڳاسين. اهو هڪڙي شاداب کيتن جي حويلين ڏانهن نيو پئي ويو. اسان پيانيءَ ۽ بونيلو کي هڪِڙِي ڳوٺاڻي حويليءَ جي احاطي کان بيٺل ڏٺوسين. گهر دروازي وٽان هڪڙي انگوري ول سان هيٺاهون ۽ ڊگهو هو. اتي احاطي ۾ هڪڙو کوه هو ۽ پيانيءَ ان مان ريڊيئٽر جي لاءِ پاڻي ڪڍي رهيو هو. تمام گھڻي هيٺاهين گيئر ۾ هلائڻ سان اهو ٻڙڪي چڪو هو. کيتن ۾ حويليءَ وارو گهر تباه ٿي ويو هو. مون واپس هيٺ رستي ڏانهن ڏٺو، کيتن ۾ حويليءَ وارو گهر ميدان کان هڪڙي ننڍڙي اوچائيءَ تي هو، ۽ اسان کيتن جي مٿان نهاري پئي سگهياسين، ۽ رستي کي ڏٺوسين، جهڳٽن کي، کيتن کي ۽ مکيه رستي کان وڻن جي قطارن تان جتان جنگ کان شڪستياب ٿيلن جي واپسي ٿي رهي هئي. ٻَئِي سارجنٽ شروع کان آخر تائين گهرن ڏانهن نهاري رهيا هئا. ڇوڪريون جاڳي پيون هيون ۽ اهي احاطن ڏانهن، کوه ڏانهن ۽ شاداب کيت جي حويليءَ جي اڳيان بيٺل ايمبولنس ڏانهن نهاري رهيون هيون، انهن سان ٽي ڊرائيور هئا جيڪي کوه جي ڀرسان بيٺا هئا. هڪڙو سارجنٽ هٿ ۾ هڪڙي گهڙيال سان گڏ ٻاهر نڪري آيو. ”انهي کي واپس رک،“ مون چيو. هن مون ڏانهن نهاريو، گهر جي اندر ويو ۽ بنا گهڙيال جي واپس آيو. ”تنهنجو دوست ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو. ”هو ليٽرين ڏانهن ويو آهي.“ هو ايمبولنس جي سيٽ تي اٿي بيٺو. هو انهي خوف ۾ ورتل هو ته اسان هن کي ڇڏي وينداسين. ”ناشتي جي باري ۾ ڇا خيال آهي، تينينت؟“ بونيلو پڇيو. ”اسان ڪاشيءِ کائي سگهون ٿا. ان کي ايترو گهڻو وقت نه لڳندو.“ ”ڇا توهان سمجهو ٿا ته هي رستو جيڪو ٻئي پاسي ڏانهن وڃي رهيو آهي اهو ڪنهن نه ڪنهن شيءِ ڏانهن نيئي ويندو؟“ ”يقيناَ.“ ”ٺيڪ آهي. اچو ته کائون.“ پياني ۽ بونيلو گهر جي اندر گهڙي ويا. ”اچو،“ ايمو ڇوڪرين کي چيو. هو انهن جي لهڻ ۾ سهائتا خاطر پنهنجو هٿ اڳتي جهلي بيٺو. وڏي ڀيڻ پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. اهي ڪنهن به تباه ٿيل گهر ڏانهن نه وڃي رهيا هئا. انهن اسان کي پويان کان ڏٺو. ”اهي ڏکيا (ماڻهو) آهن،“ ايمو چيو. اسان زمين واري حويليءَ جي اندر گڏجي وياسين. اها ڊگهي ۽ تاريڪ هئي، هڪڙِي متروڪ ڪيل محسوسات. بونيلو ۽ پياني رڌڻي ۾ هئا. ”اتي کائڻ جي لاءِ ايترو ڪجھ ڪونهي،“ ”انهن ان کي صاف ڪري ڇڏيو آهي.“ بونيلو هڪڙي وڏي پنير کي رڌڻي جي ڳري ميز تي ڪٽيو. ”پنير ڪٿي پيو هو؟“ تھ خاني ۾. پيانيءَ هڪڙو صوف ۽ شراب پڻ لڌو. ”اهو هڪڙو سٺو نيرانو آهي.“ پيانيءَ هڪڙي وڏي بيدڪاري سان ڍڪيل شراب جي جڳ جي ڍڪڻي کي ڪڍي رهيو هو. هن ان کي هٿ سان هلڪي سٽ ڏني ۽ هڪِڙي پتل جي ڪڻڇيءَ کي ٽُٻ ڪيو. “ان مان ٺيڪ سان خوشبو اچي رهي آهي،“ هن چيو ”ڪجھ پيالا ڳولھ، بارتو.“ ٻَئي سارجنٽ اندر گهڙي آيا. ”سارجنٽ، ڪجھ پنير وٺو،“ بونيلو چيو. ”اسان کي هلڻ گهرجي،“ هڪڙي سارجنٽ چيو، پنهنجو پنير کائيندي ۽ شراب جو هڪڙو پيالو پيئندي. ”اسان هلنداسين. پريشان نه ٿيو،“ بونيلو چيو. ”هڪِڙي فوج پنهنجي شڪم سان هلندي آهي،“ مون چيو. ”ڇا؟“ سارجنٽ پڇيو. ”بهتر آهي ته توهان کائو.“ ”ها. پر وقت قيمتي آهي.“ ”مان سمجهان ٿو حرامين اڳ ۾ کائي ڇڏيو آهي،“ پيانيءَ چيو. سارجنٽ هن ڏانهن ڏٺو. انهن اسان کان ڪافي نفرت پئي ڪئي.“ ”توهان کي رستو معلوم آهي؟“ انهن منجهان هڪڙي مون کان پڇيو. ”نه،“ هن چيو. انهن هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. “اسان بهتر نموني شروعات ڪنداسين،“ پهرين چيو. ”اسان شروعات ڪري رهيا آهيون،“ مون چيو. مون ڳاڙهي شراب جو هڪڙو ٻيو پيالو پيتو. اهو پنير ۽ صوف کان پوءِ ڪافي زبردست سواد ڏئي رهيو هو. ”پنير آڻيو،“ مون چيو ۽ ٻاهر هليو ويس. بونيلو ٻاهر شراب جو وڏو جڳ کڻي آيو. ”اهو ڪافي وڏو آهي،“ مون چيو. هن انهن ڏانهن معذرت خواهاڻي انداز ۾ نهاريو. ”مان سمجهان ٿو ها،“ هن چيو.“ ”مون کي پاڻي جون بوتلون ڏي ته ڀريان.“ هن پاڻيءَ جون بوتلون ڀريون ۽ شراب جو ڪجھ مقدار احاطي جي پختي فرش بنائڻ واري مسالي تي هارجي ويو. ان کان پوءِ هن شراب جو جڳ کنيو ۽ ان کي دروازي جي بلڪل اندر رکي ڇڏيائين. ”آسٽريائي ان کي دروازي کي ٽوڙڻ جي بنا ڳولهي لهي سگهن ٿا،“ هن چيو. ”اسان مڙنداسين.“ مون چيو ”پيانِي ۽ مان اڳتي وينداسين.“ ٻه ماهر فنيات (انجنيئر) اڳ ۾ بونيلو جي ڀرسان سيٽ تي ويٺا هئا. ڇوڪريون پنير ۽ صوف کائي رهيون هيون. ايمو سگريٽ ڇڪي رهيو هو. اسان سوڙهي رستي جي هيٺان هلڻ لڳاسين. مون پٺيان ايندڙ ٻن ڪارين ڏانهن ۽ کيت واري حويليءَ ڏانهن مڙي نهاريو. اهو هڪڙو ٺوس پٿر وارو گهر هو ۽ ان تي کوه تي لوه ڪاري جو ٿيل ڪم ڪافي سٺو هو. اسان جي اڳيان رستو سوڙهو ۽ مٽيءَ هاڻو هو ٻئي پاسي کان جهڳٽن جي هڪڙِي اوچي رڪاوٽ هئي. پٺيان ڪاريون، ويجهڙائي کان اچي رهيون هيون.