ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

39

جنوريءَ جي اڌ ڌاران منهنجي ڏاڙهي وڌي ويئي ۽ سيارو سرد روشن ڏينهن ۾ ۽ سخت سرد راتين ۾ بدلجي ويو هو. اسان وري رستن تي هلي پئي سگهياسين. برف تي هلندڙ گاه واريون گاڏيون ۽ ڪاٺ واريون گاڏيون ۽ اهي بُنڊ جيڪي پهاڙ تان هيٺ گهليا ويا هئا انهن تي برف ٺوس نموني سان ڄمي ويئي هئي. سموري ملڪ جي مٿان برف ڇانيل هئي، ويندي هيٺ مونترو تائين. ڍنڍ جي ٻئي پاسي کان سمورا پهاڙ سفيد هئا ۽ رون واديءَ جو ميدان ڍڪيل هو. اسان پهاڙ جي ٻئي پاسي کان بينِس ڊي ايلياز ڏانهن ڊگها پنڌ ڪياسين. ڪيٿرائن کي ڪوڪا لڳل نيري تري وارا جوتا ۽ هڪڙي ٽوپي پاتل هئي ۽ هن کي هٿ ۾ هڪڙو لڪڻ هو جنهن کي تکيون فولادي نوڪون لڳل هيون. هوءَ ٽوپيءَ ۾ ايتري ٿلهي لڳي نه رهي هئي ۽ اسان ايترو تيز نه پئي هلياسين پرجڏهن هوءَ ٿڪجي پئي پيئي ان مهل اسان رستي جي ڀرسان پيل بُنڊن تي ويهي ساه پٽڻ لاءِ ٿورو وقت رڪجي پئي وياسين. اتي بينس ڊي ايلياز وٽ وڻن ۾ هڪڙي سراءِ هئي جتي ڪاٺير شراب پيئڻ لاءِ ترسندا هئا، ۽ اسان اندر ويهي چلهي جو سيڪ وٺندا هئاسين ۽ مصالن ۽ ليمي وارو گرم ڳاڙهو شراب پيئندا هئاسين. اهي ان کي گِلُووين چوندا هئا ۽ اهو پاڻ کي گرم ڪرڻ لاءِ ۽ خوشيءَ کي ملهائڻ لاءِ ڪافي سٺو هو. سراءِ اندريان تاريڪ ۽ دونهاٽيل هئي ۽ جڏهن بعد ۾ اسان ان کان ٻاهر پئي نڪتاسين ٿڌي هوا تکائپ سان اسان جي ڦڦڙن ۾ پئي گهڙي ويئي ۽ ساه کڻڻ مهل اسان جي نڪ کي بي حِس پئي ڪري ڇڏيائين. اسان واپس سراءِ ڏانهن نهاريوسين جنهن جي درين مان روشني نڪري رهي هئي ۽ ڪاٺيرن جا ٻاهر بيٺل گهوڙا پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ زمين تي داڦوڙا هڻي رهيا هئا ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي رهيا هئا. انهن جي منهن تي ڏنل ڇڪن تي پارو ڄمي ويو هو ۽ انهن جي ساهن مان گهلندڙ هوا ۾ گرم پارو نڪري رهيو هو. گهر ڏانهن رستي تي ويندي ڪجھ گهڙين لاءِ اهو هموار ۽ ترڪڻو هو ۽ جتي گهوڙا بيٺل هئا اتان کان وٺي ڪاٺ کي گهلڻ واري رستي جي پڇاڙيءَ تائين اتي برف نارنگي رنگ اختيار ڪري ويئي هئي. انهي کان پوءِ رستو صاف طور تي برف سان ڳتيل هو ۽ اهو جهنگ وچان گذري رهيو هو، ۽ ٻه ڀيرا گهر ڏانهن واپس موٽندي اسان لومڙيون ڏٺيوسين. اهو ڪافي عمدو ملڪ هو ۽ هر واري جڏهن به اسان ٻاهر پئي وياسين اهو ڪافي مزيدار لڳندو هو. ”هاڻي توکي شاندار ڏاڙهي اچي ويئي آهي،“ ڪيٿرائن چيو.“ ”اها ڪاٺيرن جي ڏاڙهين جيان لڳي ٿي.“ ”ڇا تو انهي ماڻهوءَ کي ڏٺو جنهن کي ڪنن ۾ ننڍڙيون سونيون واليون پاتل هيون؟“ ”اهو جابلو ٻڪرن جو شڪاري آهي،“ مون چيو. ”اهي انهن کي ان لاءِ پائيندا آهن ڇاڪاڻ جو اهي چوندا آهن ته انهن سان اهي بهتر نموني ٻڌي سگهن ٿا.“ ”واقعي؟ مان انهي کي ڪو نه ٿي مڃان. مان سمجهان ٿي ته اهي انهن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ پائيندا آهن ته اهي جابلو ٻڪرن جا شڪاري آهن.“ ”ڇا هتي ويجهر ۾ ڪٿي جابلو ٻڪر آهن؟“ ”ها، ڊينٽ ڊي جَمن کان پرڀرو.“ ”لومڙيءَ کي ڏسڻ ۾ ڪافي مزو آيو.“ ”جڏهن اها سمهي پوندي آهي اها پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ پنهنجي پڇ کي پنهنجي چوگرد ورائي ڇڏيندي آهي.“ ”اها لازماَ هڪڙي دلڪش محوسات هوندي.“ ”مان هميشه اهڙي پڇ هئڻ جي خواهشمند رهي آهيان. ڇا اهو مزيدار نه هوندو جيڪر اسان کي به هڪڙي لومڙيءَ جيان پڇ هجي ها؟“ ”انهي سان مشڪل سان ڪپڙا پائي سگهجن ها.“ ”اسان کي اهڙا ڪپڙا ٺاهڻا پون ها، يا ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ رهڻو پوي ها جتي ڪنهن به شيءِ سان ڪو به فرق ڪو نه پوندو هجي. ڇا اهو زبردست ناهي جو اسان ڪڏهن به ڪنهن کي ڪو نه ٿا ڏسون؟ تون ماڻهن کي ڏسڻ ڪو نه ٿو گهرين، جاني، ها نه؟“ ”نه.“ ”ڇا اسان هتي فقط هڪڙي منٽ لاءِ ويهون؟“ اسان بُنڊن تي هڪٻئي سان لڳو لڳ ويهي رهياسين. اڳيان رستو جهنگ وچان هيٺ پئي ويو. ”هوءَ اسان ٻنهيءَ جي درميان حائل ڪو نه ٿيندي، يا هوءَ ٿيندي؟ ننڍڙي شرير ٻچڙي.“ ”نه. اسان هن کي ٿيڻ نه ڏينداسين.“ ”اسان پيسن جي حوالي کان ڪيئن آهيون؟“ ”اسان وٽ کوڙ ساترا پيسا پيا آهن. انهن آخري سائيٽ ڊرافٽ کي مان ڏنو.“ ”ڇا هاڻي جڏهن تنهنجي خاندان وارا ڄاڻن ٿا ته تون سوئزرلينڊ ۾ آهين ڇا اهي توکي پنهنجي ضابطي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪو نه ڪندا؟“ ”غالباَ. مان انهن کي ڪجھ نه ڪجھ لکندس.“ ”ڇا تو انهن کي نه لکيو آهي؟“ ”نه. فقط سائيٽ ڊرافٽ.“ ”خدا جو شڪر آهي جو مان تنهنجي خاندان جو حصو نه آهيان.“ ”مان انهن ڏانهن تار موڪليندس.“ ”انهن جي باري ۾ ڪا به چنتا نه ڪجي؟“ ”مان ڪيان ٿو، پر اسان ايترو ته وڙهياسين جو آخرڪار انهن مون مان هٿ ڪڍي ڇڏيا.“ ”مان سمجهان ٿي ته مان انهن کي ڪافي پسند ڪنديس.“ ”اچ ته انهن جي باري ۾ ڳالهائڻ بند ڪيون نه ته مون کي انهن جو فڪر ورائي ويندو.“ ٿوريءَ دير کان پوءِ مون چيو، ”جيڪڏهن تو ٿڪ ڀڃي ورتو آهي ته پوءِ اچ ته هلون.“ ”مون ٿڪ ڀڃي ورتو آهي.“ اسان اڳتي هيٺ رستي ڏانهن هلڻ لڳاسين. اتي رات ٿي رهي هئي ۽ برف اسان جي جوتن جي هيٺان چيڪاٽ ڪري رهي هئي. رات خشڪ ۽ ٿڌي ۽ ڪافي چٽي هئي. ”مان تنهنجي ڏاڙهيءَ سان پيار ڪيان ٿي،“ ڪيٿرائن چيو. ”اها هڪڙي عظيم ڪاميابي آهي. اها ڪيتري نه سخت آهي ۽ غضبناڪ آهي ۽ اها ڪافي نرم آهي ۽ هڪڙي عظيم خوشي آهي.“ ”ڇا تون مون کي انهي جي بنا وڌيڪ پسند ڪرين ٿي؟“ ”مان ايئين سمجهان ٿي. جاني، تون ڄاڻين ٿو، مان هاڻي پنهنجا وار ڪٽرائي نه رهي آهيان جيسين ننڍڙي ڪيٿرائن نه ٿي ڄمي. مان هاڻي ڪافي ٿلهي ۽ مامتا سان ڀرپور لڳان ٿي. پر جڏهن اها پيدا ٿي چڪي هوندي ۽ جڏهن مان وري سنهڙي ٿي وينديس مان انهي مهل انهن کي ڪٽرائينديس ۽ پوءِ مان تو لاءِ هڪڙي نئين عمدي ۽ مختلف ڇوڪري بڻجي وينديس. انهن کي ڪٽرائڻ لاءِ ٻئي ڄڻا گڏجي هلنداسين، يا وري مان اڪيلي هلي وينديس ۽ موٽي اينديس ۽ توکي حيرت ۾ وجهي ڇڏينديس.“ مون ڪجھ به ڪو نه چيو. ”تون اهو نه چئي سگهندين ته مان نه هلندس، يا چوندين؟“ ”نه. مان سمجهان ٿو اهو جذبن کي ڪافي ڀڙڪائيندڙ هوندو.“ ”او، تون تمام گهڻو مٺڙو آهين. ۽ جاني، ٿي سگهي مان گهڻي سهڻي ٿي پوان ۽ ايتري سنهڙي ٿي وڃان جو تون هڪ دفعو ٻيهر مون تي عاشق ٿي پوين.“ ”جهنم،“ مون چيو. ”مان هاڻي به توسان بيحد پيار ٿو ڪيان. تون ڇا ٿي ڪرڻ گهرين؟ مون کي برباد ڪرڻ ٿي گهرين؟“ ”ها. مان توکي برباد ڪرڻ ٿي چاهيان.“ ”سٺو،“ مون چيو. ”مان پڻ اهو ئي ته چاهيان ٿو.“