ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

31

جڏهن لهر ڦڙتيءَ سان حرڪت ڪندي هجي توهان کي سڌ ئي نه پوندي ته توهان هڪڙي درياه ۾ ڪيترو وقت اندر هئا. اهو هڪڙو طويل وقت نظر اچي سگهي ٿو ۽ اهو هڪڙو مختصر وقت به ٿي سگهي ٿو. پاڻي ٿڌو ۽ سيلاب زده هو ۽ اتان ڪيتريون ئي شيون گذريون جيڪي درياه جي چڙهڻ سان ڪناري ڏانهن لڙهي ويون. مان خوشنصيب هوس جو مون کي جهلڻ لاءِ هڪڙو ڪاٺ جو ٽڪڙو هٿ اچي ويو، ۽ مان برف جهڙي ٿڌي پاڻيءَ ۾ پنهنجي کاڏي ڪاٺ تي رکي انهي کي ٻنهي هٿن سان جيترو ٿي سگهيو پڪڙيندي لڙهندو رهيس. مون تي پٺن ۾ پئجي ويندڙ وڪڙن جو خوف طاري هو ۽ مان پر اميد هوس ته اسان ڪناري ڏانهن هلنداسين. اسان درياه جي اندر هيٺ هڪڙي ڊگهي خم ۾ هليا وياسين. اتي ڪافي روشنيءَ جو آغاز ٿي رهيو هو تنهن ڪري مان خطِ ساحل جي ڀرسان ٻوٽا ڏسي پئي سگهيس. اتي اڳيان کان ٻوٽن وارو جزيرو هو ۽ لهر ڪناري ڏانهن هلڻ لڳي. مون کي تجسس پئي ٿيو ته جيڪر مان پنهنجا جوتا ۽ ڪپڙا لاهي ڪناري ڏانهن ترڻ شروع ڪيان، پر مون اهو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. مون ڪڏهن به ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ڪو نه سوچيو سواءِ ان جي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مان ڪناري وٽ پهچندس، ۽ جيڪڏهن مان اگهاڙن پيرن سان ڪناري تي قدم ڄمائيندس ته اها خراب حالت هوندي. مون کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ميسٽر تائين پهچڻو هو ( Mestre: وينس جو گهڻي قدر آباد خشڪيءَ وارو وڏو حصو، وينترو، اتر اٽليءَ ۾ ـــ مترجم) مون ڪناري کي ويجهو ايندي، پر وري پري لڏندي ۽ پوءِ نزديڪ ترين ٿيندي ڏٺو. اسان گهڻي قدر آهستي آهستي لڙهي رهيا هئاسين. مون کي بيد جي جهڳٽن مان ٽاريون نظر اچڻ لڳيون. ڪاٺ آهستي آهستي جهولي رهيو هو اهڙيءَ طرح جو ڪنارو منهنجي پٺيان هو ۽ مون ڄاڻي ورتو ته اسان هڪڙي ڪُن ۾ هئاسين. اسان آهستي آهستي چوڌار ڦيراٽي کاڌي سين. جيئن ئي مون ٻيهر ڪنڌيءَ ڏانهن نهاريو، جيڪا هاڻي ڪافي ويجهو هئي، مون هڪڙي ٻانهن سان جهلڻ جي ڪوشش ورتي ۽ ٻيءَ سان ترندي ۽ لتون هلائيندي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳس، پر مان ان کي ڪناري جي ايترو نزديڪ آڻي ڪو نه سگهيس. مون کي خوف ورائي ويو ته اسان ڪُن سان گڏ ٻاهر هليا وينداسين، ۽ ٻئي هٿ سان جهليندي، مون پنهنجي پيرن کي مٿي سٽ ڏني جو اهي ڪاٺ جي پاسي کان ٿي بيٺا ۽ ان کي وڏي زور سان ڪناري ڏانهن ڌڪو ڏنم. مان جهنگلي ٻوٽن جو جهڳٽو ڏسي پئي سگهيس، پر پنهنجي سگھ آهر گڏ ڪيل منهنجي قوت جي مقدار ۽ تار جي باوجود لهر مون کي پاڻ سان کنيو پئي ويئي. پوءِ مون سوچيو ته مان پنهنجي جوتن جي ڪري ٻڏي ويندس، پر مون پاڻيءَ ۾ هڻڻ ۽ هڪلڻ جاري رکيو، ۽ پوءِ مون ڏٺو ته ڪنارو مون ڏانهن سري رهيو هو، ۽ مون ڳرن قدمن واري دهشت سان ترڻ ۽ ان کي مات ڏيڻ جي ڪوشش جاري رکي. مان بيد جي ٽاريءَ سان لٽڪي بيٺس پر مون ۾ پاڻ کي مٿي ڇڪڻ جي سگھ ڪا نه هئي پر مون ڄاتو پئي ته هاڻي مان نه ٻڏندس. ڪاٺ تي مون کي ڪڏهن به ٻڏڻ جو احساس ڪو نه ٿيو هو. مون جدوجهد جي ڪارڻ پنهنجي معدي ۽ ڇاتيءَ کي کوکلو ۽ سست محسوس ڪيو، ۽ مان ٽارين کي پڪڙي بيٺس ۽ انتظار ڪرڻ لڳس. جڏهن سستيءَ جو احساس ختم ٿي ويو مان بيد جي ٻوٽن ۾ اندر ڇڪجي بيٺس ۽ وري ساه پٽيم، منهنجي ٻانهن ڪنهن جهنگلي جڙي ٻوٽيءَ سان هئي، ۽ مان مضبوطيءَ سان ٽارين کي جهليو بيٺو هوس. انهي کان پوءِ مون ٻاهر رڙهڻ شروع ڪيو، بيد جي درميان ۽ ڪناري ڏانهن ڇڪيندي. اها اڌ ڏينهن جيتري روشني هئي ۽ مون کي ڪو به ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو. مان ڪناري تي سڌو ٿي ويٺس ۽ درياه ۽ برسات جي وسڪاري کي ٻڌڻ لڳس. ٿوريءَ دير کان پوءِ مان اٿي بيٺس ۽ ڪناري سان هلڻ شروع ڪري ڏنم. مون ڄاتو پئي ته اتي ليٽِسانزا تائين درياه جي آرپار ڪا به پل ڪو نه هئي. مون سمجهيو اها سين وِيٽو جي آمهون سامهون ٿي سگهي ٿي. مان انهي تي ويچارڻ لڳس ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. اڳيان اتي درياه ڏانهن ويندڙ هڪڙي کاهي هئي. مان ان ڏانهن ويس. هن مهل تائين مون کي ڪو به نظر ڪو نه آيو هو ۽ مان ڪجھ ٻوٽن جي ڀرسان کاهيءَ جي ڪناري تي هيٺ ويهي رهيس ۽ مون پنهنجا جوتا لاٿا ۽ انهن ۾ پيل پاڻي هاري ڇڏيم. مون پنهنجو ڪوٽ لاٿو، منهنجي پيسن ۽ ڪاغذن سميت منهنجو بٽون اندرين کيسي ۾ آلو ٿي ويا هئا ۽ انهي کان پوءِ مون ڪوٽ کي نپوڙيو. مون پنهنجا ٽرائوزر لاٿا ۽ انهن کي پڻ نپوڙيم، انهي کان پوءِ پنهنجي قميض ۽ اندرين ڪپڙن کي نپوڙيم. مون پاڻ کي ٿڦڪيون هنيون ۽ پاڻ کي مهٽيو ۽ وري ڪپڙا اوڙهي ڇڏيم. مون کان منهنجي ٽوپي وڃائجي ويئي هئي. پنهنجو ڪوٽ پائڻ کان پهريان مون پنهنجي ڪپڙن جي ٻانهن تان ستارا ڪٽيا ۽ انهن کي پنهنجي پيسن سميت اندرئين کيسي ۾ وجهي ڇڏيم. منهنجا پيسا آلا ٿي ويا هئا پر اهي صحيح سلامت هئا. مون انهن جي ڳڻپ ڪئي. اتي ٽي هزار ۽ ڪجھ ٻيا لاير هئا. منهنجا ڪپڙا آلا ۽ لڳلڳدار لڳي رهيا هئا ۽ مون پنهنجي ٻانهن کي ٿڦڪي هنئي ته جيئن خون جي گردش جاري رهي. مون چڍي کي اُڻيو هو ۽ مون اهو نه سوچيو ته جيڪڏهن مان هلندو رهيس ته مون کي ٿڌ لڳي سگهي ٿي. انهن رستي تي منهنجو پستول مون کان کسي ورتو هو مون پستول رکڻ واري چمڙائين ٿيليهيءَ کي پنهنجي ڪوٽ جي هيٺان وجهي ڇڏيو. مون وٽ ڪا به ٽوپي ڪو نه هئي ۽ اتي برسات ۾ ٿڌ پئجي رهي هئي. مون مٿي واه جي ڪناري سان هلڻ شروع ڪيو. اها ڏينهن جي روشني هئي ۽ ملڪ آلو، هيٺاهون ۽ اداس نظر اچي رهيو هو. کيت بي لباس ۽ آلا هئا؛ رستي کان گهڻو اڳتي مان ميدان کان ٻاهر هڪڙي ڪيمپينائل کي ڏسي پئي سگهيس.(campanile: سينٽ مارڪ ڪيمپينائل وينس، اٽليءَ ۾ سينٽ مارڪ بيسِيلِيڪا جو منارو، جيڪو پيازا سين مارڪو ۾ واقح آهي ـــ مترجم) مان مٿي هڪڙي رستي تي چڙهي آيس. اڳيان مون ڪجھ فوجي دستن کي رستي جي هيٺان ايندي ڏٺو. مون رستي جي ڀرسان ڄنگھ منڊڪائي هلڻ شروع ڪيو ۽ اهي مون وٽان گذري ويا ۽ انهن مون ڏانهن ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو. اهي هڪڙي گهنڊ مِشن کي عليحده ڪيو مٿي درياه ڏانهن وڃي رهيا هئا. مان رستي تي هلندو رهيس. انهي ڏينهن مون وينس وارو ميدان پار ڪيو. اهو هيٺين سطح وارو ملڪ آهي جيڪو برسات ۾ اڃا به وڌيڪ هموار ٿي ويندو آهي. سمونڊ جي پاسي کان اتي لوڻياٺيون ڌٻڻيون آهن ۽ تمام ٿورا دڳ آهن. سمورا رستا درياه جي منهن وٽان ٿيندي سمونڊ ڏانهن هلن ٿا ۽ ملڪ مان گذرڻ جي لاءِ توهان کي واه جي ڀرسان وارن رستن وٽان هلڻ گهرجي. مان اتر کان ڏکڻ جي پاسي ڏانهن ملڪ مان پار پئجي رهيو هوس ۽ ٻن ريلوي لائينن ۽ ڪيترن ئي پيچرن تان گذري آيو هوس ۽ آخرڪار مان هڪڙي رستي جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي ريلوي لائين جي مٿان پهتس جيڪا هڪڙي ڌٻڻ کان ٿورو پرتي ڊوڙي رهي هئي. اها وينس کان ٽرائيسٽ ڏانهن ويندڙ مکيه لائن هئي، جنهن سان هڪڙو مضبوط ۽ اوچو ڪنارو هو، هڪڙي رستي جو ٺوس ترو ۽ ٻِٽي پٽڙي. پٽڙين جي هيٺان واري هڪڙي رستي وٽ هڪڙي جهنڊي واري قيام گاه (اسٽيشن) هئي ۽ اتي سپاهين کي پهرو ڏيندي ڏٺم. مٿي لائين ۾ اتي ڌٻڻ ۾ ڇوڙ ڪندڙ هڪڙي وهڪري جي مٿان هڪڙي پل هئي. مون پل وٽ پڻ هڪڙي گارڊ کي ڏٺو. اتر ۾ کيتن کي پار ڪندي مون هڪڙي ريل کي هن پٽڙيءَ وٽان گذرندي ڏٺو هو، جيڪا هڪڙي ڊگهي رستي تائين هموار ميدان ۾ صاف نظر اچي رهي هئي، ۽ مون سوچيو ته هڪڙي ريل پورٽوگُرُوآرو مان به اچي سگهي ٿي. مون گارڊ کي ڏٺو ۽ ڪناري تي ويهي رهيس ته جيئن مان پٽڙيءَ جي ٻنهي طرفن کان ڏسي سگهان. پل تي بيٺل گارڊ لائين جي مٿان واري رستي ڏانهن هليو ويو، انهي کان پوءِ هن ڦيرو کاڌو ۽ واپس پل ڏانهن هليو ويو. مان ويٺو رهيس، ۽ بکايل هوس، ۽ ريل جو انتظار ڪري رهيو هوس. هڪڙي جيڪا مون کي نظر آئي اها ايتري ته ڊگهي هئي جو ان جي انجڻ تمام گھڻو آهستي حرڪت ڪري رهي هئي ۽ مون کي يقين هو ته مان ان تي چڙهي سگهان ٿو. جڏهن مون زري گهٽ ڪنهن ريل جي اچڻ جي اميد ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني هئي مون هڪڙي ريل کي ايندي ڏٺو. انجڻ، سنئين سڌي اچي رهي هئي، جيڪا آهستي آهستي ڊگهي ٿي ويئي. مون پل وٽ بيٺل پهريدار کي ڏٺو. هو پل جي ڀرسان واري پاسي جي ويجهو بيٺو هو پر هو پٽڙين جي ٻئي پاسي کان هو. انهي سان هو نظرن کان اوجهل رهندو جڏهن ريل گذرندي. مون انجڻ کي نزديڪ ٿيندي ڏٺو. اها مشڪل سان هلي رهي هئي. مان اتي ڪيترين ئي گاڏين کي ڏسي پئي سگهيس. مون ڄاتو پئي ته اتي ريل ۾ گارڊ ٿي سگهن ٿا، ۽ مون اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي ڪٿي بيٺا هئا، پر ٻاهر نظر ڊوڙائيندي، مون کي ڪجھ به ڏسڻ ۾ ڪو نه پئي آيو. انجڻ لڳ ڀڳ اتي هئي جتي مان ويٺو هوس، جڏهن اها آمهون سامهون ٿي، تان جو سطح جي مٿان ڪم ڪندي ۽ دونهون ڇڏيندي، ۽ مون ماهر فنياتن کي گذرندي ڏٺو، مان اٿي بيٺس ۽ گذرندڙ ڪارين جي نزديڪ قدم وڌائڻ لڳس. جيڪڏهن پهريدار مون کي ڏسي رهيا هئا ته مان پٽڙين وٽان بيٺل ٿوري شڪ واري شيءِ هيس. ڪيتريون ئي سامان واريون گاڏيون گذري ويون. تهان پوءِ مون هڪڙي هيٺاهين واري کليل گاڏي ڏٺي جنهن جي نموني کي اهي گونڊولس سڏيندا هئا، جيڪا هڪڙي ٿلهي ڪپڙي سان ڍڪيل هئي. مان اتي تيستائين بيٺل رهيس جيستائين اها لڳ ڀڳ ٽپي ويئي، انهي کان پوءِ ٽپو ڏئي ان جي پٺيان کان راڊن کي جهلي انهن کي ڇڪ ڏنم. مان گونڊولا ۽ ان جي پٺيان اوچي سامان واري گاڏيءَ جي پناه ۾ ريڙهجڻ لڳس. مون اهو سوچيو به ڪو نه ته مون کي ڪنهن ڏٺو به يا نه. مان هٿن وارن ڏنڊن کي جهليو بيٺو هوس ۽ هيٺ جي طرف ڪرونڊڙو ٿي ويس، منهنجا هٿ جوڙن تي هئا. اسان لڳ ڀڳ پل جي آمهون سامهون هئاسين. مون گارڊ کي ياد ڪيو. جيئن ئي اسان هن وٽان گذرياسين هن مون ڏانهن ڏٺو. هو هڪڙو ڇوڪراٽ هو ۽ هن جو ٽوپلو پڻ هن جي حساب کان وڏو هو. مون هن ڏانهن نفرت ڀريل نگاهن سان تڪيو ۽ هن ٻئي طرف ڏسڻ شروع ڪيو. هن سمجهيو ته مون کي ريل سان ڪا شيءِ ڪرڻي هئي. اسان گذري چڪا هئاسين. مون هن کي اڃا تائين بي چين ڏٺو، هو ٻين گاڏين کي گذرندي ڏسي رهيو هو ۽ اهو ڏسڻ جي لاءِ جهڪيس ته ٿلهو ڪپڙو ڪهڙي نموني ٻڌل هو. ان کي ڦندا ڏنل هئا ۽ اهو ڪناري کان ٿلهي ڏوريءَ هيٺ ٻڌل هو. مون پنهنجو چاقو ٻاهر ڪڍيو، ڏوريءَ کي ڪٽيو ۽ پنهنجي ٻانهن کي اندر ٽپايو. اتي ٿلهي ڪپڙي ۾ ٺوس اڀار هو جيڪو مينهن ۾ اڃا به سخت ٿي رهيو هو. مون مٿي ۽ اڳيان جي طرف نهاريو. اتي اڳيان کان مال بردار گاڏيءَ تي هڪڙو گارڊ بيٺو هو پر هو اڳتي جي طرف نهاري رهيو هو. مون ڪنگوري جنهگلي کي ڇڏي ڏنو ۽ ٿلهي ڪپڙي جي هيٺان ڇپ ماري ويهي رهيس. منهنجي پيشاني ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي ويئي جنهن سان مون کي شديد ڌڪ لڳو ۽ مون پنهنجي چهري تي خون کي محسوس ڪيو پر مان اندر رڙهندو رهيس ۽ اتي سڌو ٿي ويٺس. انهي کان پوءِ مون گول چڪر کاڌو ۽ ڪپڙي کي هيٺ ٻڌي ڇڏيم. مان هيٺ ٿلهي ڪپڙي ۾ بندوقن سان گڏ هوس. انهن مان صاف تيل ۽ مک (گِريس) جي بوءِ اچي رهي هئي. مان ويهي رهيس ۽ ٿلهي ڪپڙي تي پوندڙ مينهن ۽ پٽڙين جي مٿان مال بردار گاڏيءَ جي هلڻ جي آواز کي ٻڌڻ لڳس. اتي تمام ٿورڙي روشني داخل ٿي رهي هئي ۽ مان ويهي ڪري بندوقن ڏانهن نهاري رهيو هوس. مون سوچيو اهي لازمي طور تي ٽئين فوج کان اڳيان ڇڏيون ويون آهن. منهنجي پيشانيءَ ۾ لڳل ڌڪ سڄي ويو ۽ مون رت کي روڪڻ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي ۽ ان کي ڄمي وڃڻ لاءِ ڇڏي ڏنو، انهي کا پوءِ سواءِ ڪٽ جي مٿان واري حصي جي مون باقي واري خشڪ خون کي پري ڪيو. اهو ڪجھ به ڪو نه هو. مون وٽ ڪو به رومال ڪو نه هو، پر پنهنجي آڱرين سان محسوس ڪندي جتي به خشڪ خون هو مون ان کي اگهي صاف ڪيو، برسات جي انهي پاڻيءَ سان جيڪو مٿان ڪپڙي مان ٽمي رهيو هو، ۽ ان کي پنهنجي ڪوٽ جي ٻانهن سان اگهي صاف ڪيم. مون نمايان ٿيڻ نه پئي چاهيو. مون ڄاتو پئي ته ان کان اڳ جو اهي ميسٽر پهچن مون کي لهڻو پوندو ڇاڪاڻ جو اهي انهن بندوقن جي نگهباني ڪرڻ شروع ڪندا. انهن کي ڪي به بندوقون وڃائڻيون نه هيون يا وساري نه ڇڏڻيون هيون. مان ڀيانڪ حد تائين بک ۾ پاه ٿي رهيو هوس.