ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

15

منجهند تائين ڪجھ به ڪو نه ٿيو. ڊاڪٽر هڪڙو ڪافي سنهڙو ۽ ننڍي قد وارو انسان هو جيڪو جنگ جي ڪري ڪافي بيزار نظر اچي رهيو هو. هن ڪافي مهارت ۽ مهذب نموني واري ڪراهت سان منهنجي سٿرن مان فولاد جي ننڍڙين ڇيتين جو ڪافي مقدار ڪڍي ٻاهر ڪيو. هن بيهوشي جي دوا طور علاقائي شيءِ جو استعمال ڪيو جنهن کي ”برف“ جهڙي ڪنهن شيءِ سان منسوب ڪيو پئي ويو، جنهن نسن کي ڄمائي ڇڏيو ۽ زخمن کي چڪاسيندڙ اوزار جي چڪاس تائين درد کي روڪي رکيو، جراحي وارو چاقو توڻي چمٽو انهي ڄميل حصي جي اندر تائين هليو ويو. بيهوش ڪيل حصو واضح طور تي مريض وسيلي بيان ڪيو ويو ۽ ڪجھ وقت کان پوءِ ڊاڪٽر جي نازڪ مهارت جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ هن چيو اهو بهتر رهندو ته هڪڙو ايڪسري ڪڍيو وڃي. هن چيو، اوزار وسيلي چڪاس خاطريءَ جوڳي ڪو نه هئي.
ايڪسرا اوسپيڊيل ميگِي اور (Ospedale Maggiore) وٽ ڪڍيا ويا ۽ جنهن ڊاڪٽر اهو ايڪسري ڪيو اهو قابلِ اشتعال، لائق ۽ مسرور هو. ان جو انتظام ڪجھ هن طرح ڪيو ويو جو منهنجا ڪلها اهڙي نموني مٿي ڪيا ويا جيئن مريض ذاتي طور تي لازماَ ڪجھ خارجي جزا ڪِل وسيلي ڏسي سگهي. پليٽون مٿان کان موڪلڻِيون هيون. ڊاڪٽر مون کي سندس کيسي واري نوٽ بوڪ ۾، پنهنجو نالو، ۽ ريجمينٽ ۽ ڪجھ احساس لکڻ جو عرض ڪيو. هن تسليم ڪيو ته خارجي جزا بدصورت، غليظ ۽ وحشتناڪ هئا. آسٽريائي ڪتِيءَ جا ڦر هئا. مون ڪيترن کي موت جي حوالي ڪيو هو؟ مون ڪنهن کي ڪو نه ماريو هو پر مان خواهشمند هوس مهرباني ـــــــــ ۽ مون چيو ته مون ڪيترن کي ماريو هو. مس گيج مون سان گڏ هئي ۽ ڊاڪٽر پنهنجي ٻانهن هن جي چوگرد ورائيندي چيو ته هوءَ قِلوپطرا کان وڌيڪ سهڻي هئي. ڇا هن کي سمجھ ۾ آيو؟ قلوپطرا مصر جي اڳُوڻِي راڻي. ها، خدا جو قسم هوءَ هئي. اسان ايمبولنس ۾ ننڍڙي اسپتال ڏانهن واپس موٽي آياسين ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ گهڻي وٺ پڪڙ کان پوءِ مان ٻيهر ڏاڪڻين کان مٿي بستر ۾ هوس. انهي ڏينهن منجهند کان پوءِ پليٽون پهچي ويون ڊاڪٽر خدا جو قسم کڻي چيو هو ته هو انهن کي انهي منجهند ڌاران ڏياري موڪليندو ۽ هن ايئين ڪري ڏيکاريو. ڪيٿرائن بارڪلي مونکي اهي ڏيکاريون. اهي ڳاڙهن لفافن ۾ بند هيون ۽ هن انهن کي لفافن کان ٻاهر ڪڍيو ۽ انهن کي مٿي روشنيءَ ڏانهن جهلي بيٺي ۽ اسان ٻنهي گڏجي انهن کي ڏٺوسين. ”اهيا تنهنجي ساڄي ڄنگھ آهي،“ هن چيو، تهان پوءِ هن پليٽ کي واپس لفافي ۾ رکي ڇڏيو. ”هيءَ تنهنجي کاٻي ڄنگھ آهي.“ ”انهن کي پاسي تي ڪر،“ مون چيو، ”۽ مٿي بستري تي چڙهي اچ.“ ”مان نه ٿي اچي سگهان،“ هن چيو. ”مان اهي توکي ڏيکارڻ لاءِ صرف هڪڙي سيڪنڊ لاءِ اندر کڻي آيس.“ هوءَ ٻاهر هلي ويئي ۽ مان اتي ليٽي پيس. اها ڪوسي منجهند هئي ۽ مان بستر ۾ ليٽي ليٽي بيزار ٿي پيو هوس. مون حماليءَ کي اخبارون آڻڻ لاءِ روانو ڪيو، سموريون اخبارون جيڪي به هن کي ملي سگهن. هن جي اچڻ کان پهريان ٽي ڊاڪٽر ڪمري ۾ اندر گهڙي آيا. مون ڌيان ۾ آندو ته اهي ڊاڪٽر جيڪي دوائن جي مشق ۾ ناڪام ويا هئا انهن ۾ هڪٻئي جي سنگت ۾ رهڻ ۽ مشاورت ۾ هڪٻئي جي سهائتا ڪرڻ جو رجحان هو. هڪڙو ڊاڪٽر جيڪو مناسب طريقي سان توهان جو اپينڊڪس به نه ٿو ڪڍي سگهي اهو توهان کي هڪڙي اهڙي ڊاڪٽر جي تجويز ڏيندو جيڪو ڪاميابيءَ سان توهان جي ڳلي جا غدود ڪڍڻ جي به لائق نه هوندو. اتي اهڙي قسم جا ٽي ڊاڪٽر هئا. ”هي جوان شخص آهي،“ هائوس جاب واري ڊاڪٽر چيو جنهن جا هٿ نازڪ هئا. ”توهان ڪيئن آهيو؟“ ڏاڙهيءَ واري قداور نٻل ڊاڪٽر چيو. ٽئين ڊاڪٽر، جنهن جي هٿ ۾ ڳاڙهي لفافي ۾ ايڪسري کنيل هو ان ڪجھ به نه ڪڇيو. ”ڪپڙا لاهيونس؟“ ڏاڙهيءَ واري ڊاڪٽر چيو. ”يقيناَ. نرس، مهرباني ڪري، هن جا ڪپڙا هٽايو،“ هائوس جاب واري ڊاڪٽر مس گيج کي چيو. مون هيٺ ڄنگهن ڏانهن نهاريو. ميدانِ جنگ واري اسپتال ۾ انهن (زخمن) رڳڙي هموار ڪيل گوشت جي ٽڪڙن وارو تازو منظر ڪو نه پئي پَسايو. هاڻي اهي خولدار ٿي ويا هئا ۽ گوڏو سُڄي ويو هو ۽ بي رنگ ٿي ويو هو ۽ پِنيون اندر هليون ويون هيون پر انهن ۾ ڪا به پونءِ ڪا نه هئي. ”ڪافي صاف،“ هائوس جاب واري ڊاڪٽر چيو. ”ڪافي صاف ۽ سٺو.“ ”اَرن،“ ڏاڙهي واري ڊاڪٽر چيو. ٽئين ڊاڪٽر هائوس جاب واري ڊاڪٽر جي ڪلهي جي مٿان نهاريو. ”مهرباني ڪري گوڏي کي حرڪت ۾ آڻيو،“ ڏاڙهيءَ واري ڊاڪٽر چيو. ”مان نه ٿو ڪري سگهان.“ ”جوڙن جي چڪاس ورتي ويئي؟“ ڏاڙهيءَ واري ڊاڪٽر پڇيو. هن جي ٻانهن تي موجود ٽن ستارن جي ڀرسان هڪڙي پٽي ڏنل هئي. ان مان مراد هئي ته هو پهريون ڪپتان آهي. ”يقيناَ،“ هائوس جاب واري ڊاڪٽر چيو. انهن منجهان ٻن ڄڻن منهنجي ساڄي ڄنگھ کي انتهائي هوشياريءَ سان پڪڙيو ۽ ان کي موڙي ڇڏيو. ”ان سان مونکي سور ٿو ٿئي،“ مون چيو. “ها. ها. اڃا ٿورو وڌيڪ، ڊاڪٽر.“ ”هاڻي گهڻو ٿيو. اها ان کان وڌيڪ اڳتي وري نه ٿي سگهي،“ مون چيو. ”جوڙ اڌورو آهي،“ پهرين ڪپتان چيو. هو مٿي اڀو ٿي بيٺو. ”ڊاڪٽر، توهان جي مهرباني، ڇا مان پليٽن کي ٻيهر ڏسي سگهان ٿو؟“ ٽئين ڊاڪٽر هن کي انهن منجهان هڪڙي پليٽ حوالي ڪئي. ”نه. مهرباني ڪري، کاٻي ڄنگھ واري ڏجو.“ ”ڊاڪٽر، اها کاٻي ڄنگھ واري ئي آهي.”توهان صحيح آهيو. مان هڪڙي ٻئي زاويي کان ڏسي رهيو هوس.“ هن پليٽ واپس ڪئي. هن ڪجھ وقت لاءِ ٻي پليٽ جو جائزو ورتو. ”ڊاڪٽر، توهان کي نظر اچي رهيو آهي؟“ هن هڪڙي خارجي جزي ڏانهن نشاندهي ڪئي جيڪو روشنيءَ جي پٺيان چٽو ۽ گول گول نظر اچي رهيو هو.
انهن ڪجھ وقت جي لاءِ پليٽ جو جائزو ورتو. ”مان صرف هڪڙي شيءَ چئي سگهان ٿو،“ ڏاڙهي واري پهرين ڪپتان چيو. ”اهو وقت سان تعلق رکڻ وارو هڪڙو سوال آهي، ٽي مهينا، غالباَ ڇھ مهينا.“ ”يقيناَ زلالِي رتُوبت (synovial fluid) ۾ لازماَ سڌارو اچڻ گهرجي.“ ”يقيناَ اهو هڪڙي وقت جو سوال آهي. مان هڪڙي گوڏي کي انتهائي لگن سان پروجيڪٽائل (projectile) کي ٿيلِهيءَ ۾ بند ڪرڻ کان اڳ ۾ اهڙي نموني کولي نه پئي سگهيس. ”ڊاڪٽر، مان توهان سان اتفاق ڪيان ٿو.“ ”ڇھ مهينا ڇا لاءِ؟“ مون پڇيو. ”پروجيڪٽائل (projectile) جي ٿيلِهي ـ بند ٿيڻ (encyst) لاءِ ڇھ مهينا لڳندا ان کان اڳ جو گوڏي کي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي کوليو وڃي.“ ”مان ان کي نه ٿو مڃان،“ مون چيو. ”نوجوان ڇا تون پنهنجو گوڏو پاڻ سان رکڻ چاهين ٿو؟“ ”نه،“ مون چيو. ”ڇا،“ مان ان کي ڪپرائڻ چاهيان ٿو،“ مون چيو، ”ته جيئن مان ان جي مٿان هڪڙو ڪُنڍو پهري سگهان.“ ”تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“ ”هڪڙو ڪُنڍو؟“ ”هو مذاق پيو ڪري،“ هائوس جاب (گهراڻِي نوڪري) واري ڊاڪٽر چيو. هن وڏي نرميءَ سان منهنجي ڪلهي تي ٿڦڪي هنئي. ”هو پنهنجو گوڏو پاڻ سان گڏ رکڻ چاهي ٿو. هو هڪڙو ڪافي بهادر نوجوان آهي. هن لاءِ بهادري وارو هڪڙو چانديءَ جو تمغو تجويز ڪيو ويو آهي.“ ”منهنجي پاران گهڻيون گهڻيون واڌايون،“ پهرين ڪپتان چيو. هن منهنجي هٿ کي لوڏو ڏنو. ”مان صرف اهو چئي سگهان ٿو ته حفاظت خاطر توهان گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي اهڙي گوڏي جي کولڻ کان اڳ ۾ ڇهن مهينن جو انتظار ڪيو. جيڪڏهن توهان وٽ ڪا ٻي راءِ آهي ته ان جو آڌر ڀاءُ ڪجي ٿو.“ ”توهان جي تمام گهڻي مهرباني،“ مون چيو. ”مان توهان جي راءِ جو احترام ڪيان ٿو.“ پهرين ڪپتان پنهنجي گهڙيءَ ڏانهن ڏٺو. ”اسان کي هلڻ گهرجي،“ هن چيو. ”منهنجون نيڪ تمنائون توهان سان گڏ آهن.“ ”منهنجون نيڪ تمنائون پڻ توهان سان گڏ هجن ۽ توهان جا لک لائق،“ مون چيو. مون ٽئين ڊاڪٽر سان هٿ ملايا. ”ڪيپِيتانو ويريني تينينت اينري،“ ۽ اهي ٽئي ڄڻا ڪمري کان ٻاهر هليا ويا. ”مس گيج،“ مون سڏ ڪيو. هوءَ اندر آئي. ”مهرباني ڪري هائوس جاب واري ڊاڪٽر کي چئجو ته هو هڪڙي منٽ لاءِ واپس اچي.“ هو پنهنجي ٽوپي هٿ ۾ جهليو اندر آيو ۽ بستر جي ڀرسان بيهي رهيو. ”ڇا توهان مون سان ملڻ چاهيو ٿا؟“ ”ها. مان ڇهن مهينن تائين جراحي جي عمل مان گذرڻ جو انتظار نه ٿو ڪري سگهان.“ ”منهنجا رب، ڊاڪٽر ڇا توهان ڪڏهن ڇهن مهينن جي لاءِ بستر ۾ گهاري سگهو ٿا؟“ ”تون هر وقت بستر ۾ نه هوندين. لازماَ پهريان تون زخمن کي سج ۾ سڪڻ ڏي. تهان پوءِ تون بيساکين تي هلي سگهندين.“ ”ڇھن مهينن لاءِ ۽ ان کان پوءِ مان هڪڙي جراحي ڪرائي سگهان ٿو؟“ ”اهو ئي محفوظ طريقيڪار آهي. خارجي جزن کي لازماَ ٿيلِهي ـ بند ٿيڻ لاءِ ڇڏڻ گهرجي ۽ زلالي رتوبت ۾ سڌارو اچي ويندو. ان کان پوءِ گوڏي کي کولڻ آسان بڻبو.“ ”ڇا توهان پنهنجو پاڻ واقعي اهو سمجهو ٿا ته مونکي ايتري وقت جي لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو؟” ”اهو ئي محفوظ طريقو آهي.“ ”اهو پهريون ڪپتان ڪير آهي؟“ ”هو مِلانَ جو هڪڙو ڪافي عمدو جراح (سرجن) آهي.“ ”هو هڪڙو پهريون ڪپتان آهي. ها نه؟“ ”ها، پر هو هڪڙو ڪافي عمدو جراح آهي.“ ”مان پنهنجي ڄنگھ هڪڙي پهرين درجي واري ڪپتان هٿان وڃائڻ نه ٿو چاهيان. جيڪڏهن هو ايترو ڀلو هجي ها ته هن کي هڪڙو ميجر بڻايو وڃي ها. ڊاڪٽر، مان ڄاڻان ٿو ته هڪڙو پهرين درجي وارو ڪپتان ڇا هوندو آهي.“ ”هو هڪڙو عمدو جراح آهي ۽ مان بجاءِ ڄاڻ سڃاڻ واري ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر جي هن جي فيصلي کي ٻڌڻ پسند ڪندس.“ ”ڇا ٻيو ڪو جراح ان کي ڏسي سگهي ٿو؟“ ”يقيناَ جيڪڏهن تون چاهين ته. پر مان پاڻ سر ڊاڪٽر ويريلا (Varella) کان راءِ طلب ڪرڻ چاهيندس.“ ”ڇا توهان ڪنهن ٻئي جراح کي چئي سگهو ٿا ته جيئن اهو اچي ۽ ڏسي وڃي؟“ ”مان ويلنٽِيني کي اچڻ جو چوندس.“ ”هو ڪير آهي؟“ ”هو اوسپيڊيل ميگِي اور جو جراح آهي.“ ”ڏاڍو سٺو. مان ان کي تمام گهڻو واکاڻيان ٿو. ڊاڪٽر، توهان سمجهو ٿا نه ته مان ڇهن مهينن جي لاءِ بستر ۾ ٽڪي نه ٿو سگهان.“ ”تون بستر ۾ نه رهندين. تون پهريان هڪڙي سج وارو هڪڙو اعلاج وٺندين. ان کان پوءِ تون هلڪي مشق ڪري سگهندين. پوءِ جڏهن اهو ٿيلهي ـ بند ٿي ويندو اسان جراحي ڪري سگهنداسين.“ ”پر مان ڇهن مهينن جو اوسيئڙو نه ٿو ڪري سگهان.“ ڊاڪٽر پنهنجون نفيس آڱريون پنهنجي هٿ ۾ جهليل ٽوپيءَ جي چوگرد ڦيرايون ۽ مسڪرائي ڏنائين. ”توکي واپس محاذ تي وڃڻ جي صفا ايتري جلدي آهي ڇا؟“ ”ڇو نه؟“ ”اهو ڪافي خوبصورت آهي،“ هن چيو. ”تون هڪڙو اعليٰ نوجوان آهين.“ ”هو مٿي اٿي بيٺو ۽ مونکي وڏي نرميءَ سان نرڙ تي چمي پاتائين.“ ”مان ويلينيٽي کي تو ڏانهن موڪليندس. ڪو ڳڻتي ڳارو نه ڪر ۽ پنهنجي جذبن کي گرمائي رک. هڪڙو سٺو ڇوڪرو ٿي.“ ”ڇا توهان هڪڙو چڪو پيئڻ چاهيندا؟“ مون پڇيو. ”نه توهان جي مهرباني. مان ڪڏهن به شراب نه پيئندو آهيان. ”نه. نه توهان جي مهرباني. اهي منهنجي انتظار ۾ بيٺا آهن. ”الوداع،“ ”الوداع،“ مون چيو.
ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ڊاڪٽر ويلينيٽي ڪمري ۾ گهڙي آيو. هو ڪافي جلديءَ ۾ هو ۽ هن جي مڇن جون چنهبون مٿي اُڀريل هيون. هن جو چهرو اس جي ڪري گهرو بڻجي ويو هو ۽ هو هر وقت کلي رهيو هو. ”توهان ههڙي گندي شيءِ جي ور ڪيئن چڙهي ويئو؟” هن پڇيو. ”مونکي پليٽون ڏسڻ ڏيو. ها. ها. اها ڳالھ آهي. تون هڪڙي ٻڪريءَ جيان بلڪل صحتمند آهين. اها حسين ڇوڪري ڪير آهي؟ ڇا هوءَ تنهنجي سُريت آهي؟ مون ايئين سمجهيو. ڇا هي هڪڙي واهيات جنگ ناهي؟ اهو ڪيئن پيو محسوس ٿئي؟ تون هڪڙو سٺو ڇوڪرو آهين. مان توکي نئين کان نئون بڻائيندس. ڇا ان سان سور ٿئي ٿو؟ تون مون سان شرط لڳاءِ ان سان سور ٿيندو. اهي ڊاڪٽر، توکي ايذاءُ ڏيڻ کي ڪيڏو نه پسند ڪن ٿا. انهن هن مهل تائين تولاءِ ڪيو ڇا آهي؟ ڇا اها ڇوڪري اطالوي ڀاشا ڳالهائي نه ٿي سگهي؟ هن کي سکڻ گهرجي. ڪيڏي نه پياري ڇوڪري آهي. مان هن کي پڙهائي سگهان ٿو. مان پاڻ هتي هڪڙو مريض بڻجي ايندس. نه، پر مان توهان جو مامتا وارو سمورو ڪم مفت ۾ ڪندس.“ ”ڇا ان کي اهو سڀ ڪجھ سمجھ ۾ اچي رهيو آهي؟ هوءَ توکي هڪڙو سٺو ڇوڪرو بڻائيندي. گورو ۽ سونهري رنگت وارو جهڙي هوءَ پاڻ آهي. اهو ٺيڪ آهي. اهو بلڪل ٺيڪ آهي. ڇا ته پياري ڇوڪري آهي. هن کان پڇ متان هوءَ مون سان رات جي ماني گڏجي کائي. نه مان هن کي توکان پري نه وٺي ويندس. تنهنجي مهرباني، مِس. بس ايترو ئي.“ ”مان بس ايترو ئي ڄاڻڻ چاهيان ٿو.“ هن مونکي ڪلهي تي ٿڦڪي هنئي. ”زخمن جي پٽين کي کولي ڇڏ.“ ”ڊاڪٽر ويلينٽيني، ڇا توهان هڪڙو چڪو پيئڻ پسند ڪندا؟“ ”هڪڙو چڪو؟“ ”يقيناَ. مان ڏھ چڪا پيئندس. اهي آهن ڪٿي؟“ ”وڏي الماڙيءَ ۾. مس بارڪلي بوتل کڻي ايندي.“ ”واه! واه! مِس تو کي واه! واه! ڇا ته هڪڙي پياري ڇوڪري آهي. مان تو لاءِ هن کان به ڀلي ڪوگنيڪ آڻيندس.“ هن پنهنجون مڇون صاف ڪيون. ”توهان ان جي جراحي بابت ڪڏهن ٿا ڀانيو؟“ ”سڀاڻي صبح جو. ان کان اڳ نه. تنهنجو پيٽ خالي هئڻ کپي. تون ڌوتل هجين. مان هيٺ جهوني عورت کي ڏسندس ۽ ان جي لاءِ هدايتون جاري ڪندس. الوداع. مان توسان سڀاڻي ملندس. مان تو لاءِ انهي کان به ڀلي ڪوگنيڪ آڻيندس. تون هتي ڪافي پرسڪون آهين. الوداع. سڀاڻي تائين. سٺي ننڊ ڪجانءِ. مان توکي سوير ڀرو ڏسندس.“ هن دروازي جي چائنٺ کان هٿ لوڏيو، هن جون مڇون مٿي هليون ويون، هن جو خاڪ رنگي چهرو مسڪرائڻ لڳو. هن جي ٻانهن تي هڪڙي صندوق ۾ هڪڙو ستارو هو ڇاڪاڻ جو هو هڪڙو ميجر هو.