ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

40

اسان هڪڙي سٺي زندگي گذاري سين. اسان جنوري ۽ فيبروريءَ جا مهينا گذارياسين ۽ سيارو ڪافي سٺو رهيو ۽ اسان تمام گهڻو خوش هئاسين. جڏهن گرم هوا گهلڻ لڳي تڏهن اتي ٿورو ڳرڻ جو عمل شروع ٿيڻ لڳو ۽ برف نرم ٿيڻ لڳي ۽ هوا بهار جيان محسوس ٿيڻ لڳي، پر اڪثر صاف سخت ٿڌ وري ٻيهر اچڻ لڳي ۽ سياري وري موٽ کاڌي. مارچ ۾ سياري ۾ پهريون خلل پيو. رات جو اتي برسات پوڻ لڳي. اتي صبح تائين برسات جاري رهڻ لڳي ۽ انهي سان برف ڳرڻ لڳي ۽ پهاڙن جي پاسن کي اداس ڪري ڇڏيائين. اتي ڍنڍ ۽ واديءَ جي مٿان ڪڪر ڇائنجي ويا. اتي مٿي جبل تي برسات وسي رهي هئي. ڪيٿرائن کي ڳرا جورابن وارا جوتا پاتل هئا ۽ مون مسٽر گُٽنجين جا رٻڙ وارا جوتا پائي رکيا هئا ۽ اسان پگهريل برف ۽ رستن تان برف کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيندڙ وهندڙ پاڻيءَ وچان هڪڙي ڇٽيءَ جي هيٺان اسٽيشن ڏانهن پنڌ پياسين، هڪڙي مئخاني وٽ مانجهاندي کان اول هڪڙو خوشبودار شراب پيئڻ لاءِ رڪياسين. ٻاهر اسان وسڪاري جو آواز ٻڌي پئي سگهياسين. ”ڇا تون سمجهين ٿي ته اسان کي قصبي ڏانهن هلڻ گهرجي؟“ ”تون ڇا ٿو سمجهين؟“ ڪيٿرائن پڇيو.“ جيڪڏهن سيارو ختم ٿي ويو ۽ برسات جاري رهي ته هتي رهڻ بي لطف هوندو.“ ”ننڍڙي ڪيٿرائن جي اچڻ ۾ اڃا ڪيترو وقت لڳندو؟“ ”هڪڙي مهيني جي لڳ ڀڳ. يا شايد ان کان ٿورو بعد.“ ”اسان هيٺ وڃي ڪري مونترو ۾ قيام ڪري سگهون ٿا.“ ”اسان لاسين ڏانهن ڇو نه هلون؟ شفاخانو به اتي ئي آهي.“ ”ٺيڪ آهي. پر مون سمجهيو متان اهو هڪڙو وڏو قصبو نه هجي.“ ”اسان هڪڙي وڏي قصبي ۾ گهڻو تنها ٿي سگهون ٿا ۽ لاسين بهتر ٿي سگهي ٿو.“ ”اسان ڪڏهن هلون؟“ ”مون کي پرواه ناهي. جاني، جڏهن به تون چاهين. جيڪڏهن تون نه ٿو چاهين ته مان پڻ هن هنڌ کي ڇڏڻ نه چاهينديس.“ ”ڏسئون ته موسم ڪهڙو ٿي ڦيرو کائي.“ اتي ٽن ڏينهن تائين برسات پوندي رهي. هاڻي پهاڙن جي پاسي کان اسٽيشن جي هيٺان سموري برف غائب ٿي ويئي هئي. رستو مٽيءَ هاڻي هڪڙي واهڙ جو ڏيک ڏئي رهيو هو. اهو ٻاهر نڪرڻ جي حوالي کان گهڻو آلو ۽ پگهريل هو. برسات جي ٽئين ڏينهن صبح جو اسان هيٺ قصبي ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيوسين.“ ”اهو سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي، مسٽر هينري،“ گُٽنجين چيو. ”توهان کي مون کي ڪنهن به قسم جو اطلاع نامو ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي. مان نه ٿي سمجهان ته توهان هاڻي خراب موسم جي آمد جي ڪارڻ وڌيڪ ترسڻ گهرندا.“ ”اسان کي هر حال ۾ ميڊم جي ڪري اسپتال جي ويجهو رهڻو آهي،“ مون چيو. ”مان سمجهان ٿي،“ هن چيو ”ڇا توهان ڪڏهن ڪڏهن، ٻار سميت هتي اچي ترسڻ گهرندا؟“ ”ها، جيڪڏهن توهان وٽ ڪمرو هوندو ته.“ ”بهار ۾ جڏهن اهو سٺو بڻجي ويندو توهان اچي ڪري مزو وٺي سگهو ٿا. اسان ننڍڙي ٻار کي هڪڙي نرس سان گڏ هڪڙي وڏي ڪمري ۾ رکي سگهون ٿا جيڪو هاڻي بند پيل آهي ۽ توهان ۽ توهان جي خاتون ساڳي ئي ڪمري ۾ رهي ڪري ڍنڍ ڏانهن نهاري سگهو ٿا.“ ”مان توهان ڏانهن واپس موٽي اچڻ جي باري ۾ لکندس،“ مون چيو. اسان سامان بند ڪيوسين ۽ انهي ريل تي روانا ٿياسين جيڪا مانجهاندي کان پوءِ رواني ٿي. مسٽر ۽ مسز گٽنجين اسان سان گڏ هيٺ اسٽيشن ڏانهن هليا ۽ هن هڪڙي ڪاٺ واري گاڏيءَ تي پگهريل برف وچان اسان جو سفري سامان کنيو. اهي وسندڙ بارش ۾ اسٽيشن جي ڀرسان بيهي اسان ڏانهن هٿ لوڏي الوداع ڪري رهيا هئا. ”اهي تمام گهڻا مٺڙا ماڻهو هئا،“ ڪيٿرائن چيو. ”اهي اسان جي لاءِ ڏاڍا سٺا هئا.“ اسان مونترو کان لاسين جي لاءِ ريل تي سوار ٿياسين. دريءَ کان ٻاهر انهي هنڌ ڏانهن ڏسندي جتي اسان رهيا هئاسين ۽ اسان کي ڪڪرن جي سبب جبل نظر ڪو نه پئي آيا. ريل ويوِي ۾ بيهي رهي، پوءِ هلڻ لڳي، هڪڙي پاسي کان ڍنڍ وٽان گذرندي ۽ ٻئي پاسي کان آلن ميٽاهن کيتن ۽ اجڙي ويل ٻيلن ۽ گهميل گهرن کان گذرندي. اسان لاسين پهتاسين ۽ هڪڙي وچٿري هوٽل ۾ قيام ڪيوسين. جيئن ئي اسان گهٽين منجهان ۽ هوٽل ۾ ٽانگي واري داخلي رستي ۾ گهڙياسين اتي اڃا برسات پئجي رهي هئي. سندس ڪوٽ جي اڳيان واري تھ تي پتل جي چاٻين سان گڏ دربان، لفٽ، فرش تي وڇايل قالين، ۽ هيڪاندي چمڪ سان هٿ منهن ڌوئڻ وارا بيسڻ، پتل جا پلنگ ۽ وڏي آرامده خلوت گاه گٽيجينز وارن کان پوءِ اهو سڀ ڪجھ عظيم آسائش لڳي رهيو هو. ڪمري جي درين کان ٻاهر هڪڙي لوهي جهنگلي واري هڪڙي ديوار سان هڪڙو گهميل باغيچو نظر اچي رهيو هو. گهٽيءَ جي آر پار، جيڪا نشيبي انداز ۾ لهواري هئي، ساڳيءَ ديوار ۽ باغيچي سان گڏ هڪڙو ٻيو هوٽل هو. مون ٻاهر وسندڙ برسات ڏانهن ڏٺو جيڪا باغيچي جي چشمي تي وسي رهي هئي. ڪيٿرائن سموريون بتيون ٻاري ڇڏيون ۽ سامان کي ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪري ڏنائين. مون هڪڙي وسڪي ۽ سوڍا جو آرڊر ڏنو ۽ بستر تي آهلجي مون جيڪي اسٽيشن تان اخبارون خريد ڪيون هيون انهن کي پڙهڻ لڳس. اهو مارچ 1918ع، هو ۽ جرمن جارحيت فرانس ۾ شروع ٿي چڪي هئي. مون وسڪي ۽ سوڍا پيتي ۽ پڙهڻ ۾ مشغول هوس جڏهن ته ڪيٿرائن سامان کي کولي رهي هئي ۽ ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمي ڦري رهي هئي. ”جاني، تون ڄاڻين ٿو ته مون کي ڇا وٺڻو آهي؟“ هن چيو. ”ڇا؟“ ”ٻار جا ڪپڙا. اتي ڪي ماڻهو ڪونهن جيڪي جڏهن منهنجو وقت ڀرجي اچي ته ٻار جي شين کان بغير منهنجو هٿ ونڊائي سگهن.“ ”تون اهي خريد ڪري سگهين ٿي.“ ”مان ڄاڻان ٿي. اهو ئي ته مان سڀاڻي ڪري وٺنديس. مان معلوم ڪري وٺنديس ته ڇا ڇا ضروري آهي؟“ ”توکي ڄاڻڻ گهرجي. تون هڪڙي نرس هوندي هئينءَ.“ ”پر اسپتال ۾ تمام ٿورڙن سپاهين کي ٻار هوندا هئا.“ ”مون ڪيو.“ هن مون کي وهاڻو وهائي ڪڍيو ۽ وسڪي ۽ سوڍا هارجي ويئي. ”مان تو لاءِ ٻئي جو آرڊر ڪيان ٿي،“ هن چيو. ”مون کي افسوس آهي مون ان کي هاري ڇڏيو.“ ”اتي ڪو ايترو به ڪو نه بچيو هو. مٿي پلنگ تي اچ.“ ”نه. مون کي ڪوشش ڪرڻي آهي ۽ هن ڪمري کي ڪنهن شيءِ جيان نظر ايندڙ بنائڻو آهي.“ ”ڪنهن جهڙو؟“ ”اسان جي گهر جهڙو.“ ”اتحادي فوج جا جهنڊا ٽنگي ڇڏ.“ ”او بس ڪر.“ ”اهو وري چئو.“ ”بس ڪر.“ ”تون اهو ڪافي محتاط طريقي سان چوين ٿي،“ مون چيو. ”ڄڻ ته تون ڪنهن کي به مجروح ڪرڻ نه ٿي چاهين.“ ”مان نه ٿي چاهيان.“ ”ته پوءِ مٿي پلنگ تي اچ.“ ”ٺيڪ آهي.“ هوءَ آئي ۽ بستر تي ويهي رهي. “جاني، مان ڄاڻان ٿي ته مان تو لاءِ ڪنهن مزي جي نه رهي آهيان. مان هڪڙي وڏي اٽي واري ڊرم جيان ٿي وئي آهيان.“ ”نه تون نه آهين. تون خوبصورت آهين ۽ تون مٺڙي آهين.“ ”تو جو مون سان شادي ڪئي آهي مان ڪنهن گهڻي اڍنگي شيءِ جيان ٿي ويو آهيان.“ ”نه تون نه آهين. تون هر وقت وڌيڪ حسين آهين.“ ”پر، جاني، مان وري سنهڙي ٿي وينديس.“ ”تون هاڻي سنهڙي آهين.“ ”تون پي رهيو آهين.“ ”صرف وسڪي ۽ سوڍا.“ ”اڃا ٻيو به اچي رهيو آهي،“ هن چيو. ”۽ پوءِ ڇا اسان هتي مٿي رات جي ماني گهرايون؟“ ”اهو بهتر رهندو.“ ”انهي کان پوءِ اسان ٻاهر نه هلنداسين، ها نه؟ اسان اڄوڪي رات بلڪل اندر هونداسين.“ ”۽ کيڏنداسين،“ مون چيو. ”مان ڪجھ شراب پيئندس،“ ڪيٿرائن چيو. ”اهو مون کي نقصان نه پهچائيندو. ٿي سگهي ته اسان پنهنجو پراڻي وارو ڪجھ ڪيپري گهرايون.“ ”مان ڄاڻان ٿو اسان ڪري سگهون ٿا.“ ”هن سائيز جيترا انهن وٽ اتي هوٽل ۾ اطالوي شراب هوندا.“ بيري دروازو کڙڪايو هو هڪڙي گلاس ۾ برف سان گڏ وسڪي کڻي آيو ۽ هڪڙي طشتريءَ تي گلاس کان علاوه هڪڙي سوڍا جي بوتل به هئي. ”توهان جي مهرباني،“ مون چيو. ”انهي کي اتي هيٺ رکي ڇڏيو. ڇا توهان مهرباني ڪري ٻن ڄڻن جي رات جي ماني ۽ ڪيپريءَ جون ٻه خشڪ بوتلون برف ۾ هتي مٿي کڻي ايندئو.“ ”ڇا توهان پنهنجي رات جي مانيءَ جو آغاز سُوپ سان ڪرڻ چاهيو ٿا؟“ ”ڪيٽ، ڇا توکي سُوپ گهرجي؟“ ”مهرباني.“ ”هڪڙي ڄڻي لاءِ سُوپ کڻي اچو.“ ”توهان جي مهرباني، سائين.“ هو ٻاهر هليو ويو ۽ دروازو ورائي ڇڏيائين. مان واپس اخبارن ڏانهن هليو ويس ۽ اخبار ۾ جنگ جي باري ۾ پڙهڻ لڳس ۽ آهستي آهستي برف جي مٿان وسڪيءَ ۾ سوڍا اوتڻ لڳس. مون کي انهن کي ٻڌائڻو هو ته وسڪيءَ ۾ برف نه وجهو. انهن کي ڇڏيو ته اهي الڳ سان برف کڻي اچن. انهي طريقي سان پتو پوندو ته اتي ڪيتري مقدار ۾ وسڪي هئي ۽ اها سوڍا جي ڪري اچانڪ گهڻي ڇِڊي نه ٿي ويندي. مان وسڪيءَ جي هڪڙي بوتل وٺندس ۽ انهن کي برف ۽ سوڍا آڻڻ جو چوندس. اهو معقول طريقو هو. سٺي وسڪي ڪافي خوشگوار هئي. اها زندگيءَ جي خوشگوار حصن مان هڪ هئي. ”جاني، تون ڇا پيو سوچين؟“ ”وسڪيءَ جي باري ۾.“ ”وسڪيءَ جي باري ۾ ڇا؟“ ”ته اها ڪيتري نه سٺي آهي.“ ڪيٿرائن چٻ ڪڍيو. ”ٺيڪ آهي.“ اسان هوٽل ۾ ٽي هفتا ٽڪياسين. اهو خراب ڪو نه هو؛ کاڌي وارو ڪمرو اڪثر ڪري خالي هوندو هو ۽ گهڻو تڻو اسان رات جو پنهنجي ڪمري ۾ ئي کائيندا هئاسين. اسان قصبي ۾ گهمياسين ۽ اُوچي (Ouchy) کان هيٺ گِراڙين وارو ريل جو رستو ورتوسين ۽ ڍنڍ جي ڀرسان گهمياسين. موسم بلڪل گرم ٿي ويئي ۽ اها بهار جيان هئي. اسان خواهش ڪئي سين ته ڪاش اسين واپس پهاڙن ۾ هجون پر بهار جي موسم فقط ڪجھ ڏينهن تائين برقرار رهي ۽ انهي کان پوءِ سياري جي سخت سردي ٻيهر موٽڻ لڳي. ڪيٿرائن اڳتي قصبي ۾ ٻار جي لاءِ گهربل شيون خريد ڪيون. مان هڪڙي ڪثرت گاه (جمنازيم) ۾ محرابي ڇت ۾ ڪثرت خاطر مُڪي بازي ڪرڻ ويس. مان اڪثر ڪري صبح جو اوڏانهن ويندو هوس جڏهن ڪيٿرائن دير تائين بستر ۾ هوندي هئي. ڪوڙي بهار جي ڏينهن ۾ اهو ڪافي سٺو هوندو هو، مُڪي بازيءَ کان پوءِ ۽ غسل ڪرڻ بعد، گهٽيءَ ۾ هلڻ هوا ۾ بهار جي مهڪ کي محسوس ڪرڻ ۽ هڪڙي ڪيفي ۾ ويهڻ لاءِ بيهي رهڻ ۽ ماڻهن کي ڏسڻ ۽ اخبار پڙهڻ ۽ هڪڙو مهڪدار شراب پيئڻ؛ انهي کان پوءِ هيٺ هوٽل ڏانهن وڃڻ ۽ ڪيٿرائن سان گڏجي مانجهاندو ڪرڻ. باڪسنگ واري جمنازيم ۾ پروفيسر مڇون پهريندو هو ۽ هو ڪافي مختصر ۽ بي قائدي هو ۽ جيڪڏهن هن جي بعد شروع ڪبو هو ته هو ان کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندو هو. پر اتي جِم ۾ ڪافي مزو ايندو هو. اتي سٺي هوا ۽ روشني هوندي هئي ۽ مان ڪافي محنت سان ڪم ڪندو هوس، رسي تي ٺينگون ڏيڻ، پاڇولي واري باڪسنگ ڪرڻ، پيٽ جي پٺ واريون مشقون ڪرڻ، زمين جي هڪڙي ننڍڙي حصي تي سج جي روشنيءَ تي آهلجڻ جيڪا کليل کڙڪيءَ مان ايندي هئي، ۽ وقتي طور تي مڪي بازي ڪرڻ مهل پروفيسر کي ڇرڪ ڀرائڻ. مان پهريان سوڙهي ڊگهي شيشي جي اڳيان پاڇولي واري باڪسنگ ڪري ڪو نه سگهيس ڇاڪاڻ جو ڏاڙهيءَ واري هڪڙي ماڻهوءَ کي باڪسنگ ڪندي ڏسڻ ڪافي عجيب پئي لڳو. پر آخرڪار مون ان کي صرف انوکو سمجهيو. جيئن ئي مون باڪسنگ ڪرڻ شروع ڪئي مون ڏاڙهي ڪوڙائڻ پئي چاهي پر ڪيٿرائن مون کي ايئين ڪرڻ ڪو نه ڏنو. ڪڏهن ڪڏهن مان ۽ ڪيٿرائن هڪڙي ٽانگي ۾ ٻاهرڳوٺ ڏانهن سواري ڪرڻ لاءِ ويندا هئاسين. جڏهن ڏينهن مزيدار هئا تڏهن سواري ڪرڻ زبردست هو ۽ اسان ٻه سٺا هنڌ معلوم ڪياسين جتي اسان سواري ڪري کائي پئي سگهياسين. هاڻي ڪيٿرائن گهڻو پري هلي نه پئي سگهي ۽ مون ڳوٺ جي رستن جي ڀرسان هن سان گڏجي سواري ڪرڻ کي پسند پئي ڪيو. جڏهن اتي ڪو سٺو ڏينهن هوندو هو اسان وٽ هڪڙو شاندار وقت هوندو هو ۽ اسان ڪڏهن به برو وقت ڪو نه ڏٺوسين. اسان ڄاتو پئي ته ٻار هاڻي ڪافي نزديڪ هو ۽ انهي اسان ٻنهيءَ ۾ انهي احساس کي پئي اڀاريو ڄڻ ته ڪا شيءِ اسان ڏانهن تيزيءَ سان اچي رهي هجي ۽ اسان ڪابه گهڙي هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ضايح ڪرڻ نه چاهيندا هجون.