ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

41

هڪڙي صبح جو مان لڳ ڀڳ ٽين بجي ڌاران جاڳي پيس ۽ ڪيٿرائن کي پلنگ تي لرزندي ٻڌم.“ ”ڪيٽ، تون ٺيڪ ته آهين؟“ ”جاني، مونکي ڪجھ سور پيا پون.“ ”باقائده طور تي؟“ ”نه، ايترا گهڻا نه.“ ”جيڪڏهن اهي توکي باقاعده طور تي ٿي رهيا آهن ته پوءِ اسان اسپتال ڏانهن هلنداسين.“ مان ڪافي ننڊ ۾ ورتل هوس ۽ وري ننڊ ۾ گهيرجي ويس. ٿوريءَ دير کان پوءِ مان ٻيهر جاڳي پيس. ”بهتر رهندو ته تون ڊاڪٽر کي گهراءِ وٺ،“ ڪيٿرائن چيو. ”مان سمجهان ٿي اهو هتي آهي.“ مان فون ڏانهن ويس ۽ ڊاڪٽر سان ڳالهايم. ”ڪيترا ڀيرا سور اچي رهيا آهن؟“ هن پڇيو. “ڪيٽ، اهي ڪيترا ڀيرا اچن ٿا؟“ ”مان سمجهان ٿي هر مُني گهنٽي ۾.“ ”ته پوءِ توهان کي اسپتال ڏانهن وڃڻ گهرجي،“ ڊاڪٽر چيو. ”مان ڪپڙا پهري پنهنجو پاڻ جلد ئي اوڏانهن وڃان ٿو.“ ”مون فون رکي ڇڏيو ۽ پوءِ اسٽيشن جي ڀرسان گيريج واري کي فون ڪري ٽيڪسي موڪلڻ لاءِ چيم. ڪنهن به گهڻي وقت تائين فون جو ڪو جواب ڪو نه ڏنو. انهي کان پوءِ مون هڪڙي ماڻهوءَ کي هٿ ڪيو جنهن واعدو ڪيو ته هو هڪدم هڪڙي ٽيڪسي ڏياري موڪليندو. ڪيٿرائن ڪپڙا بدلائي رهي هئي. هن جو ٿيلهو انهي سموري سامان سان ڀريل هو جيڪو هن کي ۽ ننڍڙي ٻار کي اسپتال ۾ گهربل هو. ٻاهر احاطي ۾ مون لفٽ جي لاءِ گهنٽي وڄائي. اتان ڪو به جواب ڪو نه مليو. مان هيٺ ڏاڪڻين ڏانهن هليو ويس. اتي ڏاڪڻين کان هيٺ سواءِ رات جي پهريدار جي ٻيو ڪو به ڪو نه هو. مون پنهنجو پاڻ لفٽ کي مٿي آندو، ان ۾ ڪيٿرائن جو ٿيلهو رکيم، هن ان ۾ قدم رکيو ۽ اسان هيٺ هلڻ لڳاسين. رات جي پهريدار اسان جي لاءِ دروازو کوليو ۽ اسان ٻاهر پٿر جي ٿلهي ٽڪڙي تي ڏاڪڻين جي ڀرسان داخلي دروازي جي هيٺان ويهي ڪري ٽيڪسيءَ جي آمد جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. رات چٽي هئي ۽ ستارا ٻاهر نڪتل هئا. ڪيٿرائن ڪافي پرجوش هئي. ”مان خوش آهيان ته ان جي شروعات ٿي ويئي،“ هن چيو. ”هاڻي ٿوريءَ دير کان پوءِ اهو سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو.“ ”تون هڪڙي سٺي بهادر ڇوڪري آهين.“ ”مان خوفزده نه آهيان. البت، مان چاهيان ٿي ته جيڪر ٽيڪسي اچي وڃي.“ اسان ان کي اڳتان گهٽيءَ وٽان ايندي ٻڌوسين ۽ ان جون اڳيان واريون بتيون ڏٺيوسين. اها داخلي دروازي ۾ مڙي ويئي ۽ مون ڪيٿرائن کي اندر گهڙڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڊرائيور ٿيليهي کي اڳيان رکي ڇڏيو.“ ”اسپتال ڏانهن هل،“ مون چيو. اسان داخلي دروازي کان ٻاهر نڪري وياسين ۽ اڳتي ٽڪريءَ ڏانهن هلڻ لڳاسين. اسان اسپتال ۾ اندر گهڙي وياسين ۽ مون ٿيلهو پاڻ سان کنيو. اتي ميز وٽ هڪڙي عورت ويٺي هئي جنهن ڪيٿرائن جو نالو، عمر، پتو، رشتيدار ۽ مذهب هڪڙي ڪتاب ۾ لکيو. هن چيو ته هن جو ڪو به ڌرم ڪو نه هو ۽ عورت وٿيءَ ۾ انهي لفظ جي پٺيان هڪڙي ليڪ ڏئي ڇڏي. هن ان کي ڪيٿرائن هينريءَ جو نالو ڏنو. ”مان توکي مٿي تنهنجي ڪمري ڏانهن نيئي وينديس،“ هن چيو. اسان هڪڙي لفٽ ۾ مٿي چڙهي وياسين. عورت ان کي روڪيو ۽ اسان قدم ٻاهر رکياسين ۽ هيٺ هڪڙي احاطي ۾ ان جي پٺيان هلياسين. ڪيٿرائن منهنجي ٻانهن کي مضبوطيءَ سان پڪڙي رکيو. ”هي ڪمرو آهي،“ عورت چيو. ”ڇا تون مهرباني ڪري ڪپڙن کان آجي ٿي ڪري بستر ۾ ويندينءَ؟ هي توهان جي پهرڻ لاءِ نائيٽ گائُون آهي.“ ”مون وٽ نائيٽ گائون آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”توهان جي لاءِ بهتر آهي ته توهان هي نائيٽ گائون پهريو،“ عورت چيو. مان ٻاهر نڪري ويس ۽ وسيع و عريض ڪمري ۾ هڪڙي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. ”توهان هاڻي اندر اچي سگهو ٿا،“ عورت دروازي جي چائنٺ وٽان چيو. ڪيٿرائن هڪڙي سوڙهي بستر تي آهليل هئي هن کي هڪڙو لسو چوڪنڊو ڪٽيل نائيٽ گائون پاتل هو جنهن مان لڳو پئي ڄڻ ته اهو ڪنهن ناهموار چادر سازيءَ مان جوڙيو ويو هجي. هن مون ڏانهن ڏسي مسڪرايو. ”هاڻي مون کي سٺا سور پئجي رهيا آهن،“ هن چيو. عورت پنهنجي چيلھ تي هٿ رکيو بيٺي هئي سورن جو هڪڙي گهڙيءَ وسيلي وقت ڀيٽي رهي هئي. ”ڊاڪٽر ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو. ”هو هيٺ ننڊ پيو آهي. جڏهن هن جي گهرج پوندي ته هو هتي ايندو.“ ”هاڻي، ميڊم لاءِ مون کي ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ گهرجي،“ نرس چيو. ”ڇا توهان مهرباني ڪري وري ٻاهر نڪري ويندئو؟“ مان ٻاهر هال ۾ هليو ويس. اهو ٻن کڙڪين وارو ۽ هيٺ گذرگاه تائين بند دروازن وارو هڪڙو خالي هال هو. مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ۽ فرش ڏانهن ڏسڻ لڳس ۽ ڪيٿرائن لاءِ دعا ڪرڻ لڳس. ”توهان اندر اچي سگهو ٿا،“ نرس چيو. مان اندر هليو ويس. ”هيلو، جاني،“ ڪيٿرائن چيو. ”اهي ڪيئن آهن؟“ ”هاڻي اهي بلڪل لڳاتار اچي رهيا آهن.“ هن جو منهن مٿي ٿي ويو. پوءِ هن مسڪرايو. ”اهو صفا حقيقي هو. نرس، تون ٻيهر منهنجي پٺيءَ تي هٿ رکندينءَ؟“ ”جيڪڏهن اهو تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهي ته،“ نرس چيو. ”جاني، تون هليو وڃ،“ ڪيٿرائن چيو. ”ٻاهر وڃ ۽ ڪا شيءِ وٺي کاءُ. مان هي هڪڙي وڏي وقت تائين ڪنديس.“ ”پهريون سُور اڪثر ڊگهو هوندو آهي،“ نرس چيو. ”مهرباني ڪري ٻاهر وڃ ۽ ڪاشيءِ وٺي کاءُ،“ ڪيٿرائن چيو. ”واقعي، مان ٺيڪ آهيان.“ ”مان ٿوريءَ دير لاءِ ترسندس،“ مون چيو. سور بلڪل باقاعده آيا پئي، پوءِ وري گهٽجي پئي ويا. ڪيٿرائن ڪافي پرجوش هئي. جڏهن برا سور پئي آيا هن انهن کي سٺو پئي ڪوٺيو. جڏهن اهي رڪجي پئي ويا هوءَ مايوس پئي ٿي ويئي ۽ شرمنده محسوس ڪري رهي هئي. ”جاني، تون ٻاهر هليو وڃ،“ هن چيو. ”مان سمجهان ٿي تون مون کي بلڪل خود آگاهيءَ ۾ مبتلا ٿو ڪرين.“ ”هن جو چهرو هڪ جاءِ تي ٽڪ هڻي بيٺو. ”اتي. اهو بهتر هو. مان هڪڙي سٺي گهر واري ٿي ڪري بنا ڪنهن حماقت جي هن ٻار کي جنم ڏيڻ چاهيان ٿي. مهرباني ڪري هليو وڃ ۽ ڪو ناشتو واشتو ڪر، جاني، ۽ پوءِ موٽي اچ. مان توکي وساري نه ڇڏينديس. نرس مون لاءِ شاندار آهي.“ ”توهان وٽ ناشتي ڪرڻ لاءِ جهجهو وقت آهي،“ نرس چيو. ”ته پوءِ مان ويندس. الوداع، مٺڙي.“ ”الوداع،“ ڪيٿرائن چيو. ”۽ منهنجي لاءِ به زبردست ناشتو آڻجانءِ.“ ”مان ناشتو ڪٿي ڪري سگهان ٿو؟“ مون نرس کان پڇيو. ”هيٺ گهٽيءَ ۾ چوڪنڊيءَ وٽ هڪڙو ڪيفي آهي،“ هن چيو. ”هاڻي اهو کليل هئڻ گهرجي.“ اتي ٻاهر اجالو ٿي رهيو هو. مان هيٺ خالي گهٽيءَ ۾ ڪيفي ڏانهن هلڻ لڳس. اتي دريءَ ۾ هڪڙي روشني هئي. مان اندر گهڙي ويس ۽ هڪڙي سيفد رنگ واري ڌاتوئي مئخاني وٽ بيٺس هڪڙي پوڙهي ماڻهوءَ مون کي سفيد شراب ۽ انڊي ۽ مکڻ مان بڻايل هڪڙو رول پيش ڪيو. رول ڪالهوڪو رکيل هو مون ان کي شراب ۾ ٻوڙيو ۽ پوءِ ڪافيءَ جو هڪڙو گلاس پيتم.“ ”توهان هن مهل جو هتي ڇا ڪري رهيا آهيو؟“ پوڙهي ماڻهوءَ مون کان پڇيو. ”منهنجي گهر واري اسپتال ۾ ويم لاءِ ويل آهي.“ ”چئبو ايئين. مان توهان لاءِ بهتر اميد جو خواهشمند آهيان.“ ”مون کي شراب جو هڪڙو ٻيو گلاس ڏيو.“ هن ان کي بوتل مان اوتيو ۽ ان کي ٿورو سوايو اونڌو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ڪجھ شراب سفيد ڌاتوءَ تي هارجي ويو. مون اهو گلاس پيتو، قيمت ادا ڪيم ۽ ٻاهر هليو ويس. ٻاهر گهٽيءَ جي ڀرسان گهرن مان ڪچري لاءِ ڦٽو ڪيل دٻا پيل هئا جيڪي ميڙيندڙ جي انتظار ۾ هئا. هڪڙو ڪتو انهن منجهان هڪڙي دٻي ۾ نُوسي رهيو هو. ”توکي ڇا گهرجي؟“ مون پڇيو ۽ دٻي جي اندر نهاريم اهو ڏسڻ لاءِ ته متان ان ۾ ڪاشيءِ هجي ته مان ان کي ٻاهر ڪڍي ڏيان؛ ان جي مٿاڇري ۾ سواءِ ڪافيءَ جي تهن، مٽي ۽ ڪجھ سڪي ويل گلن جي ٻيو ڪجھ به ڪو نه هو. ”ڪتا، انهي ۾ ڪا به شيءِ ڪونهي،“ مون چيو. ڪتو گهٽيءَ جي آرپار هليو ويو. مان مٿي اسپتال ۾ ڏاڪڻين تان چڙهي انهي منزل جي هيٺان واري هال ڏانهن ويس جتي ڪيٿرائن موجود هئي. مون دروازو کڙڪايو. اتان ڪو به جواب ڪو نه مليو. مون دروازو کوليو؛ ڪمرو خالي هو، سواءِ ڪيٿرائن جي ٿيلهي جي جيڪو هڪڙي ڪرسيءَ تي پيو هو ۽ هن جو گائون جيڪو هڪڙي ڪنڍي تي ديوار ۾ ٽنگيل هو. مان ٻاهر هيٺ هال ڏانهن نڪري ويس، ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جي واجهائڻ لاءِ. مون هڪڙي نرس کي ڏٺو. ”ميڊم هينري ڪٿي آهي؟“ ”هڪڙي عورت بلڪل هينئر ويم گهر ڏانهن ويئي آهي.“ ”اها ڪٿي آهي؟“ ”مان توهان کي ڏيکاريان ٿي.“ هوءَ مون کي هيٺ هال جي آخر تائين وٺي ويئي. ڪمري جو دروازو ٿورو کليل هو. مان ڪيٿرائن کي هڪڙي ميز تي ليٽيل ڏسي پئي سگهيس، هن جي مٿان چادر ڏنل هئي. نرس هڪڙي پاسي کان بيٺي هئي ۽ ڊاڪٽر ميز جي ٻئي پاسي کان ڪجھ سلينڊرن جي ڀرسان بيٺو هو. ڊاڪٽر هٿ ۾ رٻڙ جي هڪڙي نقاب کي جهليو بيٺو هو جيڪو هڪڙي ٽيوب سان جڙيل هو. ”مان توهان کي هڪڙو گائون ڏيندس ۽ توهان اندر وڃي سگهو ٿا،“ نرس مون کي چيو. ”مهرباني ڪري، هيڏانهن اندر اچو.“ هن مون کي سفيد گائون پهرايو ۽ ان کي هڪڙي بي ضرر ميخ سان ڳچيءَ جي پٺيان بند ڪيو. ”هاڻي تون اندر وڃي سگهين ٿو،“ هن چيو. مان اندر ڪمري ۾ گهڙي ويس. ”هيلو، جاني،“ ڪيٿرائن هڪڙي جهيڻي آواز ۾ چيو. ”مان گهڻو نه ٿي ڪري سگهان.“ ”توهان مسٽر هينري آهيو؟“ ڊاڪٽر پڇيو. ”ها. هرشيءِ ڪيئن پئي هلي؟“ ”شيون ڪافي بهتر نموني هلي رهيون آهن،“ ڊاڪٽر چيو. ”اسان هتي اندر آياسين اتي جتي سورن لاءِ گيس جي دستيابي آسان آهي.“ ”مون کي اهو هاڻي گهرجي،“ ڪيٿرائن چيو. ڊاڪٽر هن جي چهري جي مٿان رٻڙ وارو نقاب رکي ڇڏيو ۽ ان ۾ لڳل هڪڙي گهڙيءَ کي ڦيرايو ۽ مان ڪيٿرائن کي گهرا ۽ تڪڙا ساه کڻندي ڏسي رهيو هوس. انهي کان پوءِ هن نقاب کي ڇڪي پري ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر وال بند ڪري ڇڏيو. ”اها ڪا ايتري وڏي سُور جي ٽاٽ ڪو نه هئي. انهي کان ٿورو پهريان مون کي سُور جي هڪڙي وڏي ٽاٽ آئي هئي. ڊاڪٽر مون کي ٻاهريان صاف ڪيو، تو ڪيو هو نه ڊاڪٽر؟“ هن جو آواز عجيب لڳي رهيو هو. اهو ڊاڪٽر جي لفظ تي مٿي اڀري ٿي آيو. ڊاڪٽر مسڪرائي ڏنو. ”مان چاهيان ٿي ته سُور جي اها ٽاٽ وري ٻيهر اٿي،“ ڪيٿرائن چيو. هوءَ پنهنجي منهن تي رٻڙ کي مضبوطيءَ سان جهلي بيٺي ۽ تيزيءَ سان ساه کڻي رهي هئي. مون هن کي ٿورو چنگهندي ڏٺو. انهي کان پوءِ هن نقاب کي ڇڪي پري ڪيو ۽ مسڪرايائين. ”اها وڏي ٽاٽ هئي،“ هن چيو. ”اها اڃا وڏي ٽاٽ هئي. جاني، تون ڪا به ڳڻتي نه ڪر. تون هليو وڃ. وڃ هڪڙو ٻيو ناشتو ڪر.“ ”مان هتي ترسندس،“ مون چيو. اسان لڳ ڀڳ صبح جو ٽين بجي ڌاران اسپتال ڏانهن ويا هئاسين. منجهند تائين ڪيٿرائن اڃا به اسپتال ۾ هئي. سور وري سست ٿي ويا هئا. هوءَ هاڻي ڪافي ٿڪجي پيئي هئي ۽ هيڻي ٿي ويئي هئي پر هوءَ اڃا تائين مسرور هئي. ”جاني، مان ڪنهن به ڪم جي ناهيان،“ هن چيو. ”مون کي گهڻو افسوس آهي. مون سمجهيو مان ان کي گهڻي آسانيءَ سان ڪري وينديس. هاڻي هڪڙي ٽاٽ اٿي رهي آهي.“ هن نقاب تائين پهچڻ جي لاءِ پنهنجو هٿ وڌايو ۽ ان کي پنهنجي منهن جي مٿان جهلي بيٺي. ڊاڪٽر گهڙيءَ جي چاٻيءَ کي ڦيرايو ۽ هن کي ڏسڻ لڳو. ٿوريءَ دير کان پوءِ سور جي اها ٽاٽ ختم ٿي ويئي. ”اها ايتري گهڻي ڪو نه هئي،“ ڪيٿرائن چيو. هن مسڪرايو. ”مان گيس جي باري ۾ اڻڄاڻ آهيان. اها حيرت انگيز آهي.“ ”اسان ڪجھ گهر ڏانهن کڻي هلنداسين،“ مون چيو. ”ٻي ٽاٽ اٿي رهي آهي،“ ڪيٿرائن جلديءَ ۾ چيو. ڊاڪٽر گهڙيءَ کي ڦيرايو ۽ پنهنجي واچ ڏانهن ڏسڻ لڳو. ”هاڻي ڪيترو وقفو اچي ٿو؟“ مون پڇيو. ”لڳ ڀڳ هڪڙي منٽ جو.“ ”ڇا توهان مانجهاندو نه ڪندئو ڇا؟“ ”جلد ئي،“ هن چيو. ”ڊاڪٽر، توهان کي ڪجھ نه ڪجھ کائڻ گهرجي،“ ڪيٿرائن چيو. ”مون کي ڪافي افسوس آهي جو مان ايترو وقت وٺان ٿي. ڇا منهنجو ور مون کي گيس نه ٿو ڏئي سگهي؟“ ”جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته،“ ڊاڪٽر چيو. ”توهان انهي کي عدد ٻه ۾ ڦيرايو.“ ”مان ڏسان ٿو،“ مون چيو. اتي گهڙيءَ ۾ هڪڙو نشان هو جيڪو هڪڙي مٺيي سان ڦري رهيو هو. ”هاڻي اهو مون کي کپي،“ ڪيٿرائن چيو. هن نقاب کي پنهنجي منهن تي زور سان جهليو. مون گهڙيءَ کي ٻه عدد تي ڦيرايو ۽ جڏهن ڪيٿرائن پنهنجي منهن تان نقاب هٽائي ڇڏيو مون انهي کي بند ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر اهو ڏاڍو سٺو ڪيو جو مون کي ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيائين. ”ڇا اهو تو ڪيو، جاني؟“ ڪيٿرائن پڇيو. هن منهنجي ٻانهن جي ڪارائيءَ تي هٿ ڦيرايو. ”يقيناَ.“ ”تون تمام گهڻو پيارو آهين.“ گيس جي ڪري هن تي ڪجھ غشو طاري ٿي ويو هو. ”مان هڪڙي طشتريءَ ۾ ٻئي ڪمري ۾ کائيندس،“ ڊاڪٽر چيو. ”توهان ڪنهن به مهل مون کي گهرائي سگهو ٿا.“ جڏهن وقت گذري ويو مون هن کي کائيندي ڏٺو، انهي کان پوءِ، ٿوري دير بعد، مون ڏٺو ته هو هيٺ آهلجي هڪڙو سگريٽ پي رهيو هو. ڪيٿرائن تمام گهڻو ٿڪجندي ويئي. ”ڇا تون سمجهين ٿو ته مان ڪڏهن به هن ٻار کي جنم ڏئي سگهان ٿي؟“ هن پڇيو. ”ها، يقيناَ تون ڪري سگهين ٿي.“ ”مون کان جيتري ڪوشش پڄي ٿي مان ڪري رهي آهيان. مان انهي کي هيٺ جي طرف ڌڪيان ٿي پر سور چڙهي ٿا وڃن. اتي ٻي ٽاٽ اٿي رهي آهي. من انهي سان اچي وڃي.“ ٻين بجي ڌاران مان ٻاهر هليو ويس ۽ مانجهاندو ڪيم. اتي ڪيفي ۾ ڪجھ ماڻهو ويٺل هئا جن جا ڪرش يا سفل (kirsch: marc ميوات خاص طور تي صوف ۽ انگورمان ٺهيل بي رنگ برانڊي) جا گلاس ميزن وٽ پيل هئا. مان هڪڙي ميز تي ويهي رهيس. ”ڇا مان ڪجھ کائي سگهان ٿو؟“ مون بيري کان پڇيو. ”مانجهاندي جو وقت گذري چڪوآهي.“ ”ڇا اتي هر وقت جي لاءِ ڪاشيءِ نه هوندي آهي ڇا؟“ ”توهان کي کَٽي گوبي ملي سگهي ٿي.“ ”مون کي کَٽي گوبي ۽ بيئر ڏيو.“ ”آڌيو يا جرمن ليبل وارو؟“ ”هلڪو آڌيو.“ بيرو کٽي گوبيءَ جي هڪڙي ڊش کڻي آيو جنهن جي مٿان سوئر جي ران جو هڪڙو ٽڪڙو رکيل هو ۽ قيمي جو هڪڙو رول جيڪو شراب ۾ ٻڏل گرم گوبيءَ ۾ پوريل هو. مون اهو کاڌو ۽ بيئر پيتو. مان ڪافي بکايل هوس. مون ميز وٽ ڪيفي ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏٺو. هڪڙي ڪنڊ تي اهي تاش کيڏي رهيا هئا. منهنجي اڳيان ٻه ڄڻا ميز تي هڪٻئي سان مخاطب هئا ۽ اهي سگريٽ نوشي ڪري رهيا هئا. ڪيفي دونهاٽيل هو. انهي سفيد ڌاتوئي مئخاني ۾، جتي مون ناشتو ڪيو هو، هاڻي ان جي پٺيان ٽي ماڻهو بيٺا هئا؛ پوڙهو ماڻهو، هڪڙي گول مٽول عورت جنهن کي ڪارا ڪپڙا پاتل هئا اها هڪڙي دخل جي پٺيان ويٺي هئي ۽ ميزن تي پيش ڪيل هر هڪ شيءِ جو رڪارڊ پئي رکيائين، ۽ اتي هڪڙي پيش بند سان ڇوڪرو ويٺل هو. مون کي حيرت ٿي رهي هئي ته انهي عورت کي ڪل ڪيترا ٻار هئا ۽ ايترن ٻارن جو هئڻ ڪيئن ڀاسندو هوندو. جڏهن مون کٽي گوبي کائي بس ڪئي مان واپس اسپتال ڏانهن هليو ويس. هاڻي گهٽي صفا صاف هئي. اتي ڪچري لاءِ ڦٽو ڪيل ڪي به دٻا پيل ڪو نه هئا. ڏينهن جهڙالو هو پر سج انهي منجهان اچڻ جي ڪري رهيو هو. مان لفٽ ۾ مٿي هليو ويس، ان کان ٻاهر قدم رکيم ۽ هيٺ هال ڏانهن ڪيٿرائن جي ڪمري ڏانهن هليو ويس، جتي مون پنهنجو سفيد چوغو ڇڏيو هو. مون ان کي پهريو ۽ ان کي ڳچيءَ جي پٺيان ميخن سان بند ڪري ڇڏيو. مون پنهنجو پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏٺو ۽ مان هڪڙي ڏاڙهيءَ سان جعلي ڊاڪٽر جيان لڳي رهيو هوس. مان هال کان هيٺ واري ڪمري ڏانهن ويس. ڪمرو بند هو ۽ مون ان کي کڙڪايو. ڪنهن به ڪو به جواب ڪو نه ڏنو تنهن ڪري مون مٺيو کوليو ۽ اندر گهڙي ويس. ڊاڪٽر ڪيٿرائن جي ڀرسان ويٺو هو. نرس ڪمري جي ٻي پڇاڙيءَ ۾ ڪجھ ڪري رهي هئي. ”هي آهي توهان جو ور،“ ڊاڪٽر چيو. ”او، جانب، مون وٽ ڪافي حيرت انگيز ڊاڪٽر آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”هو مون کي تمام گهڻي حيرت انگيز ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو ۽ جڏهن بريءَ طرح سور جي ٽاٽ اٿي ته هن مون کي عجيب طريقي سان ساري جو سارو ٻاهر سٽ ڏني. هو حيرت انگيز آهي. ڊاڪٽر تون حيرت انگيز آهين،“ ”تون نشي ۾ آهين،“ مون چيو. ”مان اهو ڄاڻان ٿي،“ ڪيٿرائن چيو ”پر توکي اهو چوڻ نه گهرجي.“ ”ته پوءِ اهو مون کي ڏي. اهو مونکي ڏي.“ هن نقاب کي گرفت ۾ آندو ۽ هلڪا ۽ اونها ساه کڻڻ لڳي، سهڪندي، مصنوعي ساه کڻڻ جو اوزار ٽِڪ ٽِڪ جو آواز ڪرڻ لڳو. هن هڪڙو ڊگهو ٿڌو ساه کنيو ڊاڪٽر پنهنجو کاٻو هٿ اوڏانهن ڪيو ۽ نقاب کي پري ڪري ڇڏيو. ”اها هڪڙي وڏي ٽاٽ هئي،“ ڪيٿرائن چيو. هن جو آواز ڪافي عجيب لڳي رهيو هو. ”مان هاڻي نه ٿي مري سگهان، جاني. جتي مون کي مرڻو هو مان ان هنڌ کي ڇڏي آئي آهيان. ڇا تون خوش نه آهين؟“ ”تون انهي هنڌ ۾ وري نه گهڙندينءَ.“ ”نه مان نه گهڙنديس. جيتوڻيڪ مان ان کان ڊڄان به نه ٿي. جاني، مان نه مرنديس.“ ”تون ڪا به اهڙي احمقاڻي شيءِ ڪو نه ڪندينءَ،“ ڊاڪٽر چيو. ”تون نه مرندينءَ ۽ نه ئي پنهنجي ور کان جدا ٿيندينءَ.“ ”او، نه. مان نه مرنديس. مان نه مرنديس. مري وڃڻ بيوقوفي آهي. اتي اها ٽاٽ اٿي پئي. اهو مون کي ڏي.“ ٿوريءَ دير کان پوءِ ڊاڪٽر مون کي چيو، مسٽر هينري توهان ڪجھ گهڙين جي لاءِ ٻاهر ويندئو ۽ مان هڪڙي چڪاس وٺندس.“ ”هو ڏسندو ته مان ڪيئن ڪري رهي آهيان،“ ڪيٿرائن چيو. ”جاني، تون بعد ۾ اچي سگهين ٿو، ڇا هو نه ٿو اچي سگهي، ڊاڪٽر؟“ ”ها،“ ڊاڪٽر چيو. ”مان هن لاءِ حڪم جاري ڪندس ته هن کي ڪڏهن اچڻ گهرجي.“ مان دروازي کان ٻاهر هليو ويس ۽ هيٺ هال ڏانهن انهي ڪمري ڏانهن هليو ويس جتي ٻار جي جنم کان پوءِ ڪيٿرائن کي اچڻو هو. مان اتي هڪڙي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ۽ ڪمري ڏانهن ڏسڻ لڳس. مون وٽ ڪوٽ ۾ اخبار پيل هئي جيڪا مون تڏهن خريد ڪئي هئي جڏهن مان مانجهاندي لاءِ ٻاهر ويو هوس ۽ مان ان کي پڙهڻ لڳس. ٿوريءَ دير کان پوءِ مون ان کي پڙهڻ بند ڪيو ۽ بتيون وسائي ڇڏيم ٻاهر ڇائنجندڙ اونداه ڏانهن نهارڻ لڳس. مون کي حيرت پئي ٿي ته ڊاڪٽر هن مهل تائين مون کي گهرائڻ لاءِ ڪنهن کي ڇو نه موڪليو هو. ٿي سگهي منهنجو پري رهڻ بهتر هجي. غالباَ هن مون کي ڪجھ وقت لاءِ پري رکڻ پئي چاهيو. مون پنهنجي گهڙيءَ ڏانهن نهاريو. ڏهن منٽن جي اندر هن مون کي گهرائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن کي روانو نه ڪيو ته مان ڪنهن به صورت ۾ هيٺ هليو ويندس. غريب، غريب پياري ڪيٽ. ۽ همبستر ٿيڻ جي اها قيمت هئي جيڪا توکي چڪائڻي پئجي ويئي. اهو ڦندي جو انت هو. هڪٻئي سان محبت ڪرڻ جو سِلو ماڻهن کي اهو ئي ملندو آهي. ڪنهن به قيمت تي، گيس لاءِ خدا جو شڪر آهي. جيڪڏهن اڳ ۾ بيهوشِيءَ جي دوا ڏني وڃي ها ته اها ڪيئن هجي ها؟“ هڪ دفعو ان جي شروعات ٿي، اهي پَن ڌارا ۾ هئا. حمل دوران ڪيٿرائن نئو بَني هئي. اهو خراب ڪو نه هو. هوءَ مشڪل سان ڪڏهن بيمار ٿي هجي. هن کي يڪو تڪليف ڪو نه هئي پر تڏهن جڏهن هوءَ پڇاڙيءَ ۾ پهتي ۽ بس. هاڻي انهن هن کي خاتمي تي پهچائي ڇڏيو. تو ڪڏهن به ڪاشيءِ ڪو نه ماڻي. دوزخ دفع ٿي وڃ! توڻي جو اسان پنجاه ڀيرا شادي ڪيون ها ته به اهو ساڳيو ڪجھ ئي ٿئي ها. ۽ جيڪڏهن هوءَ مري وڃي ته پوءِ ڇا؟ هوءَ نه مرندي. اڄڪلھ عورتون ويم دوران نه ٿيون مرن. اهو ته سمورا مڙس سوچيندا آهن. ها، پر جيڪڏهن هوءَ مري وڃي ته ڇا؟ هوءَ نه مرندي. هوءَ فقط هڪڙي بري وقت مان گذري رهي آهي. پهريون سور اڪثر دير ڪري ڇڏيندو آهي. هوءَ فقط بري وقت مان گذري رهي آهي. بعد ۾ اسان هڪٻئي کي چونداسين ته ڪيڏو نه برو وقت هو ۽ ڪيٿرائن چوندي اهو حقيقت ۾ ايترو برو وقت ڪو نه هو. پر ڇا جيڪڏهن هوءَ مري وڃي؟ هوءَ مري نه ٿي سگهي. ها، پر جيڪڏهن هوءَ مري وڃي ته پوءِ ڇا؟ مان توکي ٻڌايان ٿو، هوءَ نه ٿي مري سگهي. تون احمق نه ٿي. اها فقط فطرت آهي جنهن هن کي دوزخ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهو صرف شروعاتي سور آهي، جيڪو لڳ ڀڳ هميشه ديرڪندو آهي. ها پر جيڪڏهن هوءَ مري وڃي ته ڇا؟ هوءَ مري نه ٿي سگهي. هوءَ ڇو مري وڃي؟ هن جي مري وڃڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ اتي فقط هڪڙو ٻار آهي جنهن کي جنم وٺڻو آهي، ملان ۾ گذاريل سٺين راتين جي ضمني پيداوار. اهو مشڪلات پيدا ڪري ٿو ۽ جڏهن جنم وٺندو تون ان ڏانهن نهاريندين ۽ ٿي سگهي انهي سان لاڏ ڪوڏ ڪرين. پر جيڪڏهن هوءَ مري ويئي ته پوءِ؟ هوءَ نه مرندي. پر جيڪڏهن هوءَ مري وڃي ته پوءِ؟ هوءَ نه مرندي. هوءَ بلڪل ٺيڪ آهي. پر جيڪڏهن هوءَ مري وڃي ته پوءِ؟ هوءَ نه ٿي مري سگهي. پر جيڪڏهن هوءَ مري وڃي ته پوءِ؟ اوءِ، انهي جي باري ۾ ڇا ڪجي؟ جيڪڏهن هوءَ مري وڃي ته پوءِ؟ ڊاڪٽر ڪمري ۾ اندر گهڙي آيو. ”ڊاڪٽر، اهو ڪيئن پيو هلي؟“ ”اهو نه پيو هلي،“ هن چيو. ”توهان جومطلب ڇا آهي؟“ ”فقط اهو. مون هڪڙي چڪاس ورتي.“ هن چڪاس جي نتيجن جو تفصيل پيش ڪيو. ”انهي کان پوءِ مون ڏسڻ لاءِ انتظار ڪيو. پر اهو نه ٿو هلي.“ ”توهان ڪهڙي صلاح ڏيندا؟“ ”اتي ٻه شيون آهن. ٻن مخالف پاسن کان لڳل ڌارائن واري چمٽي وسيلي اعليٰ ولادت جيڪا چير ڦاڙ ڪري سگهي ٿي ۽ اها ڪافي خطرناڪ ٿي سگهي ٿي ۽ انهي کان علاوه اها ممڪن طور تي ٻار جي لاءِ به بري ٿي سگهي ٿي، ۽ ٻيو پيٽ کي چيري ٻار ڪڍڻ.“ ”پيٽ کي چيري ٻار ڪڍڻ جا ڪهڙا خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا؟“ جيڪڏهن هوءَ مري وڃي ته پوءِ! ”اهو هڪڙي عام ولادت کان وڌيڪ خطرناڪ نه هئڻ گهرجي.“ ”ڇا اهو توهان پاڻ سر ڪندا؟“ ”ها. ممڪن طور تي مون کي هڪڙو گهنٽو درڪار هوندو جنهن دوران مان شين جي تياري ڪندس ۽ گهربل ماڻهن کي هٿ ڪري وٺندس. شايد انهي کان به ٿورو گهٽ وقت لڳي.“ ”توهان ڇا ٿا سمجهو؟“ ”مان پيٽ کي چيرو ڏئي ٻار ڪڍڻ جي صلاح ڏيندس. جيڪڏهن اتي منهنجي زال هجي ها ته مان پيٽ کي چيرو ڏئي ٻار ڪڍڻ جي صلاح ڏيان ها.“ ”انهي جا بعد وارا ڪهڙا اثر هوندا آهن؟“ ”ڪي به نه. اتي صرف هڪڙو داغ رهجي ويندو آهي.“ ”سرايت (انفيڪشن) جي باري ۾ ڇا چوندا؟“ ” هڪڙي چمٽي واري اعليٰ ڄم کان وڌيڪ جيترا خطرا نه هوندا آهن.“ ”جيڪڏهن توهان شروع به ڪيو ۽ ڪجھ ڪري به نه سگهو ته پوءِ؟“ ”توهان کي آخرڪار ڪا نه ڪا شيءِ ته ڪرڻي ئي پوندي. مسٽر هينري ته اڳ ۾ ئي گهڻو هنيانءُ هاري ويٺو آهي. جيترو جلدي جراحي ڪبي اها اوتروئي محفوظ رهندي.“ ”جيترو جلدي ٿي سگهي جراحي ڪيو،“ مون چيو. ”مان ويندس ۽ هدايتون ڏيندس.“ مان ويم واري ڪمري ۾ ويس. نرس ڪيٿرائن سان هئي جيڪا ميز تي ليٽيل هئي، چادر جي هيٺان ٿلهڙي، پيلي ۽ ٿڪل نظر ايندڙ. ”ڇا تو هن کي ٻڌايو ته هو اهو ڪري سگهي ٿو؟“ ”هن پڇيو. ”ها.“ ”ڇا اهو عاليشان نه آهي. هاڻي اهو سڀ ڪجھ هڪڙي گهنٽي ۾ پورو ٿي ويندو. جاني، مان زري گهٽ پوري ٿي ويئي آهيان. مان سموري ڀڄي ڀور ٿيڻ واري آهيان. مهرباني ڪري اهو (گيس جو نقاب) مون کي ڏي. اهو ڪم نه ٿو ڪري. او، اهو ڪم نه ٿو ڪري!“ ”هڪڙو ٻيو سلينڊر کڻي اچو،“ مون نرس کي چيو. ”اهو هڪڙو نئون سلينڊر آهي.“ ”جاني، مان بلڪل هڪڙي احمق آهيان،“ ڪيٿرائن چيو. ”پر اهو وڌيڪ ڪم نه ٿو ڪري.“ هن دانهون ڪرڻ شروع ڪيون. ”او، مون اهو ان جي لاءِ گهريو ته جيئن هن ٻار کي جنم ڏئي سگهان ۽ ڪا مشڪلات پيدا نه ڪيان، ۽ هاڻي مان صفا پوري ٿي ويئي آهيان ۽ سموري ڀور ڀور ٿي ويئي آهيان ۽ اهو ڪم نه ٿو ڪري. او، جاني، اهو هرگز به ڪم نه ٿو ڪري. جيڪڏهن اهو فقط رڪجي ويو ۽ جيڪڏهن مان مري ويس ته ان جي ڪا پرواه نه اٿم. او، جاني براءِ ڪرم، انهي کي بيهاري ڇڏ. اتي اهو اچي پيو. او او او!“ هن سسڪيون ڀريندي نقاب مان ساه کنيو. ”اهو ڪم نه ٿو ڪري. جاني، مون کي بُرو م ڀائنج. مهرباني ڪري دانهون نه ڪر. مون کي برو م ڀائنج. مان صفا چُور چُور ٿي ويئي آهيان. تون غريب مٺڙا. مان توسان بيحد پيار ڪيان ٿي ۽ مان ٻيهر سٺي ٿي وينديس. مان هن واري سٺي ٿي وينديس. اهي مون کي ڪاشيءِ ڏئي نه ٿا سگهن؟ جيڪر اهي مون کي ڪا شيءِ ڏئي سگهن.“ ”مان ان کي ڪم ڪرڻ جي لائق بڻائيندس. مان انهي کي صفا کولي ڇڏيندس.“ ”اها (آڪسيجن) هاڻي مون کي ڏي.“ مون گهڙيءَ کي صفا کولي ڇڏيو ۽ جيئن ئي هن مشڪل ۽ گهرو ساه کنيو هن جا هٿ نقاب تي ڍرا ٿي ويا. مون گيس کي بند ڪري ڇڏيو ۽ نقاب کي مٿي ڪري ڇڏيو.“ هوءَ ڊگهو ساه پچائي واپس موٽي آئي. ”اهو ڪافي خوبصورت هو، جاني. او، تون منهنجي لاءِ گهڻو سٺو آهين.“ ”تون همت کان ڪم وٺ مان اهو هر وقت نه ٿو ڪري سگهان. اهو توکي ماري سگهي ٿو.“ ”مون ۾ وڌيڪ همت نه رهي آهي، جاني. مان سموري چڪنا چور ٿي ويئي آهيان. انهن مون کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. اهو مان هاڻي ڄاڻان ٿي.“ ”هر ڪو انهي رستي تي گامزن آهي.“ ”پر اهو هنيان هڄائيندڙ آهي. اهي ان کي تيستائين جاري رکن ٿا جيستائين اهي توهان کي ٽوڙي نه ٿا ڇڏين.“ ”هڪڙي گهنٽي ۾ اهو سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو.“ ”ڇا اهو حسين ناهي؟ جاني، مان نه مرنديس، يا مان مري وينديس؟“ ”نه مان وچن ٿو ڪيان ته تون نه مرندينءَ.“ ”ڇاڪاڻ جو مان مرڻ نه ٿي چاهيان ۽ توکي ڇڏڻ نه ٿي چاهيان، پر مان ان سان ايترو ته ٿڪجي پيئي آهيان ۽ مون کي محسوس ٿئي ٿو ڄڻ مان مرڻ واري آهيان.“ ”بيوقوف. هر ماڻهوءَ کي ايئين لڳندو آهي.“ ”ڪڏهن ڪڏهن مان سمجهندو آهيان ته مان مرڻ وارو آهيان.“ ”تون نه مرندينءَ. تون مري نه ٿي سگهين“ ”پر ڇا جيڪر مان مري وڃان؟“ ”مان توکي ڪو نه ڇڏيندس.“ ”اهو جلديءَ ۾ مون کي ڏي. اهو مون کي ڏي!“ انهي کان بعد، ”مان نه مرنديس. مان پاڻ کي پاڻ مرڻ نه ڏينديس.“ ”يقيناَ تون نه ڏيندينءَ.“ ”تون مون وٽ ترسندين.“ ”انهي کي ڏسڻ لاءِ نه.“ ”نه، فقط اتي هج.“ ”يقيناَ مان هر وقت اِتي ئي هوندس.“ ”تون منهنجي لاءِ تمام گهڻو سٺو آهين. اُتي، اهو مون کي ڏي. مون کي ڪجھ وڌيڪ ڏي. اهو ڪم نه ٿو ڪري!“ مون گهڙيءَ کي ٽن ۾ ڦيرايو پوءِ چئن ۾. مون اميد ڪئي ته ڊاڪٽر واپس موٽي ايندو. مان ٻن کان مٿي وارن عددن کان خوفزده هوس. آخرڪار هڪڙو نئون ڊاڪٽر نرسن سان گڏ اندر گهڙي آيو ۽ انهن ڪيٿرائن کي هڪڙي ڦيٿن واري اسٽريچر تي رکيو ۽ اسان هال کان هيٺ هلڻ لڳاسين. اسٽريچر تيزيءَ سان لفٽ ۾ هيٺ هال ڏانهن هلڻ لڳو جتي هر ڪنهن کي جڳھ بنائڻ لاءِ لفٽ جي ديوار سان گُد ۾ بيهڻو پيو؛ پوءِ مٿي، انهي کان پوءِ ان جو دروازو کليو ۽ لفٽ کان ٻاهر نڪري اهو رٻڙ جي ڦيٿن تي جراحي واري ڪمري ڏانهن هلڻ لڳو. مان ڊاڪٽر کي سڃاڻي ڪو نه سگهيس ڇاڪاڻ جو هن کي ٽوپي ۽ نقاب پاتل هو. اتي هڪڙو ٻيو ڊاڪٽر ۽ نرسون پڻ هيون. ”مون کي ڏيڻ لاءِ انهن وٽ ڪجھ آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”مون کي ڏيڻ لاءِ انهن وٽ ڪجھ آهي. او، ڊاڪٽر مهرباني ڪري مون کي ايترو ڪجھ ڏيو جو ڪا ڀلائي ٿي پوي!“ هڪڙي ڊاڪٽر هن جي منهن تي گيس جو نقاب چاڙهي ڇڏيو ۽ مون دروازي مان نهاريو ۽ جراحي واري ڪمري جي ننڍڙي روشن وسيع سماعت گاه کي ڏٺو. ”توهان ٻئي دروازي ۾ اندر وڃي سگهو ٿا ۽ اتي ويهي سگهو ٿا،“ هڪڙي نرس مون کي چيو. اتي هڪڙي جهنگلي جي پٺيان ميزون پيل هيون جن وٽان سفيد ميز ۽ روشنيون ڏسڻ ۾ ٿي آيون. مون ڪيٿرائن ڏانهن ڏٺو. نقاب هن جي منهن تي ڏنل هو ۽ هوءَ هاڻي صفا خاموش هئي. انهن اسٽريچر کي اڳتي ڪيو. مان اتان هٽي ويس ۽ هيٺ هال ڏانهن هلڻ لڳس. ٻه نرسون برآمدي جي داخلا ڏانهن تڙ تڪڙ ڪري رهيون هيون. ”اها پيٽ کي چيرڻ واري جراحي آهي،“ هڪڙي چيو. ”اهي پيٽ کي چيرو ڏيڻ واري جراحي ڪرڻ پيا وڃن.“ ٻئي ڄڻي ٽهڪ ڏنو. ”اسان بلڪل وقت تي آهيون. ڇا اسان خوشنصيب نه آهيون؟“ اهي انهي دروازي ۾ ويا جيڪو برآمدي ڏانهن پئي ويو. هڪڙي ٻي نرس گڏوگڏ آئي. هوءَ پڻ تڙ تڪڙ ۾ هئي. ”تون هاڻي ئي اوڏانهن وڃ. هاڻي ئي وڃ،“ هن چيو. ”مان ٻاهر بيهان ٿي.“ هوءَ تڪڙي اندر گهڙي ويئي. مان هال کان هيٺ ۽ مٿي گهمي رهيو هوس. مان اندر گهڙڻ کان خوفزده هوس. اتي اونداهي هئي پر دريءَ مان ايندڙ روشنيءَ مان مان ڏسي پئي سگهيس ته اتي برسات وسي رهي هئي. مان هال جي آخري ڪنڊ وٽ هڪڙي ڪمري ۾ گهڙي ويس ۽ شيشي جي الماڙيءَ ۾ بوتلن تي لڳل ليبلن کي ڏٺم. انهي کان پوءِ مان ٻاهر نڪري آيس ۽ خالي هال ۾ بيهي رهيس ۽ جراحي واري ڪمري جي دروازي ڏانهن ڏسڻ لڳس. هڪڙو ڊاڪٽر ٻاهر نڪري آيو جنهن جي پٺيان هڪڙي نرس هئي. هن جي ٻن هٿن ۾ ڪا شيءِ جهليل هئي جيڪا هڪڙي تازو کل لٿل سيهڙ جيان نظر اچي رهي هئي ۽ انهي سان گڏوگڏ گذرگاه ڏانهن تڪڙا تڪڙا قدم کڻڻ لڳو ۽ هڪڙي ٻئي دروازي کان اندر گهڙي ويو. مان هيٺ دروازي ڏانهن هليو ويس جنهن جي هو اندر هو ۽ انهن کي هڪڙي نئين ڄاول ٻار بابت وٺ پڪڙ ڪندي ڏٺم. ڊاڪٽر مون کي ڏيکارڻ لاءِ ان کي مٿي جهلي بيٺو. هو هن کي کڙين وٽان جهلي بيٺو ۽ هن کي ٿڦڪي هنيائين. ”ڇا هو ٺيڪ ٺاڪ آهي؟“ ”هو عظيم الشان آهي. هن جو وزن پنج ڪلو ٿيندو.“ مون کي هن جي باري ۾ ڪو به احساس ڪو نه هو. مون کي اهو محسوس ڪو نه ٿيو ته منهنجو هن سان ڪنهن به حساب ۾ ڪو تعلق هو. مون ۾ پدراڻي جذبات جو ڪو به احساس محسوس ڪو نه ٿيو. ”ڇا توهان پنهنجي پٽ تي ناز نه ٿا ڪيو؟“ نرس پڇيو. اهي هن کي ڌوئي ڪري ڪنهن شيءِ ۾ ويڙهي رهيا هئا. مون هن جي ننڍڙي ڪاري صورت ۽ هٿ ڏٺو، پر مان هن کي چر پر ڪندي يا روئندي نه پئي ڏسي سگهيس. ڊاڪٽر هن سان ٻيهر ڪجھ ڪري رهيو هو. هو مايوس نظر اچي رهيو هو. ”نه،“ مون چيو. ”هن لڳ ڀڳ پنهنجي ماءُ کي ماري ڇڏيو.“ ”ان ۾ انهي ننڍڙي محبوب جو ڪو به قصور ڪونهي. ڇا تو کي ڇوڪرو نه کپي؟“ ”نه،“ مون چيو ڊاڪٽر هن سان مصروف هو. هن ان کي پيرن کان پڪڙي مٿي ڪيو ۽ هن کي ٿڦڪي هنئي. مان هن کي ڏسڻ جي لاءِ اتي انتظار ۾ بيهي ڪو نه رهيس. مان هال کان ٻاهر هليو ويس. مان هاڻي اندر وڃي ڪري ڏسي پئي سگهيس. مان دروازي جي اندر گهڙي ويس جيڪو برآمدي کان هيٺ ٿورو پرتي هو. جيڪي نرسون جهنگلي وٽان بيٺيون هيون انهن مون کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيو. مون پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. مان جتي بيٺو هوس اتان کان پڻ مان گهڻو ڪجھ ڏسي پئي سگهيس. مون سوچيو ڪيٿرائن مري چڪي آهي. هوءَ مئل نظر اچي رهي هئي. هن جي منهن جو جيترو حصو مان ڏسي پئي سگهيس انهي مان هوءَ بي رنگ نظر اچي رهي هئي. هيٺ، روشنيءَ ۾، ڊاڪٽر، ٻن بليڊن واري چمٽي جي حرڪت جي ڪري اڊيڙيل ٿلهي ڪناري واري زخم کي ٽوپِي رهيو هو. هڪڙي ٻئي ڊاڪٽر جنهن کي نقاب پاتل هو انهي بيهوشيءَ واري دوا ڏني. نقاب پوش ٻن نرسن هن جي هٿن ۾ گهربل شيون پئي پڄايون. اهو تحقيقات جي خاڪي جيان نظر اچي رهيو هو. جيئن ئي مان ڏسي رهيو هوس تنهن مهل مون کي خيال آيو ته مان انهي کي مڪمل طور تي ڏسي پئي سگهيس، پر مون کي خوشي ٿي جو مون اهو سڀ ڪجھ پنهنجي اکين سان ڪو نه ڏٺو. مان نه ٿو سمجهان ته مان انهن کي وڍ ٽڪ ڪندي ڏسي سگهان ها، پر مون زخم کي هڪڙي مٿي اڀريل ڊگهي پتري نشان ۾ بند ٿيل ڏٺو جيڪو هڪڙي موچيءَ جي ڪم جيان تڪڙ ۾ مهارت سان سيتل نظر اچي رهيو هو، ۽ مان ڪافي خوش ٿيس. جڏهن زخم بند ٿي ويو مان ٻاهر هال ڏانهن هليو ويس ۽ وري هيٺ مٿي هلڻ لڳس. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڊاڪٽر ٻاهر نڪري آيو. ”هوءَ ڪيئن آهي؟“ ”هوءَ بلڪل ٺيڪ آهي. ڇا تو هن کي ڏٺو؟“ هو ٿڪل لڳي رهيو هو. ”مون توهان کي ٽوپيندي ڏٺو. ڪٽ جو نشان ڪافي وڏو نظر اچي ٿو.“ ”تون ايئين سمجهين ٿو؟“ ”ها. ڇا اهو هموار ٿي ويندو؟“ ”او، ها.“ ٿوريءَ دير کان پوءِ انهن ڦيٿن واري اسٽريچر کي ٻاهر آندو ۽ ان کي جلدي جلدي هال کان لفٽ ڏانهن نيئي ويا. مان انهي جي ڀر ڏانهن هليو ويس. ڪيٿرائن چنگهي رهي هئي. ڏاڪڻين کان هيٺ انهن ان کي سندس ڪمري واري پلنگ تي رکيو. مان پلنگ جي پيرن کان هڪڙي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. اتي ڪمري ۾ اونداه هئي. ڪيٿرائن پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو. ”هيلو، جاني،“ هن چيو. هن جو آواز ڪافي جهيڻو ۽ ٿڪل هو. ”هيلو، تون مٺڙي.“ ”اهو ڪهڙي قسم جو ٻار هو؟“ ”شش ــــــ نه ڳالهاءِ،“ نرس چيو. ”اهو ڇوڪرو آهي. اهو ڊگهو ويڪرو ۽ ڪارو آهي.“ ”ڇا هو ٺيڪ آهي؟“ ”ها،“ مون چيو. ”هو ٺيڪ آهي.“ مون نرس کي پاڻ ڏانهن عجيب نظرن سان نهاريندي ڏٺو. ”مان بيحد ٿڪجي پيئي آهيان،“ ڪيٿرائن چيو. ”۽ مان دوزخ جيان دُکي رهي آهيان. ڇا تون بلڪل ٺيڪ آهين پيارا؟“ ”مان ٺيڪ آهيان. ڳالهاءِ نه.“ ”تون مون لاءِ حسين هئين. او، دلبر مان بُريءَ طرح سان دُکي رهي آهيان. هو ڏسڻ ۾ ڪيئن ٿو اچي؟“ ”هو هڪڙي کل لٿل سيهڙ جيان ۽ هڪڙي پوڙهي ماڻهوءَ جي سُڪڙيل صورت جيان نظر اچي ٿو.“ ”توهان لازماَ ٻاهر هليا وڃو،“ نرس چيو. ”ميڊم هينري لاءِ لازمي آهي ته هوءَ نه ڳالهائي.“ ”مان ٻاهر ويندس.“ مون ڪيٿرائن کي چمي پاتي. هوءَ ڪافي بي رنگ، نٻل ۽ ٿڪل هئي. ”ڇا مان توهان سان ڳالهائي سگهان ٿو؟“ مون نرس کي چيو. هوءَ مون سان گڏ هال کان ٻاهر نڪري آئي. مان هال کان ٿورو هيٺ گهميس. ”ٻار سان ڪهڙو مسئلو آهي؟“ مون پڇيو. ”ڇا توهان کي خبر نه آهي؟“ ”نه.“ ”هو زنده نه هو.“ ”هو مئل هو؟“ ”اهي هن کي ساه کڻائي ڪو نه سگهيا. ناڙو هن جي ڳچيءَ جي چوگرد وڪوڙيل هو يا اهڙو ڪجھ.“ ”چئبو ته هو مري ويو.“ ”ها. اها ڪيتري نه شرم جوڳي ڳالھ آهي. هو اهڙو ته زبردست سٻر ڇوڪرو هو.“ ”نه،“ مون چيو. ”بهتر آهي ته توهان واپس ميڊم ڏانهن وڃو.“ ”مان هڪڙي ميز جي اڳيان ڪرسيءَ تي هيٺ ويهي رهيس اتي جتي نرسون موجود هيون هڪڙي پاسي کان ڪِلپن تي رپورٽون ٽنگيل هيون ۽ مون دريءَ جي ٻاهر طرف نهاريو. مون کي دريءَ جي آرپار واري روشنيءَ مان سواءِ اونداه ۽ وسندڙ مينهن جي ٻيو ڪجھ به نظر ڪو نه آيو. چئبو ته اهو ايئين هو. ٻار مئل هو. انهي جي ڪري ئي ڊاڪٽر ايترو ٿڪل پئي لڳو. ته پوءِ انهن انهي سان گڏ ڪمري ۾ اهڙي قسم جو ورتاءُ ڇو ڪيو؟ هنن سمجهيو ته هو غالباَ ساه کڻڻ شروع ڪندو. مان لادين هوس پر مون ڄاتو پئي ته هن جي بپتسما ڪئي ويئي هوندي. پر جيڪڏهن هن ڪڏهن هرگز به ساه کنيو ئي نه هجي ته پوءِ ڇا. هو ڪڏهن به حيات هو ئي ڪو نه. سواءِ ڪيٿرائن جي اندر. مون هن کي اڪثر ڪري هن جي پيٽ ۾ لتن جي چر پر کي محسوس ڪيو هو. ننڍڙو معصوم ٻار. مون دوزخ کان اهڙيءَ طرح ٻوساٽجي وڃڻ جي ڪامنا ڪئي. نه. مان ٻوساٽجڻ نه ٿو چاهيان. موت جو اهوسمورو تماشو اتي اڃا جاري رهڻو ناهي. هاڻي ڪيٿرائن مري ويندي. اهو اهو ڪجھ هو جيڪو ڪجھ تو ڪيو. تون مري ويئين. تون بي خبر هئين ته اهو ڇا بابت هو. تو وٽ ڪڏهن به سکڻ جو وقت ڪو نه هو. انهن توکي اندر ڌِڪي ڇڏيو ۽ انهن توکي قائدا ٻڌايا ۽ پهريون دفعو جڏهن انهن توکي اڏي جي ٻاهريان پڪڙيو هو انهي مهل انهن توکي ماريو هو. يا انهن توکي ايمو جيان بي سبب ماري ڇڏيو. يا رنالڊيءَ جيان انهن توکي آتشڪ جي مرض ۾ مبتلا ڪيو. پر انت ۾ انهن توکي ماري ئي ڇڏيو. تون انهي تي اعتماد ڪري سگهين ٿو. آسپاس ره ۽ اهي توکي ماري ڇڏيندا. هڪڙي دفعي ڇانوڻيءَ ۾ مون باه جي مٿان هڪڙو بنڊ رکيو هو ۽ اهو ماڪوڙين سان ڀريل هو. جيئن ئي انهي سڙڻ شروع ڪيو، ماڪوڙيون هشامن جي صورت ۾ ٻاهر نڪري آيون ۽ اهي پهريان مرڪز ڏانهن ويئيون جتي مچ ٻري رهيو هو؛ انهي کان پوءِ واپس ورڻ لڳيون ۽ بُنڊ جي پڇاڙيءَ ڏانهن ڀڄڻ لڳيون. جڏهن اهي ان جي پڇاڙِيءَ ۾ سٿجي ويئيون اهي مچ ۾ ڪِرڻ لڳيون. ڪجھ ٻاهر نڪري ويئيون، انهن جو شرير سڙيل ۽ هموار هو، ۽ اهي بنا انهيءَ ڄاڻ جي ته اهي ڪيڏانهن وڃي رهيون هيون هلنديون رهيون. پر انهن مان گهڻي قدر باه ڏانهن ويئيون ۽ انهي کان پوءِ اهي واپس بنڊ جي پڇاڙيءَ ڏانهن ويئيون ۽ انهن پڇاڙيءَ ۾ موجود ٿڌي هنڌ تي سٿ ڪئي ۽ آخرڪار اهي باه ۾ ئي ڪِريون. مون کي ياد آهي انهي مهل مون سوچيو هو ته اهو دنيا جو انت هو ۽ هڪڙي مسيحا بڻجڻ جو ۽ بنڊ کي باه مان ڪڍي ان کي اوڏانهن ڦٽو ڪرڻ جو هڪڙو شاندار موقعو موجود هو جتي اهي زمين تي پير کوڙي سگهن. پر مون ڪجھ به ڪو نه ڪيو مون هڪڙي قلعِي ڪيل پاڻيءَ سان ڀريل پيالي کي بنڊ جي مٿان هاري ڇڏيو هو، ته جيئن وسڪيءَ ۾ پاڻي ملائڻ کان پهريان مان پيالي کي خالي ڪري سگهان. مان ڀايان ٿو ته ٻرندڙ بنڊ تي هاريل پاڻيءَ سان ڀريل پيالي ماڪوڙين ۾ فقط انتشار پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح هاڻي مان هال ۾ ويٺو هوس اهو ٻڌڻ لاءِ ته ڪيٿرائن ڪيئن هئي. نرس ٻاهر ڪو نه آئي، تنهن ڪري ٿوريءَ دير کان پوءِ دروازي ڏانهن ۽ انهي کي ڪافي آرام سان کولي اندر نهاريم. مان پهرين نظر ۾ ڏسي ڪو نه سگهيس ڇاڪاڻ جو اتي هال ۾ هڪڙي چمڪندڙ روشني هئي ۽ اتي ڪمري ۾ اونداه هئي. انهي کان پوءِ مون پلنگ جي ڀرسان نرس کي ويٺل ڏٺو. نرس پنهنجي آڱر کي پنهنجي چپن تي رکي ڇڏيو، انهي کان پوءِ مٿي اٿي بيٺي ۽ دروازي ڏانهن اچڻ لڳي. ”هوءَ ڪيئن آهي؟“ مون پڇيو. ”هوءَ بلڪل ٺيڪ آهي،“ نرس چيو. ”توهانکي واپس وڃڻ گهرجي ۽ پنهنجي رات جي ماني کائو انهي کان پوءِ جيڪڏهن توهان چاهيو ته ڀلي موٽي اچو.“ مان هيٺ هال ڏانهن ويس انهي کان پوءِ ڏاڪڻين کان هيٺ لٿس ۽ اسپتال جي دروازي جي ٻاهريان نڪري آيس ۽ هيٺ تاريڪ ڳليءَ ۾ وسندڙ مينهن ۾ ڪيفي ڏانهن هليو ويس. اهو اندريان چمڪندڙ روشنيءَ سان جڳمڳائي رهيو هو ۽ اتي ميزن تي ڪيترائي ماڻهو ويٺل هئا. مون کي ويهڻ لاءِ ڪا به جاءِ نظر ڪو نه آئي، ۽ هڪڙو بيرو اڳتي مون ڏانهن سري آيو ۽ هن مون کان منهنجو آلو ڪوٽ ۽ ٽوپي ورتي ۽ هن مون کي هڪڙي ميز وٽ هڪڙي بزرگ جي آرپار هڪڙي جاءِ ڏيکاري بزرگ بيئر پي رهيو هو ۽ شام جي اخبار پڙهي رهيو هو. مان هيٺ ويهي رهيس ۽ بيري کان پڇا ڪيم اڄوڪو خاص طعام ڪهڙو هو. ”ڍڳي جو گوشت پر اهو ختم ٿي ويو آهي.“ ”مان ڇا کائي سگهان ٿو؟“ ”سوئر جي ران جو گوشت ۽ انڊا، پنير سان گڏ انڊا، يا کَٽي گوبي.“ ”مون اڄ منجهند ڌاران کٽي گوبي کاڌي هئي،“ مون چيو. ”اهو سچ آهي،“ هن چيو. ”اهو سچ آهي. توهان اڄ منجهند جو کَٽي گوبي کاڌي هئي.“ هو هڪڙو درمياني عمر جو شخص هو جيڪو مٿي جي چوٽيءَ کان گنجو هو ۽ هن جا وار ان گنج جي مٿان چمڪي رهيا هئا. هن جي ٻاجهاري صورت هئي. ”توهان کي ڇا گهرجي؟ سوئر جي ران ۽ انڊا يا انڊن سان گڏ پنير؟“ ”سوئر جي ران ۽ انڊا،“ مون چيو، ”۽ بيئر.“ ”هڪڙو سونهري رنگت وارو آڌيو؟“ ”ها،“ مون چيو. ”مون کي ياد اچي ويو،“ هن چيو. ”توهان اڄوڪي منجهند جو سونهري رنگت وارو هڪڙو آڌيو پيتو هو.“ مون سوئر جي ران ۽ انڊا کاڌا ۽ بيئر پيتو. سوئر جي ران ۽ انڊا هڪڙي گول ٿالهيءَ ۾ پيل هئا سوئر جي ران ان جي هيٺان هئي ۽ انڊا ان جي مٿان هئا. اها ڪافي گرم هئي ۽ پهريون گرنهن وات ۾ وجهڻ سان مون کي پنهنجي وات کي ٺارڻ لاءِ بيئر جو هڪڙو ڍڪ ڀرڻو پيو. مان بکايل هوس ۽ مون بيري کان ٻئي آرڊر جي باري ۾ پڇيو. مون بيئر جا ڪيترائي گلاس پيتا. مان ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ڪجھ به ڪو نه سوچي رهيو هوس پر منهنجي سامهون ويٺل همراه جي اخبار پڙهي رهيو هوس. اها برطانوي محاذ تي پيش رفت جي باري ۾ هئي. جڏهن هن محسوس ڪيو ته مان هن جي اخبار جي پُٺ کي پڙهي رهيو هوس هن ان کي ويڙهي ڇڏيو. مون بيري کي هڪڙي اخبار آڻڻ لاءِ چوڻ جو سوچيو، پر مان پنهنجي سوچ کي يڪجاءِ ڪري ڪو نه سگهيس. اتي ڪيفي ۾ گرمي هئي ۽ هوا خراب هئي. ميزن تي ويٺل ڪيترائي ماڻهو هڪٻئي کان آشنا هئا. اتي تاش جون ڪيتريون ئي رانديون هلي رهيون هيون. بيرا مئخاني کان ميزن تائين شراب پڄائڻ ۾ مصروف هئا. ٻه ماڻهو اندر گهڙي آيا ۽ انهن کي ويهڻ لاءِ ڪا به جاءِ نظر ڪو نه آئي. اهي ميز جي آمهون سامهون بيهي رهيا جتي مان ويٺو هوس. مون هڪڙي ٻئي بيئر جو حڪم ڏنو. مان اڃا تائين اتان اٿڻ لاءِ تيار ڪو نه هوس. اسپتال ڏانهن موٽي وڃڻ اڃا سوير ڀرو هو. مون ڪجھ به نه سوچڻ ۽ مڪمل طور تي خاموش رهڻ جي ڪوشش ڪئي. ماڻهو چوگرد بيٺا رهيا پر ڪو به اٿڻ لاءِ تيار ڪو نه هو، انهي ڪري اهي ٻاهر هليا ويا. مون هڪڙي ٻي بيئر پيتي. هاڻي اتي منهنجي اڳيان ميز تي طشترين جو انبار پيل هو. منهنجي آمهون سامهون ويٺل همراه پنهنجون عينڪون لاهي ڇڏيون، انهن کي هڪڙي دٻيءَ ۾ وجهي ڇڏيائين، پنهنجي اخبار کي ويڙهي ڇڏيائين ۽ ان کي پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين ۽ هاڻي پنهنجي مشروب واري گلاس کي پڪڙي ويهي رهيو ۽ ٻاهر ڪمري ڏانهن نهاري رهيو هو. مان هلندڙ بارش ۾ اڳتي اسپتال ڏانهن هلڻ لڳس. ڏاڪڻين کان مٿي مان هال کان هيٺ ايندڙ نرس سان مليس. ”مون هاڻي هاڻي توهان لاءِ هوٽل ڏانهن فون ڪئي،“ منهنجي اندر مان ڪا شيءِ ڪِري پيئي. ”ڇا ٿيو آهي؟“ ”مسز هينريءَ کي خون جو جريان هو.“ ”ڇا مان اندر وڃي سگهان ٿو؟“ ”نه، اڃا نه. ڊاڪٽر هن سان گڏ آهي.“ ”ڇا اهو خطرناڪ آهي؟“ ”ڇا اهو تمام گهڻو خطرناڪ آهي؟“ نرس اندر ڪمري ۾ گهڙي ويئي ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيائين. مان ٻاهر هال ۾ ويهي رهيس. منهنجي اندر مان هر شيءِ هلي ويئي. مون سوچيو ئي نه هو. مان سوچي ئي نه پئي سگهيس. مون ڄاتو پئي ته هوءَ مرڻ واري آهي ۽ مون دعا ڪئي ته هوءَ سلامت رهي. هن کي مرڻ نه ڏجانءِ. او، خدا، مهرباني ڪري هن کي مرڻ نه ڏجانءِ، پيارا خدا، هن کي مرڻ نه ڏجانءِ. پيارا خدا، هن کي مرڻ نه ڏجانءِ مهرباني ڪري، مهرباني ڪري، مهرباني ڪري هن کي مرڻ نه ڏجانءِ. خدايا، هن کي مرڻ کان بچائج. تو ٻار کي ورتو پر هن کي نه مارجانءِ. انهي جو خير آهي پر هن کي نه مارجانءِ. مهرباني ڪري، مهرباني ڪري، پيارا خدا، هن کي مرڻ نه ڏجانءِ. نرس دروازو کوليو ۽ پنهنجي آڱرين سان مون کي اچڻ جو اشارو ڪيو. مان هن جي پٺيان ڪمري ڏانهن ويس. جڏهن مان اندر گهڙيس ڪيٿرائن مٿي نه پئي نهاريو. مان پلنگ جي ڀرسان مٿان کان ٿي بيٺس. ڊاڪٽر آمهون سامهون پلنگ جي پاسي کان بيٺو هو. ڪيٿرائن مون ڏانهن ڏٺو ۽ مسڪرايائين. مان پلنگ جي مٿان جهڪي ويس ۽ روئڻ لڳس. ”غريب، دلبر،“ ڪيٿرائن ڪافي نرميءَ وچان چيو. هوءَ بي رنگ نظر اچي رهي هئي. ”تون بلڪل ٺيڪ آهين، ڪيٽ،“ مون چيو. ”تون بلڪل ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“ ”مان مري رهي آهيان،“ هن چيو؛ انهي کان پوءِ ٿورو رڪجي ويئي ۽ چيائين، ”مان ان کان نفرت ڪيان ٿي.“ مون هن جي هٿ کان پڪڙيو. ”مون کي هٿ نه لاءِ،“ هن چيو. مون هن جي هٿ کي ڇڏي ڏنو. هن مسڪرايو. ”غريب، دلبر. جيترو به مون کي ڇهڻ چاهين ٿو تون ڇھ.“ ”ڪيٽ، تون بلڪل ٺيڪ ٿي ويندينءَ. مان ڄاڻان ٿو تون بلڪل ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“ ”جيڪڏهن ڪجھ به ٿي پوي مون تو ڏانهن هڪڙو خط لکڻ چاهيو هو، پر مان ايئين ڪري ڪو نه سگهيس.“ ”ڇا تون چاهين ٿي ته مان ڪنهن پادريءَ يا ڪنهن کي به تنهنجي ڏسڻ لاءِ گهرائي وٺان؟“ ”صرف تون،“ هن چيو. انهي کان ٿوريءَ دير بعد، ”مان نه ٿي ڊڄان. مان صرف ان کان نفرت ٿي ڪيان.“ ”توهان کي ايترو ڳالهائڻ نه گهرجي،“ ڊاڪٽر چيو. ”ٺيڪ آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”ڪيٽ، ڇا تون چاهين ٿي ته مان تنهنجي لاءِ ڪجھ ڪيان؟ ڇا مان تنهنجي لاءِ ڪجھ به آڻيان؟“ ڪيٿرائن مسڪرائي ڏنو. ”نه.“ پوءِ ٿوريءَ دير بعد، ”تون ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان اسان جون شيون ڪو نه ڪندين، يا ساڳيون ئي شيون نه چوندين، ها نه؟“ ”ڪڏهن به نه.“ ”البت، مان چاهيان ٿي ته تون ڇوڪرين سان هُج.“ ”مون کي اهي نه گهرجن.“ ”توهان تمام گهڻو ڳالهائي رهيا آهيو،“ ڊاڪٽر چيو. ”مسٽر هينريءَ کي لازماَ ٻاهر وڃڻ گهرجي. هو ٻيهر واپس اچي سگهي ٿو. توهان نه مري رهيا آهيو. توهان کي احمق نه ٿيڻ گهرجي.“ ”ٺيڪ آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”مان واپس وري اينديس ۽ توسان گڏجي راتيون گهارينديس،“ هن چيو. اهو چوڻ هن جي لاءِ تمام گهڻو مشڪل هو. ”مهرباني ڪري ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃو،“ ڊاڪٽر چيو. ”توهان ڳالهائي نه ٿا سگهو.“ ڪيٿرائن مون کي اکِ هنئي، هن جو چهرو بي رنگ هو. ”مان ٻاهر ٿي ويندس،“ مون چيو. ”دلبر، گهٻراءِ نه،“ ڪيٿرائن چيو. ”مون کي رتيءَ برابر به خوف ڪونهي. اها فقط هڪڙي گندي چال آهي.“ ”تون پياري، بهادر مٺڙي.“ مان ٻاهر هال ۾ انتظار ڪرڻ لڳس. مون هڪڙي ڊگهي وقت تائين انتظار ڪيو. نرس دروازي ڏانهن آئي ۽ مون ڏانهن سري آئي. ”مون کي افسوس آهي ته مسز هينري تمام گهڻي بيمار آهي،“ هن چيو. ”مون کي هن لاءِ افسوس آهي.“ ”ڇا هوءَ مري ويئي؟“ ”نه، پر هوءَ بيهوش آهي.“ ايئين لڳي ٿو ڄڻ هن کي هڪڙي پٺيان ٻيو خون جو جريان اچي رهيو هجي. اهي ان کي روڪي ڪو نه سگهيا. مان ڪمري ڏانهن ويس ۽ اتي تيستائين بيٺو رهيس جيستائين هوءَ فوت نه ٿي ويئي. هوءَ سارو وقت بيهوش هئي، ۽ هن کي مري وڃڻ ۾ گهڻو وقت ڪو نه لڳو. ڪمري کان ٻاهر، هال ۾، مون ڊاڪٽر سان ڳالهايو، ”ڪا اهڙي شيءِ جيڪا مان اڄوڪي رات ڪري سگهان؟“ ”نه. ڪرڻ لاءِ ڪجھ به ڪونهي. ڇا مان توهان کي توهان جي هوٽل تائين ڇڏي اچان؟“ ”نه، توهان جي مهرباني. مان ٿوريءَ دير لاءِ هتي ترسڻ گهران ٿو.“ ”مان ڄاڻان ٿو ته اتي چوڻ لاءِ ڪجھ به ڪونهي. مان توهان کي ٻڌائي نه ٿو سگهان.“ ”نه،“ مون چيو. ”چوڻ لاءِ ڪجھ به ڪونهي.“ ”شب خير،“ هن چيو. ”مان توهان کي توهان جي هوٽل تائين ڇڏي نه ٿو سگهان.“ ”نه، توهان جي مهرباني.“ ”فقط اها ئي شيءِ ڪرڻ لاءِ باقي هئي،“ هن چيو ”آپريشن مان ثابت ٿيو ته ــــــ“ ”مان انهي جي باري ۾ ڳالهائڻ نه ٿو چاهيان،“ مون چيو. ”مان توهان کي توهان جي هوٽل تائين وٺي وڃڻ کي پسند ڪندس.“ ”نه، توهان جي مهرباني.“ هو هيٺ هال ڏانهن هليو ويو. ”هاڻي توهان اندر اچي نه ٿا سگهو،“ هڪڙي نرس چيو. ”ها مان اچي سگهان ٿو،“ مون چيو. ”توهان انهي جي باوجود به نه ٿا اچي سگهو.“ ”تون نڪري وڃ،“ مون چيو. ”ٻي پڻ.“ پر جڏهن مون هنن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيم ۽ بتيون وسائي ڇڏيم اهو ڪنهن به فائدي جو ڪو نه هو. اهو ڪنهن مورت کي الوداع ڪرڻ جيان لڳي رهيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ مون اسپتال کي ڇڏي ڏنو ۽ هلندڙ مينهن ۾ هوٽل ڏانهن واپس موٽي ويس.

*** ***