23
مان هيٺ ڪنڊ ڏانهن هليو ويس جتي هڪڙو مئخانو هو ۽ اتي اندريان ويهي ڪري دريءَ جي ٻاهريان نهاريندي انتطار ڪرڻ لڳس. ٻاهر اونداه ڇانيل هئي ۽ ٿڌ ۽ ڌنڌ هو. مون پنهنجي ڪافي ۽ گريپا جي ادائگي ڪئي ۽ دريءَ کان روشنيءَ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ کي ڏٺو. مون ڪيٿرائن کي کڙڪيءَ وٽان ٺڪ ٺڪ ڪندي ڏٺو. هن نهاريو، مونکي ڏٺائين ۽ مسڪرايائين، ۽ مان هن سان ملڻ لاءِ ٻاهر ويس. هن هڪڙي گهري نيري رنگ جو بغير آستين وارو هڪڙو ڪوٽ پهري رکيو هو ۽ هڪڙو نرم محسوس ٿيندڙ ٽوپلو. اسان ٻئي گڏجي هلڻ لڳاسين، فٽ پاٿ تي هلندي مئخاني وٽان گذرياسين، تنهن کان پوءِ بازار جي مربع جي آرپار ۽ مٿي گهٽيءَ ڏانهن ۽ ڏيوڍي کان گرجا گهر واري مربع تائين. اتي بجليءَ تي هلڻ واري گاڏيءَ جون پٽڙيون هيون ۽ انهن جي پٺيان گرجا گهر هو. اهو ڪوهيڙي جي ڪري اڇو ۽ گهميل هو. اسان ٽرام واري پٽڙيءَ وٽان گذرياسين. اسان جي کاٻي پاسي کان دوڪان هئا، انهن جون دريون روشن هيون، ۽ گيليريا جو داخلي دروازو. مربع ۾ ڌنڌ هو ۽ اسان گرجا گهر جي اڳيان صفا نزديڪ آياسين اهو ڪافي وڏو هو ۽ ان جا پٿر گهميل هئا. ”ڇا تون اندر هلڻ پسند ڪندينءَ؟“ ”نه،“ ڪيٿرائن چيو. اسان اڳتي هلندا رهياسين اتي اسان کي ٿورڙو پرڀرو پٿر جي سهاري واري پاڇولي جي هيٺان هڪڙو سپاهي پنهنجي يارڙي سان گڏ بيٺل نظر آيو ۽ اسان انهن وٽان گذرياسين. اهي پٿر کي زور سان ٽيڪ ڏيو بيٺا هئا ۽ هن پنهنجو بغير آستين وارو ڪوٽ هن جي چوگرد ڏئي ڇڏيو هو. ”اهي اسان جهڙا آهن،“ مون چيو. ”ڪو به اسان جهڙو ناهي،“ ڪيٿرائن چيو. هن اهو خوشيءَ وچان ڪو نه چيو. ”مان چاهيان ٿو ڪاش انهن کي ڪو ٺڪاڻو ملي وڃي.“ ”انهي سان انهن کي ڪهڙو فائدو پوندو.“ ”مان نه ٿو ڄاڻان. هر ماڻهوءَ کي ڪاڏي نه ڪاڏي وڃڻ جي لاءِ ڪو نه ڪو هنڌ هئڻ گهرجي.“ ”انهن وٽ گرجا گهر آهي،“ ڪيٿرائن چيو. هاڻي اسان اتان گذري چڪا هئاسين. اسان مربع جي آخري حد وٽان گذر ڪيوسين ۽ لئوڻو ڦيرائي گرجا گهر ڏانهن نهاريوسين. اهو ڌنڌ ۾ ڪافي عمدو هو. اسان چمڙي جي شين واري دوڪان جي اڳيان بيٺا هئاسين. اتي گهوڙي سواري ڪرڻ وارا جوتا پيا هئا، کڙڪيءَ ۾ هڪڙو ڪپڙن وارو ٿيلهو ۽ برف تي ترڪڻ جي لاءِ پتريءَ نما جوتا پيا هئا. هر وکر جدا طور تي هڪڙي نمائش جيان رکيل هو؛ ڪپڙن وارو ٿيلهو مرڪز ۾، گهوڙي سواري ڪرڻ وارا جوتا ٻئي پاسي ۽ برف تي ترڪڻ جي لاءِ پتري نما جوتا ٻئي پاسي. چمڙو لسو ۽ تيلدار هو هڪڙي ڪتب آندل پاکڙي جيان. اڻ چٽي تيلدار چمڙي تي بجليءَ جي روشنيءَ کي تيز ڪيو ويو هو. ”اسان ڪجھ وقت جي لاءِ برف تي ترڪنداسين.“ ”ٻن مهينن جي اندر مفلرين وٽ برفاني ڊوڙ شروع ٿي ويندي،“ ڪيٿرائن چيو. ”اچ ته اوڏانهن هلون.“ ”ٺيڪ آهي،“ هن چيو. اسان ٻين کڙڪين کي اڳتي وڌندي ڏسندا وياسين ۽ هڪڙي پاسي واري گهٽيءَ کان مڙياسين. ”مان ڪڏهن به هن رستي سان نه آئي آهيان.“ ”هي اهو رستو آهي جتان مان اسپتال ڏانهن ويندو آهيان،“ مون چيو. اها سوڙهي گهٽي هئي ۽ اسان ساڄي پاسي کان هلندا رهياسين. اتي ڪيترائي ماڻهو ڪوهيڙي مان گذري رهيا هئا. اتي دوڪان هئا ۽ سموريون کڙڪيون روشن هيون. اسان هڪڙي دريءَ ۾ نهاريوسين جتي پنيرن جو هڪڙو کوڙو پيو هو. مان هڪڙي هٿيار ساز جي دوڪان جي اڳيان بيهي رهيس. ”هڪڙي منٽ جي لاءِ اچ. مونکي هڪڙي بندوق خريد ڪرڻي آهي.“ ”ڪهڙي قسم جي بندوق؟“ ”هڪڙو پستول.“ مان اندر ويس مون پنهنجي بيلٽ جو بٽڻ کوليو ۽ ان کي پستول رکڻ واري چمڙي جي خالي ٿيلِهيءَ سميت دخل تي رکيو. ٻه عورتون دخل جي پويان بيٺيون هيون. عورتون ڪيترائي پستول کڻي آيون. ”هي ان ۾ پورو اچي سگهي ٿو،“ مون پستول رکڻ واري خالي ٿيلِهيءَ کي کولنيدي چيو. اها ڀوري چمڙي واري ٿيلهي هئي ۽ مون اها شهر ۾ پهري هلڻ لاءِ استعمال شده خريد ڪئي هئي. “ڇا انهن وٽ سٺا پستول آهن؟“ ڪيٿرائن پڇيو. ”اهي سڀ لڳ ڀڳ هڪجهڙا آهن. ڇا مان هن کي آزمائي سگهان ٿو؟“ مون عورت کان پڇيو. ”هاڻي گولي هلائڻ جي لاءِ مون وٽ ڪا جاءِ ڪونهي،“ هن چيو. ”پر اهو ڪافي سٺو آهي. تون ان سان ڪا غلطي ڪري نه ٿو سگهين.“ مون ان کي هٿ ۾ پڪڙي ان جي گهوڙي کي ڇڪ ڏني. ان جو اسپرنگ ڪافي مضبوط هو پر انهي همواري سان ڪم پئي ڪيو. مون ان تي نظر ڌري ۽ ان کي وري ٻيهر هٿ ۾ پڪڙيو. ”اهو استعمال ٿيل آهي،“ عورت چيو. ”اهو هڪڙي آفيسر جو آهي جيڪو زبردست نشاني باز هو.“ ”ڇا توهان اهو هن کي وڪرو ڪيو هو؟“ ”ها.“ ”توهان اهو واپس ڪيئن ورتو؟“ ”هن جي پٽيوالي کان.“ ”ٿي سگهي توهان منهنجو به وٺو،“ مون چيو. ”اهو ڪيتري جو آهي؟“ ”پنجاه لايرن جو. اهو ڪافي سستو آهي.“ ”ٺيڪ آهي. مونکي ٻه واڌو ڪلپون گهرجن ۽ ڪارتوسن جو هڪڙو دٻو.“ ”ڇا توهانکي هڪڙي تلوار جي گهرج آهي؟“ هن چيو. ”مون وٽ ڪجھ استعمال شده ڪافي سستيون تلوارون آهن. ”مان محاذ ڏانهن وڃي رهيو آهيان،“ مون چيو. ”او ها، ته پوءِ توهانکي تلوار جي ڪا گهرج ناهي،“ هن چيو. مون ڪارتوسن ۽ پستول جي ادائگي ڪئي، ميگزين کي ڀري ڪري ان کي هڪ جاءِ تي رکيم، پستول کي پنهنجي خالي ٿيلِهي ۾ وجهي ڇڏيم، واڌو ڪلپن کي ڪارتوسن سان ڀري ڇڏيم ۽ انهن کي ٿيلهيءَ جي مٿان چمڙي جي کانچن ۾ وجهي ڇڏيم ۽ پوءِ پنهنجي بيلٽ جي مٿان ويڙهي ڇڏيم. پستول بيلٽ تي ڳرو محسوس ٿي رهيو هو. اڃا به، مون سوچيو، هڪڙي ضابطي واري پستول جو هئڻ پڻ بهتر رهندو. ڇاڪاڻ جو اڪثر گولا لڳندا رهندا هئا. ”هاڻي اسان مڪمل طور تي هٿيار بند آهيون،“ مون چيو. ”اها هڪڙي اهڙي شيءِ هئي جنهن کي اڪلائڻ جي لاءِ ياد رکيو آيس پئي. ڪنهن منهنجو ٻيو (پستول) اسپتال ڏانهن ويندي ورتو هو. ”مان اميد ٿي ڪريان ته اهو سٺو پستول آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”ڇا اڃا ٻيو ڪجھ گهرجي؟“ عورت پڇيو. “مان نه ٿو سمجهان.“ .پستول ۾ ڳلي سان لڙڪائڻ جي لاءِ هڪڙي ڏوري آهي،“ هن چيو. ”اهو مون به ڌيان ۾ آندو آهي.“ عورت ٻيو ڪجھ به وڪرو ڪرڻ پئي چاهيو. ”ڇا توهان کي هڪڙي سيٽي نه گهرجي؟“ ”مان نه ٿو سمجهان.“ عورت اسان کي الوادع چيو ۽ اسان ٻاهر فٽ پاٿ ڏانهن هليا وياسين. ڪيٿرائين کڙڪيءَ ۾ نهاريو. عورت ٻاهر ڏسندي اسان جي لاءِ ڪنڌ نمايو. ”اهي ننڍڙا آئينا ڪاٺ ۾ ڇا لاءِ رکيا ويا آهن؟“ ”اهي پکين کي دلبو ڏيڻ جي لاءِ رکيا ويا آهن. اهي ٻاهر کليل کيتن ۾ انهن کي گولائيءَ ۾ ڦيرائيندا آهن ۽ ٻاٻيها انهن کي ڏسي ٻاهر ايندا آهن ۽ اطالوي انهن کي ماريندا آهن.“ ”اهي چالاڪ ماڻهو آهن،“ ڪيٿرائن چيو. ”پيارا، تون ته ٻاٻيهن کي آمريڪا ۾ نه ماريندو آهين نه؟“ ”خاص طور تي نه.“ اسان گهٽيءَ مان پار پياسين ۽ اڳتي ٻئي پاسي ڏانهن هلڻ لڳاسين. ”هاڻي مان سٺو پئي محسوس ڪيان،“ ڪيٿرائن چيو. ” جڏهن اسان شروع ڪيو هوسين تنهن مهل مونکي ڀيانڪ لڳي رهيو هو.“ ”اسان جڏهن به گڏ هوندا آهيون اڪثر سٺو محسوس ڪندا آهيون.“ ”اسان هميشه گڏ هونداسين.“ ”ها، سواءِ ان جي جو مان آڌيءَ رات جو توکان وڇڙي رهيو آهيان.“ ”پيارا، انهي بابت نه سوچ.“ اسان اڳتي گهٽيءَ ۾ هلندا رهياسين. ڪوهيڙي روشنيءَ کي پيلو ڪري ڇڏيو هو. ”ڇا تون ٿڪجي نه پيو آهين؟“ ڪيٿرائن چيو. ”تنهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ ”مان بلڪل به ٺيڪ آهيان. هلڻ ۾ مزو ٿو اچي.“ ”پر اچ ته ان کي ايترو طويل نه بڻايون.“ ”نه.“ اسان هڪڙي پاسي واري گهٽي وٽان مڙياسين جتي ڪا به روشني ڪا نه هئي ۽ گهٽيءَ ۾ گهمڻ لڳاسين. مان اتي بيهي رهيس ۽ ڪيٿرائن کي چمي پاتم. جڏهن مان هن کي چمي پائي رهيو هوس تڏهن مون هن جي هٿ کي پنهنجي ڪلهي تي محسوس ڪيو. هن منهنجي بنا ٻانهن واري ڪوٽ کي پنهنجي چوگرد اهڙي نموني ڇڪي ورتو جو ان سان اسان ٻئي ڍڪجي وياسين. اسان گهٽيءَ ۾ هڪڙي اوچي ديوار کي ٽيڪ ڏيو بيٺا هئاسين. ”اچ ته ڪنهن هنڌ ڏانهن هلون،“ مون چيو. ”چڱو،“ ڪيٿرائن چيو. اسان گهٽيءَ وٽان تيستائين هلندا رهياسين جيستائين اها هڪڙي ڪشادي گهٽيءَ ڏانهن نيئي ويئي جيڪا هڪڙي واه جي ڪناري سان هئي. ان جي ٻئي پاسي کان هڪڙي سرن جي ديوار هئي ۽ اتي عمارتون کڙو ڪيل هيون. اڳتي، گهٽيءَ جي هيٺان، مون هڪڙي پل تان بجليءَ تي هلندڙ گاڏيءَ کي گذرندي ڏٺو. ”اسان پل وٽان ڪرائي جي هڪڙي گاڏي هٿ ڪري سگهون ٿا،“ مون چيو. اسان پل تي ڪوهيڙي ۾ هڪڙي گاڏيءَ جي انتظار ۾ بيهي رهياسين. ڪيتريون ئي برقي گاڏيون گذري ويون، جيڪي گهرن ڏانهن واپس ورندڙ ماڻهن سان سٿيل هيون. تهان پوءِ هڪڙي ڪرائي واري گاڏي آئي پر ان ۾ اندر ڪو سوار هو. ڪوهِيڙو مينهن ۾ بدلجي رهيو هو. ”اسان گهمي سگهون ٿا يا هڪڙي ٽرام پڪڙي سگهون ٿا،“ ڪيٿرائين چيو. ”هڪڙي اڳيان واري پاسي کان هوندي،“ مون چيو. ”اهي هتان کان گذري رهيون آهن.“ ”هڪڙي هيڏانهن اچي رهي آهي،“ هن چيو. ڊرائيور پنهنجو گهوڙو روڪيو ۽ هن پنهنجي پئماشي اوزار واري نشان کي هيٺ ڪيو. ٽانگي جو مٿيون حصو ڪافي مٿي هو ۽ ڊرائيور جي ڪوٽ تي پاڻيءَ جا قطرا هئا. گهم ۾ هن جو روغن ڪيل ٽوپلو چمڪي رهيو هو. اسان سيٽ تي گڏجي ويٺاسين ۽ ٽانگي جي مٿان واري جنگهلي ان کي اونداهو بڻائي ڇڏيو. ”تو هن کي ڪيڏانهن هلڻ جو چيو؟“ ”اسٽيشن ڏانهن. اسٽيشن جي آرپار هڪڙو هوٽل آهي جتي اسان هلي سگهون ٿا.“ ”اسان اوڏانهن اهڙي جا اهڙا هلي سگهون ٿا؟“ ”بنا سامان جي؟“ ”ها،“ مون چيو. اهو اسٽيشن تائين گهٽين جي مٿان وسندڙ مينهن ۾ هڪڙو ڊگهو سفر هو. ”ڇا اسان رات جي ماني نه کائينداسين؟“ ڪيٿرائن پڇيو. ”مونکي افسوس آهي ته مان بکايل هونديس.“ ”اسان ان کي پنهنجي ڪمري ۾ کائينداسين.“ ”مونکي اوڙهڻ لاءِ ڪجھ به ڪونهي. مونکي رات وارو گائُون به ڪونهي.“ ”اسان هڪڙو وٺنداسين،“ مون چيو ۽ ڊرائيور کي سڏ ڪيو. ”وِيا مينزونيِ ۽ ان کان اڳتي هل.“ هن ڪنڌ لوڏيو ۽ ٻي ڪنڊ کان کاٻي پاسي ڏانهن مڙيو. هڪڙي وڏي گهٽيءَ وٽ ڪيٿرائن ڪنهن هڪڙي دوڪان لاءِ واجهايو. ”هتي هڪڙو هنڌ آهي،“ هن چيو. مون ڊرائيور کي روڪيو ۽ ڪيٿرائن ٻاهر نڪتي، فٽ پاٿ جي ڀرسان گهمندي اندر گهڙي ويئي. مان واپس گاڏيءَ ۾ ويٺو رهيس ۽ هن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. برسات وسي رهي هئي ۽ مان گهميل گهٽين جي مهڪ کي سنگهي پئي سگهيس ۽ گهوڙي جي وات مان وسندڙ مينهن ۾ ٻاڦ نڪري رهي هئي. هوءَ هڪڙي بنڊل سان ٻاهر نڪري آئي ۽ اندر گهڙي ويٺي ۽ اسان سواري ڪرڻ لڳاسين. ”پيارا، اهو ڪافي مهانگو هو،“ هن چيو، ”پر اهو رات جي لاءِ هڪڙو سٺو چوغو آهي.“ هوٽل وٽ مون ڪيٿرائن کي ٽانگي گاڏيءَ ۾ ويهي انتظار ڪرڻ جو چيو ۽ مون اندر گهڙي وڃي مينيجر سان ڳالهايو. اتي کوڙ ساترا ڪمرا خالي پيا هئا. ان کان پوءِ مان ٻاهر ٽانگي گاڏيءَ ڏانهن هليو ويس، ڊرائيور کي پيسا ڏنم، ۽ ڪيٿرائن ۽ اسان اندر گهڙي وياسين. بٽڻن واري ننڍڙي ڇوڪري بنڊل کنيو. مينيجر لفٽ وٽان اسان جي اڳيان تعظيم وچان ڪنڌ نمايو. اتي ڪافي ڪپھ وارا ڪپڙا ۽ پتل هو. مينيجر اسان سان گڏ مٿي لفٽ ۾ هليو. ”جناب ۽ ميڊم پنهنجي ڪمري ۾ رات جي ماني کائڻ جا خواهشمند آهن.؟“ ”ها. ڇا توهان طعام نامو مٿي کڻي ايندا؟“ مون چيو. ”ڇا توهان رات جي مانيءَ لاءِ ڪا خاص شيءِ کائڻ چاهيندئو. ڪا راند يا ڪو مٺو ۽ چٽ پٽي طعام وغيره؟“ لفٽ هر واري هڪڙي ٽڪ ٽڪ سان ٽي منزلون پار ڪري ويئي ۽ پوءِ بيهي رهي. ”توهان وٽ ڪنهن راند طور ڇا دستياب آهي؟“ ”مان هڪڙو چڪور يا هڪڙو هُد هُد دستياب ڪري سگهان ٿو.“ ”هڪڙو هُد هُد،“ مون چيو. اسان گذرگاه کان هيٺ هلڻ لڳاسين. ڪارپيٽ خسته حال هو. اتي ڪيترائي دروازا هئا. مينيجر رڪجي ويو ۽ هڪڙي دروازي کي چاٻيءَ سان کولي ڇڏيائين.“ ”هي توهان جو ڪمرو آهي. هڪڙو پيارو ڪمرو.“ بٽڻن واري ننڍڙي ڇوڪري بنڊل ڪمري جي مرڪز ۾ ميز تي رکي ڇڏيو. مينيجر پردا کولي ڇڏيا. ”ٻاهر ڪوهيڙو آهي،“ هن چيو. ڪمرو ڳاڙه سُري ڪپھ واري ڪپڙي سان آراسته هو. اتي ڪيتريون ئي آرسيون هيون، ٻه ڪرسيون ۽ هڪڙو وڏو پلنگ هو جيڪو اطلس سان ملندڙ جلندڙ چادرن سان ڍڪيل هو. هڪڙو دروازو غسل خاني ڏانهن وڃي رهيو هو. ”مان طعام نامو ڏياري موڪليان ٿو،“ مينيجر چيو. هو تعظيم مان جهڪيو ۽ ٻاهر هليو ويو. مان دريءَ ڏانهن سري ويس ۽ ٻاهر جهاتي پائي نهاريم، ۽ پوءِ هڪڙي ڏوريءَ کي سٽ ڏنم جنهن سان ٿلها ڪپھ وارا پردا بند ٿي ويا. ڪيٿرائن پلنگ تي ويٺي هئي، هوءَ شيشي جي ڏراٽيل فانوسن ڏانهن ڏسي رهي هئي. هن پنهنجو ٽوپلو لاهي ڇڏيو هو ۽ هن جا وار روشنيءَ جي هيٺان چمڪي رهيا هئا. هن هڪڙي آرسيءَ ۾ پاڻ کي ڏٺو ۽ پنهنجا هٿ پنهنجي وارن تي ڦيرائڻ لڳي. هوءَ خوش نظر نه پئي آئي. هن بنا ٻانهن واري ڪوٽ کي پلنگ تي اڇلائي ڇڏيو. ”جانِ من، ڇا ڳالھ آهي؟“ ”مون هن کان پهريان ڪڏهن پاڻ کي هڪڙي رنڊي محسوس نه ڪيو آهي،“ هن چيو. مان مٿي کڙڪيءَ ڏانهن ويس ۽ پردي کي هٽائي ٻاهر نهاريم. ”مون نه سمجهيو هو ته اهو ايئين هوندو.“ ”تون ڪا رنڊي نه آهين.“ ”مان ان کي ڄاڻان ٿي، دلبر؟ پر ڇا ڪنهن هڪ جيان اهڙو محسوس ڪرڻ سٺو ناهي.“ هن جو آواز خشڪ ۽ هموار هو. ”هي ڪنهن به هوٽل کان بهترين هوٽل آهي،“ مون چيو. مون ٻاهر کڙڪيءَ کان نهاريو. مربع جي آرپار اسٽيشن جون روشنيون هيون. اتي گهٽين ۾ گاڏين جي اچ وڃ هئي ۽ مون پارڪ جي وڻن ڏانهن نهاريو. هوٽل مان نڪرندڙ روشنيون گهميل فٽ پاٿن تي چمڪي رهيون هيون. ”او دوزخ، مون سوچيو، ڇا هاڻي اسان کي مٿي ماري ڪرڻي پوندي؟“ ”مهرباني ڪري هيڏانهنس سُري اچ،“ ڪيٿرائن چيو. هن جي آواز جي سموري همواري موڪلائي چڪي هئي. ”هيڏانهن سُري اچ، مان وري سٺي ڇوڪري ٿي ويئي آهيان.“ مون پلنگ جي مٿان نهاريو. هوءَ مسڪرائي رهي هئي. .تون منهنجي سٺي معشوقه آهين.“ ”مان يقيناَ تنهنجي آهيان،“ هن چيو. جڏهن اسان کائي بس ڪئي سين تڏهن اسان ڪافي سٺو محسوس ڪيوسين، ۽ ان کان پوءِ، اسان ڪافي سرهائي محسوس ڪئي سين ۽ ڪمرو اسان کي پنهنجي گهر جيان محسوس ٿيڻ لڳو. اسپتال ۾ منهنجو ڪمرو اسان جو پنهنجو گهر هوندو هو ۽ ساڳي ئي نموني سان هي ڪمرو پڻ اسان جو پنهنجو گهر هو.
جڏهن اسان ماني کائي رهيا هئاسين تنهن وقت ڪيٿرائن پنهنجي ڪلهي جي مٿان منهنجو ڪڙتو اوڙهي رکيو هو. اسان کي ڪافي بک لڳي هئي ۽ ماني مزيدار هئي ۽ اسان ڪيپرِيءَ جي هڪڙي بوتل پيتي سين ۽ هڪڙي بوتل سينٽ ايسٽيف جي. مون ان جو گهڻو مقدار پيتو پر ڪيٿرائن گهٽ پيتو ۽ ان سان هن شاندار محسوس پئي ڪيو. رات جي مانيءَ جي لاءِ اسان وٽ هڪڙو هُد هُد (پکي) ڦونڊيل پٽاٽن سان گڏ ۽ پُري دي ميرون (purée de marron)، هڪڙو سلاد ۽ مٺي ۾ زيبي اون ( zabaione: (اطالوي) بيضن جو مشروب) هو. ”اهو ڪافي سٺو ڪمرو آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”اهو سٺو ڪمرو آهي. جيستائين اسان ملان ۾ هئاسين تيستائين اسان کي هتي ترسڻ گهرجي ها.“ ”اهو ڪافي کل جهڙو ڪمرو آهي. پر اهو سٺو آهي. ”بيهودگي حيرت انگيز شيءِ آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”جيڪي ماڻهو ان ۾ گهڙي پوندا آهن انهن کي ان مان سٺي لذت لڳندي محسوس ٿيندي آهي. ڳاڙهسُري ڪپھ سچ پچ سٺي آهي. فقط اها ئي ڪا شيءِ آهي. ۽ آرسيون ڪافي من موهيندڙ آهن. ”تون هڪڙي تمام پياري ڇوڪري آهين.“ ”مان نه ٿو ڄاڻان هن قسم جو ڪمرو صبح ويلي جاڳڻ مهل ڪهڙو هوندو. پر اهو سچ پچ شاندار آهي.“ مون سينٽ ايسٽيف جو هڪڙو ٻيو گلاس اوتيو. ”مان چاهيان ٿي ڪاش اسان واقعي ۾ ڪا فاسقاڻي شيءِ ڪري سگهون،“ ڪيٿرائن چيو. ”هر شيءِ جيڪا اسان ڪيون ٿا اها ڪافي معصوم ۽ سادي لڳي ٿي. مان نه ٿي سمجهان ته اسان ڪجھ به غلط ڪيو آهي.“ ”تون هڪڙي عظيم ڇوڪري آهين.“ مان صرف بک محسوس ڪري رهي آهيان. مون کي ڳڻتي جوڳي حد تائين بک ورايو آهي.“ ”تون هڪڙي سادي سودي سٺي ڇوڪري آهين،“ مون چيو. ”مان هڪڙي سادي سودي ڇوڪري آهيان. اهو توکان سواءِ ٻيو ڪو به ڪڏهن سمجهي ڪو نه سگهيو.“ ”جڏهن مان توسان پهريان پهريان مليو هوس هڪڙي دفعي مون هڪڙي منجهند اهو سوچڻ ۾ گهاري ڇڏي هئي ته اسان هوٽل ڪيوور ۾ گڏ ڪيئن هلي سگهنداسين ۽ اهو ڪيئن ڀاسندو.“ ”اهو تنهنجي پاران ڪافي بدتميزي وارو هو. هي ڪيوور ناهي ها نه؟“ ”نه. اهي اسانکي اوڏانهن نيئي نه پئي سگهيا.“ ”اهي اسان کي ڪنهن وقت ۾ اوڏانهن نيئي ويندا. پر اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان مختلف آهيون، جاني. مون ڪڏهن به ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ نه ويچاريو هو.“ ”ڇا تو ڪڏهن ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ويچاريو هو؟“ ”ٿورو گهڻو،“ هن چيو. ”او، تون هڪڙي پياري ڇوڪري آهين.“ مون شراب جو هڪڙو ٻيو گلاس اوتيو. ”مان هڪڙي ڪافي سادي ڇوڪري آهيان،“ ڪيٿرائن چيو. ”مون پهريان ايئين نه سمجهيو هو. مون سمجهيو هو ته تون هڪڙي پاڳل ڇوڪري آهين.“ ”مان ٿوري پڳلي هوندي هيس. پر مان ڪنهن پيچيده نموني سان پڳلي ڪو نه هيس. جاني، مان توکي منجهائي نه رهي آهيان، ها نه؟“ ”شراب هڪڙي اعليٰ شيءِ آهي،“ مون چيو. ”اهو توهان کان هر بري شيءِ وسرائي ٿو ڇڏي.“ ”اهو سٺو آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”پر انهي منهنجي والد کي بريءَ طرح سان پيشاب ۾ ساڙو پيدا ڪيو آهي.“ ”ڇا تنهنجو والد آهي؟“ ”ها،“ ڪيٿرائن چيو. ”هن کي پيشاب ۾ ساڙو آهي. توکي ڪڏهن به هن سان ملڻو ڪو نه پوندو. ڇا تنهنجو ڪو ابو ڪونهي؟“ ”نه،“ مون چيو. ”هڪڙو ويڳو ڏاڏو.“ ”ڇا هن کي مان پسند ڪنديس؟“ ”تون هن سان ملي ڪو نه سگهندينءَ.“ ”اسان وٽ ڪيڏو نه هڪڙو بهترين وقت آهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”مان وڌيڪ لاءِ ڪنهن به ٻي شيءِ ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿي رکان. مان توسان شادي ڪري بيحد خوش آهيان.“ بيرو اندر گهڙي آيو ۽ شيون ٻاهر کڻي ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ اسان ڪافي خاموش ٿي وياسين ۽ مينهن جو وسڪارو ٻڌڻ ۾ ڪو نه پئي آيو. هيٺ گهٽيءَ تي هڪڙي موٽر ڪار پان پان ڪري رهي هئي. ”پر مان پنهنجي پٺيءَ تي هميشه وقت جي اڏامندڙ رَٿَ کي جلدي جلدي ايندي ٻڌان ٿو،“ مون چيو.“ مان اهو نظم ڄاڻان ٿي،“ ڪيٿرائن چيو. ”اهو مارويل جو آهي. پر اهو ان ڇوڪريءَ جي باري ۾ آهي جيڪا هڪڙي ماڻهوءَ سان گڏ رهڻ پسند نه ٿي ڪري.“ ”منهنجو مٿو واضح ۽ ٿڌو محسوس ٿي رهيو هو ۽ مون حقيقتن جي باري ۾ ڳالهائڻ پئي چيو. ”تون ٻار کي ڪٿي جنم ڏيندينءَ؟“ ”مان نه ٿي ڄاڻان. ڪو سٺو هنڌ جيڪو مونکي نظر آيو.“ ”تون ان جو انتظام ڪيئن ڪندين؟“ ”بهتر کان بهتر طريقو جيڪو مان ڪري سگهان ٿو. جاني، ڳڻتي نه ڪر. جنگ جي اختتام کان اول اسان ڪيترائي ٻار پيدا ڪنداسين.“ ”اهو لڳ ڀڳ هلڻ جو وقت آهي.“ ”مان ڄاڻان ٿي. تون جيڪڏهن چاهين ته وقت ڪڍي سگهين ٿو.“ ”نه،“ ”ته پوءِ گهٻراءِ نه، جاني، تون هينئر تائين ٺيڪ هئين ۽ هاڻي تون گهٻرائين ٿي.“ ”مان نه ٿي گهٻرايان. تون مونکي اڪثر ڪيترا ڀيرا لکندو رهندين؟“ ”هر روز. ڇا اهي تنهنجا خط پڙهندا آهن؟“ ”اهي انگريزي کي ايترو پڙهي ڪو نه سگهندا آهن جو ڪنهن کي ڪو نقصان ڏئي سگهن.“ ”مان انهن کي ڪافي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏينديس،“ ڪيٿرائن چيو. ”پر ايترو گهڻو مونجهارو به نه هجي. ”مان هنن کي فقط ٿورو منجهائينديس. .مونکي افسوس آهي جو اسان کي هلڻ شروع ڪرڻ گهرجي.“ ”چڱو ٺيڪ آهي، جاني.“ ”مان اسان جي عمدي گهر کي ڇڏڻ کان نفرت ٿي ڪيان.“ ”مان به.“ ”پر اسان کي هلڻو آهي.“ ”ٺيڪ آهي. پر اسان ڪڏهن به گهڻي وقت تائين پنهنجي گهر ۾ مقيم نه رهيا آهيون.“ ”اسان رهنداسين.“ ”جڏهن تون واپس موٽي ايندين مان تو لاءِ هڪڙو عمدو گهر هٿ ڪنديس.“ ”ٿي سگهي مان جلدي واپس موٽي اچان.“ ”ٿي سگهي توکي ٿورو پير ۾ ڌڪ لڳل هجي.“ ”يا وري ڪن جي پاپڙيءَ ۾.“ ”نه مان تنهنجا ڪن اهڙي جا اهڙا ڏسڻ گهران ٿي.“ ”۽ منهنجا پير نه؟“ ”تنهنجا پير اڳ ۾ ئي گهايل آهن.“ ”جاني، اسان کي هلڻ گهرجي. واقعي.“ ”ٺيڪ آهي. پهريان تون اڳيان ٿي.“