ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

21

سيپٽيمبر ۾ پهرين ٿڌي رات آئي، تنهن کان پوءِ ڏينهن ٿڌا ٿيڻ لڳا ۽ پارڪ ۾ وڻن جي پنن جو رنگ مٽجڻ لڳو ۽ اسان ڄاڻي وياسين ته اونهارو موڪلائي ويو. محاذ تي جنگ ڪافي بري نموني جاري هئي ۽ اهي سين گيبريل کي حاصل ڪري ڪو نه سگهيا. بينسِيزا واري اوچي ميدان تي هلندڙ ويڙه مهيني جي اڌ ڌاران پڄاڻِيءَ تي پهتي سين گيبريل جي لاءِ لڙائي پڻ ختم ٿيڻ تي هئي. اهي ان تي قبضو ڄمائي ڪو نه سگهيا. ايتور واپس محاذ ڏانهن هليو ويو هو. گهوڙا روم ڏانهن اماڻيا ويا هئا ۽ هاڻي گويون وڌيڪ لاءِ جاري ڪو نه هيون. ڪروويل پڻ روم ڏانهن هليو ويو هو، اتان امريڪا ڏانهن روانو ٿيڻ جي لاءِ. جنگ جي خلاف شهر ۾ ٻه ڀيرا فساد برپا ٿيا ۽ ٽُورِن (Turin) ۾ گندا فساد برپا ٿيا. هڪڙي برطانوي ميجر مونکي ڪِلب ۾ ٻڌايو ته اطالوين بينسِيزا واري مٿاهين ميدان ۽ سين گيبريل ۾ هڪ سئو ۽ پنجاه هزار انسان وڃايا. هن مونکي ٻڌايو ته انهن انهي کان علاوه ڪارسو ۾ چاليهه هزار ماڻهو مارايا. اسان هڪڙو جام پي رهيا هئاسين ۽ هو ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته هن سال هيٺ هتي جنگ پڄاڻيءَ تي پهچي چڪي هئي ۽ اطالوين کي وڏي مشڪل سان منهن ڏيڻو پئجي ويو. هن چيو ته فِلينڊرز ۾ جارحيت بري صورت اختيار ڪري رهي هئي. جيڪڏهن اهي هن خزان جيان انسانن کي ماريندا رهيا ته اتحادين کي ٻئي سال پڻ پچايو ويندو. هن چيو ته اسان مڙني کي پچايو ويو هو پر اسان اوستائين صحيح هئاسين جيستائين اسان ان کان اڻڄاڻ هئاسين. اسان سڀ پچايا ويا آهيون. ان کي تسليم نه ڪرڻ جي ڳالھ هئي. آخري ملڪ جيڪو ڄاڻي وٺي ته انهن کي پچايو ويو آهي اهو جنگ کٽي ويندو. اسان هڪڙو ٻيو جام پيتوسين. ڇا مان ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي عملي سان هوس؟ نه. اهي سڀ مليل هئا. اسان ڪلب ۾ صفا اڪيلا هئاسين ۽ چمڙي جي وڏن صوفن تي ويٺا هئاسين. هن جا جوتا هموار طريقي سان پالش ڪيل مدهم چمڙي وارا هئا. اهي خوبصورت جوتا هئا. هن چيو اهي سڀ پاڻ ۾ ٻِٽ هئا. انهن صرف ڊويزنن ۽ افرادي قوت تي پئي ويچاريو. اهي سڀ ڊويزنن جي معمولي ڳالھ تي پاڻ ۾ آٽجي پئي پيا ۽ فقط ان مهل انهن کي ماري پئي ڇڏيائون جڏهن انهن ان کي حاصل پئي ڪيو. اهي سڀ پاڻ ۾ مليل هئا. جرمنن سوڀون ماڻيون. خدا جو قسم اهي واقعي ۾ سپاهي هئا. پوڙهو جرمن پڻ هڪڙو سپاهي هو. پر انهن کي پڻ پچايو ويو. اسان سڀ پچايا وياسين. مون روس جي باري ۾ پڇيو. هن چيو ته انهن کي اڳ ۾ ئي پچايو ويو هو. مان ستت ئي انهن جو ڪڙهڻ ڏسندس. انهي کانپوءِ آسٽريائن کي پڻ ڪاڙهيو ويندو. جيڪڏهن انهن ڪجھ جرمن فوجي ڊويزنون حاصل ڪيون ته اهي ان کي ڪري سگهن ٿا. ڇا هن سمجهيو پئي ته اهي هن خزان دوران حملو ڪندا؟ يقيناَ اهي ڪندا. اطالوي ڪاڙهيا ويا. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته انهن کي ڪاڙهيو ويو. پوڙها جرمن ترينتينو جي ذريعي هيٺ ايندا ۽ وسينزا وٽان ريلوي کي ڪٽي ڇڏيندا تڏهن اطالوي ڪاڏي ويندا؟ انهن سورنهن ۾ ان کي آزمايو هو، مون چيو. جرمنن سان نه. ها. مون چيو. پر اهي يقياَ ايئين نه ڪندا. هن چيو. اهو ڪافي سئولو هو. اهي ڪا پيچيده شيءِ ڪندا ۽ اهي شاهاڻي طريقي سان ڪاڙهيا ويندا. مونکي وڃڻو آهي مون چيو. مونکي اسپتال ڏانهن واپس ورڻو هو. ”الوداع،“ هن چيو. پوءِ خوشگوار انداز ۾، ”هر قسم جو ڀاڳ هجيئي!“ هن جي ذاتي خوشگواري ۽ هن جي دنيا بابت مايوسي وارن ويچارن جي درميان هڪڙو وڏو تضاد هو. مان هڪڙي حجم جي دوڪان تي رڪجي ويس ۽ حجامت ڪرايم ۽ اسپتال ڏانهن گهر ڏي ويس. منهنجي ڄنگھ جي ٺيڪ ٿيڻ جي لاءِ اڃا ڪافي عرصو درڪار هو. مان ٽي ڏينهن اڳ ۾ چڪاس جي لاءِ آيو هوس. اوسپيڊيل جي سلسلي کان پهريان اتي اڃا ڪي اعلاج وٺڻا هئا. ميگي اور پورو ٿي ويو هو ۽ مان پاسي واري گهٽيءَ کان گذريس ڄنگھ جي منڊڪ کي روڪڻ جي مشق ڪندي. هڪڙو پوڙهو شخص هڪڙي محرابي ڇت جي هيٺان ڪا خَطي تصوير ڪٽي رهيو هو. مان هن کي ڏسڻ لاءِ بيهي رهيس. ٻه ڇوڪريون پوز هڻي رهيون هيون ۽ هو انهن جون گڏوگڏ خطي تصويرون ٺاهي رهيو هو، هنن ڏانهن ڏسندي جلدي جلدي ڪٽيندي، هن جو منهن هڪڙي پاسي هو. ڇوڪريون کچڪار ڪري رهيون هيون. هن سفيد ڪاڳر تي لڳائڻ کان پهريان اهي خطي تصويرون انهن کي ڏيکاريون ۽ پوءِ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيون. ”اهي خوبصورت آهن،“ هن چيو. ”تينينت، تنهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ ڇوڪريون پنهنجي خطي تصويرن کي ڏسي ٽهڪ ڏيندي روانيون ٿي ويون. اهي ڏسڻ ۾ سٺيون ڇوڪريون هيون. انهن منجهان هڪڙي اسپتال جي آرپار مئخاني ۾ ڪم ڪندي هئي. ”ٺيڪ آ،“ مون چيو. ”پنهنجي ٽوپي لاه.“ ”نه. ان سميت.“ ”اها ايتري سهڻي نه بيهندي،“ پوڙهي همراه چيو. ”پر،“ هن روشني تيز ڪئي، ”اهو گهڻي قدر فوج جهڙو هوندو.“ ”هن ڪاري پني کي ڪٽي ڌار ڪيو،“ ۽ پوءِ ٻه ٿلها حصا الڳ ڪيا ۽ هڪ طرفي تصوير هڪڙي ڪارڊ تي لڳائي ۽ اها منهنجي حوالي ڪئي؟“ ”گهڻا ٿيا؟“ ”اهو سڀ ٺيڪ آهي.“ هن پنهنجو هٿ لوڏيو. ”مون اهي صرف تولاءِ ٺاهيون.“ ”مهرباني.“ مون ڪجھ ٽامي جا سڪا ٻاهر ڪڍيا. ”مزي لاءِ.“ ”نه. مون انهن کي تفريح لاءِ جوڙيو. اهي پنهنجي يارڙيءَ کي ڏئي ڇڏجانءِ. ”وڏيون مهربانيون جيسين پاڻ ملون.“ ”جيسين پاڻ ملون.“
مان اسپتال ڏانهن هلڻ لڳس. اتي ڪجھ سرڪاري ۽ ٻيا خط هئا. مان ٽن هفتن جي روبصحت موڪل ڪري رهيو هوس ۽ ان کي واپس محاذ ڏانهن موڪلي رهيو هوس. مون ان کي محتاط طريقي سان پڙهي پورو ڪيو. روبصحت موڪل چوٿين آڪٽوبر کان شروع ٿيڻ واري هئي جڏهن منهنجو ڪورس پورو ٿي ويندو. ٽي هفتا مطلب ايڪويھ ڏينهن. ان سان آڪٽوبر ڇھ پئي جڙي. مون هنن کي ٻڌايو ته مان اچي نه سگهندس ۽ اسپتال کان ٿورو اڳتي گهٽيءَ کان مٿي رات جي ماني کائڻ لاءِ هوٽل ڏانهن ويس ۽ پنهنجون اخبارون ۽ ڊيلا سيرا جا ڪوريئر پڙهڻ لڳس. اتي هڪڙو خط منهنجي ڏاڏي جو هو، جنهن ۾ خاندان جون خبرون چارون هيون، ديش ڀڳت ٿيڻ لاءِ حوصلا افزائي هئي، هڪڙو ٻه سئو ڊالرن جو ڊرافٽ هو، ۽ ڪجھ اخباري ڪٽوتيون هيون؛ اسان جي ميس کان پادري جو هڪڙو موڳو خط هو، هڪڙو خط هڪڙي ان ماڻهوءَ جو هو جنهن کي مان ڄاڻيندو هوس جيڪو فرانسيسن سان گڏ اڏارون ڀري رهيو هو ۽ هڪڙي خطرناڪ غنڊن جي تنظيم ۾ شامل ٿي ويو هو ۽ ان جو احوال لکيو هئائين، ۽ هڪڙو رنالڊي پاران لکيل يادداشت نامو جنهن ۾ هو پڇي رهيو هو ته مان بيماريءَ جو بهانو بڻائي ڪيستائين ملان ۾ ويٺو هوندس ۽ پڇيو هئائين ته ٻيون ڪهڙيون خبرون چارون آهن؟ هن چاهيو پئي ته مان هن جي لاءِ فونوگراف جا ريڪارڊ آڻيان ۽ انهن جي هڪڙي فهرست پڻ شامل ڪئي هئائين. مون مانيءَ سان گڏ شيانتي ( chianti: اطالوي شراب) جي هڪڙي ننڍڙي بوتل پيتي، بعد ۾ ڪوگنيڪ جي هڪڙي گلاس سان ڪافيءَ جو هڪڙو گلاس پيتو، اخبار پڙهي پوري ڪيم، پنهنجا خط پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيم، اخبار کي بخشش (ٽپ) سان گڏ ميز تي رکي ڇڏيم ۽ ٻاهر هليو ويس. اسپتال ۾ پنهنجي ڪمري ۾ مون ڪپڙا بدلايا، ۽ سمهڻ وارو لباس (پاجاما) پاتا ۽ هڪڙو چوغي نما (گائون) پهريو، ڇڄي وٽان کلندڙ دروازي جي پردي کي سٽ سان هيٺ ڪيم ۽ بستر ۾ ويهي باسٽن جون اخبارون پڙهڻ لڳس انهن اخبارن جو انبار مسز ميئرز پاران اسپتال جي ڇوڪرن لاءِ ڇڏيو ويو هو. شڪاگو وائيٽ ساڪس آمريڪي ليگ پيننٽ کٽي رهيا هئا ۽ نيويارڪ جاينٽس نيشنل ليگ جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا. باب رُوٿ هڪڙو پِچر هو جيڪو تڏهن باسٽن جي لاءِ کيڏي رهيو هو. اخبارون موڳيون هيون، جن ۾ مقامي ۽ بدبودار خبرون هيون، ۽ جنگ جون خبرون سڀ پراڻيون هيون. آمريڪا جون سموريون خبرون تربيتي ڪيمپن جي باري ۾ هيون. مان خوش هوس جو مان ڪنهن تربيتي ڪيمپ ۾ ڪو نه هوس. مون بيس بال جي باري ۾ سموري خبر پڙهي ۽ مونکي ان ۾ ٿورڙي به دلچسپي ڪا نه هئي. اخبارن جي پاڻ ۾ مليل هڪڙي وڏي تعداد انهن کي دلچپسپيءَ سان پڙهڻ کي ناممڪن پئي بڻايو. مون انهن کي ٿوري گهڙيءَ جي لاءِ پڙهيو. مونکي ان ڳالھ تي تعجب پئي ٿيو جيڪڏهن آمريڪا حقيقي معنيٰ ۾ جنگ ۾ گهڙي پوي ۽ اهي وڏيون وڏيون جميعتون ( leagues) بند ڪري ڇڏين. غالباَ اهي ايئن نه ڪندا. ملان ۾ اڃا گوءِ هلي رهي هئي ۽ جنگ ايڏي هاڃيڪار ڪو نه هئي. انهن فرانس ۾ گوءِ بند ڪري ڇڏي هئي. اتان اسان جو گهوڙو جيپاليڪ آيو هو. نائين بجي تائين ڪيٿرائين ڊيوٽيءَ تي ڪو نه آئي هئي. مون هن کي فرش وٽان گذرندي ٻڌو جڏهن هوءَ پهريان ڊيوٽيءَ تي آئي ۽ هڪڙو ڀيرو هن کي هال وٽان گذرندي ڏٺو. هوءَ ڪيترن ٻين ڪمرن ڏانهن ويئي ۽ آخرڪار مون ڏانهن آئي. ”جاني، مونکي دير ٿي ويئي،“ هن چيو. اتي گهڻو ڪجھ ڪرڻو پئجي ويو. تون ڪيئن آهين؟“ مون هن کي پنهنجي ڪاغذن ۽ موڪل جي باري ۾ ٻڌايو. ”اهو ڪافي دلڪش آهي،“ هن چيو. ”تون ڪيڏانهن وڃڻ چاهين ٿو؟“ ”ڪيڏانهن به نه. مان هتي ٽڪڻ چاهيان ٿو.“ ”اهو پاڳل پڻو آهي. تون ڪنهن هنڌ ڏانهن وڃڻ جو انتخاب ڪر ۽ مان پڻ اوڏانهن اينديس.“ ”تون اتي ڪم ڪيئن ڪندين؟” ”مان نه ٿو ڄاڻان. پر مان ڪندس.“ ”تون ڪافي حيرت انگيز آهين.“ ”نه. مان ناهيان. پر زندگيءَ کي ترتيب ڏيڻ تنهن مهل مشڪل نه ٿو هجي جڏهن توهان وٽ وڃائڻ جي لاءِ ڪجھ به نه هجي.“ ”تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟“ ”ڪجھ به نه. مان هميشه اهو سوچيندو آهيان ته جيڪي رڪاوٽون ڪڏهن ايڏيون وڏيون هونديون هيون اهي ڪيئن نه ننڍڙيون پيون ڏيکارجن.“ ”مونکي اهو سمجهڻ گهرجي ته انهي کي سنڀالڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو.“ ”نه جاني، اهو نه هوندو. جيڪڏهن ضروري هوندو ته مان ان کي محض ڇڏي ڏيندس. پر اهڙي ڪا به نوبت ڪا نه ايندي.“ ”اسان کي ڪيڏانهن هلڻ گهرجي؟“ ”مونکي ڪا به پرواه ناهي. جيڏانهن به تنهنجي دل گهري. ڪٿي به جتي اسان ماڻهن کان اجنبي هجون.“ ”ڇا توکي ان جي پرواه ناهي ته اسان کي ڪيڏانهن هلڻ گهرجي؟“ ”نه. مان ڪنهن نه ڪنهن هنڌ کي پسند ڪري وٺندس.“ هوءَ پريشان ۽ اداس لڳي رهي هئي. ”ڪجھ به ناهي. ڪو مسئلو ناهي.“ ”ها اتي ڪا ڳالھ آهي.“ ”نه. ڪجھ به ناهي. سچي ڪجھ به ناهي.“ ”مان ڄاڻان ٿو ڪجھ نه ڪجھ ضرور آهي. جاني، مونکي ٻڌاءِ. تون مونکي ٻڌائي سگهين ٿي.“ ”ڪا ڳالھ ناهي.“ ”مونکي ٻڌاءِ.“ ”مان نه ٿي چاهيان. مونکي ڀئو ٿو ٿئي ته مان توکي ناخوش ۽ پريشان ڪري ڇڏينديس.“ ”نه اهو مونکي نه ڪندو.“ ”ڇا توکي يقين آهي؟ اهو مونکي پريشان نه ڪندو پر مونکي ڀئو ٿو ٿئي ته ان سان تون پريشان ٿي ويندين.“ ”جيڪڏهن اهو توکي پريشان نه ڪري ته.“ ”مان توکي نه ٿي ٻڌائڻ چاهيان.“ ”ٻڌاءِ.“ ”ڇا مونکي ٻڌائڻ گهرجي؟“ ”ها.“ ”مونکي ٻار ٿيڻ وارو آهي، جاني. اهو لڳ ڀڳ ٽن مهينن جي عرصي جو آهي. تون پريشان نه آهين، ها نه؟“ ”مهرباني مهرباني ڪري نه ٿي. تون لازماَ پريشان نه ٿي.“ ”ٺيڪ آهي.“ ”اهو سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي؟“ ”يقيناَ.“ ”مون سڀ ڪجھ ڪيو. مون سڀ ڪجھ واپرايو پر ان سان ڪو به فرق ڪو نه پيو.“ ”مان پريشان نه آهيان.“ ”مان ان لاءِ ڪجھ نه ٿي ڪري سگهان، جاني، ۽ مان ان جي باري ۾ پريشان نه آهيان. تون ڪو به ڳڻتي ڳارو نه ڪر نه ئي انهي جي باري ۾ ڪا بري محسوسات رک.“ ”مان صرف تنهنجي باري ۾ فڪرمند هوندو آهيان.“ ”اهو ئي ته. جنهن جي ڪري ئي توکي ڪو اونهو نه ڪرڻ گهرجي. ماڻهن کي سدائين ٻار ٿيندا آهن. هر ڪنهن وٽ ٻار آهن. اهو فطري عمل آهي.“ ”تون تمام گهڻو سٺو آهين.“ ”نه مان ناهيان.“ ”پر پيارا، تون ان کي برو نه سمجھ. مان ڪوشش ڪنديس ۽ تنهنجي لاءِ ڪا به مشڪلات کڙي ڪو نه ڪندييس. مان ڄاڻان ٿي ته هينئر مون مشڪلات پيدا ڪئي آهي. پر ڇا هن مهل تائين مان هڪڙي سٺي ڇوڪري نه رهي آهيان؟ توکي ان جي باري ۾ ڪڏهن به ڪا ڄاڻ ڪو نه هئي، يا هئي؟“ ”نه.“ ”اهو سڀ ڪجھ ايئين ئي رهندو. تون بلڪل به ڪو فڪر نه ڪر. مان ڏسي رهيو آهيان ته توکي ان جو اونهو ورائي ويو آهي. ان کي روڪ. انهي کي اتي ئي روڪي ڇڏ. مان ڄاڻان ٿو ته هڪڙو جام هميشه توکي خوشيءَ سان ڀرپور ڪري ڇڏيندو آهي.“ ”نه. مان ڀائنيان پيئي ته مان خوش آهيان. ۽ تون ڪافي سٺو آهين.“ ”نه مان ناهيان. پر جيڪڏهن تون اسان جي لاءِ ڪنهن جاءِ جو انتخاب ڪندين ته اسان ٻئي اتي گڏجي سڏجي هر مسئلي کي حل ڪري وٺنداسين. اهو آڪٽوبر ۾ تمام گهڻو دلڪش هئڻ گهرجي. اسان هڪڙو سٺو وقت گهارينداسين، جاني. ۽ مان توکي هر روز لکندي رهنديس جڏهن تون محاذ تي هوندين.“ ”تون ڪٿي هوندين؟“ ”هن مهل تائين نه ٿو ڄاڻان. پر ڪنهن نه ڪنهن شاندار هنڌ تي. مان ان سموري معاملي جي نگهباني ڪندس.“ اسان ٿوري گهڙيءَ جي لاءِ خاموش ٿي وياسين ۽ ڪجھ به نه ڳالهايوسين. ڪيٿرائن بستر تي ويٺي هئي ۽ مان هن ڏانهن نهاري رهيو هوس پر اسان هڪٻئي کي ڇهي ڪو نه رهيا هئاسين. اسان هڪٻئي کان ڪمري ۾ ڪنهن جي به آمد جي احساس کان خود آگاهي ۾ ورتل هئڻ جي ڪارڻ هڪٻئي کان پري ٿي ويٺاسين. هن پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو ۽ منهنجي هٿ کي پڪڙي ورتو. ”جاني، تون ناراض ته ناهين نه؟“ ”نه.“ ”۽ تون پنهنجو پاڻ کي گهيريل محسوس نه ٿو ڪرين؟“ ”ٿورو گهڻو ٿي سگهي ٿو. پر تنهنجي ڪري نه.“ ”منهنجو مقصد منهنجي ڪري ڪو نه هو. تون نادان نه ٿي. منهنجو مقصد مجموعي طور تي ڦاسي پوڻ وارو هو.“ ”تون هميشه حياتياتي طور تي ڦاسي پوڻ جو سوچيندو آهين.“ هوءَ پنهنجو هٿ ڇڏائڻ توڻي پنهنجي جذبات کي ڀڙڪائڻ جي ڄڻ ته ڪنهن ڊگهي رستي ۾ وڃائجي ويئي. ”’هميشه‘ هڪڙو خوبصورت لفظ ناهي.“ ”مونکي افسوس آهي.“ ”اهو سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي. پر تون سمجهين ٿو ته مونکي ڪڏهن به ڪو ٻار نه ٿيو هو ۽ مون ڪڏهن ڪنهن سان پيار نه ڪيو هو. ۽ مون جيئن تو چاهيو پئي تيئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پوءِ تون هميشه جي باري ۾ ڳالهائيندو رهيين.“ ”مان پنهنجي ڄڀ وڍي سگهان ٿو،“ مون هن کي آڇ ڪئي. ”او، پيارا!“ هوءَ جيڏانهن به ويئي هئي اتان کان واپس آئي. ”تون مونکي برو مَ ڀانءِ.“ اسان ٻئي وري گڏ هئاسين ۽ خود آگاهي غائب ٿي ويئي. ”اسان سچ پچ هڪ آهيون ۽ اسان کي ڄاڻي واڻي ڪجھ غلط نه ڪرڻ گهرجي.“ ”اسان نه ڪنداسين.“ ”پر ماڻهو ڪندا آهن. انسان هڪٻئي سان پيار ڪندا آهن ۽ اهي ڄاڻي واڻي خطائون ڪندا آهن ۽ اهي وڙهندا آهن ۽ پوءِ اهي اچانڪ بدلجي ويندا آهن.“ ”اسان نه وڙهنداسين.“ ”اسان کي لازماَ نه وڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو هن ساري دنيا ۾ فقط اسان ٻه ڄڻا آهيون ۽ اتي باقي ساري دنيا آهي. جيڪڏهن اسان ٻنهي جي درميان ڪا شيءِ حائل ٿئي ٿي ته اسان ٻئي هڪٻئي کان وڇڙي وينداسين ۽ پوءِ اهي اسان کي کڻي ويندا.“ ”اهي اسان کي پڪڙي نه ويندا،“ مون چيو. ”ڇاڪاڻ جو تون تمام گهڻي بهادر آهين.“ ”اهي (بهادر/دل وارا) مرندا ته ضرور آهن.“ ”پر صرف هڪڙو ڀيرو.“ ”مان نه ٿو ڄاڻان ته اهو ڪنهن چيو آهي؟“ ”بزدل هزارين موت مرندو آهي، بهادر صرف هڪڙو ڀيرو مرندو آهي.“ ”يقيناَ. اهو ڪنهن چيو هو؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان.“ ”اهو (چوڻ وارو) غالباَ ڪو بزدل هو،“ هن چيو. ”هن بزدلن جي باري ۾ تمام گهڻو ڄاتو پئي پر بهادرن جي باري ۾ ڪجھ به نه. شايد بهادر جيڪڏهن عقلمند آهي ته اهو ٻه هزار موت مري ٿو. هو قطعي طور تي ان جو تذڪرو نه ٿو ڪري.“ ”مان نه ٿو ڄاڻان. بهادر جي دماغ ۾ ليئو پائي ڏسڻ مشڪل آهي.“ ”ها. اهوئي سبب آهي جو اهي ان کي اهڙيءَ طرح رکندا آهن.“ ”تون پاڻ با اختيار آهين.“ ”تون صحيح پئي چوين جاني. اهو ان جي لائق هو.“ ”تون بهادر آهين،“ ”نه،“ هن چيو. ”پر مان ٿيڻ چاهيان ٿي.“ ”مان نه آهيان،“ مون چيو. ”مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪٿي بيٺو آهيان. مون گهڻي وقت کان ان کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان ڪنهن بال جي کيڏاري جيان آهيان جيڪو ٻه سئو ٽيھ بيٽون هڻي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو ته هو بهتر ناهي.“ ”اهو بال جو کيڏاري ڇا هوندو آهي جيڪو ٻه سئو ٽيھ بيٽون ورائيندو آهي؟ اهو تمام گهڻو متاثر ڪندڙ آهي.“ ”اهو ناهي. ان مان مراد آهي ته اهوبيس بال ۾ معمولي درجي جو بليباز هوندو آهي“. ”پر پوءِ به هڪڙو بليباز ئي هوندو آهي،“ هن مونکي هلڪي ٺوٺ هنئي. ”مان سمجان ٿو ته اسان ٻئي بي حقيقت آهيون،“ مون چيو. ”۽ جڏهن مونکي هڪڙو جام پيتل هوندو آهي مان تمام گهڻو بهادر هوندو آهيان.“ ”اسان شاندار انسان آهيون،“ ڪيٿرائن چيو. هوءَ وڏي الماڙي ڏانهن ويئي ۽ مون لاءِ ڪوگنيڪ ۽ هڪڙو گلاس کڻي آئي. ”جاني، هڪڙو جام پيءُ،“ هن چيو. ”تون تمام گهڻو سٺو آهين. ”مونکي طلب ناهي.“ ”هڪڙو پيءُ.“ ”ٺيڪ آهي.“ مون پاڻيءَ جي هڪڙي گلاس ۾ ٽئين حصي جيتري ڪوگنيڪ ملائي ان کي ڳيتي ڇڏيو. ”اهو ڪافي گهڻو هو،“ هن چيو ”مان ڄاڻان ٿي برانڊي سورما پيئندا آهن. پر تون مبالغه آرائي نه ڪر.“ ”اسان جنگ کان پوءِ ڪٿي رهنداسين؟” ”غالباَ ڪن بزرگ ماڻهن جي گهرن ۾،“ هن چيو. ”ٽن سالن لاءِ مون ابهم ٻار جيان ناتال (ڪرسمس) تي جنگ جي خاتمي ڏانهن واجهايو. پر هاڻي مان ان لاءِ واجهائي رهي آهيان جڏهن اسان جو پٽ هڪڙو ليفٽيننٽ ڪمانڊر بڻجي.“ ”ٿي سگهي ٿو ته اهو هڪڙو سپھ سالار ٿئي.“ ”جيڪڏهن اهيا جنگ سئو سالا جنگ جيان جاري رهي ته هن کي ٻنهي خدمتن جو موقعو فراهم ٿي ويندو.“ ”ڇا توکي هڪڙو جام نه گهرجي؟“ ”نه. پياري، اهو توکي هميشه خوش رکندو آهي، ۽ اهو مونکي صرف چڪر ڏيارائيندو آهي.“ ”ڇا تو ڪڏهن برانڊي نه پيتي آهي؟“ ”نه پيارا، مان ڪافي دقيانوس زال آهيان.“ ”مان فرش تي پيل بوتل تائين پهتس ۽ هڪڙو ٻيو جام ملايم.“ ”بهتر رهندو ته مان تنهنجي هم وطنن کي هڪ نظر نهاري اچان،“ ڪيٿرائن چيو. ”شايد تون تيستائين اخبار پڙهندو رهندين جيسين مان واپس اچان.“ ”ڇا توکي وڃڻو آهي؟“ ”هاڻي يا پوءِ،“ ”ٺيڪ آهي هاڻي.“ ”مان اخبارون پڙهي پوريون ڪندس،“ مون چيو.