ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

4

ٻئي باغيچي واري بيٽريءَ مون کي صبح جو جاڳائي وڌو ۽ مون سج جي روشنيءَ کي کڙڪيءَ ۾ اندر ايندي ڏٺو ۽ مان بستري تان اٿي ويٺس. مان کڙڪيءَ ڏانهن سُري ويس ۽ ٻاهر نهارڻ لڳس. روڙيدار پٿراوان رستا گهمجي ويا هئا ۽ گاه ماڪ جي ڦڙن جي ڪري آلو ٿي ويو هو. بيٽريءَ مان ٻِٽيون چڻنگون نڪتيون هوا هر واري ڌڪا ڏيندي اندر اچي رهي هئي ۽ ان جي ڪري کڙڪي لڏي رهي هئي ۽ منهنجي پاجامي جو اڳيون حصو به لڏي رهيو هو. مان بندوقن کي ڏسي ڪو نه پئي سگهيس پر اهي ظاهر ظهور سڌي سنئين نموني اسان ڏانهن فائرنگ ڪري رهيون هيون. انهن جي اتي موجودگي تشويشناڪ هئي پر تسلي بخشيندڙ ڳالھ اها هئي ته اهي ايتريون وڏيون ڪو نه هيون. جيئن ئي مون باغيچي ڏانهن نهاريو مون موٽر واري ٽرڪ کي رستي تي اسٽارٽ ٿيندي ڏٺو. مون ڪپڙا پهريا، ڏاڪڻ کان هيٺ لهي ويس، بورچيخاني ۾ ڪجھ ڪافي پيتم ۽ ٻاهر گيريج ڏانهن هليو ويس.
ڏھ ڪاريون قطار ۾ هڪٻئي سان لڳولڳ ڇاپري / ڇڄي هيٺان بِيٺيون هيون. اهي مٿان کان ڳريون، کنڊي دُون واريون ايمبولنسون هيون، جن تي سياهي مائل سفيد رنگ آيل هو ۽ انهن کي وينن (vans) جيان چرپر ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو هو. مستري هڪڙي ٻاهر بيٺل گاڏيءَ تي ڪم ڪري رهيا هئا. ٻيا ٽي ڄڻا جبلن ۾ موجود مرمت واري اڏي تي بيٺل هئا. ”ڇا اهي ڪڏهن هن بيٽريءَ تي به گوليباري ڪري سگهن ٿا؟“ هڪڙي مستريءَ سوال ڪيو. ” نه، سائينور تينيت. اها ان ننڍڙي ٽڪريءَ جي امان ۾ آهي.“ ”سڀ ڪجھ ڪيئن پيو هلي؟“ ”ايترو خراب ناهي. هن ڪِل جو ڪو فائدو ڪونهي باقي ٻيون هلي رهيون آهن.“ هن ڪم ڪرڻ بند ڪيو ۽ مسڪرائڻ لڳو. ”ڇا توکي اجازت مليل هئي؟“ ”ها“. هن پنهنجا هٿ سُئيٽر سان اگهيا ۽ ڏند ڪڍي کلڻ لڳو. ”توکي سٺو وقت مليو آهي.“ ٻيا پڻ ڏند ڪڍي کلڻ لڳا. ”سٺو“، مون چيو. ”هن ڪِل سان ڪهڙو مسئلو آهي؟“ ”اها ڪنهن فائدي واري ناهي. هڪڙي مسئلي کان پوءِ ٻيو مسئلو پيو اچي.“ ”هاڻي ڪهڙو مسئلو آهي؟“ ”نيون رِنگُون“. مون هنن کي ڪم ڪندي ڇڏي ڏنو، ڪار بيڪار ۽ خالي ڏيکارجڻ ۾ پئي آئي جنهن جي انجڻ کليل هئي ۽ ان جا پرزا ڪم واري ميز تي پيل هئا، ۽ ڇاپري ۾ اندر گهڙيم ۽ هرهڪ ڪار ڏانهن نهاريم. اهي مناسب طور تي صاف سٿريون هيون، ڪجھ تازو ڌوتل، ٻين تي دز چڙهي ويئي هئي. مون ڦيٿن کي ڌيان سان ڏٺو، انهن تي آيل وڍ يا پٿرن جي ڪري ٽُڪجڻ جا نشان ڏسڻ لاءِ.
بظاهر ان جو ڪو به فرق ڪو نه ٿي پيو ته مان شين جي سار سنڀار ڪري رهيو آهيان يا نه. ڪارين جي حالت بابت خيال ڪيم، چاهي شيون حاصل ٿي سگهن يا نه، مرمتي اڏي مان بيمار ۽ زخمي گاڏين کي هٽائڻ وارو سڌو سنئون عمل، انهن کي ٽرڪ جي وسيلي صفائي واري اڏي ڏانهن نيئي وڃڻ ۽ انهن کي انهن اسپتالن ۾ تقسيم ڪرڻ جن جي نالي تي انهن جا ڪاغذ بڻايل هئا، ڪافي حد تائين ان جي ذميواري منهنجي مٿان عائد ٿيل هئي. بظاهر منهنجي موجود هئڻ يا نه هئڻ سان ڪو خاص فرق ڪو نه پوندو هو.
” پرزن ملڻ ۾ ڪو مسئلو ته درپيش ڪو نه آيو.“ مون سارجينٽ مستري کان معلوم ڪيو. ”نه، سگنور تينيت.“ ”هاڻي پيٽرول وارو پارڪ ڪٿي آهي.“ ”ساڳي هنڌ تي.“ ”ڏاڍو سٺو.“ مون چيو ۽ گهر ڏانهن واپس وري آيس ۽ ميس واري ميز تي ٻيهر ڪافيءَ جو پيالو پيتم. ڪافي هلڪي ميٽائين رنگ واري هئي جنهن ۾ اٻاريل کير ملايل هو. کڙڪيءَ کان ٻاهر بهار جي پياري صبح هئي. نڪ ۾ خشڪيءَ جي محسوسات شروع ٿيڻ لڳي جنهن جو مطلب هو ته بعد ۾ ڏينهن تکو ٿيندو. ان ڏينهن مان جبلن ۾ موجود مورچا گهمي آيس ۽ قصبي ڏانهن منجهند ڌاري موٽي آيس.
جڏهن مان پري هوس ته هر شيءِ صحيح هلندي محسوس ٿي رهي هئي. مون کي ٻڌڻ ۾ آيو ته جارحيت ٻيهر شروع ٿيڻ واري هئي. جنهن ڊويزن جي لاءِ اسان ڪم ڪري رهيا هئاسين اها درياه جي مٿان کان موجود هڪڙي هنڌان حملو ڪرڻ واري هئي ۽ مون کي ميجر ٻڌايو ته ان حملي دوران مان مورچن جي سار سنڀار لهندس. اهو حملو نديءَ جي آرپار مٿان واري سوڙهي کاهيءَ کان ٿيندو ٽڪرين جي طرف ڦهلايو ويندو. ڪارن لاءِ اهي مورچا ايترو نزديڪ هوندا جيئن اهي پوئتي ڀرڪندي پر/ اوٽ طور ڪتب آڻي سگهجن. انهن جو انتخاب يقيناَ پيادل فوجي دستا (infantry) ڪندا پر اسان جي لاءِ لازمي هو ته اسان ان تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. اها هڪڙي اهڙي ڳالھ هئي جنهن سان توهان کي سپاهي هئڻ جو ڪوڙو احساس پيدا ٿيندو. مان مٽيءَ ۾ ڪافي ميرو ٿي ويو هوس ۽ پاڻ کي صاف ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ڏانهن موٽي ويس. رنالڊي بستر تي هُوگو ( Hugo) جي وياڪرڻ واري ڪتاب جو نقل پڪڙيون ويٺو هو. هن کي لباس پهريل هو، هن پنهنجا ڪارا جوتا پهري رکيا هئا، ۽ هن جا وار چمڪي رهيا هئا.
”واھ! واھ!.“ مون کي ڏسندي هن چيو. ”تون مون سان گڏ مِس بارڪليءَ سان ملڻ هلندين.“ ” نه.“ ”تون هلندين، مهرباني ڪري مون سان گڏجي هل ته جيئن هن تي سٺو اثرپوي.“ ”چڱو ٺيڪ آ. صبر ڪر جيستائين مان وهنجي صاف سٿرو ٿيان.“ ”وهنجي صاف ٿي اچ.“ مان وهنتس، پنهنجي وارن کي ڦڻي ڏني، ۽ اسان روانا ٿياسين. ”هڪڙو منٽ بيھ.“ هن پنهنجي پيتي کولي ان مان شراب جي شيشي کنئي. ”اسٽريگا نه کپي.“ مون چيو. ”نه. مون گريپا (Grappa) کنئي آهي.“ ”چڱو ٺيڪ آ.“ هن ٻه گلاس اوتيا ۽ اسان انهن کي مهڙين ٻن آڱرين سان ڇهيوسين. گريپا ڪافي تيز هئي. ”اڃا کپي؟ ”چڱو ڀلا.“ مون چيو. اسان گريپا کي ٻيهر پيتوسين، رنالڊي بوتل کي واپس رکيو ۽ اسان ڏاڪڻين کان هيٺ لهڻ لڳاسين. قصبي مان لنگهندي ڏينهن ڪافي گرم لڳي رهيو هو پر سج لهڻ لڳو هو ۽ ڪافي مزو اچي رهيو هو. برطانوي اسپتال ڪنهن وڏي محل نما (villa) هئي جيڪا جنگ کان پهريان جرمنن تعمير ڪرائي هئي. مس بارڪلي باغ ۾ بيٺي هئي. هڪڙي ٻي نرس به هن سان گڏ موجود هئي. اسان وڻن جي قطارن وچان انهن جي سفيد وردين کي ڏٺوسين ۽ انهن ڏانهن وک وڌائيسين. رنالڊي سلام ڪيو. مون به سلام ڪيو پر ڪافي ميانه روي سان.
”توهان ڪيئن آهيو؟“ مس بارڪلي چيو. ”تون اطالوي ناهين، ها نه؟“ او، نه؟“ رنالڊي هڪڙي ٻي نرس سان مخاطب هو. اهي مسڪرائي رهيون هيون. ”اطالوي فوج ۾ هجڻ ڪيترو نه عجيب آهي.“ ”اها حقيقت ۾ ڪا فوج ناهي فقط ايمبولنس آهي.“ ”البت اهو ڪافي عجيب آهي. پوءِ به توهان اتي نوڪري ڪيئن ڪري رهيا آهيو؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان.“ مون وراڻيو. ”هر شيءِ جي هميشه وضاحت نه ٿي ڏئي سگهجي.“ ”الا، ڇا ايئين نه هوندو آهي؟ مون کي پالي تاتي ٻڌايو ويو ته ايئين هوندو آهي.“ ”اهو بيحد بهتر آهي.“ ”ڇا اسان کي ايئين ئي گفتتگو کي جاري رکڻو پوندو؟“
”نه.“ مون چيو. ”اهو سڪون ڏيندڙ آهي. آهي نه؟“ ”اهو لڪڻ ڇالاءِ آهي؟“ مون پڇيو. مس بارڪلي ڪافي قداور هئي. هن نرسن واري وردي پهري رکي هئي، هوءَ سونهري وارن واري عورت هئي جنهن جي چمڙي گندمي هئي ۽ هن جا نيڻ سياهي مائل سفيد هئا. مان سمجهان ٿو هوءَ نهايت ئي حسين هئي. هن وٽ هڪڙي سنهڙي بيد جي لٺ هئي جيڪا گهوڙي کي هڪلڻ واري رانديڪي نما چهبڪ جهڙي هئي، جنهن جي مٿان چمڙو ويڙهيل هو. ”اها هڪڙي ڇوڪري جي ملڪيت آهي جيڪو گذريل سال مارجي ويو هو.“ ”مان ڀيانڪ حد تائين پنهنجي افسوس جو اظهار ٿو ڪيان.“ ”هو ڪافي ڀلو ڇوڪرو هو مون سان شادي ڪرڻ وارو هو ۽ هو سوم (Somme) ۾ مارجي ويو.“ ”اهو ڪافي دل ڏاريندڙ نظارو هو.“ ”ڇا تون پاڻ اتي موجود هئينءَ؟“ ”نه.“ ”مون ان جي باري ۾ ٻڌو آهي.“ ”اهڙي قسم جي ڪا به ويڙه هتي نه هلي رهي آهي. انهن مون ڏانهن هي ننڍڙو لڪڻ ڏياري موڪليو. هن جي ماءُ مون ڏانهن ڏياري موڪليو. انهن هن جي سامان سميت هي به موٽائي موڪليو.“ ”ڇا تون ڪافي عرصي تائين مڱيل هئينءَ؟“ ”اٺن سالن تائين. اسان گڏ وڌيا ويجهاسين.“ ”۽ توهان شادي ڇو نه ڪئي؟“ ”مان نه ٿي ڄاڻان.“ هن چيو. ”مان شايد پاڳل هيس. گهٽ ۾ گهٽ مان هن لاءِ ايترو ته ڪري ڇڏيان ها. پر مون سمجهيو اهو ان لاءِ بهتر نه رهندو.“ ”مان سمجهي ويس.“ ”ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن سان پيار ڪيو آهي؟“ “نه.“ مون چيو. اسان هڪڙي ميز تي ويهي رهياسين مان هن ڏانهن نهارڻ لڳس. ”توهان جا وار ڏاڍا خوبصورت آهن،“ مون چيو. ”ڇا توهانکي اهي وڻن ٿا؟“ ”تمام گهڻو.“ ”مان هن جي مرڻ کان پوءِ سمورو مٿو ڪوڙائڻ چاهيان ٿي.“ ”نه، ٻيلي.“ ”مان هن لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ چاهيان ٿي. تون سمجهي سگهين ٿو ته مون کي ٻين شين جي ڪا به پرواه ناهي ۽ هن کي اهو سڀ ڪجھ ئي ته ڏئي سگهجي ٿو“ جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته هو مون کان جنهن به شيءِ جي گُهر ڪري ها مان اها ان کي سونپي ڇڏيان ها. مان هن سان شادي ڪري ڇڏيان ها يا وري ٻيو ڪجھ. مان اهو سڀ ڪجھ هاڻي ڄاڻان پئي. پر ان وقت هن جنگ ڏانهن وڃڻ پئي گهريو ۽ مون کي ڪا به خبر ڪو نه هئي. ”مون کي ڪنهن به شيءِ بابت تنهن وقت ڪو اندازو ڪو نه هو. مون سمجهيو هو ته اهو هُن جي لاءِ ٺيڪ نه رهندو ۽ ان کان پوءِ هو مارجي ويو ۽ ان جي اتي ئي پڄاڻي ٿي ويئي.“ ”مان نه ٿي ڄاڻان.“ ”اوه، هائو.“ هن چيو،”اتي بس ڳالھ پوري ٿي ويئي.“ اسان رنالڊي ڏانهن ڏٺوسين جيڪو هڪڙي ٻي نرس سان مخاطب هو. ”هن جو نالو ڇا آهي؟“ ”فرگُوسن“. هيلن فرگُوسن. توهان جي ساهيڙي ڊاڪٽر آهي، ها نه؟“ ”ها“. ”هوءَ ڏاڍي سٺي آهي.“ ”خوبصورت.“ هن محاذ جي ويجهڙائي ۾ توهان کي مشڪل سان ڪو چڱو ماڻهو نظر ايندو. هتان کان محاذ به ويجهو ٿو لڳي، ها نه؟“ ”بلڪل.“ ”هي احمقاڻو محاذ آهي،“ هن چيو. ”پر اهو ڪافي خوبصورت آهي. ڇا اهي ڪنهن جارحيت ڏانهن وڌي رهيا آهن؟“ ”ها“. ”پوءِ اسان ڪم ۾ جُنبي وينديون سين. هاڻي اسان وانديون آهيون.“ ”ڇا توهان ڪافي وقت کان نرسنگ ڪري رهيا آهيو؟“ ”پندرنهن سالن جي اختتام کان وٺي. مون تڏهن شروع ڪيو جڏهن هُن آغاز ڪيو هو. مون کي ياد ٿو اچي ته مون هڪڙو احمقاڻو خيال پچايو هو ته مان جنهن اسپتال ۾ هيس هو اتي ايندو. ڪنهن خمدار تلوار سان ضربيل، مون ويچاريو هو، ۽ هن جي مٿي تي ڪا پٽي لڳل هوندي. يا ڪلهي ۾ گولي لڳل هوندس. تصوير وانگي ڪا شيءِ.“ ”هي احمقاڻو محاذ آهي،“ مون چيو. ”ها.“ هن چيو. ”ماڻهو سمجهي نه ٿا سگهن ته فرانس ڪيئن آهي. جيڪڏهن انهن کي سمجھ ۾ اچي وڃي ته هي سڀ ڪجھ رڪجي ويندو. هن کي خمدار تلوار جو ڪو به گهاءُ ڪو نه هو. هنن هن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو.“ ”مان وڌيڪ ڪجھ چئي نه ٿي سگهان.“ ”ڇا تون سمجهين ٿو ته هميشه ايئين ئي ٿيندو رهندو؟“ ”نه.“ ”ان کي ڪيئن روڪجي؟“ ”ڪٿي نه ڪٿي ته ان کي ٻُنجو اچي ويندو.“ ”اسان ان کي ٻنجو ڏينداسين. اسان فرانس ۾ ان کي روڪينداسين. اهي سوم ۾ پيش ايندڙ حالتن جيان جاري نه ٿا رکي سگهن.“ ”اهي هتي بس ڪو نه ڪندا.“ مون چيو. ”تون سمجهين ٿو ته اهي بس ڪو نه ڪندا؟“ ”نه.“ ”انهن گذريل سال ڪافي ڪجھ ڪيو.“ ”اهي بس ڪري سگهن ٿا،“ هن چيو. ”ڪو به انسان بس ڪري سگهي ٿو.“ ”جرمن به بس ٿي سگهن ٿا.“ “نه،“ هن چيو. ”مان نه ٿو سمجهان.“ اسان مس فرگُوسن ۽ رنالڊي ڏانهن مڙي نهاريوسين. ”ڇا توهانکي اٽلي پسند آهي؟“ رنالڊِي انگريزي ۾ مس فرگُوسن کان معلوم ڪيو. ”ڪافي سُٺي.“ ”سمجھ ۾ نه ٿو اچي،“ رنالڊي پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. ”اباس تان زا بي نِي Abbastanza bene، مون ان جو ترجمو ڪيو. ”هي ڪو ايترو خاص ناهي. ڇا توهانکي انگلستان پسند آهي؟“ ”نه ايترو نه. مان اسڪاچ آهيان، توهان سمجهي سگهو ٿا.“ رِنالڊِي بنا ڪنهن تاثر جي مون ڏانهن نهاريو.”هوءَ اسڪاچ آهي ان ڪري هوءَ انگلستان کان وڌيڪ اسڪاٽلينڊ کي پسند ڪري ٿي،“ مون اطالوي ڀاشا ۾ چيو. ”پر اسڪاٽلينڊ به ته انگلستان ۾ آهي“. مون مس فرگُوسن لاءِ ان جو ترجمو ڪيو. ”پاس اينڪور، Pas encore (حقيقت ۾ ايئن ناهي ـ مترجم) ”ڪڏهن به نه. اسان انگريزن کي پسند نه ڪندا آهيون. ”انگريزن کي پسند نه ڪندا آهيو؟“، ”مس بارڪلي کي پسند نه ٿا ڪيو؟“ ”اوه، اها ٻي ڳالھ آهي. توهان هر شيءِ کي ايترو نه اينگهايو.“ ڪجھ وقت کان پوءِ اسان انهن کي رات جو سلام ڪري اٿي پياسين. رستي ڏانهن موٽندي رنالڊي مون کي چيو، ”مس بارڪلي توکي مون تي ترجيح ڏئي ٿي. اها ڳالھ صفا چٽي آهي. پر اها ننڍڙي اسڪاچ ڪافي ڀلي آهي.“ ”تمام گھڻي،“ مون چيو. مون هن ڏانهن غور ڪو نه ڪيو هو. ”ڇا هوءَ توکي وڻي ٿي؟“ ”نه،“ رنالڊي چيو.