ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

8

ٻئي ڏينهن منجهند جو اسان ٻڌوسين ته مٿي درياه تي ان رات حملو ڪيو ويو هو ۽ اسان کي اوڏانهن چار گاڏيون ڪاهي وڃڻيون هيون. جيتوڻيڪ ڪنهن کي به ان بابت ڪا به معلومات ڪو نه هئي اهي سڀ وڏي مثبت طريقي سان ۽ حڪمت عملي سان ڀريل ڄاڻ سان ڳالهائي رهيا هئا. پهريان مان گاڏي هلائي رهيو هوس ۽ اسان برطانوي اسپتال جي داخلا کان گذرياسين مون ڊرائيور کي گاڏي روڪڻ جو چيو. ٻيون گاڏيون زور سان مٿي نڪري ويون. مان ٻاهر نڪتس ۽ ڊرائيور کي وڃڻ جو چيو ۽ جيڪڏهن اسان انهن کي ڪارمونس (Cormons) جي رستن جي ميلاپ وٽ نه پڄي سگهياسن ته اسان انهن جو اتي ئي بيهي انتظار ڪنداسين. مان مٿي داخلي واري سڙڪ ڏانهن جلدي جلدي هلڻ لڳس ۽ خير مقدم واري احاطي ۾ ڪيٿرائن بارڪلي بابت معلوم ڪيوم.
”هوءَ ڊيوٽي تي آهي.“ ”ڇا مان هن کي فقط هڪڙي کن پل لاءِ ڏسي سگهان ٿو؟“ انهن هڪڙي پٽيوالي کي ڏسڻ لاءِ موڪليو ۽ هوءَ هن سان گڏ هلي آئي. ”مان هتي ان جي ڪري بيهي رهيس ته جيئن توکان معلوم ڪري سگهان ته تون ٺيڪ ته آهين نه. انهن مون کي ٻڌايو ته تون نوڪريءَ تي هئينءَ، تنهن ڪري مون هنن کي توکي ڏسڻ لاءِ چيو.“ ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان،“ هن چيو. ”مان سمجهان ٿي ته ڪالھ مون کي ڏينهن لڳو هو.“ ”مون کي وڃڻو آهي.“ ”مان هڪڙي منٽ جي اندر دروازي کان ٻاهر هليو ويندس.“ ”۽ تون بلڪل ٺيڪ آهين نه.“ مان ٻاهر کان هن کان پڇا ڪئي. ”ها، جاني. ڇا تون رات جو اچي رهيو آهين؟“ ”نه. مان هاڻي مٿي پلاوا تي هڪڙي تماشي کي ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“ ”هڪڙو تماشو؟“ ”مان نه ٿي سمجهان ته اهو ڪا اهڙي شيءِ آهي. ”۽ تون واپس وري ايندين؟“ ”سڀاڻي.“ هوءَ پنهنجي ڳچيءَ مان ڪاشيءِ ڍري ڪري رهي هئي. ان کي هن منهنجي هٿ تي رکي ڇڏيو.“ ”اهو بزرگ اينٿوني آهي،“ هن چيو. ”۽ سڀاڻي رات جو موٽي اچجانءِ.“ ”تون ڪيٿولڪ آهين يا نه؟“ ”نه. پر چوندا آهن ته بزرگ اينٿوني ڪافي ڪارآمد آهي.“ ”مان تنهنجي ڪري ان جي پرگهور لهندس. خدا حافظ.“ ”نه،“ هن چيو،”موڪلاڻي ناهي.“ ”چڱو ٺيڪ آهي.“ ”هڪڙو سٺو ڇوڪرو ٿي ۽ پنهنجو خيال رک. نه، تون مون کي هتي چمي پائي نه ٿو سگهين. تون نه ٿو ڪري سگهين.“ ”چڱو ٺيڪ آهي.“ مون پوئتي نهاريو ۽ هن کي ڏاڪن تي بيٺل ڏٺم. هن مون ڏانهن هٿ لوڏيو ۽ مون هن ڏانهن نهاريندي پنهنجي هٿ کي چمي پاتي. هن هڪ دفعو ٻيهر پنهجو هٿ لوڏيو ۽ ان کان پوءِ مان داخلا واري رستي کان ٻاهر نڪري آيس ۽ ايمبولنس جي سيٽ تي ويهڻ لاءِ مٿي چڙهڻ لڳس ۽ اسان هلڻ لڳاسين.
بزرگ اينٿوني هڪڙي ننڍڙي سفيد ڌاتوءَ جي خول ۾ بند هو. مون ان خول کي کوليو ۽ ان کي ٻاهر ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ رکيم. ”بزرگ اينٿوني آهي نه؟“ ڊرائيور پڇيو. ”ها.“ مون وٽ به هڪڙو آهي. هن گاڏيءَ جي هينڊل تان ساڄو هٿ پري ڪيو ۽ پنهنجي ڪڙتي جو هڪڙو تُڪمو (بٽڻ) کولي پنهنجي قميض جي اندريان کان مون کي ڏيکاريو. ”ڏسين ٿو؟“ مون پنهنجي بزرگ اينٿوني کي واپس خول ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ سوني زنجيري کي کولي ان ۾ وجهي ڪري، پنهنجي ڇاتيءَ جي اڳيان واري خيصي ۾ وجهي ڇڏيو. ”تون اهو پائي نه رهيو آهين ڇا؟“ ”نه.“ ”سٺو آهي ته تون ان کي پائي ڇڏ. اهو پائڻ جي لاءِ ئي ته آهي.“ ”چڱو ٺيڪ آهي،“ مون چيو. مون سوني زنجيري کي ڍرو ڪيو ۽ ان کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي پاڻ سان ٻڌي ڇڏيو. بزرگ منهنجي ورديءَ جي ٻاهريان لڙڪي رهيو هو ۽ مون جبي جي ڳلي واري حصي کي ڍرو ڪيو، ۽ قميض جي ڳلي بند (ڪالر) جا بٽڻ کولي ڇڏيا ۽ان کي قميض جي اندريان ورائي ڇڏيم. جڏهن اسان گاڏي هلائي رهيا هئاسين ان مهل مون ان کي پنهنجي ڇاتيءَ جي پٺيان لڳندي محسوس ڪيو. ان کان پوءِ مون هن کي وساري ڇڏيو. منهنجي زخمي ٿيڻ کان پوءِ مون ان کي وري ڪڏهن ڪو نه ڏٺو. ڪنهن نه ڪنهن کي يقيناَ اهو مرمتي اڏي وٽان هٿ آيو هوندو.
جڏهن اسان پل جي مٿان هئاسين تنهن مهل اسان وڏي تيزيءَ سان گاڏي هلائي رهيا هئاسين ۽ جلد ئي اسان رستي جي اڳيان ٻين گاڏين جي ڌوڙ کي اڏامندي ڏٺو. رستو مڙڻ لڳو ۽ اسان ڪافي ننڍڙين گاڏين کي ڏٺوسين، گاڏين جي ڦيٿن مان ڌوڙ اڏامي رهي هئي ۽ اها مٿي وڻن ۾ تحليل ٿي رهي هئي. اسان انهن کي پهتاسين ۽ انهن کان اڳ هنيوسين ۽ هڪڙي رستي تان ورياسين جيڪو ٽڪرين تي مٿي چڙهي رهيو هو. جيڪڏهن توهان پهرين گاڏيءَ ۾ آهيو ته پوءِ قافلي ۾ گاڏي هلائڻ مزي کان خالي نه هوندو آهي ۽ مان پوئتي گديءَ تي آهلجي پيس ۽ رستي تان گذرندڙ کيتن کي ڏسي رهيو هوس. اسان درياه جي بلڪل قريب ٽڪرين جي قدمن ۾ هئاسين ۽ جيئن جيئن رستو مٿي چڙهندو ويو اتي اتر پاسي اوچا پهاڙ هئا جن جي چوٽين تي خاموش برف ڄميل هئي. مون پٺتي ڪنڌ ورائي نهاريو ۽ ٽن ڪارين کي مٿي چڙهندي ڏٺو، جن جي مفاصلي جي وچ ۾ انهن جي ڌوڙ جو وقفو هو. اسان وزن سان سٿيل خچرن جي هڪڙي ڊگهي قطار ڏٺي سين، انهن کي هڪليندڙ انهن جي ڀرسان پيدل هلي رهيا هئا انهن کي سرخ ترڪي ٽوپيون پاتل هيون. اهي برساليگيري هئا. (Bersaligeri: اطالوي فوج ۾ رائيفل وارا نشاني باز سپاهي). خچرن جي ڪاروان جي پٺيان وارو رستو خالي هو ۽ اسان پهاڙن جي وچان چڙهياسين ۽ پوءِ اسان هڪڙي واديءَ ۾ هڪڙي ڊگهي پهاڙ جي ڪلهي تي هيٺ وياسين. رستن جي ٻنهي پاسن کان وڻن جو قطارون هيون ۽ وڻن جي ساڄي قطار کان مون درياه کي ڏٺو، جنهن جو پاڻي صاف، تيز ۽ تراکڙو هو. درياه هيٺ هو ۽ اتي واري ڦهليل هئي ۽ پاڻيءَ جي هڪڙي سوڙهي لنگھ ۾ ڪنڪر هئا ڪنهن ڪنهن مهل پاڻي هڪڙي چمڪ جيان ڪنڪر جي تري مٿان ڦهلجي رهيو هو. ڪناري جي ويجهو مون گهرا تالاب ڏٺا، پاڻي آسمان جيان نيرو هو. مون درياه جي مٿان خمدار پٿر جون پليون ڏٺيون جتان پٽڙيون رستن کان جدا پئي ٿيون ۽ اسان پٿرن وٽان گذرياسين. زرعي زمين سان گڏ وارين حويلين ۾ ناشپتيءَ جا وڻ هئا انهن جي ڏاکڻين ديوارن جي پٺيان چراغ ٻري رهيا هئا ۽ کيتن ۾ پٿر جون ننڍڙيون ديوارون آيل هيون. مٿي واديءَ ڏانهن ويندڙ رستو هڪڙو ڊگهو رستو هو ۽ پوءِ اسان ڦيرو کاڌوسين ۽ ٽڪرين تي چڙهڻ شروع ڪيوسين. شاه بلوط جي ٻيلي منجهان رستو نشيبي انداز ۾، اڳيان ۽ پويان، هيٺ مٿي چڙهي رهيو هو، جيڪو آخرڪار هڪڙي ڊگهي پهاڙي سان هموار ٿي ويو. مان ٻيلي منجهان نهاري سگهيس پئي، ۽ مون، چمڪندڙ سج جي روشنيءَ ۾ درياه جي ان سلسلي ڏانهن، گهڻو هيٺ نظر ڦيرائي ڏٺو، جنهن ٻن فوجن کي هڪٻئي کان جدا ڪري رکيو هو.
اسان ناهموار نئين فوجي رستي جي ڀرسان وياسين جيڪو ان ڊگهي پهاڙ جي چوٽيءَ تي هو ۽ مون اتر ۾ جبلن جون ٻه قطارون ڏٺيون، جيڪي برفاني قطارن واريون سايون ۽ ڪاريون هيون ۽ پوءِ سج جي روشنيءَ ۾ اهي سفيد ۽ دلڪش لڳي رهيون هيون. ۽ پوءِ جيئن ئي رستو ڊگهي پهاڙ جي چوٽيءَ تي چڙهڻ لڳو، مون جبلن جي هڪڙي ٽين قطار ڏٺي، اهي اوچا برفاني پهاڙ هئا، جيڪي چن جيان سفيد هئا انهن جي درميان ناليون هيون، عجيب هموارين سان، ۽ پوءِ انهن سڀني کان گهڻو پري پڻ جبل موجود هئا، جن کي جيڪڏهن توهان حقيقت ۾ ڏسو به ته به انهن جو مشڪل سان بيان ڪري سگهندا. اهي سڀ آسٽريائي پهاڙ هئا ۽ اسان وٽ انهن جهڙي ڪا به شيءِ ڪو نه هئي. اڳيان اتي رستي ۾ ساڄي پاسي کان هڪڙو گول ڦيرو هو ۽ هيٺ نهاريندي مون رستي کي وڻن درميان ڪرندي ڏٺو. هن رستي تي جٿا موجود هئا ۽ موٽرن واريون ٽرڪون ۽ پهاڙي بندوقن سان ڀريل خچر هئا، ۽ جيئن جيئن اسان هيٺ ويندا رهياسين، پاسي وٽان، مان ڪافي هيٺ درياه کي ڏسي پئي سگهيس، ان جي ڀرسان رسين ۽ پٽڙين جي قطار هئي، پراڻي پل جتان ٻئي پاسي ۽ آرپار ريلوي لائن گذري رهي هئي، هڪڙي ٽڪريءَ جي هيٺان درياه جي پريان، ننڍڙي قصبي جا ٽٽل گهر هئا جنهن تي قبضو ٿيڻو هو.
جڏهن اسان هيٺ آياسين اتي زري گهٽ رات ٿي ويئي ۽ اسان مکيه رستي تي مڙياسين جيڪو درياه جي ڀرسان هلي رهيو هو.