ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

30

بعد ۾ اسان هڪڙي رستي تي هئاسين جيڪو درياه ڏانهن پئي ويو. اتي پل ڏانهن ويندڙ رستي تي ڇڏي ڏنل ٽرڪين ۽ گاڏين جي هڪڙي ڊگهي قطار لڳل هئي. ڪو ماڻهو نظر نه پئي آيو. درياه تارون تار هو ۽ پل مرڪز وٽان ٽٽل هئي؛ پٿرائون محراب درياه ۾ ڪري پيو هو ميٽاهون پاڻي ان جي مٿان وهي رهيو هو. اسان مٿي پل ڏانهن وياسين ٽپڻ لاءِ ڪنهن هنڌ لاءِ واجهايوسين. مٿي اڳيان کان مون کي هڪڙي ريلوي جي پل جي هئڻ جي سُڌ هئي ۽ مون سوچيو ته اسان اتان کان آرپار ٿي پئي سگهياسين. رستو آلو ۽ گِچيل هو. اسان کي ڪو به فوجي جٿو ڏسجڻ ۾ ڪو نه آيو سواءِ ڇڏي ڏنل ٽرڪين ۽ ذخيرن جي. درياه جي ڪنڌيءَ سان اتي ڪجھ به ڪو نه هو سواءِ آلن ٻوٽن ۽ گپ چڪ جي. اسان مٿي ڪناري ڏانهن وياسين ۽ آخرڪار اسان کي ريلوي جي پل ڏسجڻ ۾ آئي. ”ڪيڏي نه خوبصورت پل آهي،“ ايمو چيو. اها آرپار هڪڙي ڊگهي هموار پل هئي جيڪا اڪثر طور تي درياه جي وٽ واري هڪڙي آبي گذرگاه هوندي هئي. ”بهتر آهي ته اسان تڙ تڪڙ ۾ آرپار ٿيون ان کان اڳ ۾ جو اهي ان کي اڏائي ڇڏين،“ مون چيو. ”اتي ان کي اڏائڻ جي لاءِ ڪو به ڪونهي،“ پيانيءَ چيو. ”اهي سڀ هليا ويا آهن.“ ”غالباَ اتي بارودي سرنگهون هونديون،“ بونيلو چيو. ”تينينت، تون پهريان ٽپي وڃ.“ ”انارڪسٽ کي ٻڌو،“ ايمو چيو. ”هن کي پهريان وڃڻ ڏيو.“ ”مان ويندس،“ مون چيو. ”اها هڪڙي ماڻهوءَ جي گذرڻ سان نه ڦاٽندي.“ ”تون ڏسين ٿو نه،“ پيانيءَ چيو ”انهي کي دماغ چئبو آهي. انارڪسٽ، توکي دماغ ڪونهي ڇا؟“ .جيڪڏهن مون وٽ دماغ هجي ها ته مان هتي نه هجان ها،“ بونيلو چيو. ”اهو ڪافي سٺو آهي، تينينت،“ ايمو چيو. ”اهو ڪافي سٺو آهي،“ مون چيو. هاڻي اسان پل جي ويجهو هئاسين. آسمان تي ٻيهر ڪڪر ڇائنجي ويا هئا ۽ اتي بارش پوڻ شروع ٿي ويئي هئي. پل ڊگهي ۽ ٺوس لڳي رهي هئي. اسان ڪناري جي مٿان چڙهياسين. ”واري واري سان اچو،“ مون چيو ۽ پل جي آرپار هلڻ شروع ڪيوسين. مون ڳنڍين ڏانهن نهاريو ۽ جلائي ڇڏيندڙ ڌماڪيدار خاردار تارن لاءِ پر مون کي ڪجھ به نظر ڪو نه آيو. هيٺ ڳنڍين جي وٿين ۾ درياه گپ سان ڀريل ۽ تيزيءَ سان وهي رهيو هو. اڳتي آرپار آلن کيتن ۾ هلندڙ بارش ۾ مان يُوڊائن کي ڏسي پئي سگهيس. مون پل جي آرپار واپس مڙي ڏٺو. درياه جي بلڪل مٿان هڪڙي ٻي پل هئي. جيئن ئي مون ان ڏانهن ڏٺو، هڪڙي مٽيءَ هاڻي موٽر ڪار ان جي مٿان ٽپي ويئي. پل جا پاسا اوچا هئا، ۽ ڪار جو جسم، هڪ دفعو ڏيکاري ڏيڻ کان پوءِ، نظرن کان اوجهل ٿي ويو. پر مونکي ڊرائيور جو مٿو نظر آيو، هن جي ڀرسان هڪڙو ٻيو ماڻهو ويٺل هو، ۽ ٻه ماڻهو پٺيان واري سيٽ تي. انهن سڀني کي جرمن ٽوپلا پاتل هئا. انهي کان پوءِ ڪار پل جي مٿان ۽ وڻن جي پويان ۽ رستي تي ڇڏي ڏنل گاڏين ۾ نظرن کان اوجهل ٿي ويئي. مون ايمو ۽ ان جي پٺيان ٽپندڙ ٻين کي هٿ لوڏي اڳتي وڌڻ جو اشارو ڪيو. مان هيٺين طرف چڙهڻ لڳس ۽ ريلوي جي ڀرسان ڪرونڊڙو ٿي ويس. ايمو مون سان گڏ هيٺ آيو. ”ڇا توهان ڪار کي ڏٺو؟“ ”نه.“ ”اسان توڏانهن نهاري رهيا هئاسين.“ هڪِڙي جرمن عملي واري ڪار مٿين پل تان گذري ويئي.“ ”هڪڙي جرمن عملي واري؟“ ”ها.“ ”بيبي مريم جو قسم.“ ٻيون گاڏيون آيون ۽ اسان سڀ ڪناري وٽ گپ ۾ ڪرونڊڙا ٿي ويٺاسين، پل جي آر پارخاردار تارن، وڻن جي قطارن، خندق ۽ رستي ڏانهن نهاري رهيا هئاسين. ”تينينت، ڇا توهان سمجهو ٿا ته اسان انهن وٽان ٽپي وينداسين؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان. مان فقط اهو ڄاڻان ٿو ته هڪڙي جرمن عملي واري ڪار انهي رستي تان هلي ويئي.“ ”تينينت، تون انوکو محسوس نه ٿو ڪرين؟“ ”تو کي عجيب قسم جا جذبات دماغ ۾ نه ٿا اچن؟“ ”مذاق نه ڪر، بونيلو؟“ ”هڪڙي جام جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ پيانيءَ پڇيو. ”جيڪڏهن اسان اتان ٽپي وياسين ته اسان هڪڙو جام پي سگهنداسين.“ ”هن پنهنجي پاڻيءَ واري بوتل جو ڪنڍو کوليو ۽ ان جو ڍڪڻو لاهي ڇڏيو. ”ڏسو! ڏسو!“ ايمو چيو ۽ رستي ڏانهن اشارو ڪيو. پٿر واري پل جي مٿان اسان جرمن ٽوپلن کي چرپر ڪندي ڏٺوسين. اهي اڳتي جي طرف رخ اختيار ڪيون بيٺا هئا ۽ آهستي آهستي چري پري رهيا هئا زري گهٽ ڀرسان ڪنهن غيبي طاقت جيان. جيئن ئي اهي پل جي مٿان آيا اسان انهن کي ڏٺوسين. اهي موٽرسائيڪلين وارا جٿا هئا. مون پهرين ٻن ڄڻن جون شڪليون ڏٺيون. اهي سرخيءَ مائل ۽ جانٺا جوان نظر اچي رهيا هئا. انهن جا ٽوپلا انهن جي نرڙ ۽ انهن جي چهرن جي پاسن کان هيٺ اچي رهيا هئا. انهن جو ننڍڙيون گهنڊ مِشنيون انهن جي موٽر سائيڪلن جي فريمن سان ٻڌل هيون. انهن جي پٽن (بيلٽن) مان ڪاٺ وارن بمن جا مُٺيا لٽڪي رهيا هئا. انهن جا هيلميٽ (ٽوپلا) انهن جون خاڪ رنگي ورديون آليون هيون ۽ اهي آهستي آهستي سواري ڪري رهيا هئا، اڳتي ۽ ٻنهي پاسن ڏانهن نهاريندي. اتي اهي ٻه ڄڻا هئا، پوءِ هڪڙي قطار ۾ چار، وري ٻه، انهي کان پوءِ هڪڙو درجن، انهي کان پوءِ اڪيلو هڪڙو ڄڻو. اهي پاڻ ۾ ڳالهائي ڪو نه رهيا هئا پر اسان درياه مان ايندڙ شور جي ڪري انهن کي ٻڌي به ڪو نه پئي سگهياسين. اهي مٿي رستي تي نظرن کان اوجهل ٿي ويا هئا. ”پاڪدامن بيبي مريم،“ ايمو چيو. ”اهي جرمن هئا،“ پيانيءَ چيو. ”اهي آسٽريائي نه هئا.“ ”هتي انهن کي روڪڻ لاءِ ڪو شخص موجود ڇو نه آهي؟“ مون چيو. “انهن پل کي اڏائي ڇو نه ڇڏيو آهي؟ هتي هن سرحد جي ڀرسان مشين گنون ڇاڪاڻ موجود ناهن؟“ .تينينت، تون اسان کي ٻڌاءِ،“ بونيلو چيو. مان ڪافي ڪاوڙ ۾ هوس. ”سمورو معاملو پاڳل پڻو آهي. هيٺ انهن هڪڙي ننڍڙي پل کي اڏائي ڇڏيو. هتي انهن مکيه رستي تي هڪڙي پل کي ڇڏي ڏنو آهي. هر ڪو ڪيڏانهن ويل آهي؟ ڇا اهي انهن کي ٻنجو ڏيڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن؟“ ”تينينت، تون اسان کي ٻڌاءِ،“ بونيلو چيو. مون بس ڪئي. اهو منهنجو ڪم نه هو؛ جيڪو ڪجھ مونکي ڪرڻو هو سو هو پورڊينونَ مان ٽي ايمبولنسون ڪاهي اچڻ. مان ان ۾ ناڪام ويو هوس. هاڻي مون کي جيڪو ڪجھ به ڪرڻو هو سو هو پورڊِينون تائين پهچڻ. ڪرڻ جي جيڪا ڳالھ هئي سا هئي ته خاموشي اختيار ڪجي ۽ پاڻ کي گولي لڳڻ يا گرفتار ٿيڻ کان بچائجي. ”ڇا تو پاڻيءَ جي هڪڙي بوتل ۾ پيل شراب کي نه کوليو آهي؟“ مون پيانيءَ کان پڇيو. هن اها منهنجي حوالي ڪئي. مون هڪڙو ڊگهو ڍڪ ڀريو. ”اسان انهيءَ سان گڏوگڏ شروع ڪنداسين،“ مون چيو. ”البت اتي ڪا جلدي ناهي. ڇا توهان ڪجھ کائڻ گهرو ٿا؟“ ”هتي ڪو رڪجڻ جو هنڌ ناهي،“ بونيلو چيو. ”ٺيڪ آهي. اسان شروع ڪنداسين.“ ڇا اسان نظرن کان اوجهل هن پاسي کان شروع ڪيون؟“ ”اسان مٿي واري پاسي کان بهتر رهنداسين. اهي هن پل جي ڀرسان پڻ اچي سگهن ٿا. اسان انهن کي ڏسڻ کان پهريان پنهنجي مٿان ڏسڻ نه ٿا چاهيون.“ ”اسان ريل جي پٽڙين واري رستي جي ڀرسان هلياسين. اسان جي ٻنهي پاسن کان آلو ميدان ڦهليل هو. اڳتي ميدان جي آرپار يوڊائن جو پهاڙ هو. گهرن جون ڇتيون پهاڙيءَ کان هيٺ نميل هيون. اسان اطالوي گِهنڊ ۽ گهڙيال وارو مينار ڏسي پئي سگهياسين. اتي کيتن ۾ ڪيترائي شهتوتن جا وڻ هئا. اڳيان مون هڪڙو هنڌ ڏٺو جتي ريلون ٽڪر ٽڪر ٿيل هيون. انهن جا جوڙ پڻ ٻاهر نڪتل هئا ۽ اهي هيٺ ڪناري جي ڀرسان ڦٽو ڪيل هئا. ”هيٺ ٿيو! هيٺ ٿيو!“ ايمو چيو. اسان ڪناري جي ڀرسان هيٺ ليٽي پياسين. اتي موٽر سائيڪل سوارن جو هڪڙو ٻيو گروه هو جيڪو رستي تان لنگهي رهيو هو. مون مٿي ڪناري ڏانهن نهاريو ۽ انهن کي اتان گذرندي ڏٺم. ”انهن اسان کي ڏٺو پر اهي اڳتي هليا ويا،“ ايمو چيو. ”اسان مٿي ماريا وينداسين، تينينت،“ بونليو چيو. ”اهي اسان کي مارڻ نه ٿا چاهن،“ مون چيو. ”اهي ڪنهن ٻي شيءِ جي پٺيان آهن. اسان ان مهل وڌيڪ خطري ۾ گهيرباسين جڏهن اهي اچانڪ اسان ڏانهن اچن.“ .مان بلڪه هتان هنن جي نظرن کان ٽري وڃڻ چاهيندس،“ بونيلو چيو. ”ٺيڪ آهي. اسان پٽڙين جي ڀرسان هلنداسين“ ”ڇا تون سمجهين ٿو ته اسان اتان پار پئجي وينداسين؟“ ايمو پڇيو. ”يقيناَ. اتي انهن منجهان ڪيترائي ڪو نه آهن. اسان رات جي انڌيري منجهان هلنداسين.“ ”اها عملي واري ڪار ڇا ڪري رهي هئي؟“ ”حضرت عيسيٰ ڄاڻي ٿو،“ مون چيو. اسان مٿي پٽڙين تي هلندا رهياسين. ڪناري جي وٽ ۾ هلندي هلندي بونيلو ٿڪجي پيو ۽ هو اسان سڀني جي آخر ۾ هو. ريل جون پٽڙيون هاڻي شاهراه کان پري ڏکڻ ڏانهن هلي رهيون هيون ۽ اسان ڏسي نه پئي سگهياسين ته رستي جي ڀرسان ڇا گذري رهيو هو. هڪڙي واه جي مٿان هڪڙي ننڍڙي موريءَ کي اڏايو ويو هو پر اسان ان جي بچيل سچيل حصن تان چڙهندي آر پار ٿياسين. اسان پنهنجي پٺيان فائرنگ ٻڌي سين. اسان واه کان پرتي ريل جي پٽڙين تي مٿي چڙهي آياسين. اهي ننڍڙن کيتن جي آرپارسڌو قصبي ڏانهن وڃي رهيون هيون. اسان هڪڙي ٻي ريلوي لائين کي پنهنجي اڳيان ڏسي پئي سگهياسين. اتر ۾ مکيه رستو هو جتي اسان موٽرسوارن کي ڏٺو هئوسين؛ اتي ڏکڻ ۾ ٻنين جي آرپار هڪڙو ننڍڙي شاخ وارو رستو هو جنهن جي هر پاسي کان گهاٽا وڻ بيٺل هئا. مون سوچيو اسان جي لاءِ بهتر آهي ته اسان ڪيمپوفورميو وارن کيتن جي آرپار ۽ تيگليامينتو واري مکيه رستي کان ٿيندا ڏکڻ واري لاڙي ڏانهن هلون ۽ انهي رستي تان قصبي جي چوگرد ڦري اچون. يُوڊائن کان پرتي ثانوي رستن کان ٿيندي اسان شڪستياب واپسي وارِي مکيه ڌارا کان پرهيز ڪري سگهنداسين. مون ڄاتو پئي ته اتي ميدان جي آرپار ذيلي شاخن جي جهجهائپ هئي. مون ڪناري کان هيٺ هلڻ شروع ڪيو. ”اچو،“ مون چيو. اسان ذيلي رستي تي هلنداسين ۽ شهر جي ڏکڻ ڏانهن ڪم ڪنداسين. اسان سڀني ڪناري جي هيٺان هلڻ شروع ڪيوسين. ذيلي رستي وٽان هڪڙو ٺڪاءُ ڇڏيو ويو. گولي ڪناري جي مٽيءَ ۾ هلي ويئي. ”پٺيءَ ڀر هلو،“ مون دانهن ڪئي. مون مٽيءَ ۾ ترڪندي مٿي ڪناري ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. ڊرائيور منهنجي اڳيان هئا. مون کان جيترو تيز پڄي سگهيو مان مٿي ڪناري ڏانهن ويس. گهاٽين جهاڙين وٽان ٻه وڌيڪ ٺڪاو آيا ۽ ايمو، جيئن ئي هو پٽڙين تان ٽپي رهيو هو، ساڻو ٿي پيو، هو ٿاٻڙجي پيو ۽ منهن ڀر هيٺ ڪري پيو. اسان ٻئي پاسي کان هن کي هيٺ ڇڪيوسين ۽ هن کي سڌو ڪيوسين. ”هن جو منهن مٿي پهاڙ ڏانهن هئڻ گهرجي،“ مون چيو. پيانيءَ هن کي چوگرد ڦيرايو. ”هو ڪناري جي مٽيءَ تي آهلجي ويو، هن جي پيرن جو رخ هيٺ پهاڙي ڏانهن هو، ساه کڻڻ مهل رکي رکي هن جي وات مان خون وهي رهيو هو. اسان منجهان ٽي ڄڻا هن جي مٿان اوڪڙو ٿي ويٺا. هن کي ڳچيءَ جي پٺيان هلڪو ڌڪ لڳو هو ۽ گولي هن کي مٿان کان رهڙو ڏئي گذرندي ٻاهر هن جي اک ۾ لڳي هئي. جڏهن مان هن جي ٻن سوراخن کي روڪڻ جي ڪري رهيو هوس هو ان مهل مري ويو. پيانيءَ هن جي ڪنڌ کي هيٺ ڪيو، هنگامي صورتحال ۾ ڪم ايندڙ ڪپڙي جي ٽڪري سان، هن جي منهن کي اگهي صاف ڪيو، ۽ پوءِ هن کي تنها ڇڏي ڏنو. ”د ـــــــــــ،“ هن چيو. ”اهي جرمن نه هئا،“ مون چيو. ”اتي ڪو به جرمن ٿي نه ٿو سگهي.“ ”اطالوي،“ لفظ کي هڪڙي گار طور استعمال ڪندي، پيانيءَ چيو. ”اطالياني!“ بونيلو ڪجھ نه ڪڇيو. هو ايمو جي ڀرسان ويٺو هو، ۽ هن ڏانهن ڏسي نه رهيو هو. پيانيءَ ايمو جي ٽوپي کنئي جتي اها ڪناري سان هيٺ ليٿڙجي ويئي هئي ۽ ان کي پنهنجي منهن جي مٿان ڏيئي ڇڏيو. هن پنهنجي پاڻيءَ واري بوتل ۾ وڌل شراب کي ٻاهر ڪڍيو. ”توکي هڪڙو جام کپي؟“ پيانيءَ بونيلو کي بوتل ڏني. ”نه،“ بونيلو چيو. هن مون ڏانهن وڌائي. ”اهو اسان سان ريل جي پٽڙين تي ڪنهن به مهل ٿي سگهيو پئي.“ ”نه،“ مون چيو.”اهو ان جي ڪري ٿيو ڇاڪاڻ جو اسان کيتن جي آرپار ٽپياسين.“ بونيلو پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. ”ايمو مري چڪو آهي،“ هن چيو. ”هاڻي ٻيو ڪير مرندو، تينينت؟ هاڻي اسان ڪيڏانهن وڃون؟“ ”جن گولي هلائي اهي اطالوي هئا،“ مون چيو. ”اهي جرمن نه هئا.“ ”مان سمجهان ٿو جيڪڏهن اهي جرمن هجن ها ته اهي اسان سڀنيءَ کي ماري ڇڏين ها،“ بونيلو چيو. ”اسان جرمن کان وڌيڪ اطالوين جي خطري ۾ آهيون،“ مون چيو. ”عقبي مقام سنڀاليندڙ محافظ هر هڪ شيءِ کان ڊنل آهن. جرمن ڄاڻن ٿا ته اهي ڪنهن جي پٺيان آهن.“ ”تو ان جو دليل ڏئي ڇڏيو، تينينت،“ بونيلو چيو. “هاڻي اسان ڪيڏانهن وينداسين؟“ پيانيءَ پڇيو. ”اسان لاءِ بهتر آهي ته اسان ڪنهن هنڌ تي لڪي وڃون جيستائين رات نه ٿئي. جيڪڏهن اسان ڏکڻ ڏانهن پهچي سگهياسين ته اسان ٺيڪ رهنداسين.“ ”انهن کي اسان سڀنيءَ کي ماري ڇڏڻو آهي اهو ثابت ڪرڻ جي لاءِ ته اهي شروعاتي وقت کان درست هئا،“ بونيلو چيو. ”مان هنن کي اهڙي قسم جي ڪوشش ڪرڻ نه ڏيندس.“ ”اسان يوڊائن کي جيترو ويجهو ٿي سگهي هڪڙو هنڌ ڳولهي لهنداسين ۽ پوءِ انهي درميان جڏهن رات ٿيندي اتان گذرنداسين. ”ته پوءِ اچو ته هلون،“ بونيلو چيو. اسان ڪناري جي اتر طرف ڏانهن وياسين. مون پوئتي نهاريو. ايمو مٽيءَ ۾ ڪناري جي پاسي کان پيو هو. هو ڪافي ننڍو هو ۽ هن جون ٻانهون هن جي پاسن کان هيون، چمڙاون جورابن ۾ ويڙهجي ويل هن جون ڄنگهون ۽ مٽيءَ هاڻا جوتا لڳلو لڳ هئا، هن جي ٽوپي هن جي چهري جي مٿان هئي. هو مڪمل طور تي مئل لڳي رهيو هو. اتي برسات پئجي رهي هئي. مان هن سان ايترو پيار ڪندو هوس جيترو شايد ئي مان ڪنهن سان ڪندي ڄاڻيندو هجان. مون وٽ منهنجي کيسي ۾ هن جا ڪاغذ پيل هئا ۽ اهي هن جي خاندان ڏانهن لکي موڪلڻا هئا. اتي هن جي چوگرد وڻ هئا ۽ کيتن جون عمارتون گهرن جي برعڪس هيون اتي ٻي منزل جي ڀرسان هڪڙو ڇڄو هو جيڪو ٿنڀن جي سهاري بيٺل هو. ”بهتر آهي ته اسان هڪٻئي کان ٿورو الڳ ٿيون،“ مون چيو. مان اڳتي وڌندس.“ مون کيت واري گهر ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. اتي ٻنيءَ جي آرپار هڪڙو رستو هو. ٻنيءَ کان گذرندي، مون نه پئي ڄاتو سواءِ ان جي ته ٻنيءَ واري گهر جي ڀرسان وارن وڻن مان يا ٻنيءَ واري انهي گهر منجهان ئي ڪو نه ڪو اسان ڏانهن فائرنگ ڪندو. مان اوڏانهن هلڻ لڳس، ان کي صفا چٽيءَ طرح ڏسي پئي سگهيس. ٻي منزل وارو ڇڄو گودام سان ڳنڍيل هو اتان ٿنڀن مان بُوسو وهي رهيو هو. پٿرن جي بلاڪن وارو احاطو ۽ سمورا وڻ مينهن ۾ ٽمي رهيا هئا. اتي هڪڙي ٻن ڦيٿن واري خالي گاڏي بيٺل هئي، ان جي سِرائي اڳياڙيءَ ۾ مٿان کان اوچائي تي ٻڌل هئي. مان احاطي ڏانهن آيس، ان مان پار پيس، ۽ هيٺ ڇڄي جي پناه ۾ بيهي رهيس. گهر جو دروازو کليل هو ۽ مان ان ۾ اندر گهڙي ويس. بونيلو ۽ پياني مون کان بعد ان ۾ گهڙي آيا. اتي اندريان اونداه هئي. مان واپس رڌڻي ڏانهن هليو ويس. اتي هڪڙي وڏي کليل آتشدان تي باه جي خاڪ پيل هئي. ٿانو خاڪ جي مٿان ٽنگيل هئا، پر اهي خالي هئا. مون آسپاس نظر ڊوڙائي پر مون کي کائڻ جي لاءِ ڪا به شيءِ نظر ڪو نه آئي. ”اسان کي مٿي گودام ۾ ليٽي پوڻ گهرجي،“ مون چيو. ”پياني، ڇا تون سمجهين ٿو ته تون کائڻ جي لاءِ ڪا شيءِ ڳولهي لهي سگهين ٿو، ۽ ان کي مٿي کڻي اچ؟“ ”مان ڏسندس،“ پيانيءَ چيو. ”مان به ڏسندس،“ بونيلو چيو. “ٺيڪ آهي،“ مون چيو. ”مان مٿي ويندس ۽ گودام ڏانهن ڏسندس.“ مون پٿر جي هڪڙي ڏاڪڻ ڏٺي جيڪا اسطبل جي هيٺان کان مٿي پي ويئي. اسطبل جي اڳياڙيءَ کان خشڪ ۽ خوشگوار محسوس ٿي رهيو هو. سمورو چوپايو مال هليو ويو هو، غالباَ جڏهن انهن ان کي خالي ڪيو هو اهي ان کي پاڻ سان ڪاهي ويا هئا. گودام اڌ جيترو بُوسي سان ڀريل هو. اتي ڇت ۾ ٻه کڙڪيون هيون، هڪڙي تختين سان بند ڪيل هئي ٻي اتر واري پاسي سان ڇت سان ڍڪيل هئي. اتي هڪڙو ڍلوان هو شايد ان جي لاءِ ته جيئن بُوسي کي هيٺ چوپائي مال تائين ڪيرايو وڃي. مکيه فرش جي هيٺيان وارن شگافن مان روشنيءَ جا ڪرڻا آرپار ٿي رهيا هئا جتي بوسي وارين گاڏين کي بوسي سان ڀري مٿي آندو ويندو هو. مون ڇت تي مينهن جي وسڻ جي آواز کي ٻڌو ۽ گاه کي محسوس ڪيو، ۽ جڏهن مان هيٺ ويس، مون کي سڪل ڇيڻن جي صاف بوءِ محسوس ٿي. اسان هڪڙي تختيءَ کي بيرم جي مدد سان ڍرو ڪري پئي سگهياسين ۽ هيٺ احاطي ۾ ڏاکڻي کڙڪيءَ کان ٻاهر ڏسي پئي سگهياسين. ٻي کڙڪي اتر ڏي ٻاهر ٻنين واري پاسي ڏانهن کلي رهي هئي. اسان ڇت جي مٿان ۽ هيٺان کان ڪنهن به هڪڙي دريءَ کان ٻاهر نڪري پئي سگهياسين، يا جيڪڏهن ڏاڪڻيون ناقابلِ عمل هيون ته اسان بوسي جي ڍلوان جي هيٺان وڃي پئي سگهياسين. اهو هڪڙو وڏو گودام هو ۽ جيڪڏهن اسان کي ڪنهن جي اچڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي وڃي ته ان صورت ۾ اسان بوسي ۾ لڪي پئي سگهياسين. اهو ڪنهن ڀلي هنڌ جهڙو پئي لڳو. مون کي يقين هو ته جيڪڏهن انهن اسان تي گولي نه هلائي ته اسان سڌو ڏکڻ ڏانهن نڪري سگهنداسين. اهو ناممڪن هو ته اتي جرمن هجن. اهي اتر کان اچي رهيا هئا سِوِيڊول کان هيٺان واري رستي کان. اهي ڏکڻ کان نه پئي اچي سگهيا. اطالوي ته اڃا وڌيڪ خطرناڪ هئا. اهي خوف ۾ ورتل هئا ۽ انهن هر انهيءَ شيءِ تي گولي پئي هلائي جيڪا هنن جي نظر ۾ ٿي آئي. شڪست کان پوءِ واري گذري ويل رات جي وقت اسان ٻڌو هوسين ته اتي اطالوي وردين ۾ ڪيترائي جرمن اتر ۾ ڀاڄ کاڌل ماڻهن ۾ شامل ٿي ويا هئا. مون کي ان تي يقين نه پئي آيو. اها انهن ڳالهين منجهان هڪڙي ڳالھ هئي جيڪا اڪثر طور تي جنگ ۾ توهان کي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. اها انهن شين منجهان هڪ هئي جيڪا دشمن اڪثر توهان سان ڪندو آهي. اهو منجهائڻ جي لاءِ دشمن جي طرفان هلايل شوشو هو ڇاڪاڻ جو توهان کي خبر ئي ڪا نه ٿي پئي ته جرمن ورديءَ ۾ توهان سان ڪير ساڻ هو. مون کي ان تي يقين نه پئي آيو ته جرمنن ايئين ڪيو هوندو. مون ان تي يقين نه پئي ڪيو ته انهن کي ايئين ڪرڻ جي ڪا گهرج هجي. اتي اسان جي ڀاڄ کي منجهائڻ جي لاءِ اهڙو ڪجھ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪو نه هئي. اهو سڀ ڪجھ فوج جي اقامت ۽ رستن جي اڻاٺ جي ڪري ٿيو هو. جرمنن کي اڪيلو ڇڏي ڏيڻ جو ڪنهن به حڪم جاري ڪو نه ڪيو هو. پوءِ به، اهي اسان کي جرمن سمجهي ماري رهيا هئا. انهن ايمو کي گولي هنئي هئي. بوسي مان سٺي بوءِ اچي رهي هئي ۽ هڪڙي گودام ۾ پيل بوسي ۾ آهلجڻ درميان وارن سمورن سالن کي پرتي ڪري ڇڏيو. اسان بوسي تي آهليا پيا هئاسين ۽ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين ۽ هڪڙي هوائي رائيفل سان ان مهل ماريل جهرڪيون جڏهن اهي هڪڙي ٽڪنڊي وٽان پنهنجي واهيرن مٿان ويهي رهيون هيون مٿي گودام جي ديوار واري اوچائيءَ ۾ ڳڀا ڳڀا ٿيل هيون. هاڻي اهو گودام نه رهيو هو ۽ هڪڙي سال تائين شايد انهن سدا بهار وڻن کي ڪٽيو هو اتي فقط ڪاٺيون پيون هيون، وڻن جون سڪل چوٽيون، ٽاريون ۽ ٻارڻ جون ڪاٺيون ۽ اگن ٻُوٽِي جتي ان جو جهنگ موجود هو. توهان واپس وڃي نه ٿا سگهو. جيڪڏهن توهان اڳتي وڃي نه ٿا سگهو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ توهان ڪڏهن به ملان ڏانهن واپس نه ٿا وڃي سگهو. ۽ جيڪڏهن توهان ملان ڏانهن واپس وڃي سگهندا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ مون اتر ۾ يوڊائن واري پاسي کان فائرنگ جو آواز ٻڌو. مان گهنڊ مشينن کي فائرنگ ڪندي ٻڌي پئي سگهيس. اتي ڪا به گوليباري ڪو نه ٿي رهي هئي. اتي ڪا شيءِ هئي. انهن اتي رستي تي ڪجھ جٿا بيهاري ڇڏيا آهن. مون بوسي واري گودام جي اڌيڪي روشنيءَ هيٺ نهاريو ۽ مون پيانيءَ کي لهواري فرش تي بيٺل ڏٺو. هن کي هڪڙو ڊگهو قيمي جو رول هو، ڪنهن شيءِ واري هڪڙي صراحي ۽ هن جي ٻانهن جي هيٺان شراب جون ٻه بوتلون. ”مٿي اچ،“ مون چيو. ”اتي ڏاڪڻ آهي.“ پوءِ مون محسوس ڪيو ته مون کي شيون کڻائڻ ۾ هن جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ هيٺ لهي ويس. بوسي تي ليٽڻ جي ڪري منهنجو مٿو ڌنڌلو ٿي ويو هو. مونکي زري گهٽ ننڊ اچي ويئي هئي. ”بونيلو ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو. ”مان توکي ٻڌائيندس،“ پيانيءَ چيو. اسان ڏاڪڻ جي مٿان چڙهي وياسين. بوسي جي مٿان اسان شين کي ٺاهي رکيوسين. پيانيءَ ڍڪڻ واري اسڪرو سان گڏ پنهنجو چاقو ٻاهر ڪڍيو ۽ شراب جي هڪڙي ڍڪڻي کي ڇڪ ڏني. ”انهن تي مهرن جي ميڻ لڳل آهي،“ هن چيو. ”اهي لازماَ ڀلا هئڻ گهرجن.“ هن مسڪرايو. ”بونيلو ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو. پيانيءَ مون ڏانهن نهاريو. ”تينينت، هو هليو ويو،“ هن چيو. ”هن باندي بڻجڻ پئي چاهيو.“ مان ڪجھ به نه ڪڇيس. ”هن کي خوف هو ته اسان ماريا وينداسين.“ مون شراب جي بوتل کي پڪڙي رکيو ۽ ڪجھ نه ڪڇيم. ”توکي ته خبر آهي نه ته اسان بحرحال جنگ کي تسليم نه ٿا ڪيون، تينينت.“ ”تون ڇو نه ٿو وڃين؟“ مون پڇيو. ”مان توکي ڇڏڻ نه ٿو چاهيان.“ ”هو ڪيڏانهن ويو؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان، تينينت. هو بس هليو ويو.“ ”ٺيڪ آهي،“ مون چيو. ”ڇا تون قيمي واري رول کي ڪٽيندين؟“ پيانيءَ مون ڏانهن اڌيڪي روشنيءَ ۾ نهاريو. ”مان ان کي پاڻ ۾ ڳالهائڻ دوران ڪٽيان ٿو،“ هن چيو. اسان بوسي ۾ ويهي رهياسين ۽ قيمي واري رول کي کاڌوسين ۽ شراب پيتوسين. اهو شراب لازماَ انهن ڪنهن شاديءَ جي موقعي لاءِ بچائي رکيو هوندو. اهو ايترو ته پراڻو هو جو اهو پنهنجو رنگ مٽائي رهيو هو. .تون هن کڙڪيءَ کان ٻاهريان نهار،“ مون چيو. ”مان وڃي ڪري ٻي دريءَ کان نهاريان ٿو.“ اسان ٻئي هڪڙي بوتل مان پي رهيا هئاسين ۽ مون پنهنجي بوتل پاڻ سان کنئي ۽ مٿي هليو ويس ۽ بوسي تي سڌو ٿي ويهي رهيس ۽ سوڙهي دريءَ کان ٻاهر گهميل کيت ڏانهن نهاريم. مون نه ٿي ڄاتو ته مان ڇا کي ڏسڻ جي اميد لڳايون ويٺو هوس پر مان سواءِ کيتن جي ۽ شهتونن جي بي لباس وڻن ۽ وسندڙ مينهن جي ٻيو ڪجھ به ڏسي ڪو نه سگهيس. مون شراب کي ڳيتيو ۽ ان سان مون کي ڪو قرار نه مليو. انهن ان کي گهڻي وقت تائين رکي ڇڏيو هو ۽ اهو ٽُڪر ٽُڪر ٿي ويو هو ۽ ان جو معيار ۽ رنگ مٽجي ويو هو. مون ٻاهر اونداه کي ڇائجندي ڏٺو؛ اونداهي جلدي جلدي اچي ويئي. اها برسات سان گڏ هڪڙي تاريڪ رات بڻجڻ واري هئي. جڏهن اتي اونداهي ڇائنجي ويئي ان ڏانهن وڌيڪ لاءِ نهارڻ ڪنهن ڪم جو ڪو نه هو، تنهن ڪري مان پيانيءَ ڏانهن هليو ويس. هو ننڊ پئجي ويو هو مون هن کي ڪو نه جاڳايو پر ٿوريءَ گهڙيءَ جي لاءِ هن جي ڀرسان ويهي رهيس. هو ٿلهو متارو مڙس هو ۽ هو بد پرهيزيءَ وچان سمهي رهيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ مون هن کي اٿاريو ۽ اسان هلڻ لڳاسين. اها هڪڙي عجيب رات هئي. مان نه ٿو ڄاڻان ته مون ڪهڙي توقع پئي رکي، شايد موت ۽ رات جي وقت ۾ گوليون وسڻ ۽ ڊوڙڻ جي، پر ڪجھ به ڪو نه ٿيو. اسان خندق کان پرتي مکيه رستي جي ڀرسان انتظار ڪرڻ لڳاسين، جڏهن جرمن بٽالين گذري رهي هئي پوءِ جڏهن اهي تپي ويا اسان رستو پار ڪيوسين ۽ اتر ڏانهن هليا وياسين. اسان منهن ۾ ٻه ڀيرا جرمنن جي ويجهو ٿياسين پر انهن اسان کي ڪو نه ڏٺو. اسان ڪنهن به اطالويءَ کي ڏسڻ جي بنا اتر کان قصبي وٽان گذري وياسين، پوءِ ٿوريءَ دير کان پوءِ ڀاڄ وارين مکيه ڌارائن تي پهتاسين ۽ سموري رات تيگليامينتو ڏانهن هلندا رهياسين. مون محسوس نه ڪيو هو ته ڀاڄ ڪيتري نه ديوقامت هئي. سمورو ملڪ هلي رهيو هو، ساڳيءَ طرح فوج پڻ. اسان سڄي رات هلندا رهياسين، گاڏين کان وڌيڪ بهتر وقت ڪاٽي آياسين. منهنجي ڄنگھ دُکي رهي هئي ۽ مان ٿڪل هوس پر اسان سٺو وقت ٽاريوسين. بونيلو لاءِ اهو ڪافي احمقاڻو لڳي رهيو هو جو هن قيدي بڻجڻ جو فييصلو ڪيو هو. اتي ڪو به خطرو ڪو نه هو. اسان بنا ڪنهن حادثي جي ٻن فوجن جي درميان هلياسين. جيڪڏهن ايمو مارجي نه وڃي ها ته اتي ڪڏهن به ڪو خطرو نه ڀاسي ها. جڏهن اسان ريل جي رستي جي ڀرسان چٽيءَ روشنيءَ ۾ هئاسين اسان کي ڪنهن به ڪا اذيت ڪا نه ڏني. موت اچانڪ پئي آيو ۽ اهو بلاجواز هو. مون کي حيرانگي ٿي رهي هئي ته بونيلو ڪيڏانهن هليو ويو هو. ”تينينت، تون ڪيئن پيو محسوس ڪرين؟“ پيانيءَ پڇيو. اسان گاڏين ۽ جٿن سان پرهجوم هڪڙي رستي جي پاسي کان هلي رهيا هئاسين. ”ٺيڪ.“ ”مان هلڻ کان هلاک ٿي پيو آهيان.“ ”ٺيڪ، اسان سڀني کي جيڪو ڪجھ به ڪرڻو آهي سو آهي ته هاڻي هلجي. اسان کي ڪا به پريشاني نه ڪرڻ گهرجي.“ ”بونيلو هڪڙو احمق هو.“ ”هو هڪڙو احمق هو ٺيڪ آ نه.“ ” تينينت، تون هن جي باري ۾ ڇا ڪندين؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان.“ ”تون ڄاڻين ٿو ته جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته اهي هن جي خاندان جي لاءِ گنديون مشڪلاتون کڙيون ڪندا.“ ”جنگ جاري نه رهندي،“ هڪڙي سپاهيءَ چيو. ”اسان گهر ڏانهن وڃي رهيا آهيون.“ ”جنگ ختم ٿي ويئي.“ “هرڪو گهر ڏانهن وڃي رهيو آهي.“ ”اسان سڀ گهر ڏانهن هلي رهيا آهيون.“ ”تينينت، اچ،“ پيانيءَ چيو. هن انهن کان ٽارو ڪرڻ پئي چاهيو. ”تينينت؟ ڪير هڪڙو تينينت آهي. اي باسو گِلي اُفائيشِلي! (A basso gli ufficiali! اطالوي ــ گهٽ درجي وارو آفيسر ــ مترجم) ”آفيسر مرده باد!“ پيانيءَ مون کي ٻانهن کان پڪڙيو. ”بهتر آهي ته مان توکي تنهنجي نالي سان پڪاريان“ هن چيو. ”اهي مشڪلات پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. انهن ڪجھ آفيسرن کي گوليون هنيون آهن.“ ”اسان انهن کان اڳ هنيوسين. ”مان ڪا به اهڙي رپورٽ نه ٺاهيندس جنهن سان هن جي خاندان کي ڪا تڪليف پهچي.“ مان پنهنجي گفتگوءَ کي جاري رکندي اڳتي وڌندو رهيس. ”جيڪڏهن جنگ ختم ٿي ويئي آهي ته ان سان ڪو به فرق ڪو نه پوندو،“ پيانيءَ چيو. ”پر مان نه ٿو مڃان ته ڪو اها ختم ٿي ويئي آهي.“ ”اسان کي جلدي خبر پئجي ويندي،“ مون چيو. ”مان نه ٿو سمجهان ته اها پوري ٿي ويئي آهي. سڀ اهو سمجهن ٿا ته اها ختم ٿي ويئي آهي پر مان يقين نه ٿو ڪيان.“ ”وِيوا لا پيس! (Viva la Pace ــــ اطالوي ــ امن زنده آباد ــــ مترجم) هڪڙي سپاهيءَ رڙ ڪندي چيو. ”اسان گهر ڏانهن وڃي رهيا آهيون!“ ”جيڪڏهن اسان سڀيئي گهر هليا وڃون اهو بهتر رهندو،“ پيانيءَ چيو. ”ڇا تون گهر ڏانهن وڃڻ پسند ڪو نه ڪندين؟“ ”ها.“ ”اسان ڪڏهن به ڪو نه هلنداسين. مان نه ٿو سمجهان ته اها ختم ٿي ويئي.“ ”اينڊِيا مو اي ڪاسا!“ (Andiamo a casa! اطالوي ـــ اچو گهر هلون!) ”اهي پنهنجون رائفلون اڇلائي رهيا آهن،“ پيانيءَ چيو. ”اهي انهن کي هيٺ مٿي اڇلائي رهيا آهن جڏهن اهي مارچ ڪري رهيا آهن. انهي کان پوءِ اهي رڙيون ڪري رهيا آهن.“ ”انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجون رائفلون سنڀاري رکن.“ ”اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن اهي پنهنجون رائيفلون اڇلائي ڇڏيندا ته انهي سان هو انهن کي وڙهڻ کان بس ڪرائي ڇڏيندا.“ رات ۾ ۽ برسات ۾، رستي جي پاسي کان هلندي مان ڏسي پئي سگهيس ته ڪيترن ئي جٿن کي اڃا تائين پنهنجون رائيفلون هيون. انهن ٽوپين وٽان ڦاسائي رکيون هنيون. ”توهان ڪهڙي برگيڊ مان آهيو؟“ هڪڙي آفيسر سڏ ڪيو. ”برگيٽا دِي پيس ـــــ امن واري برگيڊ،“ ڪنهن دانهن ڪئي. ”امن جي برگيڊ!“ آفيسر ڪجھ به نه ڪڇيو. ”هو ڇا ٿو چوي؟ آفيسر ڇا ٿو چوي؟“ ”آفيسر مرده باد. امن زنده باد!“ ”اچ،“ پيانيءَ چيو. اسان ٻن برطانوي ايمبولنسن وٽان مٽياسين، جيڪي گاڏين جي رڪاوٽ ۾ ڦٽو ڪيون ويون هيون. ”اهي گوريزيا جون آهن،“ پيانيءَ چيو. ”مان ڪارين کي سڃاڻان ٿو.“ اهي اسان کان اڳ ۾ روانا ٿيا هئا.“ ”اهي سوير ڀرو هليا هئا.“ ”مون کي حيرانگي ٿي رهي آهي ته ڊرائيور آهن ڪٿي؟“ ”غالباَ مٿي اڳتي.“ ”جرمن يُوڊائن جي ٻاهريان رڪيا آهن،“ مون چيو. ”اهي سمورا ماڻهو درياه پار پوندا.“ .ها،“ پيانيءَ چيو. ”انهي جي ڪري مان سمجهان ٿو ته جنگ جاري رهندي.“ ”جرمن اچي سگهن ٿا،“ مون چيو. ” ”مونکي حيرت آهي ته اهي اچي ڇو نه رهيا آهن.“ ”مان نه ٿو ڄاڻان. مان هن قسم جي جنگ جي باري ۾ نه ٿو ڄاڻان.“ ”مان سمجهان ٿو ته انهن کي پنهنجي سوارين جو انتظار آهي.“ ”مان نه ٿو ڄاڻان،“ پيانيءَ چيو. اڪيلو هئڻ مهل هو ڪافي شائسته هو. جڏهن هو ٻين سان گڏ هو هو ڪافي تند و تيز ڳالهائي رهيو هو. ”لوئيگي، ڇا تون شادي شده آهين؟“ ”توکي خبر آهي ته مان شادي شده آهيان.“ ”ڇا ان جي ڪري تو قيدي بڻجڻ نه پئي چاهيو؟“ ”اهو هڪڙو سبب آهي.“ ”تينينت، ڇا تون شادي شده آهين؟“ ”نه.“ ”نه ئي وري بونيلو.“ ”تون ڪنهن شادي شده ماڻهوءَ پاران ڪجھ به نه ٿو ٻڌائي سگهين. پر مونکي سمجهڻ گهرجي ته هڪڙو شادي شده شخص پنهنجي گهر واريءَ ڏانهن واپس وڃڻ چاهيندو،“ مون چيو. مان زالن جي باري ۾ ڳالهائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندس. ”ها.“ ”تنهنجا پير ڪيئن آهن؟“ ”اهي ڪافي دکي رهيا آهن.“ سج لهڻ کان ٿورو پهريان اسان تيگليامينتو جي ڪناري کي پهتاسين ۽ هيٺ سيلاب زده درياه جي ڀرسان پل جو تعاقب ڪيوسين جتان سموري نقل وحمل پار ٿي رهي هئي. ”انهن کي هن درياه وٽ تاخير ڪرڻ جي قابل ٿيڻ گهرجي،“ پيانيءَ چيو. اونداهيءَ ۾ سيلاب اوچو نظر اچي رهيو هو. پاڻيءَ ۾ ڪُن هئا ۽ اهو ڪشادو هو. ڪاٺ واري پل لڳ ڀڳ هڪڙي ميل جي ٽئين حصي جي دوريءَ تي هئي، ۽ درياه، جيڪو اڪثر ويڪري پٿرائين تري جي تنگ آبي رستن ۾ پل کان گھڻو هيٺ وهندو هو، ڪاٺ جي تختن سان لڳو لڳ هو. اسان ڪناري جي ڀرسان وياسين ۽ پوءِ اسان پل کي پار ڪندڙ هجوم وچان پنهنجو رستو ڪڍيوسين. ٻوڏ کان ڪجھ فٽن جي مٿاهينءَ تي برسات ۾ آرام سان هلندي، هجوم ۾ وڏي زور آزمائي ڪئي سين، پيادل فوجي دستي جي صندوق بلڪل اڳيان هئي، مون پاسي کان درياه کي ڏٺو. هاڻي ڇاڪاڻ جو اسان پنهنجي رفتار جاري نه پئي رکي سگهياسين مون پاڻ کي ڪافي ساڻو محسوس ڪيو. پل پار ڪرڻ ۾ ڪا فرحت ڪو نه هئي. مون کي تعجب پئي ٿيو ته جيڪڏهن ڪو جهاز ان تي ڏينهن جو بم ڦٽو ڪري ته اهو ڪيئن لڳندو.“ ”پياني،“ مون چيو. ”تينينت، مان هتي آهيان.“ ”هو ڳُت ۾ ٿورو اڳيان هو. ڪو به ڳالهائي ڪو نه رهيو هو. اهي سڀ جيترو جلدي ٿي سگهي پار پوڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا: صرف انهي جي باري ۾ سوچي رهيا هئا. پل جي صفا آخر ۾ اتي آفيسر ۽ ڪيرابنيري بيٺل هئا جيڪي روشنين جا چمڪاٽ ڪري رهيا هئا. مون انهن کي خطِ فلڪيءَ جي برعڪس واري خاڪي ۾ ڏٺو. اسان جيئن ئي انهن جي ويجهو پهتاسين مون هڪڙي آفيسر کي قطار ڏانهن هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن نشاندهي ڪندي ڏٺو. هڪڙو ڪيرابنيري هن جي پويان ويو ۽ ان ماڻهوءَ کي ٻانهن کان جهليندي ٻاهر نڪري آيو. هن ان کي رستي کان پري بيهاري ڇڏيو. اسان لڳ ڀڳ انهن جي پٺيان اچي رهيا هئاسين. آفيسر قطار ۾ موجود هر ماڻهوءَ کي چڪاسي رهيا هئا، ڪنهن ڪنهن مهل هڪٻئي سان مخاطب ٿيندي، اڳتي ويندي ڪنهن شخص جي منهن ۾ روشني هڻندي. انهن ڪنهن ٻئي کي انهي مهل ٻاهر ڪڍيو جڏهن اسان ان جي بلڪل پٺيان هئاسين. مون انهي ماڻهوءَ کي ڏٺو. هو ليفٽيننٽ ڪولونيل هو. جيئن ئي انهن هن تي روشنيءَ جو تجلو وڌو مون هن جي ٻانهن تي پيتيءَ ۾ ستارا ڏٺا. هن جا وار ڀورا هئا ۽ هو ننڍڙو ۽ زبرو هو. ڪيرابنيري آفيسرن هن کي قطار جي پويان ڇڪيو. جيئن ئي اسان پٺيان کان آياسين مون انهن مان هڪ يا ٻن ڄڻن کي پاڻ ڏانهن ڏسندي ڏٺو. هڪڙي مون ڏانهن اشارو ڪيو ۽ هڪڙي ڪيرابنيريءَ سان مخاطب ٿيو. مون ڪيرابنيريءَ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، هو قطار جي ڪناري کان سڌو سنئون مون ڏانهن اچي رهيو هو، انهي کان پوءِ مون هن کي منهنجي گلي بند کان جهليندي محسوس ڪيو. ”توسان ڪهڙو مسئلو آهي؟“ مون چيو ۽ هن کي منهن ۾ ڌڪ هنيم. مون هن جي چهري کي ٽوپِيءَ جي هيٺان ڏٺو، مٿي وريل مڇون ۽ هن جي ڳلن مان وهندڙ خون. هڪڙو ٻيو ڄڻو اسان ڏانهن ڪاهي پيو. ”توسان ڇا مسئلو آهي؟“ مون چيو. هن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. هو مونکي پڪڙڻ جي موقعي لاءِ واجهائي رهيو هو. مون پنهنجي پستول کي ڍرو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ٻانهن کي پوئتي ورايو. ”ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته تون هڪڙي آفيسر کي هٿ لائي نه ٿو سگهين؟“ هڪڙي ٻئي مون کي پويان کان جهلي ورتو ۽ منهنجي ٻانهن کي اهڙو ته مروڙو ڏنو جو اها کانچي کان ٻاهر مڙي ويئي. مان هن سان گڏ مڙي ويس ۽ ٻئي ڄڻي مون کي ڳچيءَ کان جهليو. مون هن کي پنين ۾ لت وهائي ڪڍي ۽ مون پنهنجي ساڄي گوڏي کي هن جي سٿر تي وهائي ڪڍيو. ”جيڪڏهن هو مزاحمت ڪري ته هن کي گولي هڻي ڇڏيو،“ مون ڪنهن کي چوندي ٻڌو. ”انهي جو مطلب ڇا آهي؟“ مون رڙ ڪرڻ چاهي پئي پر منهنجو آواز ايترو اوچو ڪو نه هو. هاڻي انهن مون کي رستي جي پاسي کان بيهاري ڇڏيو. ”جيڪڏهن هو مزاحمت ڪري ته هن کي ماري ڇڏيو،“ هڪڙي آفيسر چيو. ”هن کي پٺيءَ کان پڪڙي بيهو.“ ”تون ڪير آهين؟“ ”توکي خبر پئجي ويندي.“ ”تون ڪير آهين؟“ ”جنگي پوليس،“ هڪڙي ٻئي آفيسر چيو. ”توهان مون کي هڪڙي پاسي ٿيڻ جي لاءِ ڇو نه ٿا چئو بجاءِ جو هي هوائي جهاز مونکي پڪڙي بيهن؟“ انهن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. انهن کي جواب نه ڏيڻو هو. اهي جنگي پوليس وارا هئا. ”هن کي اتي ٻين سان گڏائي بيهاريو،“ پهرين آفيسر چيو. ”توهان ڏسو ٿا ته هو اطالوي پوري لهجي ۾ ڳالهائي رهيو آهي،“ ته پوءِ توهان، توهان ـــــ“ مون چيو. ”هن کي ٻين کان پري ڪيو،“ پهرين آفيسر چيو. انهن مونکي رستي جي هيٺان درياه جي ڀرسان هيٺ آفيسرن جي قطار ۾ ماڻهن جي هڪڙي گروه ۾ ڇڏيو. جيئن اسان انهن ڏانهن هلڻ لڳاسين گوليون هلايون ويون. مون رائيفلن جا تجلا ۽ وضاحتون ٻڌيون. اسان گروه ڏانهن آياسين. اتي چار آفيسر گڏوگڏ بيٺل هئا، جنهن جي اڳيان هڪڙو شخص بيٺو هو جنهن جي هر پاسي کان هڪڙو ڪيرابنيري بيٺو هو. ماڻهن جو هڪڙو گروه ڪيرابنيرين جي حفاظت ۾ بيٺو هو. ٻيا چار ڪيرابنيري سوال جواب ڪندڙ آفيسرن جي ڀرسان بيٺا هئا، جيڪي پنهنجي ننڍڙي گهنڊ مِشن کي ٽيڪ ڏيو بيٺا هئا. اهي وڏين ٽوپين وارا ڪيرابنيري هئا ٻه ڄڻا جيڪي مونکي وٺي آيا هئا انهن مونکي ان گروه ڏانهن ڌڪو ڏنو جتي مونکي سوالن جوابن جي انتظار لاءِ ڇڏيو ويو. مون انهن ماڻهن ڏانهن نهاريو جن کان آفيسر سوال جواب ڪري رهيا هئا. اهو سرمئي وارن وارو ننڍڙو ليفٽيننت ڪولونيل هو جنهن کي انهن قطار مان ڇڪي ٻاهر ڪيو هو. سوال جواب ڪندڙن وٽ سموري قابليت هئي، سرد مهري ۽ پاڻ تي دسترست انهن اطالوين تي جيڪي فائرنگ ڪري رهيا هئا ۽ جن ڪا به فائرنگ ڪو نه پئي ڪئي. ”تنهنجي برگيڊ؟“ هن انهن کي ٻڌايو. ”ريجمينٽ؟“ هن انهن کي ٻڌايو. ”تون پنهنجي ريجمينٽ سان گڏ ڇو نه آهين؟“ هن انهن کي ٻڌايو. ”توکي خبر ناهي ته هڪڙي آفيسر کي پنهنجي فوجي دستن سان گڏ هئڻ گهرجي؟“ هن هائوڪار ڪئي. اهو سڀ ختم ٿي ويو. هڪڙي ٻئي آفيسر ڳالهايو. ”اهو تون ۽ تو جهڙن ٻين ماڻهن جي سبب ئي آهي جنهن جي ڪري اسان جي مقدس اباڻي ڌرتيءَ تي وحشي ڪاهي آيا آهن.“ ”مان توهان کان معافيءَ جو طلبگار آهيان،“ ليفٽيننٽ ڪرنل چيو. ”توهان جهڙن جي دغابازي جي نتيجي ۾ اسان سڦلتا جي ميوي کان محروم رهيا آهيون.“ ”ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن ڀاڄ ۾ شامل رهيا آهيو؟“ ليفٽيننٽ ڪرنل پڇيو. ”اٽليءَ کي ڪڏهن به پوئتي هٽڻ نه گهرجي.“ اسان اتي برسات ۾ بيٺا هئاسين ۽ انهي کي ٻڌي رهيا هئاسين. اسان آفيسرن ڏانهن منهن ڪيو بيٺا هئاسين ۽ باندي اڳيان بيٺو هو ۽ هڪڙو هلڪي قد وارو اسان جي هڪڙي پاسي کان. ”جيڪڏهن توهان مونکي مارڻ ئي چاهيو ٿا،“ ليفٽيننٽ ڪرنل چيو، ”مهرباني ڪري مون کان وڌيڪ آڏي پڇا ڪرڻ بنا ماري ڇڏيو. سوال احمقاڻو آهي.“ هن صليب جو نشان ٺاهيو. آفيسرن پاڻ ۾ ڳالهايو. هڪڙي ڄڻي پنن جي پيڊ تي ڪجھ لکيو. ”پنهنجي فوجي دستن کي ڇڏي ڏنائين، گولي هڻڻ جو حڪم صادر ڪيو ويو.“ هن چيو. ٻه ڪيرابنيري ليفٽيننٽ ڪرنل کي درياه جي ڪنڌيءَ ڏانهن وٺي ويا. هو برسات ۾ هلندو رهيو، هڪڙو پوڙهو شخص جنهن جي ٽوپي لٿل هئي، جنهن جي هڪڙي پاسي کان ڪيرابنيري هو. مون انهن کي هن کي گولي هڻندي ڪو نه ڏٺو پر مون گولين جو آواز ٻڌو. اهي ڪنهن ٻئي کان آڏي پڇا ڪري رهيا هئا. هي آفيسر پڻ پنهنجي فوجي دستن کان الڳ ٿي ويو هو. هن کي وضاحت پيش ڪرڻ جي اجازت ڪو نه ڏني ويئي. جڏهن انهن پنن جي پيڊ تان جملا پڙهڻ شروع ڪيا هو رڙيون ڪرڻ لڳو، ۽ جڏهن هو هن کي گولي هڻي ماري رهيا هئا انهي مهل هڪڙي ٻئي همراه کان آڏي پڇا ڪري رهيا هئا. اهي گهڻي قدر ٻئي ماڻهوءَ کان آڏي پڇا واري نقطي ۾ مشغول هئا جڏهن ته انهن پهريان کان آڏي پڇا ڪيل شخص کي گولي هڻي ڇڏي هئي. اهڙيءَ طرح بظاهر اتي اهو ڪجھ ڪرڻ کان علاوه هنن وٽ ٻيو ڪجھ به ڪو نه هو. مون نه پئي ڄاتو ته ڪٿي مون کي آڏي پڇا جي لاءِ انتظار ڪرڻ گهرجي يا هڪڙو وقفو وٺڻ گهرجي. مان واضح طور تي اطالوي ورديءَ ۾ هڪڙو جرمن ڏسجي رهيو هوس. مون ڏٺو ته انهن جا دماغ ڪيئن نه حرڪت ۾ هئا؛ جيڪڏهن انهن وٽ دماغ آهن ۽ جيڪڏهن اهي ڪم ڪري رهيا آهن. اهي سڀ نوجوان هئا ۽ اهي پنهنجي وطن جو دفاع ڪري رهيا هئا. ٻي فوج کي تيگليامينتو ۾ سڌاريو ويو هو. اهي ميجر ۽ ان کان اڳتي جي رينڪ وارا ايگزيڪيوٽنگ آفيسر هئا جيڪي پنهنجي فوجي دستن کان الڳ ڪيا ويا هئا. اهي پڻ سراسري طور تي اطالوي ورديءَ ۾ جرمن انتشار پسندن سان معاملا طئه ڪري رهيا هئا. انهن کي فولادي ٽوپلا پاتل هئا. اسان مان فقط ٻن ڄڻن کي فولادي ٽوپلا پاتل هئا. ڪجھ ڪيرابنيرين کي اهي ٽوپلا پاتل هئا. ٻين ڪيرابنيرين کي ويڪرا ٽوپلا پاتل هئا. اسان برسات ۾ بيٺاسين ۽ هڪ هڪ ڪري ٻاهر نيا وياسين آڏي پڇا ۽ گولي کائڻ لاءِ. هن مهل تائين هنن تقريباَ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيو هو جنهن کان هنن آڏي پڇا ڪئي هئي. آڏي پڇا ڪندڙن بي رحماڻي انصاف سان ايتري ته خوبصورت لاتعلقي ۽ عقيدت پئي رکي جو ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ لاءِ انهن کي ڪو ڀئو ڀولو ئي ڪو نه پئي ٿيو. اهي هڪڙي قطار واري ريجمينٽ جي ڪرنل کان آڏي پڇا ڪري رهيا هئا. اسان سان گڏ ٿورو وقت پهريان ٽي ٻيا آفيسر شامل ڪيا ويا هئا. ”هن جي ريجمينٽ ڪٿي هئي؟“ مون ڪيرابنيري ڏانهن نهاريو. اهي نون ايندڙن ڏانهن نهاري رهيا هئا. ٻيا ڪرنل ڏانهن ڏسي رهيا هئا. مان چقمو ڏيڻ جي لاءِ هيٺ جهڪي پيس، ٻن ماڻهن جي وچان ڇڪ ڏنم، ۽ درياه ڏانهن ڊوڙڻ لڳس، منهنجو ڪنڌ هيٺ هو. مان ڪناري وٽان ٿاٻڙجي پيس ۽ پاڻيءَ ۾ ڦهڪو ڪيم. پاڻي ڪافي ٿڌو هو ۽ مان ان جي اندر ايترو وقت رڪيل رهيس جيترو مون کان پڄي سگهيو. مان پاڻ کي لهر ۾ گولائيءَ سان چڪر هڻندي محسوس ڪري پئي سگهيس ۽ اندر تيستائين رڪجي بيٺس جيستائين مون سمجهيو ته مان ڪڏهن به واپس وري نه سگهندس. انهي منٽ دوران جڏهن مان ٻاهر نڪري آيس مون هڪڙو ساه کنيو ۽ وري هيٺ هليو ويس. اتي ڪيترن ئي ڪپڙن ۽ منهنجي جوتن سميت رڪجي رهڻ آسان پئي لڳو. جڏهن مان ٻئي واري مٿي واپس آيس مون پنهنجي اڳيان ڪاٺ جو هڪڙو ٽڪڙو ڏٺو ۽ ان تائين پهچي ان کي هڪڙي هٿ ۾ سوگهو جهلي بيٺس. مون ڪنڌ ان جي پويان رکي ڇڏيو ۽ ايتري قدر جو ان ڏانهن نظر کڻي نهاريم به ڪو نه. مون ڪناري کي ڏسڻ نه پئي گهريو. جنهن مهل مان اتان ڀڳو هوس انهي مهل اتي ٺڪاو هلي رهيا هئا. جڏهن مان زري گهٽ پاڻيءَ جي مٿان هوس مون انهن کي ٻڌو پئي. هاڻي ڪي به ٺڪاو ڪو نه پئي ٻڌڻ ۾ آيا. ڪاٺ جو ٽڪرو لهرن ۾ لڏي رهيو هو ۽ مون ان کي هڪڙي هٿ سان پڪڙي رکيو هو. اهو ڪافي تيزيءَ سان هلندي محسوس ٿي رهيو هو. درياه جي وهڪري ۾ کوڙ ساترو ڪاٺ هو. پاڻي ڪافي ٿڌو هو. مان پاڻيءَ جي مٿان هڪڙي جزيري جي ٻوٽن مان پار پيس. مون ڪاٺ جي ٽڪڙي کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي رکيو ۽ ان کي مون اڳتي جي طرف لاءِ نيئي وڃڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. هاڻي ساحل نظرن کان اوجهل هو.