ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

20

هڪڙي ڏينهن منجهند ڌاران اسان گويون ڏسڻ وياسين. فرگوسن پڻ ساڻ هئي ۽ ڪروويل راجرز، اهو ڇوڪرو جنهن کي گولي جو ڍڪڻ کوليندي ڌماڪي جي سبب اکين ۾ زخم رسيا هئا سو پڻ ساڻ هو. ڇوڪريون ڪپڙا بدلائي مانجهاندي لاءِ روانيون ٿي ويون جڏهن مان ۽ ڪروويل هن جي ڪمري ۾ بستر تي ويٺا هئاسين ۽ گهوڙن جي اڳوڻين حاصلاتن جو مطالعو ڪري رهيا هئاسين ۽ گوءِ واري اخبار ۾ انهن جي باري ۾ اڳڪٿيون پڙهي رهيا هئاسين. ڪروويل جي مٿي تي پٽي لڳل هئي ۽ هو انهن گوين جي باري ۾ گهڻو فڪر ڪو نه ڪندو هو پر اڪثر ڪري گوءِ واريون اهي اخبارون پڙهندو رهندو هو ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ جي لاءِ سڀني گهوڙن جي ڊوڙ جي ميدانن جي ڄاڻ رکندو هو. هن چيو خوفناڪ حد تائين گهوڙن جو تعداد گهڻو هو پر اسان وٽ انهن ئي گهوڙن جو احوال موجود آهي. پوڙهو ميئرز هن کي پسند ڪندو هو ۽ هن کي بخششون (ٽپس) ڏيندو هو. ميئرز لڳ ڀڳ هر گوءِ ۾ سوڀارو ٿيندو هو پر هن کي بخششون ڏيڻ پسند ڪو نه هو ڇاڪاڻ جو ان سان قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آئي. گوءِ ڪافي دغابازي واري هئي. سبزه زار واري ميدان کان جن ماڻهن جي خلاف هر ٻئي پاسي کان فيصلو صادر ڪيو ويو هو اهي اٽليءَ ۾ گويون ڀڄائي رهيا هئا. ميئرز جي معلومات ڪافي سٺي هئي پر مان هن کان پڇڻ کان نفرت ڪندو هوس ڇاڪاڻ جو ڪڏهن ڪڏهن هو جواب ئي نه ڏيندو هو ۽ هميشه توهان کي نظر ايندو ته توهان کي ٻڌائڻ ۾ هن کي تڪليف محسوس ٿيندي هئي، پر ڪنهن سبب جي ڪري هو اسانکي ٻڌائڻ جي لاءِ پابند محسوس ڪندو هو ۽ هو ڪروويل کي ٻڌائڻ کان گهٽ نفرت ڪندو هو. ڪروويل جون اکيون گهايل هيون، هڪڙي صفا بريءَ طرح گهايل هئي، ۽ ميئرز کي سندس اکين ۾ تڪليف هوندي هئي جنهن جي ڪري هو ڪروويل کي پسند ڪندو هو. ميئرز ڪڏهن به پنهنجي گهر واريءَ کي ڪو نه ٻڌائيندو هو ته هو ڪهڙي گهوڙي تي شرط رکي رهيو آهي، هن کي ان جي کٽڻ ۽ هارائڻ سان به ڪو سروڪار ڪو نه هوندو هو، هوءَ اڪثر طور تي هارائيندي رهندي هئي، ۽ هر وقت ڳالهائيندي رهندي هئي. اسان چارئي ڄڻا ٻاهر سين سِيرو ڏانهن هڪڙي ٽانگي ۾ سوار ٿياسين. اهو هڪڙو مزيدار ڏينهن هو ۽ اسان پارڪ وچان گذرياسين ۽ شهر کان ٻاهر هڪڙي پٽڙيدار رستي جي ڀرسان گذرياسين جتي رستو مٽيءَ هاڻو هو. اتي لوهي جهنگلن وارا وڏا محل هئا ۽ حد کان وڌيل باغيچا هئا ۽ خندقون هيون جن ۾ پاڻي وهي رهيو هو ۽ ساين سبزين وارا باغيچا هئا جن جي پنن تي مٽي آيل هئي. اسان ميدانن جي آرپار زرعي زمين تي حويلين کي ۽ سرسبز ساون کيتن کي انهن جي زرعي خندقن سميت ڏسي پئي سگهياسين ۽ اتر ۾ جبلن کي پڻ ڏٺوسين. گوءِ جي ميدان وارن دڳن تي ڪيتريون ئي بگيون هلي رهيون هيون ۽ دروازي تي بيٺل ماڻهن اسان کي ڪارڊن جي بغير اندر وڃڻ ڏنو ڇاڪاڻ جو اسان کي ورديون پاتل هيون. اسان ٽانگي تان هيٺ لٿاسين، ڪاريڪرمن (پروگرامن) کي خريد ڪيوسين ۽ راند جي ميدان جي مربع جي آرپار هلياسين ۽ ان کان پوءِ گهوڙن کي سڌو ڪري بيهارڻ لاءِ لسي گاه واري ميدان جي آرپار وياسين. ميدان ۾ ويهڻ واريون نشستون پراڻيون هيون ۽ اهي ڪاٺ جون ٺهيل هيون شرط واريون ننڍڙيون جايون ٻاهر اسطبلن جي ويجهو هڪڙي قطار ۾ گهوڙين (اسٽينڊ) جي هيٺان هيون. گهوڙن کي سڌو ڪري بيهارڻ واري جاءِ واري جهنگلي وٽان فوجين جو هڪڙو هجوم بيٺل هو. راند جي ميدان جو مربعو ماڻهن جي چڱي خاشي تعداد سان ڀريل هو ۽ اهي گهوڙن کي انهن کي سڌو ڪري بيهارڻ واري جاءِ جي پٺيان وڻن جي هيٺان هڪڙي ميدان ۾ۡ گهمائي رهيا هئا. اسان انهن ماڻهن کي ڏٺوسين جن کي اسان سڃاڻيندا هئاسين ۽ فرگوُسن ۽ ڪيٿرائن جي لاءِ ڪرسيون گهرايون سين ۽ گهوڙن کي ڏٺوسين. اهي چئوگرد هليا ويا، هڪٻئي جي پٺيان، انهن جا ڪنڌ هيٺ هئا اسطبل ۾ گهوڙن جي سنڀار ڪندڙ ماڻهو انهن جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا. هڪڙو بنفشي سياه گهوڙو، جنهن جي باري ۾ ڪروويل قسم کڻي چيو ته ان جو رنگ خضاب ڪيل هو. اسان ان کي ڏٺوسين ۽ اهو ممڪن لڳي رهيو هو. اهو بلڪل ان مهل آيو جڏهن ان تي پاکڙو رکڻ جي لاءِ گهنڊ وڄايو ويو. اسان اسطبل ۾ گهوڙي کي سنڀاليندڙ شخص جي ٻانهن تي لڳل عدد وچان ان کي ڪاريڪرم ۾ چڪاسيوسين ۽ اهو جيپاليڪ جي نالي سان هڪڙي خصي گهوڙي طور فهرست ۾ درج ڪيل هو. اها گوءِ انهن گهوڙن جي باري ۾ هئي جن ڪڏهن هڪڙي هزار لايرن جي قيمت کان وڌيڪ سوڀ نه ماڻي هئي. ڪيٿرائن کي ان جي باري ۾ يقين هو ته ان جو رنگ مَٽايو ويو هو. فرگُوسن چيو ته هوءَ ان جي باري ۾ ڪجھ چئي نه ٿي سگهي. مون سمجهيو ته اهو مشڪوڪ لڳي رهيو هو. اسان سڀني ان تي اتفاق ڪيوسين ته اسانکي ان تي ڪجھ لڳائڻ گهرجي ۽ اسان هڪ هزار لاير جي شرط لڳائيسين. ڪروويل مٿي ويو ۽ ٽڪيٽون وٺي آيو جڏهن ته اسان پيشيور گهوڙي سوار کي هڪڙو دفعو ٻيهر سواري ڪندي ڏسي رهيا هئاسين ۽ ان کان پوءِ ان کي وڻن جي هيٺان واري رستي ڏانهن ويندي ڏٺوسين ۽ هو آهستي آهستي ٽاٻ ٽاٻ ڪندي گوءِ جي منڍ کان ٿي بيٺو. اسان ميدان جي ڇت وارين نشستن ڏانهن وياسون ۽ گوءِ ڏسڻ لڳاسين. انهن کي تڏهن اتي سين سِيرو وٽ لچڪدار رڪاوٽون ڪو نه هيون ۽ الا توهار ڪندڙ سڀني گهوڙن کي قطارن ۾ لڳايو، اهي رستي ڏانهن رخ ڪندي ڪافي ننڍڙا نظر اچي رهيا هئا، ۽ ان کان پوءِ هن پنهنجي ڊگهي چهبڪ جو ان کي هڪڙو زيپٽ وهائي ڪري روانو ڪيو. اهي اسان وٽان گذري ويا جن ۾ ڪارو گهوڙو اڳيان اڳيان هو ۽ پوءِ وري موڙ وٽان اهو ڊوڙ ۾ ٻين کان پوئتي پئجي ويو. مون انهن کي پري کان عينڪن جي مدد سان ڏٺو ۽ گهوڙيسوار کي اڳ وٺڻ لاءِ هن تي ضابطو ڪندي ڏٺو پر هو ان تي ضباطو آڻي نه سگهيو ۽ جڏهن اهي موڙ ۽ ۽ انتهائي حد وٽ پهتا ڪارو گهوڙو ٻين گهوڙن کان پندرنهن قدم پوئتي هو. هو خاتمي کان پوءِ اڳتي واري رستي ۽ موڙ وٽ پهتو. ”ڇا اهو حيرت انگيز ناهي،“ ڪيٿرائن چيو. ”اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار لاير ملندا. اهو پڪ سان هڪڙو عمدو گهوڙو ٿي سگهي ٿو.“ ”مان اميد ڪيان ٿو ته، اهي رقم جي ادائگي ڪرڻ کان پهريان ان جو رنگ نه مٽائيندا. “ ڪروويل چيو. ”اهو واقعي ۾ هڪڙو پيارو گهوڙو هو،“ ڪيٿرائن چيو. ”مونکي حيرت ٿيندي جيڪڏهن مسٽر ميئرز هن جي پٺڀرائي ڪئي هوندي.“ ”ڇا توهان وٽ ڪو سوڀ ماڻيندڙ آهي؟“ مون مسٽر ميئرز کي سڏ ڪيو. هن ڪنڌ لوڏيو. ”مون نه کٽيو،“ مسز ميئرز چيو. ”توهان ٻچڙن ڪهڙي تي شرط لڳائي؟“ ”جيپاليڪ.“ ”واقعي؟ اهو هڪ تي پنجٽيھ آهي!“ ”اسان هن جي رنگ کي پسند ڪيوسين.“ ”مون نه ڪيو. مون سمجهيو اهو ڦيڦو آهي. انهن مونکي چيو ته ان جي پٺڀرائي نه ڪجانءِ.“ ”اهو ايتري رقم نه ڏيارائيندو،“ ميئرز چيو. “حوالي ۾ ان تي هڪ تي پنجٽيھ جو نشان ڏنل هو،“ مون چيو. ”اهو آخري منٽ ۾ ڪا رقم نه ڏيارائيندو.“ ”انهن هن تي کوڙ ساتري رقم لڳائي آهي.“ ”نه.“ ”ڪيمپٽن ۽ ڇوڪرا. توهان ڏسجو. اهو ٻن تي هڪ جي ڪا ادائگي نه ڪندو.“ ”ته پوءِ اسان ٽي هزار لاير حاصل ڪري نه سگهنداسين،“ ڪيٿرائن چيو. ”مان اهڙي دغابازي واري گوءِ کي پسند نه ٿي ڪيان!“ ”اسان ٽي سئو لاير حاصل ڪنداسين.“ ”اهي ته ڪجھ به نه آهن. انهن سان اسان کي ڪو به فائدو ڪو نه پوندو. مون سمجهيو اسان ٽي هزار لاير وٺڻ وارا آهيون.“ ”اها ڌوڪيازي ۽ نفرت جوڳي آهي،“ فرگوسن چيو. “يقيناَ،“ ڪيٿرائن چيو. ”جيڪڏهن اهو دغاباز نه هجي ها ته اسان ان جي ڪڏهن به پٺڀرائي نه ڪيون ها. پر مان ٽي هزار لايرن کي پسند ڪيان ها.“ ”اچو ته هيٺ هلون ۽ هڪڙو مشروب پيئون ۽ ڏسون ته اهي ڪيتري ادائگي ڪن ٿا،“ ڪروويل چيو. اسان اوڏانهن وياسين جتي انهن عدد لڳائي رکيا هئا ۽ ادائگي لاءِ گهنڊ وڄايو ويو ۽ انهن جيپاليڪ جي کٽڻ لاءِ 18.50 لڳائي ڇڏيو. ان جو مطلب هو ته ان ڏهن ليرن جي شرط کان به گهٽ رقم ادا پئي ڪئي.اسان نشستن جي هيٺان مئخاني ڏانهن وياسين ۽ هڪڙي وسڪي ۽ سوڍا في ڪس ورتي سين. اسان اطالوين جي هڪڙي جوڙي سان گڏياسين جن کي اسان سڃاتو پئي ۽ مِڪ ايڊمز، وائيس قونصل، ۽ جڏهن اسان ڇوڪرين سان گڏياسين اهي مٿي اسان ڏانهن آيا. اطالوي ڪافي سليقي وارا هئا ۽ جڏهن اسان وري ٻيهر شرط لڳائڻ وياسين مِڪ ايڊمز ڪيٿرائن سان ڳالهايو. مسٽر ميئرز باهم شرطاڻي وٽ بيٺل هو. ”ان کان معلوم ڪر ته هن ڇا کيڏيو آهي،“ مون ڪروويل کي چيو. ”مسٽر ميئرز توهان ڪٿان کوليو آهي؟“ ڪروويل پڇيو. ميئرز پنهنجو ڪاريڪرم کوليو ۽ پينسل سان عدد پنج ڏانهن نشاندهي ڪئي.“ ”ڇا جيڪڏهن اسان ان تي ئي کيڏون ته توهان اعتراض ته نه ڪندا؟“ ڪرويل پڇيو. ”اڳتي وڌو. اڳتي وڌو. پر منهنجي گهر واريءَ کي نه ٻڌائجو ته توهان کي مون اهو ڏنو آهي.“ ”ڇا توهان هڪڙو چڪو پيئڻ چاهيندا؟“ مون پڇيو.”نه. مهرباني. مان ڪڏهن به نه پيئندو آهيان.“ اسان پنج عدد تي کٽڻ لاءِ هڪ سئو لاير لڳايا ۽ پوءِ هڪڙي ٻي وسڪي ۽ سوڊا في ڪس گهرائيسين. مان ڪافي سٺو محسوس ڪري رهيو هوس ۽ اسان اطالوين جي ڪجھ ٻين جوڙن سان گڏياسين انهن مان هر هڪ اسان سان گڏجي جام نوشي ڪري، واپس ڇوڪرين ڏانهن هليو ويو. اطالوي پڻ ڪافي سليقي وارا هئا ۽ انهن جو سليقو انهن سان ملي رهيو هو جن کي اسان پهريان کان گڏيا هئاسين. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪو به ويهي نه پئي سگهيو. مون ٽڪيٽون ڪيٿرائن کي ڏنيون. ”اهو ڪهڙو گهوڙو آهي؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان. اهو مسٽر ميئر جي پسند آهي.“ ”تون تان جو نالو به نه ٿو ڄاڻين؟“ ”نه. تون ان کي ڪاريڪرم ۾ ڳولهي سگهين ٿي. مان سمجهان ٿو شايد عدد پنج آهي.“ ”توکي ان تي پڪو ويساه آهي،“ هن چيو. پنج عدد کٽيو پر انهي مان ڪا ادائگي ڪا نه ٿي. مسٽر ميئر غصي ۾ هو. ”توهان کي ٻه سئو لاير لڳائڻا پوندا انهن مان ويھ ڪرڻ جي لاءِ،“ هن چيو. ”ڏهن لاءِ ٻارنهن لاير. اهو ان جي قابل نه آهي. منهنجي گهر واري جا ويھ لاير ضايح ٿي ويا.“ ”مان توسان هيٺ هلندس،“ ڪيٿرائن مونکي چيو. سمورا اطالوي اٿي کڙا ٿيا. اسان ڏاڪڻين کان هيٺ وياسين ۽ ٻاهر گهوڙن کي سڌو ڪري بيهارڻ واري هنڌ ڏانهن آياسين. ”ڇا تون ان کي پسند ڪرين ٿو؟“ ڪيٿرائن پڇيو. ”ها. مان سمجهان ٿو ته ها.“ ”مان سمجهان ٿي ته اهو سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي.“ هن چيو. ”پر، جاني، مان ڪيترن ماڻهن کي بيهي نه ٿي ڏسي سگهان.“ ”اسان ڪيترن کي نه ٿا ڏسون.“ ”نه. پر اهي ميئرز وارا ۽ بينڪ وارو همراه پنهنجي زال ۽ ڌيئرن سميت، منهنجي سائيٽ ڊرافٽن مان ڪيش ڪرائي رهيو آهي.“ مون چيو. ”پر جيڪڏهن اهي نه ڪندا ته ڪو ٻيو ڪرائيندو. اهي آخري ٽي ڇوڪرا ڪافي ڀيانڪ آهن.“ ”اسان هتي ٻاهر ترسي ڪري جهنگلي وٽان گوءِ ڏسي سگهون ٿا.“ ”اهو ڪافي مزيدار هوندو. ۽ جاني، اچ ته هڪڙي اهڙي گهوڙي جي پٺڀرائي ڪيون جنهن جي باري ۾ اسان ڪڏهن به ڪو نه ٻڌو آهي ۽ مسٽر ميئرز پڻ ان جي پٺڀرائي نه ڪري رهيو هجي.“ ”ٺيڪ آهي.“ اسان هڪڙي گهوڙي جي پٺڀرائي ڪئي سين جنهن جو نالو هو لائيٽ فار مِي جيڪو پنجن جي هڪڙي ميدان ۾ چوٿين اختتام وٽ هو. اسان جهنگلي تي آهلجي پياسين ۽ گهوڙن کي ويندي ڏٺوسين، اهي جڏهن اسان وٽان گذري رهيا هئا انهن جي سنبن مان ڌمڪ اچي رهي هئي، ۽ مفاصلي تي جبل ڏٺاسين ۽ وڻن ۽ کيتن کان پري ملان کي ڏٺوسين. ”مان ڪافي صاف محسوس ڪيان ٿي،“ ڪيٿرائن چيو. گهوڙا دروازي کان واپس اچي رهيا هئا، گهميل ۽ پگهر ۾ شل، گهوڙيسوار انهن کي ماٺو ڪري رهيا هئا انهن تان لهڻ لاءِ وڻن ڏانهن ڪاهي رهيا هئا. ”ڇا تون هڪڙو چڪو پيئڻ پسند نه ڪندينءَ؟ اسان هتان کان ٻاهر هڪڙو پي سگهون ٿا ۽ گهوڙا به ڏسي سگهون ٿا.“ ”مان اهي وٺي ايندس،“ مون چيو. ”ڇوڪرو اهي کڻي ايندو،“ ڪيٿرائن چيو. هن پنهنجو هٿ مٿي ڪيو ۽ ڇوڪرو اسطبل جي ڀرسان مناري واري مئخاني مان ٻاهر نڪري آيو. اسان هڪڙي گول ميز وٽ ويهي رهياسين. ”ڇا تون انهي کان ان کي پسند نه ڪندو آهين جڏهن اسان اڪيلا هوندا آهيون؟“ ”ها،“ مون چيو. ”جڏهن اهي سڀ اتي هوندا آهن مان پاڻ کي ڪافي تنها محسوس ڪندو آهيان.“ ”هتي هئڻ شاندار آهي،“ مون چيو. ”ها. اهو حقيقت ۾ هڪڙو خوبصورت دڳ آهي.“ ”اهو عمدو آهي.“ ”مونکي پنهنجو مزو ڦٽائڻ نه ڏي، جاني. مان جڏهن به تون چاهيندين واپس هلي وينديس.“ ”نه،“ مون چيو. ”اسان هتي ويهي ڪري پنهنجي مئه پيئنداسين. تهان پوءِ اسان هيٺ وينداسين ۽ رڪاوٽي ڊوڙ لاءِ پاڻيءَ واري بُل وٽ بيهنداسين.“ ”تون مون لاءِ تمام گهڻو سٺو آهين،“ هن چيو. ٿوري دير تائين اڪيلو رهڻ کانپوءِ اسان ٻيهر ٻين کي ڏسي خوش ٿياسين. اسان ڪافي سٺو وقت گذاريوسين.