7
”تون هلاءِ،“ مون چيو. مون گديءَ جي مٿان ڦٽيل سپاهي جي سهائتا ڪئي. ”تون انگريزي ڳالهائيندو آهين؟“ هن پڇيو. ”يقيناَ،“ ”تون هن ڪمبخت جنگ کي ڪيئن ٿو پسند ڪرين؟“ ”مان چوان ٿو اها بدبودار آهي. يسوع مسيح جو قسم، مان چوان ٿو اها فرسوده آهي.“ ”تون ڪهڙي رياست ۾ رهندو آهين؟“ ”پڪ سان پٽسبرگ (Pittsburgh) ۾. مون ڄاتو پئي تون آمريڪي آهين“. ”ڇا مان اطالوي ڀاشا چڱي خاشي نه ٿو ڳالهايان؟“ ”مون ڄاتو پئي ته تون آمريڪي آهين، ٺيڪ.“ ”هڪڙو ٻيو آمريڪي،“ ڦٽيل ماڻهوءَ ڏانهن نهاريندي ڊرائيور چيو. ”ڏس، لُوٽيننٽ. ڇا تون مون کي ان ريجمينٽ ۾ رکرائيندين ڇا؟“ ”ها.“ ”ڇاڪاڻ جو ڪيپٽن ڊاڪٽر ڄاتو پئي ته مون کي هي زخم آهي. مون ڪمبخت پٽيءَ کي اڇلائي ڇڏيو ته جيئن اهو اڃا خراب ٿئي ۽ مون کي ٻيهر صفن ڏانهن وڃڻو نه پوي.“ ”مان سمجهان ٿو.“ ”ڇا تون مون کي ڪنهن ٻئي هنڌ ڏانهن نه ٿو وٺي وڃي سگهين؟“ ”جيڪڏهن اهو محاذ جي ويجهو هجي ها ته مان توکي پهريان ميڊيڪل واري چونڪي ڏانهن وٺي وڃان ها. پر هتي واپسيءَ تي لازمي آهي ته تو وٽ ڪاغذ هجن.“ ”جيڪڏهن مان واپس موٽي ويندس ته اهي مون کي وري ڪم ۾ جنبائي ڇڏيندا ۽ اهي مون کي سارو وقت صفن ۾ هڻي ڇڏيندا.“ ”مان ان کي ختم سمجهان ٿو“. ”تون سمورو وقت صفن ۾ هجڻ نه ٿو چاهين، ها نه؟“ هن پڇيو. ”نه.“ ”يسوع مسيح جي واسطي، ٻڌايو ته ڇا هي ڪمبخت جنگ نه آهي؟ ”ٻڌ،“ مون چيو. ”تون ٻاهر نڪر ۽ رستي تي ڪري پئو ۽ پنهنجو مٿو زمين سان ٽڪراءِ ۽ مان توکي واپسيءَ تي مٿي کڻندس ۽ توکي هڪڙي اسپتال ڏانهن وٺي ويندس. ايلڊو، اسان هتي رستي جي ڀرسان رڪنداسين.“ اسان رستي جي ڪناري تي بيهي رهياسين. مون هن جي لهڻ ۾ مدد ڪئي. ”مان صفا هتي ئي هوندس، ليفٽيننٽ،“ هن چيو. ”ڪافي وقت لڳندو،“ مون چيو. اسان هلي پياسين ۽ هڪڙو ميل اڳيان ريجمينٽ ٽپياسين، پوءِ درياه پار ڪيوسين، اهو برفاني پاڻيءَ سان جهڙالو ۽ پل جي ٽُنگڙن مان وڏي تيزيءَ سان وهي رهيو هو، ميدان جي هن پار سواري ڪندي ۽ مردودن کي ٻن اسپتالن جي حوالي ڪرڻ لاءِ. واپسيءَ تي مان هلائي رهيو هوس ۽ خالي ڪار کي تيز ڀڄائي رهيو هوس پٽسبرگ واري همراه کي ڳولهڻ لاءِ. پهريان اسان ريجيمينٽ کان مٽياسين، جيڪا پهريان کان آهستي ۽ گرم هئي: ان کان پوءِ آواره گردن وٽان.
انهي کان پوءِ اسان هڪڙي ٽانگي واري ايمبولنس کي رستي جي ڪناري کان بيٺل ڏٺوسين. ٻه ماڻهو ان زخمي همراه کي ان ۾ وجهڻ لاءِ بيٺا هئا. اهي هن لاءِ واپس آيا هئا. هن مون ڏانهن ڏسندي پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. هن جو ٽوپلو لٿل هو ۽ سينڌ واري وارن جي قطار جي هيٺان ۽ هن جي پيشانيءَ مان خون وهي رهيو هو. هن جو نڪ رهڙجي ويو هو ۽ هن جي خون واري داغ جي مٿان مٽي لڳل هئي ۽ هن جي وارن ۾ پڻ مٽي هئي. ”ليفيٽيننٽ، منهنجو ٽڪرائڻ ڏس!“ هن وڏي واڪي چيو. ”ڪجھ به ڪري نه ٿو سگهجي. اهي مون لاءِ واپس موٽي آيا آهن.“
جڏهن مان ولا ڏانهن واپس موٽي آيس ان مهل پنج وڄي رهيا هئا ۽ مان اوڏانهن ويس جتي اسان ڪاريون ڌوئيندا هئاسين، وهنجڻ لاءِ. ان کان پوءِ مون پنهنجي ڪمري ۾ پنهنجي رپورٽ تيار ڪئي، پنهنجي پتلون ۽ هڪڙي گنجي پاتل کليل کڙڪيءَ جي اڳيان. ٻن ڏينهن جي اندر جارحيت شروع ٿيڻ واري هئي ۽ مون کي ڪارين سميت پلاوا وڃڻو هو. ان کي ڪافي عرصو گذري ويو هو جو مون رياستن (آمريڪا) ڏانهن لکيو هو ۽ مون ڄاتو پئي ته مون کي لکڻ گهرجي پر مون ان کي ايترو وقت ايتري ته ڍر ڏئي ڇڏي هئي جو هاڻي لکڻ زري گهٽ ناممڪن بڻجي ويو هو. مون زونا ڊي گئيرا (Zona di Guerra) وارن ٽپال وارن خطن جا ڪجھ جوڙا ڏياري موڪليا، هر هڪ شيءِ تي ضرب جو نشان لڳايم سواءِ ان جي، مان خوش آهيان. اهي انهن کي ملڻ گهرجن.
آمريڪا ۾ اهي پوسٽ ڪارڊ ڪافي عمده هوندا، عجيب ۽ پراسرار. هي هڪڙو عجيب ۽ پراسرار جنگي علائقو هو پر مون فرض ڪيو ته اهو آسٽرين سان ٻين جنگين جي بنسبت ڪافي سٺي نموني هلي رهيو هو ۽ ڪافي ڀيانڪ پڻ. آسٽريائي فوج کي نيپولين جي فتحن لاءِ جوڙيو ويو هو؛ ڪو به نيپولين. مون سوچيو ڪاش اسان وٽ به ڪو نيپولين هجي ها پر بجاءِ ان جي اسان وٽ جرنيل ڪيڊورنا (Generale Cadorna) هجي ها، ٿلهو متارو ۽ امير ۽ وٽوريو اعمانُوعيل (Vittorio Emmanuele)، ڊينبڙو سنهڙي ڳچيءَ ۽ ٻڪر جهڙي ڏاڙهيءَ وارو همراه. مٿي ساڄي پاسي کان انهن وٽ آئوسٽا (Asota) جو حڪمران هوندو هو. ٿي سگهي ٿو هو هڪڙي عظيم جرنيل جيان ڏسڻ ۾ ايندو هجي پر هو فقط هڪڙي ماڻهوءَ جهڙو هو. ڪيترائي هن جي بادشاه ٿيڻ کي پسند ڪن ها. هو بادشاه جيان نظر ايندو هو. هو بادشاه جو چاچو هو ۽ ٽئين فوج جي ڪمان هن جي هٿ ۾ هوندي هئي. اسان ٻين فوج ۾ هوندا هئاسين. ٽين فوج سان ڪجھ برطانوي بيٽريون هونديون هيون.
مان مِلان (Milan) ۾ انهي ڊويزن سان واسطو رکندڙ ٻن توبچن سان مليو هوس. اهي ڪافي سٺا هئا ۽ اسان هڪڙي ڊگهي شام گڏ گذاريسين. اهي ٿلها متارا ۽ لڄارا ۽ شرمسار هئا ۽ جيڪا به شيءِ اتي ٿي گذري اهي گڏوگڏ ان جي ڪافي تعريف ڪري رهيا هئا. مون سوچيو ڪاش مان به برطانوين سان گڏ هجان ها. اهو ڪافي آسان هجي ها. هن مهل تائين يقيناَ مان مارجي وڃان ها. ايمبيولنس واري ڪم ۾. ها، ايتري تائين جو ايمبولنس واري هن ڪم ۾. ڪڏهن ڪڏهن برطانوي ايمبولنس ڊرائيور مارجي ويندا هئا. چڱي نموني، مون ڄاتو پئي ته مان ماريو نه ويندس. هن جنگ ۾ نه. ان جو مون سان ڪو به ناتو نه آهي. مون کي اها فلمن ۾ نظر ايندڙ جنگ کان وڌيڪ خطرناڪ نظر نه پئي آئي. مون خدا کان دعا پئي گهري ته من جنگ ختم ٿي وڃي. ٿي سگهي ته اها گرميءَ جي هن موسم ۾ ختم ٿي وڃي. ٿي سگهي آسٽريا وارا ٽٽي پون. اهي ٻين جنگين ۾ هميشه ٽٽي پيا هئا. هن جنگ سان ڪهڙو مسئلو هو؟ هر ڪو چئي رهيو هو ته فرانسيسي پورا ٿي ويا آهن. رنالڊي چيو ته فرانسيسي ڪر کڻي رهيا هئا ۽ جٿا پيرس ڏانهن وڌي رهيا هئا. مون هن کان پڇيو ڇا ٿيو ۽ هن چيو،”او، انهن هنن کي روڪي ورتو.“ مون جنگ کان پاڪ آسٽريا ڏانهن وڃڻ پئي چاهيو. مون ڪاري جهنگ ڏانهن وڃڻ پئي چاهيو. مون هارٽز (Hartz) جي جبلن ڏانهن وڃڻ پئي چاهيو. مون هرحال ۾ ڄاڻڻ پئي چاهيو ته هارٽز جا اهي پهاڙ هئا ڪٿي؟ اهي ڪارپاٿِيَنز (Carpathians) ۾ وڙهي رهيا هئا. مون ڪنهن به صورت ۾ اوڏانهن وڃڻ نه پئي چاهيو. جتيوڻيڪ اوڏانهن وڃڻ سٺو به ٿي پئي سگهيو. جيڪڏهن ڪا به جنگ نه هجي ته مان اسپين ڏانهن وڃي سگهيس پئي. سج لهي رهيو هو ۽ ڏينهن ٺري رهيو هو. رات جي مانيءَ کان پوءِ مان ڪيٿرائن سان ملڻ ويندس. منهنجي دل چاهيو پئي ته ڪاش هوءَ هتي هجي ها. مون خواهش ڪئي ته ڪاش مان ملان (Milan) ۾ هن سان گڏ هجان ها. مون ڪووا (Cova) ۾ ڪجھ کائڻ پئي گهريو ۽ پوءِ ويا مينزوني (Via Manzoni) جي هيٺان گرم شام ۾ هلڻ پئي چاهيو ۽ نهر جي مٿان گذرڻ ۽ ان جي ڀرسان واري رستي تان مَٽِڻ ۽ ڪيٿرائن بارڪلي سان گڏ هوٽل ڏانهن وڃڻ پئي چاهيو. ٿي سگهي ٿو هوءَ مون سان گڏ هلي. ٿي سگهي ٿو هوءَ بهانو ڪري ته مان هن جي لاءِ مري چڪو آهيان ۽ اسان مهڙين دروازي کان داخل ٿينداسين ۽ بيرو پنهنجي ٽوپي لاهيندو ۽ مان دربان واري ميز وٽ بيهي رهندس ۽ هن کان چاٻي گهرندس ۽ هوءَ لفٽ جي ڀرسان بيهندي ۽ پوءِ اسان لفٽ ۾ اندر گهڙنداسين ۽ اها آهستي آهستي سڀني منزلن سان ٽڪ ٽڪ ڪندي مٿي هلڻ لڳندي ۽ پوءِ اسان جو فلور ايندو ۽ بيرو دروازو کوليندو ۽ اتي بيهي رهندو ۽ هوءَ ٻاهر نڪرندي ۽ مان به ٻاهر نڪرندس ۽ اسان هال ڏانهن هيٺ هلڻ لڳنداسين ۽ پوءِ ٽيليفون کڻندس ۽ انهن کي چوندس ته برف سان ڀريل ڪيپري بيانڪا (Capri Bianca) جي بوتل چانديءَ جي هڪڙي ٻالٽيءَ ۾ وجهي کڻي اچو ۽ برف ٻالٽيءَ ۾ ڳِجھ جي نشان پٺيان کڙڪندي ۽ ڇوڪرو دروازو کڙڪائيندو ۽ مان هن کي چوندس ته ان کي مهرباني ڪري دروازي جي ٻاهريان ڇڏي ڏي. ۽ ڇاڪاڻ جو گرمي هوندي ان ڪري اسان ڪو به لباس ڪو نه پهرينداسين ۽ کڙڪي کليل هوندي ۽ گهرن جي ڇتين جي مٿان ابابيلن جون اڏارون هونديون ۽ جڏهن اتي بعد ۾ رات ٿيندي کڙڪيءَ ڏانهن وڃبو ۽ ڪافي ننڍڙا چمڙا گهرن جي مٿان ۽ هيٺ وڻن جي ويجهو شڪار ڪري رهيا هوندا ۽ اسان ڪيپري پيئنداسين ۽ دروازو بند هوندو ۽ اتي گرمي هوندي ۽ فقط هڪڙي چادر هوندي ۽ سڄي ساري رات هوندي ۽ اسان ٻئي ملان ( Milan) ۾ سموري گرم رات ۾ هڪٻئي سان پيار ڪنداسين. اهو سڀ ڪجھ اهڙيءَ طرح ٿيڻ گهرجي. مان جلدي جلدي ماني کائي وٺندس ۽ ڪيٿرائن بارڪلي سان ملڻ ويندس.
انهن ميس ۾ تمام گھڻو ڳالهايو ۽ مون مئه پيتي ڇاڪاڻ جو چيو ويو هو ته جيڪو نه پيئندو اهو اسان جو ڀاءُ ناهي مون ٿورو پيتو ۽ پادريءَ سان آئرلينڊ جي ڪاهنن جي سردار (Archbishop) بابت ڳالهايم جيڪو، لڳي رهيو هو ته هڪڙو عظيم انسان هو، جنهن سان ناانصافيون ٿيون هيون، ۽ انهن ۾ مان هڪڙي آمريڪي جي حيثيت ۾ شامل ٿيو هوس، ۽ جنهن جي باري ۾ مون ڪڏهن ڪو نه ٻڌو هو، مون واقفيت جو ڍونگ رچايو. انهن جي باري ۾ اڻڄائي جو اظهار ڪرڻ رُکائپ هجي ها، جڏهن مون انهن جي سببن جي اهڙي شاندار وضاحت ٻڌي، ته آخرڪار مون محسوس ڪيو ته اهي غلط فهميون لڳي رهيون هيون.
مون سمجهيو ته هن جو هڪڙو ڏاڍو عمدو نالو هو ۽ هو منِيسوٽا (Minnesota) کان آيل هو جنهن هڪڙو پيارو نالو بڻايو: منيسوٽا (Minnesota) جو آئرلينڊ، وسڪونسِن (Wisconsin) جو آئرلينڊ، مِشيگن (Michigan) جو آئرلينڊ. جنهن ان کي خوبصورت پئي بڻايو اهو هو ان جو هڪڙي ٻيٽ جهڙو هئڻ. نه اهو ايئين نه هو. اهو ان کان اڃا به وڌيڪ هو. ها، فادر. اهو سچ آهي، فادر. شايد، فادر. نه، فادر. چڱو، ٿي به سگهي ٿو، فادر. تون مون کان وڌيڪ ڄاڻين ٿو. پادري ڏاڍو سٺو هو پر جڏو هو. آفسير ڀلا نه هئا پر سست هئا. بادشاه سٺو هو پر سست هو. شراب خراب هو پر سست نه هو. انهي ڏندن جو مراهيون ڇلي پئي ڇڏيون انهن کي وات جي ڇت تي پئي پهچايو.
”۽ پادريءَ کي قيد ڪيو ويو،“ روڪا چيو، ”ڇاڪاڻ جو انهن کي هن جي نالي تي ٽي سيڪڙو بانڊ مليا. يقيناَ اهو فرانس ۾ هو. اتي اهي هن کي ڪڏهن به گرفتار نه ڪن ها. هن پنج سيڪڙو بانڊن واري ڄاڻ کان انڪار ڪيو. اهو واقعو بيزيئرس (Béziers) ۾ پيش آيو. مان اتي هيس ۽ ان جي باري ۾ اخبار ۾ پڙهي رهيو هوس، مان قيدخاني ڏانهن ويس ۽ انهن کي پادريءَ سان ملڻ جو چيو. اهو واضح آهي ته هن بانڊ چورايا هئا. ”جيئن توهان کي وڻي،“ روڪا چيو. ”پر مان اهو هتي اسان جي پادري لاءِ ٻڌائي رهيو آهيان. اهو ڪافي معنيٰ خيز آهي. هي پڻ پادري آهي اهو هن جي تعريف ڪندو.“ پادري مسڪرايو. ”اڳتي وڌ،“ هن چيو. ”مان ٻڌي رهيو آهيان.“ ڪجھ بانڊن جوشمار نه ڪيو ويو هو، پر پادريءَ وٽ سمورا ٽي سيڪڙو بانڊ هئا ۽ ڪيتريون ئي علاقائي ذميداريون پڻ، مان صحيح معنيٰ ۾ وساري ويٺو آهيان ته اهي ڪهڙيون هيون. اهڙي نموني مان جيل ڏانهن ويس، هاڻي هي ڪهاڻيءَ جو نقطو آهي، ۽ مان هن جي خوليءَ جي ٻاهريان بيٺس ۽ مون چيو ڄڻ ته مان اعترافِ جرم ڪري رهيو هوس، ”فادر، مون کي آشيرواد ڏي ڇاڪاڻ جو تو ڏوھ ڪيو آهي.“ اتي هر هڪ ماڻهو ٽهڪن ۾ ويڙهجي ويو. ”۽ هن ڇا چيو؟“ پادريءَ پڇيو. روڪا ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ مون کي لطيفي جي وضاحت ڪرڻ لڳو. ”توکي نقطو سمجھ ۾ اچي ٿو، ها نه؟“ جيڪڏهن توهان ان کي مناسب طريقي سان سمجهي سگهو ته اهو ڪافي مزاحيه لطيفو لڳي رهيو هو. انهن مون لاءِ وڌيڪ شراب اوتيو ۽ مون هڪڙي خانگي انگريز سپاهي جي ڪهاڻي ٻڌائي جنهن کي وهنجڻ واري ٻاٽي ۾ وڌو ويو هو. تنهن کان پوءِ ميجر يارنهن چيڪوسلاويائي ۽ هنگري جي فوجي آفيسرن جي ڪهاڻي سڻائي جن هڪڙي پائِي لڌي هئي. ميجر چيو ته اتي هڪڙي اطالوي ڪهاڻي هئي جيڪا ڪنهن جاگيردار جي گهر واريءَ جهڙي هئي جنهن کي رات جو ننڊ نه ايندي هئي. هن جاءِ تي پادري هليو ويو ۽ مون هڪڙي گهورڙيي جي ڪهاڻي ٻڌائي جيڪو پنجين وڳي مارسيلز ۾ پهتو جڏهن اتر جي ٿڌڙي هوا گهلي رهي هئي. ميجر چيو ته هن کي خبر پئي آهي ته مان پي سگهان ٿو. مون ان کان انڪار ڪيو. هن چيو ته اهو سچ هو ۽ بيڪس (Bacchus) (بيڪس ــ يوناني ڏند ڪٿا مطابق مئه جو ديوتا ـ مترجم) جي لاش جي وسيلي اسان آزمائينداسين ته ڪٿي اهو سچ آهي يا نه. ”بيڪس نه،“ مون چيو. ”بيڪس نه.“ ”ها، بيڪس.“ هن چيو. مون کي باسي (Bassi)، فِلِيپو (Fillipo) ونسينزا (Vincenza) سان پيالي جي بدلي پيالو ۽ گلاس جي بدلي گلاس پيئڻ گهرجي. باسي چيو نه اها ڪا آزمائش نه آهي ڇاڪاڻ جو هن اڳ ۾ ئي مون جيترو پي رکيو آهي. مون چيو اهو گندو ڪوڙ هو، بيڪس يا بيڪس نه، فليپو، ونسينزا باسي، يا باسي فلِيپو ونسيزا سموري شام تائين هڪڙو ڍڪ به نه پيتو آهي ۽ هن جو نالو ڇا هو، بحرحال کڻي جيڪو به هجي؟ مون چيو بهترين شخص کي کٽڻ ڏيو، بيڪس جو شراب خانو، ۽ ميجر اسان کي منگهن ۾ سرخ شراب اوتڻ سان شروع ڪيو. شراب جي اڌ دوران مون کي وڌيڪ طلب ڪو نه پئي ٿي. مون ڄاتو پئي ته مان ڪيڏانهن وڃي رهيو هوس.
”باسِي کٽي ويو،“ مون چيو ”هو مون کان ڀلو آهي.“ ”هو واقعي کٽي ويو،“ رنالڊي چيو. ”هن کي ڪنهن سان ملڻو آهي. مان اهو سڀ ڪجھ ڄاڻان ٿو.“ ”مونکي وڃڻو آهي.“ ”ڪنهن ٻِي رات جو،“ باسِي چيو. “ڪنهن ٻي رات جو جڏهن تون پاڻ ۾ ٻل ڀانئين.“ هن مون کي ڪلهي تي ٿڦڪي هنئي. اتي ميز تي موم بتيون ٻريل هيون. سڀيئي آفيسر خوش هئا. ”حضرات، رات جي لاءِ موڪلاڻي،“ مون چيو. رنالڊي مون سان گڏ هلي پيو. اسان دروازي جي ٻاهريان پيوندڪاري وٽ بيهي رهياسين ۽ هن چيو، ”بهتر آهي ته تون مٿي نشي ۾ ڌت نه هل.“ ”مان نشي ۾ ٻڏل ناهيان، ِرينِي. واقعي.“ ”بهتر آهي ته تون ڪجھ ڪافي چٻاڙي ڇڏ.“ ”بيوقوف.“ ”ٻچا، مون کي ٿورا کپن. تون هيٺ مٿي هلندو هل.“ هو پڪل ڪافيءَ جي داڻن جي هڪڙي لپ کڻي آيو. ”ٻچڙا، انهن کي چٻاڙي ڇڏ. ۽ خدا توکي پنهنجي امان ۾ رکندو.“ ”بيڪس،“ مون چيو. ”مان توسان گڏ هيٺ هلندس.“ ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“ ”اسان شهر منجهان گڏوگڏ هلندا رهياسين ۽ مون ڪافيءَ کي چٻاڙيو. داخلا واري سڙڪ وٽ جيڪا برطانوي ولا تائين پئي ويئي، رنالڊي رات جو الوداعي سلام ڪيو. ”شب خير،“ مون چيو. ”تون ڇو نه ٿو هلين؟“ هن پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. ”نه.“ هن چيو. ”مون کي ساديون خوشيون گهرجن.“ ”ڪافيءَ جي داڻن لاءِ تنهنجي مهرباني.“ ”ڪا ڳالهه ناهي ٻڄڙا. ڪا ڳالھ ناهي.“
مون داخلا واري سڙڪ ڏانهن هيٺ هلڻ شروع ڪيو. صنوبر جي وڻن جي هلڪي جهلڪ پئي نظر آئي جيڪي ان جي ڪنارن سان بيٺل هئا اهي نوڪدار ۽ چٽا هئا. مون ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريو ۽ ڏٺم ته رنالڊي بيٺي پير مون ڏانهن نهاري رهيو هو ۽ مون هن ڏانهن هٿ لوڏيو. مان ولا جي خير مقدم واري هال ۾ ويهي رهيس، ڪيٿرائن بارڪلي جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس. هال واري رستي کان ڪو اچي رهيو هو. مان اٿي بيٺس، پر اها ڪيٿرائن نه هئي. اها مس فرگُوسن هئي. ”هيلو،“ هن چيو. ”مون کي ڪيٿرائن چيو ته مان توهانکي ٻڌايان ته هن کي افسوس آهي جو هوءَ توهان سان اڄوڪي شام نه ٿي ملي سگهي.“ ”مان اميد ٿو ڪيان ته هوءَ بيمار نه آهي.“ ”هوءَ ايتري ٺيڪ ناهي.“ ”ڇا توهان هن کي ٻڌائيندئو ته مون کي ڪيترو نه افسوس آهي.“ ”ها، مان ٻڌائينديس.“ ”ڇا توهان سمجهو ٿا ته سڀاڻي هتي اچي هن کي ڏسڻ جي ڪوشش فائيديمند رهندي؟“ ”ها، مان ڪوشش ڪنديس.“ ”توهان جي وڏي مهرباني.“ مون چيو. ”شب خير.“ مان دروازي کان ٻاهر نڪري آيس ۽ اچانڪ مون پاڻ کي تنها ۽ خالي خالي محسوس ڪيو. مون ڪيٿرائن سان ملاقات ڪرڻ کي ڪافي غيرسنجيدگي سان ورتو هو، مان ڪنهن حد تائين پيتل هوس ۽ زري گهٽ اچڻ کي وساري ڇڏيو هوم پر جڏهن مان هن سان ملي نه سگهيس ته اتي مان پاڻ کي تنها ۽ کوکلو محسوس ڪري رهيو هوس.