ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

9

رستو ڀريل هو ۽ اتي ان جي ٻنهي پاسن کان مڪئي ۽ ڪکاون تڏن جا مٿان کان ڏنل اهڙا ته شاميانا هئا جو اهي هڪڙي سرڪس يا ڪنهن ديسي ڳوٺ جي داخلي دروازي جيان لڳي رهيا هئا. اسان تڏن سان ڍڪيل ان سرنگ مان مزي مزي سان نڪري آياسين ۽ هڪڙي ويران صاف جڳھ جي مٿان پهتاسين جتي ريلوي اسٽيشن هئي. هتي رستو درياه جي سطح کان هيٺ هو ۽ ڏراٽيل رستي جي سموري پاسي کان درياه جي ڪنارن ۾ کڏون کوٽيل هيون جتي پيادل فوجي دستا (Infantry) ترسيل هئا. سج لهي رهيو هو ۽ هلندي هلندي مٿي ڪناري جي ڀرسان نهاريندي مون ٻئي طرف پهاڙن تي نظرداري ڪندڙ آسٽريائي ڦوڪڻا ڏٺا جيڪي سج جي برعڪس تاريڪ نظر اچي رهيا هئا. اسان گاڏين کي سرن جي هڪڙي بٺي جي پٺيان کڙو ڪيوسين. ڪجھ اونهن کڏن ۽ تندورن کي مرمتي اڏن طور سٿيو ويو هو. اتي ٽي ڊاڪٽر هئا جن کي مون سڃاتو پئي. مون ميجر سان ڳالهايو ۽ مون کي معلومات ملي ته جڏهن اها (جنگ) شروع ٿئي ۽ اسان جون گاڏيون ڀريون وڃن ته اسان کي گهرجي ته اسان انهن کي واپس شاميانن واري رستي ڏانهن ڪاهي وڃون ۽ اوچي پهاڙ واري ان مکيه رستي ڏانهن جتي هڪڙي چوڪي هئڻ گهرجي ۽ انهن مان وزن لاهڻ لاءِ ٻيون گاڏيون پڻ هئڻ گهرجن. هن اميد ڪئي ته رستو جام نه ٿيندو. اهو هڪڙي رستي جو ڏيکاءُ هو. رستي تي شاميانا کڙا ڪيا ويا هئا ڇاڪاڻ جو اهو درياه جي هن پار آسٽريائي فوج جي نظر ۾ هو. هتي سرن جي بٺي وٽ اسان رائفلن يا گهنڊ مِشنُين جي ٺڪاون کان درياه جي ڪناري وسيلي حفاظت ۾ هئاسين. اتي درياه جي آر پار هڪڙي مسمار ٿيل پل هئي.
انهن هڪڙي ٻي پل وڇائڻ پئي چاهي، جڏهن بمباري شروع ٿيندي ۽ ڪجھ جٿا درياه جي موڙ وٽان گهٽ گهرائي واري پاڻيءَ جي مٿان گذرڻ وارا هئا. ميجر هلڪي قد وارو انسان هو جنهن جون مڇون نڪ ڏانهن ورايل هيون. هو لبيا جي جنگ مان ٿي آيو هو ۽ هن کي ٻن زخمن وارا فوجي نشان لڳل هئا. هن چيو ته جيڪڏهن مامرا ٺيڪ رهيا ته هو ڏسندو ته مون کي ڪيئن نه سجايو ويندو. مون هن کي چيو ته مان اميد ٿو ڪيان ته مامرا ٺيڪ رهن پر اهو به ته هو ڏاڍو مهربان هو. مون هن کان پڇيو ته اتي ڪو هڪڙو زيرِ زمين ڪمرو آهي جتي ڊرائيور رهي سگهن ۽ هن مون کي اهو ڏيکارڻ لاءِ هڪڙي سپاهي ساڻ روانو ڪيو. مان هن سان گڏجي ويس ۽ ان زيرِ زمين ڪمري کي ڏٺم جيڪو ڪافي سٺو هو. ڊرائيور ان کي ڏسي ڪافي سرها ٿيا ۽ مون انهن کي اتي ڇڏي ڏنو. ميجر مون کي پاڻ سان ۽ ٻن ٻين آفيسرن سان گڏجي هڪڙو جام نوش ڪرڻ جو چيو. اسان رَم پيتوسين ۽ اهو ڪافي دوستاڻو هو. ٻاهر تاريڪي ڇائنجي رهي هئي. مون معلوم ڪيو ته ڪهڙي وقت حملو ٿيڻو هو ۽ انهن چيو ته جيئن ئي رات ٿي ويندي ٺيڪ اهڙي مهل حملو ڪيو ويندو. مان ڊرائيورن ڏانهن واپس موٽي ويس. اهي زيرِ زمين ڪمري ۾ ويٺا هئا ۽ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ جڏهن مان داخل ٿيس ته اهي چپ ٿي ويا. مون هر هڪ کي ميسيڊونيا جي سگريٽن جي دٻي ڏني، اهي ڍري نموني ڀريل سگريٽ هئا جن جو تماڪ وهي رهيو هو ۽ ڇڪڻ کان اڳ ۾ انهن جي پڇاڙيءَ کي ورائڻ لازمي هو. منِيرا (Manera) پنهنجو لائيٽر دکايو ۽ ان کي چوگرد ڦيرايو. لائيٽر جي شڪل هڪڙي فِي ايٽ (fiat) جي پاڻي گرم ڪندڙ اوزار (Radiator) جهڙي هئي. مون جيڪي ڪجھ به ٻڌو هو اهو انهن کي ٻڌائي ڇڏيم. ”جڏهن اسان هيٺ آياسين ته اسان کي چونڪي ڇو نه ڏسجڻ ۾ آئي؟“ پاسِيني پڇيو. ”جتان اسان مڙيا هئاسين اها بلڪل ان جي پريان هئي.“ ”اهو رستو هڪڙي گندي ترتيب بڻبو،“ منِيرا چيو. ”اهي اسان جي پٺيان گولا اڇلائيندا.“ ”ٿي سگهي ٿو.“ ”ليفٽيننٽ، کاڌي پيتي جو ڇا ٿيندو؟“ ”جڏهن هن قسم جو مامرو شروع ٿيندو ته اسان کي کائڻ پيئڻ جو هڪڙو موقعو به ورلي ميسر ٿيندو.“ ”مان وڃان ٿو ۽ هاڻي ئي ڏسان ٿو،“ مون چيو. ”تون اسان جو هتي رهڻ پسند ڪرين ٿو يا اسان آسپاس نظر ڦيرائي سگهون ٿا؟“ ”بهتر آهي ته توهان اتي ٽڪيا پيا هجو.“ مان واپس ميجر جي زيرِ زمين ڪمري ڏانهن ويس ۽ هن چيو ته ميدانِ جنگ جو بورچي خانو اتي ڀرسان ئي هوندو ۽ ڊرائيور اتي اچي ڪري پنهنجو کاڌو پچائي سگهن ٿا. جيڪڏهن اهي انهن وٽ دستياب نه آهن ته هو انهن کي ميس وارا ٽِن / دٻا ڪجھ وقت جي لاءِ ڏيندو. مون هن کي چيو ته منهنجي خيال ۾ اهي انهن وٽ موجود آهن. مان واپس وري آيس ۽ ڊرائيورن کي ٻڌايم ته جيئن ئي کاڌو پهچندو ته مان انهن کي وٺي ويندس. منِيرا چيو ته هن کي اميد آهي ته اهو بمباري شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ اچي ويندو. اهي اوستائين خاموش هئا جيستائين مان ٻاهر هليو نه ويس. اهي سڀ مستري هئا ۽ اهي جنگ کان نفرت ڪري رهيا هئا.
مان ڪارين کي چڪاسڻ ۽ اهو ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيس ته ڇا وهي واپرجي رهيو هو ۽ پوءِ واپس وري آيس ۽ زيرِ زمين ڪمري ۾ هيٺ چئن ڊرائيورن سان گڏ ويهي رهيس. اسان فرش تي ويٺا هئاسين اسان جا پٺا ديوار سان ٽيڪيل هئا ۽ اسان سگريٽ ڇڪي رهيا هئاسين. ٻاهر ڪافي انڌيرو هو. زيرِ زمين ڪمري جي مٽي ڪافي گرم ۽ خشڪ هئي ۽ مون پنهنجي ڪلهن کي ديوار سان ٽيڪي ڇڏيو، ۽ پرسڪون طريقي سان پنهنجي پاسراٽي کي ٽيڪ ڏئي ويٺو هوس.
”حملي ڏانهن ڪير ٿو وڃي؟“ گاوُوزي (Gavuzzi) پڇيو. ”برسالِيگيرِي؟“ ”سموري برسالِيگيرِي؟“ ”مان ايئين سمجهان ٿو.“ ”اهي هتي هڪڙي حقيقي حملي لاءِ ناڪافي جٿا آهن.“ ” اهو جتان حقيقي حملو ٿيندو اتان کان ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ آهي.“ ”ڇا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته حملو ڪير ڪندو؟“ ”مان نه ٿو سمجهان.“ ”يقيناَ اهي نه ٿا ڄاڻن،“ منِيرا چيو.
"”جيڪڏهن انهن حملو ڪيو ته اهي (ماڻهو) حملو ڪو نه ڪندا.“ ”ها، اهي ڪندا،“ پاسيني چيو. ”برساليگيري نادان آهن.“ ”اهي بهادر آهن ۽ انهن وٽ سٺو نظم وضبط آهي،“ مون چيو. ”ماپ جي لحاذ کان انهن جا سينا موڪرا آهن، ۽ اهي تندرست آهن. پر اهي پوءِ به نادان آهن.“ ”گراناتائيري (granatieri) (گراناتائيري: دستي بمن وارو فوجي يونٽ، جيڪو ٻلوان ۽ جانٺن جوان سپاهين تي مشتمل هو ـــــ مترجم) قداور آهن،“ منِيرا چيو. اهو هڪڙو لطيفو هو. اهي سڀ ٽهڪن ۾ ويڙهجي ويا. تينينت، ڇا تون اتي هئين، جڏهن انهن حملو نه پئي ڪيو ۽ جڏهن انهن هر ڏهين ماڻهوءَ کي گولي پئي هنئين؟“ ”نه.“ ”اهو سچ آهي. انهن بعد ۾ هنن کي قطار ۾ کڙو ڪيو ۽ هر ڏهين ماڻهوءَ جو انتخاب ڪيو. ڪيرابِنائيرين انهن کي گولي هنئي. ”ڪيرابنائيري،“ پاسني چيو ۽ هن زمين تي ٿُڪ اڇلائي. ”پر اهي دستي بمن وارا؛ جيڪي سڀ ڇھ فٽ ڊگها آهن. اهي حملو ڪو نه ڪندا.“ ”جيڪڏهن هر ماڻهو حملو نه ڪندو ته پوءِ جنگ ختم ٿي ويندي،“ منيرا چيو. ”گريناتائيرين سان ايئين ڪو نه هو. اهي هيسيل هئا. سمورا آفيسر اهڙن سٺن خاندانن منجهان هئا.“ ”ڪجھ آفيسر اڪيلي سر ويا.“ ”هڪڙي سارجينٽ ٻن آفيسرن کي گولي هنئي جيڪي ٻاهر نه پئي نڪتا.“ ”ڪجھ جٿا ٻاهر نڪري آيا.“ ”اهي جيڪي ٻاهر نڪري آيا انهن کي قطار ۾ کڙو ڪو نه ڪيو ويو جڏهن انهن ڏهن ماڻهن جو انتخاب ڪيو هو.“ ”ڪيرابنيرين هٿان مارجي ويلن مان هڪڙو ڄڻو منهنجي قصبي کان هو،“ پاسني چيو. ”هو هڪڙو ڊگهو حسين ڇوڪرو هو جيڪو گريناتائيرين سان هوندو هو. هميشه روم ۾ هوندو هو. هميشه ڇوڪرين سان گڏ هوندو هو. هميشه ڪيرابنيرين سان گڏ هوندو هو.“ هن ٽهڪ ڏنو. ”هاڻي هنن هن جي گهر جي ٻاهران هڪڙو محافظ بيهاري ڇڏيو آهي جنهن جي هٿ ۾ خنجر هوندو آهي ۽ هن جي ماءُ کي ۽ ڀينرن کي ڏسڻ لاءِ ڪو به شخص نه ايندو آهي ۽ هن جي والد کان سندس شهري حق به کسيا ويا آهن ايتري تائين جو هو ووٽ به نه ٿو ڏئي سگهي. انهن کي بچائڻ لاءِ ڪو به قانون ڪونهي. ڪو به شخص هنن جي ملڪيت ڦٻائي سگهي ٿو.“ ”جيڪڏهن انهن جي خاندانن سان اهڙو ورتاءُ نه ڪيو ويندو ته پوءِ ڪو به شخص حملي ڏانهن نه ويندو.“ ”ها الپِني (Alpini) ڪندو. اهي وِي. اِي سپاهي ڪندا. ڪي برساليگيري ڪندا.“ ”برساليگيري پڻ ڀڳوڙا آهن. هاڻي اهي ان کي وسارڻ چاهن ٿا.“ ”تينينت، تون اسان کي ههڙي نموني ڳالهائڻ نه ڏي.“ ايوِي وا ايل ايسيرسِيتو،“ (اطالوي ـــ فوج زنده آباد ـ مترجم) پاسني طنزيه طور تي چيو. ”مان سمجهان ٿو توهان ڪيئن ڳالهائي رهيا آهيو.“ ”پر جيستائين توهان گاڏي هلايو ٿا…………...۽ ورتاءُ ڪيو ٿا………….“ ”.............۽ اهڙي نموني نه ڳالهايو جو ٻين آفيسرن کي سڻڻ ۾ اچي.“ منيرا پورو ڪيو. ”مان سمجهان ٿو ته اسان کي جنگ پوري ڪرڻ گهرجي،“ مون چيو. ”جيڪڏهن هڪڙي ڌر وڙهڻ بند ڪيو ته ان سان اها پوري ڪو نه ٿيندي. ۽ جيڪڏهن اسان وڙهڻ ڇڏي ڏنو ته اهو ته اڃا به برو هوندو.“ ”اها خراب ٿي نه ٿي سگهي،“ پاسني ادب مان وراڻيو. ”جنگ کان بري ڪا ٻي شيءِ ناهي.“ ”شڪست بري آهي.“ ”مان ان کي نه ٿو مڃان،“ پاسني اڃا وڌيڪ ادب وچان چيو. ”شڪست ڇا آهي؟ توهان گهر ڏانهن موٽي وڃو.“ ”اهي توهان جي پويان ايندا. اهي توهان جي گهر تي قبضو ڪندا. اهي توهان جي ڀينرن کي کڻي ويندا.“ ”مان ان کي نه ٿو مڃان.“ ”اهي هر هڪ ماڻهوءَ سان ايئين نه ٿا ڪري سگهن. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر جي حفاظت ڪرڻ ڏيو. انهن کي ڇڏيو ته اهي پنهنجي ڀينرن کي گهر ۾ سنڀاري رکن.“ ”اهي توهان کي ٽنگي ڇڏيندا. اهي موٽي ايندا ۽ توهان کي وري به هڪڙو سپاهي بڻائيندا. خودڪار ايمبولنس ۾ نه، پيادل دستي ۾.“ ”اهي هر ڪنهن کي ٽنگي نه ٿا سگهن. “ ”هڪڙي ڌاري قوم توهان کي هڪڙو سپاهي بڻائي نه ٿي سگهي،“ منيرا چيو. ”پهرين لڙائيءَ ۾ توهان سڀ ڀڄي ويندئو چيڪن (چيڪوسلاويائي قوم) جيان“ ”مان سمجهان ٿو ته توکي مفتوح ٿي وڃڻ بابت ڪا به ڄاڻ ڪونهي ۽ ان ڪري تون سمجهين ٿو ته اهو برو نه آهي.“ ”تينيت،“ پاسني چيو. ”اسان سمجهون ٿا ته تون اسان کي ڳالهائڻ ڏئين ٿو. ٻُڌ، جيتري جنگ بري آهي نه اوتري ٻي ڪا به شيءِ بري ناهي. اسان تان جو خودڪار ايمبولنس ۾ ڪنهن به قيمت تي اهو سمجهي نه ٿا سگهون ته اها ڪيتري نه گندي آهي. جڏهن ماڻهو سمجهن ٿا ته اها ڪيتري نه گندي آهي اهي ان کي روڪڻ لاءِ ڪجھ به نه ٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ جو اهي بدمست ٿي وڃن ٿا. اتي ڪي اهڙا ماڻهو به آهن جن کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي. اتي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجي آفيسرن کان ڊڄن ٿا. هي اهي ماڻهو آهن جن سان جنگ جُڙي ٿي.“ ”مان سمجهان ٿو ته اها بري آهي پر اسان کي لازمي طور تي ان کي ختم ڪرڻ گهرجي.“ ”اها ختم ٿي نه ٿي سگهي. هڪڙي جنگ جو خاتمو لامحال آهي.“ ”ها ان جو خاتمو ممڪن آهي.“ پاسني پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. ”جنگ فتح سان فتح ڪئي نه ويندي آهي. ڇا ٿي پيو جيڪڏهن اسان سين گيبريل (San Gabriele) کي پنهنجي مٺ ۾ ڪيون؟ ڇا ٿي پيو جيڪڏهن اسان ڪارسو، مونفالڪون (Monfalcone) ۽ ٽرائيسٽ (Trieste) کي حاصل ڪيون؟ ته پوءِ اسان ڪٿي آهيون؟ ڇا توکي اڄ اهي پرانهان جبل نظر اچن ٿا؟ ڇا تون سمجهين ٿو ته اسان انهن سڀني کي پڻ حاصل ڪري سگهون ٿا؟ فقط جيڪڏهن آسٽريائي وڙهڻ بند ڪن. ڪنهن ڌر کي لازمي طور ويڙه بند ڪرڻ گهرجي. اسان وڙهڻ ڇو نه ٿا ڇڏيون؟ جيڪڏهن اهي هيٺ اٽليءَ ڏانهن ايندا اهي ٿڪجي پوندا ۽ هليا ويندا. انهن کي پنهنجو وطن به آهي. پر نه، بجاءِ ان جي اتي هڪڙي جنگ پيئي هلي.“ ”تون هڪڙو مقرر آهين.“ ”مان سمجان ٿو. اسان پڙهون ٿا. اسان هاري نه آهيون. اسان مستري آهيون. پر ايتري تائين جو هاري پڻ هڪڙي جنگ کي مڃڻ جي بهتر ڄاڻ رکن ٿا. هر شخص هن جنگ کان نفرت ٿو ڪري.“ ”اتي هڪڙو طبقو آهي جيڪو هڪڙي ملڪ تي حاوي آهي جيڪو نادان آهي ۽ ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ادراڪ نه ٿو رکي ۽ ڪڏهن رکي به ڪو نه سگهندو.“ ”جنهن جي ڪري اسان وٽ هي جنگ هلي رهي آهي ۽ پڻ اهي ان مان مال ميڙي رهيا آهن.“ ”انهن مان گهڻي قدر ايئين ناهن،“ پاسني چيو. ”اهي پڻ نادان آهن. اهي بيڪار ۾ ايئين ڪري رهيا آهن. ڇسائپ جي ڪري.“ ”اسان کي لازماَ پنهنجي زبان بند ڪرڻ گهرجي،“ منيرا چيو.”اسان گهڻو ڳالهائي رهيا آهيون، ايتري قدر جو تينينت کان به وڌيڪ.“ ”هو ان کي پسند ڪري ٿو،“ پاسني چيو. ”اسان هن کي قائل ڪنداسين.“ ”پر هاڻي اسان بس ڪنداسين،“ منيرا چيو.”تينينت، ڇا اسان هاڻي به ڪجھ کائي سگهون ٿا؟“ گاوُوزي پڇيو. ”مان ويندس ۽ ڏسندس،“ مون چيو. گورديني اٿي کڙو ٿيو ۽ مون سان گڏ ٻاهر هلڻ لڳو. ”تينينت، اتي اهڙي ڪاشيءِ آهي جيڪا مان ڪري سگهان؟ ڇا مان ڪنهن به نموني سان ڪا مدد ڪري سگهان ٿو؟“ هو چئن منجهان واحد شخص هو جيڪو گهٽ ڳالهائي رهيو هو. ”جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته پوءِ مون سان گڏ هل،“ مون چيو. ”۽ اسان ڏسنداسين.“
ٻاهر اونداه ڇانيل هئي ۽ سرچ لائيٽن مان نڪرندڙ طويل روشني جبلن تي چر پر ڪري رهي هئي. اتي ان محاذ تي ٽرڪين تي وڏيون سرچ لائيٽون هيون جن وٽان اسان ڪڏهن ڪڏهن رات جي وڳڙي ۾ گذرندا هئاسين، صفن جي ٿورو پٺيان، رستي کان ٿورو اڳڀرو ٽرڪون بيٺل هيون، هڪڙو آفيسر روشنيءَ جو حڪم صادر ڪري رهيو هو ۽ عملو خوف ۾ ورتل هو. اسان سرن جو بٺو ٽپياسين، ۽ مکيه مرمتي اڏي وٽ بيهي رهياسين. ٻاهر داخلي دروازي جي مٿان ساين ٽارين جي هڪڙي پناهگاه هئي ۽ تاريڪ رات ۾ سج جي ڪري سڪي ويل پتن کي هوا کڙڪائي رهي هئي. ان جي اندر هڪڙي روشني هئي. ميجر ٽيليفون وٽ هڪڙي دٻي جي مٿان ويٺل هو طبعي ڪپتانن منجهان هڪڙي چيو حملو هڪڙي گهنٽي لاءِ اڳتي وڌايو ويو آهي. هن مون کي هڪڙي ڪوگنيڪ جي آڇ ڪئي. (ڪوگنيڪ: فرانسيسي برانڊي جيڪا فرانس جي شهر ڪونياڪ سان منسوب آهي ـــ مترجم) مون کاڌي واري ميز ڏانهن ڏٺو، رات جي اونداهي ۾ بند بوتلن ۽ برتنن وارو سامان چمڪي رهيو هو. گورڊِيني منهنجي پٺيان بيهي رهيو. ميجر ٽيليفون تان اٿي کڙو ٿيو. ”هاڻي اهو شروع ٿئي ٿو،“ هن چيو. ”اهو ٻيهر واپس وڌو ويو آهي.“ مون ٻاهر نهاريو، اها انڌيري رات هئي ۽ آسٽريائي سرچ لائيٽون اسان جي پٺيان جبلن ۾ چر پر ڪري رهيون هيون. اڃا هڪڙي کن پل لاءِ اتي خاموشي هئي، ۽ پوءِ اسان جي پٺيان وارين سمورين بندوقن مان بمباري جو وسڪارو شروع ٿي ويو. ”ساوو اِيا،“ ميجر چيو. ”ميجر، يخني جي باري ۾،“ مون چيو. هن مون کي ڪو نه ٻڌو. مون ان کي ورجايو. ”اها اڃا ڪو نه پهتي آهي.“
هڪڙو وڏو گولو آيو ۽ اهو سرن جي بٺي جي ٻاهران ڦاٽي پيو هڪڙو ٻيو گولو ڦاٽو ۽ ان جي آواز سان سرن جو هلڪو آواز اٿيو ۽ هيٺ مٽي وسڻ لڳي. ”اتي کائڻ جي لاءِ ڇا پيو آهي؟“ ”اسان وٽ ٿورڙيون پاستا ايسسِي يُوٽا آهن،“ ميجر چيو.”جيڪو ڪجھ به توهان ڏئي سگهو ٿا مان اهو پاڻ سان کڻي ويندس. ميجر هڪڙي پٽيوالي سان ڳالهايو جيڪو پوئتي نظرن کان اوجهل ٿي ويو ۽ هو واپس پاڻ سان گڏ هڪڙي ڌاتوئي ٿانو ۾ ٿڌيون ميڪاروني کڻي آيو. مون اهي گورڊيني جي حوالي ڪيون. ”توهان وٽ ڪجھ پنير هوندو؟“ ميجر بخيلي مان پٽيوالي سان مخاطب ٿيو جيڪو وري واپس اندر موٽي ويو ۽ چوٿين حصي جيتري هڪڙي سفيد پنير سان واپس وري آيو. ”توهان جي وڏي مهرباني،“ مون چيو. ”بهتر آهي ته تون ٻاهر نه وڃ.“ داخلي دروازي جي ٻاهريان ڪاشيءِ مقرر ڪئي ويئي هئي. جيڪي ان کي کنيو بيٺا هئا انهن ٻنهي منجهان هڪڙي ماڻهوءَ اندر نهاريو. ”انهي کي اندر آڻيو،“ ميجر چيو. ”ڇا توهان چاهيو ٿا ته اسان ٻاهر اچي ان کي وٺرايون؟“ اسٽريچر وارن ٻن ماڻهن همراه کي ٻانهن جي هيٺان ڄنگهن وٽان کنيو ۽ ان کي اندر کڻي آيا. ”جُبو ڦاڙيو،“ ميجر چيو. هن هڪڙو چمٽو کنيو جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ مرهم پٽي لڳل هئي. ٻن ڪپتانن پنهنجا ڪوٽ لاهي ڦٽا ڪيا. ”هتان نڪري وڃو،“ ميجر اسٽريچر سنڀاليندڙ ٻن همراهن کي چيو. ”اچ،“ مون گورڊيني کي چيو. ”بهتر آهي ته تون تيستائين انتظار ڪر جيستائين گوليباري ختم نه ٿي ٿئي.“ ميجر هن جي ڪلهي وٽان چيو. ”اهي کائڻ گهرن ٿا،“ مون چيو.”تنهنجي مرضي.“
اسان ٻاهر سرن جي بٺي جي آرپار ڊوڙڻ لڳاسين. هڪڙو گولو درياه جي ڪناري جي ڀرسان ڦاٽو. ان کان پوءِ ٻيو گولو ڦاٽو جنهن جو آواز اسان پنهنجي وٺ پڪڙ جي ڪري ٻڌي ڪو نه سگهياسين. اسان ٻئي سڌا وياسين ڌماڪي جي چمڪ ۽ ٽڪرائجڻ سان اسان کي بدبو وڪوڙي ويئي ۽ اسان کي ٽٽل ٽڪرن جي وڄت ٻڌڻ ۾ آئي ۽ ڪرندڙ سِرُن جي ڪڙ ڪڙ جو آواز اچڻ لڳو. گورڊيني اٿي بيٺو ۽ زيرِ زمين ڪمري ڏانهن ڊوڙڻ لڳو. مان هن جي پٺيان هيس، منهنجي هٿن ۾ پنير هو، جنهن جو لسو مٿاڇرو سرن جي ڌوڙ سان ڍڪجي ويو هو. زيرِ زمين تهه خاني ۾ ٽي ڊرائيور ديوار سان ٽيڪ ڏئي سگريٽن جا سُوٽا هڻي رهيا هئا. ”هي وٺو، ديش ڀڳتو،“ مون چيو. ”گاڏيون ڪيئن آهن؟“ منيرا چيو. ”بلڪل سلامت آهن.“ ”ليفٽيننٽ، ڇا انهن توکي ڊيڄاري ڇڏيو؟“ ”تون انتهائي سچ پيو چوين،“ مون چيو. مون پنهنجو چاقو ٻاهر ڪڍيو، ان کي کولي، ان جي ڌار کي اگهي صاف ڪيو، ۽ پنير جي مٿان واري سطح وارو گندو حصو هٽائي ڇڏيم. گاوُوزي ميڪاروني وارو ٿانءُ منهنجي حوالي ڪيو. ”تينينت، ان کي کائڻ شروع ڪر.“ “نه،“ مون چيو. ”ان کي فرش تي رک. اسان سڀ گڏجي کائينداسين.“ ”هتي ڏنداوان چمچا ڪونهن.“ ”ڇا مصيبت آهي.“ مون انگريزيءَ ۾ چيو. مون پنير کي ٽڪڙن ۾ ڪٽيو ۽ انهن کي ميڪاروني تي لڳائي ڇڏيو. ”ان تي ويهو،“ مون چيو. اهي ويهي انتطار ڪرڻ لڳا. مان ميڪاروني ۾ آڱوٺو ۽ آڱريون وجهي کڻي رهيو هوس. ان جو ڪجھ حصو ڍرو ٿي ويو. ”تينينت، ان کي مٿي ڪيو.“ مون ان کي هٿ جي لمبائي جيترو مٿي کنيو ۽ ان جي لڙين کي صاف ڪيو. مون ان کي وات تائين آندو، ان جي پڇاڙين تائين ان کي هٿ ۾ پڪڙي چوسيو ۽ چٻاڙيو، ان کان پوءِ پنير جو هڪڙو گرنهن کڻي ان کي چٻاڙيو ۽ پوءِ شراب جا ڍڪ ڀرڻ لڳس. ان مان زڱجي ويل ڌاتوءَ جهڙو سواد اچي رهيو. مون پاڻيءَ جي بوتل واپس پاسني جي حوالي ڪئي. ”اها بدبودار آهي،“ هن چيو. ”اها ڪيتري وقت کان اتي پيل هئي. مون ان کي ڪار ۾ واپرايو هو.“ اهي سڀ کائڻ پيئڻ ۾ جنبيل هئا، پنهنجي کاڏين کي ٿانءُ جي مٿان ويجهو کان رکيو بيٺا هئا، پنهنجا ڪنڌ پوئتي جهڪائي رهيا هئا، ۽ آخر ۾ ان جا چسڪا لڳائي رهيا هئا. مون پنير سان مليل هڪڙو ٻيو گرنهن کنيو ۽ شراب جو ڍُڪ ڀريو. ٻاهر ڪاشيءِ ڪري جنهن زمين کي ڌوڏي وڌو. ”چار سئو ويھ يا پري کان گولا اڇلائيندڙ توپ.“ ”اتي جبلن ۾ چار سئو ويھ ناهن،“ مون چيو. ”انهن وٽ اسڪوڊا واريون وڏيون بندوقون آهن. مون ڏرن ۾ ڏٺو آهي،“ مون چيو. ”ٽي سئو پنجاه.“ اسان کائڻ ۾ جنبيل رهياسين. اتي کنگھ جي هڪڙي کنئون کنئون لڳي پيئي هئي، ريل جي انجڻ جي شروع ٿيڻ جهڙو هڪڙو آواز ٿيو جنهن کانپوءِ هڪڙو ڌماڪو ٿيو جنهن ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو. ”هي ايترو گهرو تھ خانو نه آهي،“ پاسني چيو. ”اهو هڪڙو وڏو خندقي مارٽر گولو هو.“ ”هائو، سائين.“ مون پنهنجي پنير جي پڇاڙي کاڌي ۽ شراب جي هڪڙي ڍڪ کي ڳيتيو. هڪڙي ٻئي آواز سان وري هڪڙي کنئون کنئون ، جنهن کان پوءِ زو زو زو زو زو ۽ پوءِ هڪڙو چمڪاٽ ٿيو جنهن سان بٺيءَ جو دروازو زور سان کلي ويو هڪڙي گونج جيڪا سفيد رنگ سان شروع ٿيندي سرخ ٿي ويئي ۽ اها تيز گهلندڙ هوا ۾ هلندي رهي. مون ساه کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر منهنجو ساه واپس نه پئي وريو ۽ مون جسماني طور تي پنهنجي پاڻ ۾ ڪنهن شيءِ کي تيز حرڪت ڪندي محسوس ڪيو، اها هوا ۾ سارو وقت ٻاهر ۽ ٻاهر ۽ ٻاهر ايندي رهي، مان پنهنجو پاڻ، وڏي تيزيءَ سان ٻاهر هليو ويس، ۽ مون ڄاڻي ورتو ته مان مري چڪو آهيان ۽ اهو سوچڻ ته ڪو مرڻ تي آهي اهو سڀ ڪجھ هڪڙي غلطي بڻيل رهيو. ان کان پوءِ مون ترڻ شروع ڪيو، ۽ اڳتي هلڻ جي بجاءِ مون پنهنجو پاڻ کي پوئتي کسڪندي محسوس ڪيو. مون ساه کڻڻ شروع ڪيو ۽ مان واپس وري آيس. زمين ۾ ڏار پئجي ويا هئا ۽ منهنجي اڳيان اتي ڪاٺ جي ٽٽل ڪاٺين جو شعاع هو. جهٽڪن ۾ ورتل پنهنجي مٿي ۾ مون ڪنهن کي دانهون ڪندي ٻڌو. مان سمجهان ٿو ڪو شخص وڏي واڪي رڙيون ڪري رهيو هو. مون چرڻ جي ڪوشش ورتي پر مان چري نه پئي سگهيس. مون درياه جي آرپار ۽ ان جي ڀرسان رائفلن ۽ مشين گنن جي فائرنگ ٻڌي. اتي وڏي پئماني تي پاڻيءَ جا هڪڙا ڦهنگا اٿي رهيا هئا ۽ مون ستارن نما گولن کي مٿي اڏامندي ۽ ڦاٽندي ۽ هيڏانهن هوڏانهن لامارا ڏيندي ڏٺو ۽ راڪيٽن کي مٿان اڏامندي ۽ بمن جي وسڪارن کي ڏٺو، اهو سڀ ڪجھ هڪڙي لمحي ۾ ٿي ويو، ۽ پوءِ مون پنهنجي ڀرسان ڪنهن کي ”ماما مِي آ! او، ماما مِي آ!“ چوندي ٻڌو. مان پاڻ کي ڇڪيندي گيسيون ڏيڻ لڳس ۽ آخرڪار مون پنهنجي ڄنگهن کي ڍرو ڪيو ۽ پاسو ورائي هن کي ڇهيم. اهو پاسني هو ۽ جڏهن مون هن کي ڇهيو هن دانهن ڪئي. هن جون ڄنگهون مون ڏانهن هيون ۽ رات جي وڳڙي ۾ روشنيءَ جي تجلن ۾ مون ڏٺو ته هن جون اهي ٻئي ڄنگهون گوڏن کان ڇڄي پيون هيون. هن جي هڪڙي ڄنگھ ٻاهر نڪتل نسن سان لڙڪي رهي هئي ۽ هن جا ٻنڊڻ ۽ هن جي پتلون جا ڪجھ حصا اهڙي نموني ڦڙڪي رهيا هئا ڄڻ اهي پاڻ ۾ ڳنڍيل نه هجن. هن پنهنجي ٻانهن کي چڪ پاتو ۽ ڪنجهڻ لڳو، ”او، ماما، ميِ آ، ماما مِي آ،“ ۽ پوءِ،”دِيو تي سلوَ، ماريا. دِيو تي سلوَ ماريا .Dio te salve, Maria (بيبي مريم، مون تي مرهم رک ــ اسپيني ڀاشا ــ مترجم). او حضرت عيسيٰ مسيح مون کي ماري ڇڏ، مسيح مون کي ماري ڇڏ مِي ماما مِي آ ماما مِي آ او پاڪدامن بيبي مريم مون کي گولي هڻ. بس ڪر. بس ڪر. بس ڪر. او عيسيٰ او پاڪدامن بيبي مريم ان کي روڪيو. او او او او،“ ان کان پوءِ ڳلي جي گُهٽجڻ جو آواز، ”ماما ماما مِي آ.“ ان کان پوءِ هو خاموش ٿي ويو، پنهنجي ٻانهن کي چڪ پائيندي، هن جا ٻنڊڻ ڦڙڪي رهيا هئا. مون ٻڪ جهليندي وڏي واڪي دانهون ڪرڻ شروع ڪيون، ”پورتا فيرِيتِي…...Porta Feriti ـــ اطالوي ڀاشا ـــ اسٽريچر کڻي اچو ـــ مترجم). ”اسٽريچر کڻي اچو!“ مون پاسني جي قريب وڃڻ پئي چاهيو ان جي ڄنگهن تي خون کي روڪڻ لاءِ پٽي ٻڌڻ لاءِ پر مان چري پري ئي ڪو نه پئي سگهيس. مون وري به ڪوشش ڪئي ۽ منهنجون ڄنگهون ڪجھ ورڻ لڳيون. مان پنهنجي ڄنگهن ۽ ٺوٺين جي ذريعي پوئتي ڀرڪي پئي سگهيس. پاسني هاڻي خاموش ٿي ويو هو. مان هن جي ڀرسان ويهي رهيس، مون پنهنجي ڊگهي جبي کي کوليو ۽ پنهنجي قميض جي پڇاڙيءَ کي ڦاڙڻ جي ڪوشش ڪئي. اها نه پئي ڦاٽي ۽ مون ان کي ڦاڙڻ لاءِ ڪپڙن جي ڪُنڊين کان چڪ پائڻ شروع ڪيو. تهان پوءِ مون کي ان جي چمڙي وارن جورابن جو خيال آيو. مون کي ريشمي جورابا پاتل هئا پر پاسني چمڙي جا جورابا پائيندو هو. سڀيئي ڊرائيور چمڙي جا جورابا پائيندا هئا پر پاسني کي فقط هڪڙي ڄنگھ هئي. مون هن جا جورابا کوليا جڏهن مان اهو سڀ ڪجھ ڪري رهيو هوس مون ڏٺو ته اهو ڪجھ ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪو نه هئي، نه ئي خون کي روڪڻ لاءِ ڪا پٽي لڳائڻ جي ڇاڪاڻ جو هو اڳ ۾ ئي مري چڪو هو. مون کي يقين ٿي ويو ته هو مري چڪو آهي. ٻيا ٽي ڄڻا پڻ نظر اچي رهيا هئا. مان مٿي سڌو ٿي ويٺس ۽ جيئن ئي مون ايئين ڪيو ڪاشيءِ ڪنهن گڏيءَ جي اکين ۾ وزن جيان منهنجي مٿي منجھ گهري ويئي ان مون کي اکين جي تارن جي پٺيان اندريان ڌڪ هنيو. منهنجون ڄنگهون ڪوسيون ۽ آليون محسوس ٿيڻ لڳيون منهنجا جورابا آلا ٿي ويا ۽ اهي اندريان گرم پئي لڳا. مان ڄاڻي ويس ته مون کي ڌڪ لڳو آهي ۽ مان پٺتي جهڪي ويس ۽ مون پنهجا هٿ گوڏن تي رکي ڇڏيا. منهنجو گوڏو اتي ڪو نه هو. منهنجو هٿ هيٺ هليو ويو ۽ منهنجو گوڏو هيٺ پنيءَ وٽ هو. مون پنهنجو هٿ پنهنجي قميض سان اگهيو ۽ هڪڙي ٻي ترندڙ روشني ڪافي ڌيمي ڌيمي هيٺ آئي ۽ مون پنهنجي ڄنگھ ڏانهن نهاريو ۽ مون کي ڪافي خوف ورائي ويو. يا خدا، مون چيو، مون کي هتان ٻاهر ڪڍ. البت، مون ڄاتو پئي ته اتي ٽي ڄڻا ٻيا به هئا. اتي ڪل چار ڊرائيور هئا. پاسني مري چڪو هو. باقي ٽي بچيا هئا. ڪنهن مون کي هيٺان کان پنهنجي ٻانهن ۾ کنيو ۽ ڪنهن منهنجون ڄنگهون مٿي ڪيون. ”اتي ٽي ڄڻا ٻيا به آهن،“ مون چيو. ”هڪڙو مري ويو آهي.“ ”اهو منيرا آهي. اسان اسٽريچر جي لاءِ وياسين پر اتي ڪو اسٽريچر نظر ڪو نه آيو، تينينت.“ ”گورديني ۽ گاوُوزي ڪٿي آهن؟“ ”گورديني مرهم پٽيءَ لاءِ چونڪي وٽ آهي. منهنجي ڳچيءَ کان جهلي رک، تينينت. ڇا توکي بريءَ طرح سان ڌڪ لڳو؟“ ”ڄنگھ ۾.“ گورديني ڪيئن آهي؟“ ”هو بلڪل ٺيڪ آهي. اهو وڏو خندقي مارٽر گولو هو.“ ”پاسني مري چڪو آهي.“ ”ها، هو مري ويو.“ هڪڙو گولو ويجهڙائي کان ڪريو ۽ اهي ٻئي زمين تي ڪري پيا ۽ مان به ڪري پيس. ”تينينت، مون کي افسوس آهي.“ منيرا چيو. ”منهنجي ڳچيءَ سان پڪڙي رک.“ ”توهان مون کي متان ٻيهر نه ڪيرايو.“ ”اهو ان جي ڪري ٿيو ڇاڪاڻ جو اسان ڊنل هئاسين.“ ”ڇا تون بي زخم آهين؟“ ”اسان ٻئي ٿورا زخمي آهيون.“ ”ڇا گورديني گاڏي هلائي سگهي ٿو؟“ ”مان ايئين نه ٿو ڀايان.“ انهن مون کي چونڪي جي پهچڻ کان اڳ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڪيرائي وڌو.“ ”توهان ڪتيءَ جا ڦرو،“ مون چيو. ”مون کي افسوس آهي، تينينت،“ منيرا چيو. ”اسان توکي ٻيهر نه ڪيرائينداسين.“ چونڪيءَ جي ٻاهران رات جي اونداهي ۾ اسان منجهان ڪيترا فرش تي پيل هئا. انهن زخمين کي اندر نيئي وري ٻاهر پئي آندو. مون مرهم پٽي واري اڏي وٽان ايندڙ روشنيءَ کي ڏٺو، جڏهن پردو هٽايو ويو، ۽ انهن ڪنهن کي اندر يا ٻاهر آندو. مري ويلن کي هڪڙي ٻئي پاسي ڏانهن رکيو ويو هو. ڊاڪٽر پنهنجي ٻانهن کي ڪلهن تائين کُنجي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ اهي ڪاسائين جيان رت ۾ ڳاڙها هئا. انهن وٽ اسٽريچر ناڪافي هئا. ڪجھ زخمي ڪنجهي رهيا هئا پر گهڻي قدر خاموش هئا. مرهم پٽي واري اڏي جي دروازي مٿان جنهگلن ۾ چاڙهيل ولين جي پنن تي هوا گهلي رهي هئي ۽ رات ٺرڻ لڳي هئي. سارو وقت اسٽريچر سنڀاليندڙن جي اچ وڃ جاري رهي، انهن پنهنجا اسٽريچر هيٺ رکي انهن کي خالي پئي ڪيو ۽ پوءِ هليا پئي ويا. جيئن ئي مان مرهم پٽي واري اڏي وٽ پهتس منيرا هڪڙي طبعي سارجينٽ کي پاڻ سان وٺي آيو ۽ هن منهنجي ٻنهي ڄنگهن تي پٽيون ٻڌيون. هن چيو ته زخم ۾ ڪافي مٽي گهري ويئي هئي جنهن جي ڪري ايترو خون نه وهي ويو آهي. اهي جيترو جلدي ٿي سگهيو مون کي کڻندا. هو واپس اندر هليو ويو. منيرا چيو، گورديني گاڏي هلائي نه سگهندو. هن جو ڪلهو ڦاٽي پيو آهي ۽ هن جي مٿي ۾ ڌڪ لڳو آهي. هن ناگوار محسوس نه پئي ڪيو پر هاڻي هن جو ڪلهو آڪڙجي ويو آهي. هو مٿي سرن جي هڪڙي ديوار جي ڀرسان ويٺو هو. منيرا ۽ گاوُوزي مان هر هڪ کوڙ ساترن زخمن سان هليا ويا. اهي چڱي نموني گاڏي هلائي سگهن ٿا. برطانوي ٽن ايمبولنسن سان گڏ آيا هئا ۽ انهن وٽ هر هڪ ايمبولنس ۾ ٻه ماڻهو هئا. انهن منجهان هڪڙو ڊرائيور منهنجي مٿان آيو، جنهن کي گورڊيني وٺي آيو هو جيڪو ڪافي اڇو ۽ بيمار لڳي رهيو هو. برطانوي مٿان جهڪي بيٺا. ”ڇا توکي بريءَ طرح ڌڪ لڳو آهي؟“ هن پڇيو. هو هڪڙو قداور شخص هو ۽ هن فولادي ڪنارن وارو چشمو پائي رکيو هو. ”ڄنگهن ۾.“ ”مان اميد ٿو ڪيان ته اهو ايترو ڳنڀير ناهي. ڇا تون هڪڙو سگريٽ پيئندين؟“ ”مهرباني.“ ”انهن مون کي ٻڌايو ته توهان ٻن ڊرائيورن کان محروم ٿي ويا آهيو.“ ”ها. هڪڙو مارجي ويو ۽ ٻيو اهو ساٿي جيڪو توهان کي هتي وٺي آيو.“ ”ڪيڏي نه بدقسمتي آهي. ڇا تون اهو پسند ڪندين ته اسان پاڻ سان گاڏيون ڪاهي وڃون؟“ ”اهو ئي ته مون توهان کان پڇڻ پئي چاهيو.“ ”اسان انهن جي بلڪل چڱي نموني سنڀار لهنداسين ۽ انهن کي واپس 206 ولا ۾ ڇڏي ڏينداسين توهان اتي رهندا آهيو نه؟“ ”ها“. ”اها هڪڙي دلڪش جاءِ آهي. مون شايد توهان کي ڏٺو آهي. انهن مون کي ٻڌايو ته توهان آمريڪي آهيو.“ ”ها.“ ”مان انگريز آهيان.“ ”نه.“ ”ها، انگريز. ڇا توهان سمجهيو ته مان اطالوي آهيان؟ اسان جي هڪڙي يونٽ سان گڏ اطالوي هئا.“ ”جيڪڏهن توهان گاڏيون پاڻ سان نيئي ويندا ته اهو بهتر رهندو،“ مون چيو. ”مان انهن جو تمام گهڻو خيال رکندس،“ هو سڌو ٿي بيٺو. ”تو وارو هي همراه منهنجي لاءِ بيتاب هو ته مان توکي ڏسان.“ هن گورديني کي ڪلهي وٽان ٿڦڪي هنئي. گورديني جي چهري تي ڏک جو تاثر ٺهي بيٺو ۽ هن هلڪو مسڪرايو. انگريزي ڳالهائڻ وارو شخص وڏي تيز رواني ۽ فصاحت سان ڳالهائي رهيو هو ۽ ڪافي صاف اطالوي ڀاشا ڳالهائي رهيو هو. ”هاڻي هر هڪ شيءِ جو انتظام ٿي ويو آهي. مون توهان جي تينينت (ليفٽيننٽ) کي ڏٺو آهي. اسان ٻه گاڏيون ڪاهي وينداسين. توهان کي هاڻي ڪنهن به ڳالھ جي ڪا به چنتا نه ڪرڻ گهرجي. تون هاڻي ڳڻتي ڳارو نه ڪندين.“ هو هليو ويو. هن مون کي ڇڪيو،”توکي هتان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مون کي لازماَ ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ گهرجي. مان ڪنهن طبعي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهوءَ کي ڏسان ٿو. اسان توکي واپس پاڻ سان گڏ کڻي وينداسين.“ هو مرهم پٽي جي اڏي جي آرپار هلڻ لڳو، زخمين وچان وڏي محتاط طريقي سان قدم کڻي رهيو هو. مون چادر کي کليل ڏٺو، روشني اچڻ لڳي هو اندر هليو ويو. ”تيننينت، هو تنهنجي سار سنڀار لهندو،“ گورديني چيو. ”فرانڪو، تون ڪيئن آهين؟“ ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“ هو هيٺ منهنجي ڀرسان ويهي رهيو. ٿوري گهڙيءَ ۾ مرهم پٽي واري اڏي جي اڳيان واري چادر کلي ويئي ۽ اسٽريچر سنڀالڻ وارا ٻه همراه ٻاهريان آيا انهن جي پٺيان اهو قداور انگريز به هو. هو انهن کي منهنجي ويجهو وٺي آيا. ”هتي آمريڪي تينينت آهي،“ هن اطالوي ڀاشا ۾ چيو. ”مان بلڪه انتطار ڪندس،“ مون چيو. اتي مون کان وڌيڪ گهايل پيا آهن. مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“ ”اچ، اچ،“ هن چيو. ”هڪڙو انتهائي بيوقوف سورمو ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي.“ ان کان پوءِ اطالوي ڀاشا ۾: ”هن کي هن جي ڄنگهن کان وڏي احتياط سان کڻو. هن کي ڄنگهن ۾ ڪافي سور آهي. هو صدر ولسن جو جائز پٽ آهي.“ انهن مون کي مٿي کنيو ۽ مون کي مرهم پٽي واري ڪمري ڏانهن کڻي ويا. اندر اهي سمورين ميزن تي آپريشن ڪري رهيا هئا. ننڍڙي ميجر اسان ڏانهن سنگدليءَ سان ڏٺو. هن مون کي سڃاتو ۽ مون ڏانهن هڪڙو چمٽو جهولايو. ”ڪا وا بائن Ca va bien ــ فرانسيسي ــ اهو ڪيئن پيو هلي؟. ـــــ مترجم) ”ڪا وا "Ca va“ ( بس هلي رهيو آهي ـــ فرانسيسي ــ مترجم). ”هن کي مون آندو آهي،“ قداور انگريز اطالوي ۾ چيو.”آمريڪي سفير جو اڪيلو پٽ. هي اوستائين هتي هوندو جيستائين توهان هن کي کڻڻ جي لاءِ تيار آهيو. ان کان پوءِ مان هن کي پنهنجي پهرين چڙهائي سان کڻي ويندس.“ ”هو منهنجي مٿان جهڪي بيٺو.“ ”مان انهن جي ايڊجُوٽنٽ (اعليٰ عملدارن ۽ ماتحت فوجين جي درميان رابطي جو ڪم ڪندڙ) کي ڏسندس ته اهو تنهنجا ڪاغذ تيار ڪري ۽ اهو سڀ ڪجھ وڏي تيزيءَ سان ڪيو ويندو.“ هو چائنٺ جي هيٺان ٿورو رڪيو ۽ پوءِ هليو ويو. هاڻي ميجر چمٽي جي ڪنڍن کي ڪڍي رهيو هو، ۽ انهن کي گينڊيءَ ۾ ڦٽو ڪري رهيو هو. مان پنهنجي اکين سان هن جي هٿ جو پيڇو ڪري رهيو هوس. هاڻي هو پٽي ٻڌي رهيو هو. ان کانپوءِ اسٽريچر سنڀاليندڙ ان همراه کي ميز کان پري کڻي ويا. ”مان آمريڪي کي کڻندس، تينينت،“ هڪڙي ڪپتان چيو. انهن مون کي ميز جي مٿان کان کنيو. اها سخت ۽ ترڪڻي هئي. اتي ڪيميائي مادن ۽ مٺي خون جي ڪافي تيز حوَس اچي رهي هئي. انهن منهنجي پتلون لاٿي ۽ طبعي سارجينٽ ايڊجُوٽنٽ سارجينٽ تي حڪم هلائڻ شروع ڪيو، جڏهن هو ڪم ڪري رهيو هو، ”ساڄي ۽ کاٻي پاسي واري سٿر ۽ ساڄي ۽ کاٻي گوڏي ۽ ساڄي پير کان ڪيترائي سطحي زخم. کاٻي گوڏي ۽ پير ۾ گهرا گهاو. مٿي جي مٿان واري کل اکڙي ويئي آهي ( هن پڇيو ڇا توکي اتي سور ٿئي ٿو؟، مسيح جو قسم، ها!) کوپڙيءَ جي هڏيءَ جي ٽٽڻ جي امڪان سان گڏ. ڊيوٽيءَ جي صفن ۾ پيش آيو. جنهن جي ڪري تون پاڻ کي پاڻ گهاو ڏيڻ جي جرم ۾ ڪورٽ مارشل ٿيڻ کان محفوظ آهين،“ هن چيو. ”ڇا تون برانڊيءَ جو هڪڙو پيالو پيئندين؟ هن قسم جي وارتا تو سان ڪيئن پيش آئي؟ تو ڇا پئي ڪرڻ چاهيو؟ آپگهات ڪرڻ پئي چاهيو؟ اينٽِي ٽيٽا نُوس مهرباني ڪيو، ۽ ٻنهي ڄنگهن تي ضرب جو نشان لڳايو. مهرباني. مان ان کي ٿورو صاف ڪندس، ان کي ڌوئيندس، ۽ هڪڙي مرهم پٽي لڳائيندس. تنهنجو خون سهڻي نموني سان ڄمي ٿو.“ ايڊجُوٽٽنٽ، ڪاغذن مان نهاريندي، ”زخم ڪيئن رسيا؟“ طبعي ڪپتان، ”توکي ڇا لڳو؟“ مان پنهنجون اکيون ٻوٽيندي، ”هڪڙو خندقي مارٽر گولو.“ ڪپتان، اهي شيون ڪندي جن سان ڪافي درد پئي ٿيو ۽ نسون الڳ پئي ٿيون. ”ڇا توکي يقين آهي؟“ مان خاموشي سان رهڻ جي ڪوشش ڪندي جڏهن منهنجو شڪم ڦڙڪي رهيو هو، جڏهن گوشت ڪپيو پئي ويو، ”مان ايئين سمجهان ٿو.“ ڪپتان ڊاڪٽر (ان شيءِ ۾ دلچسپي وٺندي جنهن جي هو ڳولها ڪري رهيو هو)، ”دشمن جي خندقي گولن جا ٽڪرا. مان هاڻي هن جي باري ۾ ڪجھ معلوم ڪندس پر اهو ضروري ناهي. مان ان سموري جي تصوير بڻائيندس ۽ ڇا اهو ڪُري ٿو؟ ٺيڪ آ، جيڪو بعد ۾ محسوس ٿيندو ان جي بنسبت هي ته ڪجھ به ناهي. اڃا درد شروع نه ٿيو آهي. هن جي لاءِ برانڊي جو هڪڙو پيالو کڻي اچو. جهٽڪو درد جي شدت کي گهٽائي ٿو؛ پر اهو سڀ ڪجھ صحيح آهي، جيڪڏهن اهو جراثيمن کان متاثر ٿئي ته تون ان جو اونهو نه ڪر ۽ اهو هاڻي ورلي ٿيندو. تنهنجو مٿو ڪيئن آهي.“ ”مسيح جي ڪرم سان ٺيڪ آهي.“ ”ته پوءِ بهتر آهي ته تون ايتري گهڻي برانڊي نه پيءُ. جيڪڏهن تنهنجي ڪا هڏي ٽٽي پيئي آهي ته تون چاهيندين ته اها سُڄي پوي. اهو ڪيئن پيو محسوس ٿئي؟“ منهنجو سمورو جسم پگهرجي ويو هو. ”مسيح جو ڪرم!“ مون چيو. ”مان سمجهان ٿو ته تنهنجو ڪو هڏو ٽٽي پيو آهي، صحيح آهي نه. مان توکي ويڙهي ڇڏيندس ۽ هر هر پنهنجو ڪنڌ نه ڦيراءِ.“ هن مون کي پٽي ٻڌي، هن جا هٿ تيزيءَ سان حرڪت ڪري رهيا هئا ۽ هو ڇڪ ڏئي وڏي يقين سان پٽي ٻڌي رهيو هو. ”چڱو ٺيڪ آهي، وِيو لا فرانس Vive la France (فرانس زنده آباد ـ فرانسيسي ــ مترجم). ”هو هڪڙو آمريڪي آهي،“ هڪڙي ٻئي ڪپتان چيو. ”مون سمجهيو تو چيو هُو هڪڙو فرانسيسي آهي. هو فرانسيسي ڀاشا ڳالهائي ٿو،“ ڪپتان چيو. ”مان هن کي پهريان کان سڃاڻان ٿو. مون هميشه اهيو سمجهيو ته هو فرانسيسي آهي.“ هن ڪوگنيڪ جو اڌيڪو پيالو پيتو. ”ڪا شيءِ ڳنڀير کڻي اچ. اينٽِي ٽيٽانُوس اڃا ڪجھ سوايو ڏي.“ ڪپتان مون ڏانهن جهولايو. انهن مون کي مٿي کنيو ۽ جيئن ئي اسان ٻاهر وياسين چادر جو پيش بند منهنجي چهري جي آرپار ٿي ويو. سارجينٽ ايڊجُوٽنٽ ٻاهر جتي مان ليٽيل هوس اتي منهنجي ڀرسان جهڪندي، ”نالو،“ هن نرميءَ وچان پڇيو. ”وچون نالو؟ پهريون نالو؟ رينڪ؟ ڪٿي ڄائين؟ ڪهڙي طبقي مان؟ ڪهڙي ڪور سان؟ ۽ وغيره وغيره.“ ”مون کي افسوس آهي، تينينيت،. مون کي اميد آهي ته تون بهتر محسوس ڪري رهيو آهين. هاڻي مان توکي انگريزي ايمبولنس سان موڪلي رهيو آهيان.“ ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان،“ مون چيو. ”توهان جي وڏي مهرباني.“ جنهن درد جو ميجر ذڪر ڪيو هو اهو شروع ٿي ويو هو ۽ جيڪي ڪجھ به وهي واپرجي رهيو هو اهو بنا ڪنهن مفاد ۽ تعلق جي هو. ڪجھ لمحن کان پوءِ انگريزي ايمبولنس آئي ۽ انهن مون کي هڪڙي اسٽريچر تي رکيو ۽ اسٽريچر کي ايمبولنس جي سطح سان لڳايو ۽ ان کي اندر ڌڪو ڏئي ڇڏيو. ڀرسان هڪڙو ٻيو اسٽريچر پيو هو جنهن تي هڪڙو همراه رکيل هو جنهن جو نڪ مون کي ڏسجڻ ۾ اچي رهيو هو، اهو مرهمي پٽين منجهان موم جيان نظر پئي آيو. هو ڳرو ساه کڻي رهيو هو. اتي مٿي کنيل اسٽريچر هئا جيڪي لوهي رسين ۾ اندر کسڪايا ويا هئا. قداور انگريز ڊرائيور ڦري آيو ۽ اندر نهاريائين، ”مان ان کي وڏي آرام سان هلائيندس،“ هن چيو. ”مان اميد ٿو ڪيان ته توهان آرام سان رهندا.“ مون انجڻ جي چالو ٿيڻ جي آواز کي محسوس ڪيو، هن جي اڳيان واري گديءَ تي چڙهڻ کي محسوس ڪيم، بريڪ ۽ ڪلچ جي آواز اچڻ کي محسوس ڪيم، ۽ پوءِ اسان هلڻ لڳاسين. مان خاموش پيو رهيس ۽ درد کي پاڻ هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنم. جيئن ئي ايمبولنس رستي جي مٿان چڙهي، اها ٽريفڪ ۾ ڍري ٿي ويئي، ڪنهن ڪنهن مهل اها رڪجي ٿي ويئي، ڪنهن ڪنهن مهل، هڪڙي موڙ وٽان پوئتي پئي ڀرڪي، تنهن کان پوءِ اها ڪافي تيزيءَ سان هلڻ لڳي. مونکي ڪنهن شيءِ جي ٽِپ ٽِپ جو آواز محسوس ٿيڻ لڳو. پهريان اهو آهستي آهستي وهي رهيو هو ۽ پوءِ لڳاتار، ۽ پوءِ اهو هلڪي بارش جيان هڪڙي نهر ۾ بدلجي ويو. مون ڊرائيور کي پڪارڻ شروع ڪيو. هن گاڏيءَ کي روڪيو ۽ هن پنهنجي پٺيان گاڏيءَ واري سوراخ مان نهاريو. ”اهو ڇا آهي؟“ ”منهنجي مٿان اسٽريچر تي رکيل همراه جو خون وهي رهيو آهي.“ ”اسان مٿاهين کان گهڻو پري نه آهيون. مان اڪيلي سر اسٽريچر کي وٺي نه ٿو سگهان.“ هن گاڏيءَ کي چالو ڪيو. خون جو درياه وهندو رهيو. رات جي تاريڪيءَ ۾ مان اهو ڏسي نه سگهيس ته مٿان واري ڪينواس مان اهو ڪٿان کان اچي رهيو هو. مون پنهنجا پاسا ورائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهو منهنجي مٿان نه ڪري. اهو هيٺ منهنجي قميض جي جنهن حصي جي هيٺان ڪريو هو اهو گرم ۽ لڳلڳدار ٿي ويو هو. مان ٿڌو ٿي ويو هوس ۽ منهنجي ڄنگھ دُکي رهي هئي جنهن ڪري مان بيزار ٿي رهيو هوس. ٿوريءَ دير کان پوءِ اسٽريچر جي مٿان وارو وهڪرو گهٽجي ويو ۽ پوءِ وري وهڻ شروع ٿي ويو ۽ مون مٿان کان ڪينواس جي هلچل کي محسوس ڪيو جهڙي نموني اسٽريچر تي پيل همراه وڌيڪ آرام لاءِ پاسو ورايو. ”هو ڪيئن آهي؟“ انگريز شخص واپس سڏ ڏنو. “اسان زري گهٽ مٿي پهچڻ وارا آهيون.“ ”مان سمجهان ٿو هو مري ويو،“ مون چيو. خون جا ڦڙا ڪافي آهستي آهستي ڪِري رهيا هئا، جهڙي نموني برف جي هڪڙي قلم مان سج پڄاڻان پاڻيءَ جا ٽيپا ڪرندا آهن. جيئن ئي رستو مٿي چڙهڻ لڳو گاڏيءَ ۾ رات جي وقت ۾ ٿڌڪار ٿي ويئي. مٿي چونڪيءَ تي انهن اسٽريچر کي ٻاهر ڪڍيو ۽ اتي ٻيو اسٽريچر رکي ڇڏيائون ۽ اسان هليا وياسين.