ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

32

سڌي گاڏيءَ جي فرش تي ويٺي ويٺي جتي منهنجي ڀرسان ٿلهي ڪپڙي جي هيٺان بندوقون پيون هيون مان آلو ٿي ويو هوس، ۽ مون کي ٿڌ ۽ بک ورائي ويئي هئي. آخرڪار مون ڦيرو ڏنو ۽ پنهنجي پيٽ کي سڌو ڪري ليٽي پيس منهنجو مٿو منهنجي ٻانهن تي هو. منهنجو گوڏو غير لچڪدار ٿي ويو، پر اهو ڪافي تسلي بخش هو. ويلينٽيني هڪڙو زبردست ڪم ڪري ويو هو. مون اڌ جيتري ڀاڄ کي پيرن وسيلي طئه ڪيو هو ۽ تيگليامينتو وارو حصو هن جي گوڏي سان تري آيو هوس. اهو بلڪل هن جو گوڏو هو. ٻيو گوڏو منهنجو پنهنجو گوڏو هو. ڊاڪٽرن مون تي تجربا ڪيا هئا ۽ انهي کان پوءِ اهو وڌيڪ لاءِ منهنجو جسم ڪو نه رهيو هو. مٿي ۽ پيٽ جي اندريان وارو حصو منهنجو هو، جنهن سان سوچي نه پئي سگهيس، فقط ياد ڪري پئي سگهيس ۽ اهو به ايترو گهڻو ياد نه پئي رهيو. مان ڪيٿرائن کي ياد ڪري پئي سگهيس پر مون ڄاتو پئي ته جيڪڏهن مان هن جي باري ۾ سوچيندس ته مان پاڳل ٿي ويندس جڏهن مون کي هن مهل تائين اها پڪ ڪو نه هئي ته ڪو مان هن کي ڏسي سگهندس، تنهن ڪري مان هن جي باري ۾ نه سوچيندس، هن جي باري ۾ فقط ٿورو، فقط ٿورو آهستي آهستي گاڏيءَ جي هلڻ ۽ ٺڪ ٺڪ ڪرڻ سان گڏ، ۽ ٿلهي ڪپڙي مان ايندڙ ڪجھ روشنيءَ سان گڏ ۽ مان ڪيٿرائن جي ياد سان گڏ گاڏيءَ جي فرش تي پيل. گاڏيءَ جي فرش جيان ٺوس ٿي ويل مان سوچ کان خالي فقط محسوسات، گهڻو گھڻو دور، آلا ڪپڙا ۽ هر واري فرش جو ٿورو ٿورو ڦرڻ ۽ اندر ۾ اڪيلو ۽ ڪپڙن سان تنها ۽ هڪڙي زال لاءِ ٺوس فرش. مون هڪڙي هموار گاڏيءَ جي فرش سان ڪو انس نه پئي رکيو نه ئي بندوقن سان جن جي مٿان ٿلهي ڪپڙي جو اوڇڻ چڙهيل هو ۽ ان مان ويسلِين جي ڌاتوئي بوءِ اچي رهي هئي، يا هڪڙي ٿلهي ڪپڙي سان جنهن مان برسات جو پاڻي سمي رهيو هو، البت هڪڙي ٿلهي ڪپڙي جي هيٺان هئڻ ڪافي سٺو آهي ۽ بندوقن سميت ڪافي آرامده پڻ؛ پر مون ڪنهن ٻئي کي چاهيو پئي جنهن جي اتي هئڻ کي تان جو فرض به نه ٿو ڪري سگهجي؛ هاڻي مان ڪافي صاف ۽ بي رحميءَ سان ڏسي رهيو هوس، ايتري بي رحميءَ سان نه جيترو واضح کوکلائپ سان. سمجهو ته توهان پاڻ کي بي معنيٰ ڏٺو، پنهنجي پيٽ تي ليٽندي، توهان جي موجودگيءَ ۾ جڏهن اتي بيٺل هڪڙي فوج کان گاڏي گذري ويئي ۽ ٻي اڳتان اچي رهي هئي. توهان پنهنجون سموريون گاڏيون وڃائي ڇڏيون آهن ۽ توهان جي ساٿين فرش تي هلندڙن جيان پنهنجي محڪمي جو ذخيرو هڪڙي باه ۾ وڃائي ڇڏيو هجي. جڏهن ته، اتي بيمه ڪاري (انشورنس) جو ڪو عمل به ڪو نه هو. هاڻي توهان ان مان نڪري چڪا آهيو. توهان جي مٿان هاڻي وڌيڪ ذميداريون ڪو نه هيون. جيڪڏهن اهي فرش تي هلندڙن کي هڪڙي آڳ کان پوءِ محڪمي جي ذخيري ۾ انهي ڪارڻ گوليون هڻن ڇاڪاڻ جو اهي اڪثر معمول واري لهجي ۾ ڳالهائن ٿا، تڏهن يقيناَ فرش تي هلندڙن جو ٻيهر ڪاروبار لاءِ کليل ذخيري ڏانهن ورڻ غير متوقع هوندو. انهن کي ٻيا ماڻهو ڀرتي ڪيل نظر اچي سگهن ٿا؛ جيڪڏهن اتي ڪي ٻيا ملازم هجن ۽ پوليس انهن کي پاڻ سان وٺي نه ويئي هجي. ڪاوڙ درياه ۾ ڪنهن به ذميداري سان گڏ ڌوپجي ويئي هئي. البت اها ان مهل جهڪي ٿي ويئي هئي جڏهن ڪيرابنيري پنهنجي هٿن سان منهنجي ڳلي بند کان جهليو هو. مون ورديءَ کي لاهي ڦٽو ڪرڻ پئي چاهيو البت مون کي ٻاهرين نمونن جي ڪا به پرواه ڪا نه هئي. مون ستارا لاهي ڦٽو ڪيا هئا، پر اهو سڀ ڪجھ سهولت لاءِ هو. اهو ڪو شان وشوڪت جو نقطو ڪو نه هو. مان هنن جي برخلاف ڪو نه هوس. مون انهن لاءِ سموري سٺي قسمت جي خواهش ڪئي. اتي سٺا به هئا، ۽ بهادر به هئا، خاموش به هئا ۽ باشعور به هئا، ۽ اهي ان جي لائق به هئا. پر اهو وڌيڪ لاءِ منهنجو مظاهرو ڪو نه هو ۽ مون خواهش پئي ڪئي ته هيءَ ڪمبخت ٽرين ميسٽر ۾ پهچي ۽ مان ڪجھ کائي وٺان ۽ سوچڻ بند ڪيان. مون کي رڪڻو پوندو. پيانيءَ انهن کي ٻڌائي ڇڏيندو ته انهن مون کي گولي هڻي ماري ڇڏيو. انهن کيسن کي چڪاسيو هو ۽ انهن ماڻهن جا ڪاغذ ٻاهر ڪڍيا هئا جن کي انهن ماري ڇڏيو هو. انهن وٽ منهنجا ڪاغذ ڪو نه هوندا. اهي مونکي ٻڏي ويل قرار ڏيندا. مون کي تعجب پئي ٿيو ته رياستن (آمريڪا) ۾ انهن کي ڇا ٻڌڻ ۾ ايندو. زخمن جا تاب نه سهندي مري ويو يا ٻيا ڪي سبب. ڀلي حضرت عيسيٰ مسيح جو قسم مان بک ۾ ورتل هوس. مون کي تعجب پئي ٿيو ته ميس ۾ پادريءَ سان ڇا وهيو واپريو هوندو. ۽ رنالڊيءَ جو ڇا ٿيو هوندو. غالباَ هو پورڊينون وٽ هو. جيڪڏهن اهي گهڻو واپس نه ويا هجن. ٺيڪ، مان هاڻي هن کي ڪڏهن به ڏسي ڪو نه سگهندس. هاڻي مان انهن مان ڪنهن به هڪ کي ڏسي ڪو نه سگهندس. اها زندگي ختم ٿي چڪي هئي. مان نه ٿو سمجان ته هن کي ڪا آتشڪ هئي. اهي چوندا آهن، جيڪڏهن توهان وقت سر ان کي ڏسي وٺو ته بحرحال اها ڪا ايتري ڳنڀير بيماري ڪو نه هئي. پر هو ڳڻتي ڪندو هوندو. جيڪڏهن مان ان ۾ مبتلا هجان ها ته مان پڻ ڳڻتي ڪيان ها. جيڪو به ورتل هجي ها اهو ڳڻتي ڪري ها. مان سوچڻ جي نه ڪري رهيو هوس. مون کي کائڻ جي لڳل هئي. يا خدا، ها. کائڻ ۽ پيئڻ ۽ ڪيٿرائن سان گڏجي سمهڻ. ٿي سگهي ٿو ته اڄوڪي رات ۾. نه اهو ناممڪن هو. پرسڀاڻي رات جو، ۽ هڪڙي سٺي ماني ۽ چادرون ۽ ڪڏهن به ساٿ هلڻ بنا ڪاڏي نه وڃبو. غالباَ ڪمبخت جلديءَ ۾ هلڻو آهي. هوءَ هلي ويندي. مون ڄاتو پئي ته هوءَ هلي ويندي. ”اسان ڪڏهن راهي ٿينداسين؟“ اها ڪجھ سوچڻ جي ڳالھ هئي. اتي رات ٿي رهي هئي. مان ويٺو هوس ۽ سوچي رهيو هوس ته اسان ڪيڏانهن راهي ٿينداسين. اتي ڪيترا ئي هنڌ هئا.