ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

24

اسان لفٽ ۾ چڙهڻ جي بجاءِ ڏاڪڻين تان هيٺ لٿاسين. ڏاڪڻين وارو قالين خسته حالت ۾ هو. مون رات جي مانيءَ جي رقم بيري کي ان مهل ادا ڪئي هئي جڏهن هو مٿي آيو هو ۽ هو هاڻي دروازي جي ڀرسان هڪڙي ڪرسيءَ تي ويٺو هو. هو ٽپ ڏئي مٿي اٿي بيٺو ۽ تعظيم ۾ اسان جي اڳيان ڪنڌ نوائي بيٺو ۽ مان هن سان ڀرسان واري ڪمري ۾ ويس ۽ ڪمري جي بل جي ادائگي ڪيم. مينيجر مونکي هڪڙي دوست جي حيثيت ۾ ياد ڪيو هو ۽ هن ايڊوانس ۾ مون کان ادائگي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو پر جڏهن هو موٽي ويو هن بيري ڇوڪري کي (ادائگي) جي يادگيري لاءِ دروازي وٽان بيهاري ڇڏيو هو ته جيئن مان ادائگي ڪرڻ کان پهريان ٻاهر نه نڪران. مان سمجهان ٿو ته اهو پنهنجي دوستن سان ايئين ڪندو رهندو هو. ان جا هڪڙي جنگ ۾ ڪيترائي دوست هئا. مون بيري کي هڪڙي ٽانگي جي آڻڻ جو چيو ۽ هن ڪيٿرائن وارو اهو بنڊل جيڪو مان کنيو بيٺو هوس مون کان ورتو ۽ ٻاهر هڪڙي ڇٽيءَ سان ٻاهر ويو. ٻاهر کڙڪيءَ منجهان اسان هن کي برسات ۾ گهٽيءَ کي پار ڪندي ڏٺوسين. اسان ڀرسان واري ڪمري ۾ بيٺاسين ۽ دريءَ کان ٻاهر نهاريوسين. ”ڪيٽ، تون ڪيئن پئي محسوس ڪرين؟“ ”ننڊاکڙو.“ ”مان کوکلو ۽ بکايل پئي محسوس ڪيان.“ ”تو وٽ کائڻ لاءِ ڪا شيءِ آهي؟“ ”ها، مون واري فرانسيسي مشڪ بين ۾.“ ”مون ٽانگي کي ايندي ڏٺو. اهو بيهي رهيو، برسات ۾ گهوڙي جو ڪنڌ لٽڪي رهيو هو، ۽ بيرو اڳتي وڌي آيو، هو پنهنجي ڇٽي کولي، هوٽل ڏانهن آيو. اسان هن کي دروازي وٽ ملياسين ۽ ڇٽيءَ جي هيٺان حاشيي وٽ بيٺل ٽانگي تائين ڀنل رستو ٽپي پهتاسين. پاڻي گٽر ۾ وهي رهيو هو. ”توهان جو بنڊل هتي سيٽ تي پيل آهي،“ بيري چيو. هو اتي تيستائين بيٺو رهيو جيستائين اسان اندر نه گهڙياسين ۽ مون هن کي بخشش ڏني. ”تمام گهڻيون مهربانيون. سفر آسان رهي،“ هن چيو. ڪوچ بان مهارن کي سٽ ڏني ۽ گهوڙي هلڻ شروع ڪيو. بيرو ڇٽيءَ هيٺ واپس هوٽل ڏانهن هليو ويو. اسان هيٺ گهٽيءَ ڏانهن راهي ٿياسين ۽ کاٻي پاسي ڏانهن مڙياسين، تنهن کان پوءِ اسٽيشن جي اڳيان چوگرد ڦري آياسين. اتي ٻاهر مينهن ۾ ٻه ڪيرابنيري بيٺا هئا. انهن جي ٽوپلن تي روشني چمڪي رهي هئي. روشني جي برعڪس برسات اسٽيشن کان چٽي ۽ شفاف نظر اچي رهي هئي. اسٽيشن جي هيٺان واري پناه گاه مان هڪڙو حمالي ٻاهر نڪري آيو، هن جا ڪلها برسات جي برعڪس مٿي ڪيل هئا. ”نه،“ مون چيو. ”مهرباني. مونکي توهان جي ضرورت ناهي.“ هو واپس ڏيوڍي جي پناه گاه ڏانهن هليو ويو. هن جو چهرو ٽانگي جي مٿان واري جهنگلي جي پاڇولي هيٺ هو. ”اسان انهي سان گڏوگڏ الوداع چئي سگهون ٿا.“ ”مان اندر نه ٿي هلي سگهان؟“ ”نه.“ “ڪيٽ، الوداع.“ ”ڇا تون هن کي اسپتال جو ٻڌائيندين؟“ ”ها.“ مون ڊرائيور کي اسپتال ڏانهن واڳون ورائڻ جو ڏس پتو ٻڌايو. هن ڪنڌ لوڏيو. ”الوداع،“ مون چيو. ”پنهنجو چڱي نموني خيال رکجانءِ ۽ نوجوان ڪيٿرائن.“ ”الوداع، منهنجا پرين.“ ”الوداع،“ مون چيو. مون مينهن کان ٻاهر قدم وڌايا ۽ ٽانگو هلڻ لڳو. ڪيٿرائن ٻاهر جهڪي ۽ مون روشنيءَ ۾ هن جو چهرو ڏٺو. هن مسڪرايو ۽ پنهنجو هٿ لوڏيو. ٽانگو مٿي گهٽيءَ ڏانهن ويو، ڪيٿرائن ڏيوڍي ڏانهن اشارو ڪيو. مون ڏٺو، اتي ٻه ڪيرابنيري ۽ ڏيوڍي هئي. مون کي احساس ٿيو ته هن چوڻ پئي چاهيو ته مان مينهن مان ٻاهر نڪري وڃان. مان اندر هليو ويس ۽ ٽانگي کي ڪنڊ وٽان مڙندي ڏٺم. حمالي پليٽ فارم تي مون لاءِ انتطار ڪري رهيو هو. مان وسندڙ مينهن ۾ ٽرين جي اندر هن جي پويان هلڻ لڳس، پرهجوم ماڻهن منجهان گذرندي ۽ نشستن جي وچان واري رستي مان هلندي ۽ اندر هڪڙي دروازي ۾ جتي هڪڙي ڀريل ڪمري جي ڪنڊ ۾ گهنڊ مشينون هلائڻ وارا ويٺا هئا. منهنجو ڪپڙن وارو ٿيلهو ۽ فرانسيسي مشڪ بين هن جي مٿي تي سامان رکڻ واري ريڪ تي پيل هئا. اتي گذرگاه وٽ ڪيترائي ماڻهو بيٺل هئا ۽ ڪمري ۾ ويٺل سمورا ماڻهو جڏهن اندر گهڙياسين اسان ڏانهن ڏسي رهيا هئا. ٽرين ۾ ايتري جاءِ ڪو نه هئي ۽ هرڪو مخالفانه انداز ۾ ورتاءُ ڪري رهيو هو. گهنڊ مشينون هلائڻ وارن منجهان هڪڙو ڄڻو منهنجي ويهڻ لاءِ پاڻ اٿي بيٺو. ڪنهن منهنجي ڪلهي تي ٿڦڪي هنئي. مون ڪنڌ ورائي ڏٺو. اهو هڪڙو ڊگهو ۽ سڪڙو پيادل فوج وارو ڪپتان هو جنهن جي ڄياڙيءَ تي هڪڙو سرخ داغ هو. هن گذرگاه جي شيشي منجهان نهاريو هو ۽ پوءِ سري آيو. ”توهان ڇا پيا چئو؟“ مون پڇيو. مون مڙي منهن هن ڏانهن ڪري ڇڏيو. هو مون کان وڌيڪ قداور هو ۽ هو پنهنجي ٽوپيءَ جي ڪناري جي هيٺان واري پاڇولي ۾ ڪافي سيپڪڙو لڳي رهيو هو ۽ هن جو داغ نئون ۽ چمڪندڙ هو. ڪمري جي اندر هر ڪو مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. ”توهان ايئين نه ٿا ڪري سگهو،“ هن چيو. ”توهان هڪڙي سپاهيءَ کان پنهنجي ويهڻ لاءِ نشست خالي نه ٿا ڪرائي سگهو.“ ”مون ان کي پورو ڪيو آهي.“ هن ڳيت ڏني ۽ مون هن جي ڳلي واري ڪنٺ کي پهريان هيٺ ۽ پوءِ مٿي ٿيندي ڏٺو. ”توهان کي ايئين ڪرڻ جو ڪو به حق ڪونهي. مان توهان جي اچڻ کان اول ٻه ڪلاڪ پهريان هتي هوس.“ ”توهان ڇا ٿو چاهيو؟“ ”نشست.“ ”اها ته مونکي به کپي.“ مون هن جي چهري ڏانهن ڏٺو ۽ سموري ڪمري کي پنهنجي خلاف محسوس ڪيو. مون انهن تي ڪو به الزام نه مڙهيو. هو صحيح هو. پر مونکي سيٽ کپندي هئي. هنيئر تائين ڪنهن به ڪجھ ڪو نه ڪڇيو. .او جهنم، مون سوچيو. ”سگنور ڪيپيتانو، ويهي رهو،“ مون چيو. گهنڊ مشين هلائڻ وارو رستي تان هٽي ويو ۽ ڊگهو ڪپتان ويهي رهيو. هن مون ڏانهن ڏٺو. هن جو چهرو زخمي لڳي رهيو هو. پر هو سيٽ وٺي ويو. ”منهنجو سامان کڻو،“ مون مشين گن هلائڻ واري کي چيو. اسان گذرگاه جي اڳيان وياسين. ٽرين ڀريل هئي ۽ مون ڄاتو پئي ته اتي جاءِ جو ڪو به موقعو ڪو نه هو. مون حمالي ۽ مشين گن هلائڻ واري کي في ڪس ڏه لاير ڏنا. اهي ٻاهر پليٽ فارم تي کڙڪين ۾ نهاري رهيا هئا پر اتي ڪا به جاءِ ڪو نه هئي. ”ٿي سگهي ڪو نه ڪو بريسڪا ۾ لهي وڃي،“ حماليءَ چيو. ”بريسڪا ۾ گهڻائي لهي ويندا،“ مشين گن هلائڻ واري چيو. مون هنن کي الوداع ڪيو ۽ انهن سان هٿ ملايا ۽ اهي هليا ويا. انهن ٻنهي ڪافي برو محسوس ڪيو. جڏهن ريل رواني ٿي اسان سڀ گذرگاه ۾ بيٺل هئاسين. جيئن ئي اسان روانو ٿيڻ لڳاسين مون اسٽيشن جي روشنين ۽ ريل گاڏين جي گيريج ڏانهن ڏٺو. اتي اڃا برسات وسي رهي هئي ۽ جلدئي دريون آليون ٿي ويون ۽ ٻاهر نظر نه پئي وڃي سگهي. بعد ۾ مان گذرگاه واري فرش تي سمهي پيس؛ پهريان مون پنهنجا پيسا، ڪاغذ ۽ بٽون پنهنجي قميض ۽ پتلون ۾ اهڙي نموني وجهي ڇڏيا جو اهي منهنجي ڄنگهن جي نيڪر جي اندريان هئا. مان ساري رات ستل هوس، بريسڪا ۽ ويرونا ۾ جاڳي پيس جڏهن کوڙ ساترا ماڻهو ريل مان لهي ويا، پر وري جلدئي واپس سمهي پيس. منهنجو مٿو منهنجي هڪڙي فرانسيسي مشڪ تي رکيل هو ۽ ٻئي تي منهنجون ٻانهون ورايل هيون ۽ مان شين جي ڪثير تعداد کي محسوس ڪري پئي سگهيس ۽ اهي مونکي اورانگهي منهنجي مٿان گذري پئي سگهيا. سڀيئي ماڻهو گذرگاه جي فرش تي ستل هئا. ٻيا درين جي ڏنڊن کي جهليو بيٺا هئا يا وري در جي پٺيان ٽيڪ ڏيو بيٺا هئا. ريل هميشه پرهجوم هوندي هئي.