ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

33

جيئن ئي اها صبح جو ساجهر باک ڦٽڻ کان پهريان اسٽيشن تي جهڪي ٿي ويئي مون مِلان ۾ ريل گاڏيءَ تان ٽپو ڏنو. مون پٽڙيءَ کي پار ڪيو ۽ ٻاهر ڪجھ عمارتن جي درميان نڪري آيس ۽ گهٽيءَ ڏانهن وڌي آيس. هڪڙو مئخانو کليل هو ۽ مان ان ۾ ڪجھ ڪافي پيئڻ جي لاءِ اندر گهڙي ويس. اتي صبح جي ساجهر واري بوءِ اچي رهي هئي، ٻهاريل مٽيءَ جي مهڪ، ڪافيءَ جي پيالن ۾ پيل چمچن جي بوءِ ۽ شراب جي پيالن مان نڪتل آلن دائرن جي بوءِ. مالڪ بار جي پويان ويٺو هو. هڪڙي ميز تي ٻه سپاهي ويٺا هئا. مان بار وٽ اٿي بيٺس ۽ ڪافيءَ جو هڪڙو گلاس پيتم ۽ بريڊ جو هڪڙو ٽڪرو کاڌم. ڪافي سياهي مائل سفيد هئي، ۽ مون کير مان ملائي صاف ڪئي مٿيون حصو بريڊ جي هڪڙي ٽڪڙي سان صاف ڪيو. مالڪ مون ڏانهن نهاريو. ”توکي گريپا جو هڪڙو گلاس کپي؟“ ”نه مهرباني.“ ”منهنجي طرفان،“ هن چيو ۽ هن هڪڙي ننڍڙي گلاس ۾ اوتيو ۽ ان کي مون ڏانهن ڌڪو ڏنو. ”محاذ تي ڇا هلي رهيو آهي؟“ ”مان ڄاڻڻ نه چاهيندس.“ ”اهي شراب ۾ ٻڏل آهن،“ ٻن سپاهين ڏانهن پنهنجو هٿ وڌائيندي هن چيو. مان هن تي يقين ڪري پئي سگهيس. اهي شراب ۾ ٻڏل لڳي رهيا هئا. ”مون کي ٻڌاءِ،“ هن چيو. ”محاذ تي ڇا هلي رهيو آهي؟“ ”مان محاذ جي باري ۾ ڄاڻڻ نه ٿو گهران.“ ”مون توکي ديوار تان هيٺ لهندي ڏٺو. تون ريل تان لٿين.“ ”اتي هڪڙي وڏي ڀاڄ ٿي آهي.“ ”مون اخبارن ۾ پڙهيو آهي. ڇا پيو ٿئي؟ ڇا اها ختم ٿي ويئي؟“ ”مان ايئين نه ٿو سمجهان.“ هن هڪڙي ننڍڙي بوتل مان گلاس کي گريپا سان ڀري ڇڏيو. ”جيڪڏهن تون ڪنهن مصيبت ۾ آهين،“ هن چيو ”مان توکي پناه ڏئي سگهان ٿو.“ ”مان مشڪل ۾ نه آهيان.“ ”جيڪڏهن تون مشڪل ۾ آهين ته هتي مون وٽ ترسي پئو.“ ”عمارت ۾. ڪيترائي هتي ٽڪيل آهن. ڪو به جيڪو مشڪل ۾ هوندو آهي اهو هتي ترسندو آهي. ”ڇا ڪيترائي مصيبت ۾ آهن؟“ ”اهو مصيبت تي دارومدار رکي ٿو. تون هڪڙو ڏکڻ آمريڪي آهين؟“ ”نه.“ ”اسپيني ڀاشا ايندي آهي؟“ ”ٿورڙي.“ هن بار کي اگهيو. ”هاڻي ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي پر ڪنهن به صورت ۾ اهو ناممڪن ناهي.“ ”مان نڪرڻ جي خواهش نه ٿو رکان.“ ”تون هتي جيترو وقت به چاهين رهي سگهين ٿو. تون پاڻ ڏسندين ته مان ڪهڙي قسم جو انسان آهيان.“ ”مون کي هن صبح ڌاران وڃڻو آهي پر مان واپس اچڻ جي لاءِ پتو ياد رکندس.“ هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. ”جهڙي نموني تون ڳالهائي رهيو آهين انهي مان لڳي ٿو ته تون واپس ڪو نه ورندين. مان سمجهان ٿو ته تون حقيقي مشڪلات ۾ آهين. “ ”مان مشڪل ۾ آهيان. ”پر مان پنهنجي هڪڙي دوست جي ڏس پتي کي ترجيح ڏيان ٿو.“ مون ڪافيءَ جي ادائگي طور هڪڙو ڏهن ليرن وارو نوٽ بار تي رکيو. ”مون سان گڏ هڪڙي گريپا ٿي وڃي،“ مون چيو. ”اها ضروري ناهي.“ هڪڙي ٿي وڃي.“ هن ٻه گلاس اوتيا. ”ياد رکجانءِ،“ هن چيو. ”هيڏانهن اچ. ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ وٽ پناه نه وٺجانءِ. هتي تون صفا صحيح سلامت رهندين.“ ”مون کي يقين آهي.“ ”توکي يقين آهي نه؟“ ”ها.“هو ڳنڀير هو. ”ته پوءِ مان توکي هڪڙي ڳالھ چوان ٿو. انهي ڪوٽ سان گڏ ٻاهر نه وڃ.“ ”ڇو؟“ ”ان جي ٻانهن تي ڪٽجي ويل ستارن جا نشان واضح نظر اچن ٿا. ڪپڙو هڪڙي ٻئي رنگ جو آهي.“ مون ڪجھ به نه چيو. ”جيڪڏهن تو وٽ ڪي به ڪاغذ نه آهن ته مان توکي ڪاغذ ڏئي سگهان ٿو. ”ڪهڙا ڪاغذ؟“ ”موڪل جا ڪاغذ.“ ”مون کي ڪاغذن جي ڪا به ضرورت ڪونهي. مون وٽ ڪاغذ آهن.“ ”ٺيڪ آهي،“ هن چيو. ”پر جيڪڏهن توکي ڪاغذ گهرجن جيئن تون چاهين انهي مطابق مان حاصل ڪري سگهان ٿو.“ ”اهي ڪاغذ ڪيتري رقم جا آهن؟“ ”اهو انهي تي دارومدار رکي ٿو ته اهي ڪهڙي قسم جا آهن. رقم معقول آهي.“ ”هينئر مون کي ڪنهن جي به ضرورت ڪونهي.“ هن بي اطميناني جو اظهار ڪندي پنهنجي ڪلهي کي لوڏيو. ”مان بلڪل به ٺيڪ آهيان،“ مون چيو. جڏهن مان ٻاهر ويس هن چيو، ”اهو نه وسارجانءِ ته مان تنهنجو دوست آهيان.“ ”نه.“ ”مان توسان ٻيهر ملندس،“ هن چيو. ”ٺيڪ آهي،“ مون چيو. ٻاهر مون پاڻ کي اسٽيشن کان پري رکيو، اتي جتي ملٽري پوليس وارا هئا، ۽ هڪڙي ڪرائي جي ٽانگي تي ويهي رهيس. مون ڊرائيور کي اسپتال جو پتو ٻڌايو. اسپتال ۾ مان حماليءَ جي ٺڪاڻي ڏانهن ويس. هن جي گهر واريءَ مون کي ڳلي سان لڳايو. هن منهنجي هٿ کان پڪڙيو. ”تون واپس وري آيو آهين. تون امان ۾ آهين.“ ”ها.“ ”ڇا تو ناشتو ڪيو آهي؟“ ”ها.“ ”تينينت، تون ڪيئن آهين؟“ ”تون ڪيئن آهين؟“ هن جي زال پڇيو. ”ٺيڪ.“ ”ڇا تون اسان سان گڏجي ناشتو ڪو نه ڪندين؟“ ”نه، توهان جي مهرباني. مون کي ٻڌايو ته، مس بارڪلي، هاڻي هتي اسپتال ۾ آهي“ ”مس بارڪلي؟“ ”اها انگريز عورت نرس.“ ”هن جي معشوقه،“ گهر واريءَ چيو. هن منهنجي ٻانهن تي ٿڦڪي هنئي ۽ مسڪرائي ڏنائين. “نه،“ حماليءَ چيو. ”هوءَ هلي ويئي آهي.“ ”منهنجي دل ٻڏڻ لڳي.“ ”توکي يقين آهي؟“ ”منهنجو مطلب آهي ڊگهي سونهري وارن واري دوشيزه.“ ”ها مان اعتماد سان چوان ٿو. هوءَ اسٽريسا ڏانهن هلي ويئي آهي.“ ”هوءَ ڪڏهن ويئي آهي؟“ ”هوءَ ٻه ڏينهن پهريان هڪڙي ٻي انگريز عورت سان گڏ ويئي آهي.“ ”ٺيڪ آهي،“ مون چيو. ”مان چاهيان ٿو ته توهان منهنجي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ڪيو. توهان ڪنهن کي به نه ٻڌائجو ته توهان مون کي ڏٺو. اهو ڪافي اهم آهي.“ ”مان ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس،“ حماليءَ چيو. مون هن کي هڪڙو ڏهن ليرن وارو نوٽ ڏنو. هن اهو واپس موٽائي ڇڏيو. ”مان تو سان وچن ٿو ڪيان ته مان ڪنهن کي به ڪو نه ٻڌائيندس،“ هن چيو. ”مون کي ڪا به رقم نه گهرجي.“ ”سگنور تينينت، اسان تنهنجي لاءِ ڇا ڪري سگهون ٿا؟“ هن جي زال پڇيو. ”فقط ايترو،“ مون چيو. ”سمجھ ته اسان ٻوڙا ٿي وياسين،“ حماليءَ چيو. “توهان مون کي هر اها شيءِ ٻڌائيندئو جيڪا مان ڪري سگهان ٿو؟“ ”ها،“ مون چيو. ”الوداع. مان توهان سان وري ملندس. اهي دروازي وٽان بيهندي، مون ڏانهن نهاري رهيا هئا. مان ٽانگي ۾ ويهي رهيس ۽ ڊرائيور کي سائيمنس جو پتو ڏنم، هو انهن راڳ جو مطالعو ڪندڙن منجهان هڪ هو جنهن کي مون ڄاتو پئي. سائيمنس پورتا ميگينتا جي طرف گهڻو اڳتي قصبي ۾ رهندو هو. هو بستر ۾ ساڪن هو ۽ جڏهن مان هن کي ڏسڻ ويس ته هو ستو پيو هو. ”هينري، تون ايتري بري انداز سان سوير ڀرو اٿيو آهين،“ هن چيو. ”مان صبح سوير واري ريل تي آيو آهيان.“ ”هي سموري ڀاڄ ڇا لاءِ آهي؟ ڇا تون محاذ وٽ هئين؟ ڇا تون هڪڙو سگريٽ پيئندين؟ اهي اتي ميز تي دٻيءَ ۾ پيا آهن. اهو هڪڙو وڏو ڪمرو هو جنهن جي ديوار جي ڀرسان هڪڙو پلنگ پيل هو، پريان ڪنڊ کان هڪڙو پيانو ۽ هڪڙي الماڙي ۽ هڪڙي ميز پيل هئي. مان بستر جي ڀرسان پيل هڪڙي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. سائيمنس وهاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو ۽ سگريٽ پيئڻ لڳو. ”سم، مان پيچيده صورتحال ۾ آهيان،“ مون چيو. ”مان به،“ هن چيو. ”مان هميشه مشڪل صورتحال ۾ هوندو آهيان. ڇا تون سگريٽ نه ڇڪيندين؟“ ”نه،“ مون چيو. ”سوئزلينڊ ڏانهن وڃڻ جو طريقيڪار ڪهڙو آهي؟“ ”تو لاءِ؟ اطالوي توکي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڪو نه ڏيندا.“ ”ها. مان اهو ڄاڻان ٿو. پر سوئس. اهي ڇا ڪندا؟“ ”اهي توکي نظر بند ڪري ڇڏيندا.“ ”مان ڄاڻان ٿو. پر ان جو تڪنيڪي پهلو ڪهڙو آهي؟“ ”ڪجھ به نه. اهو ڪافي آسان آهي. تون ڪاڏي به وڃي سگهين ٿو. مان سمجهان ٿو ته تو کي فقط رپورٽ ڪرڻو آهي يا ڪجھ نه ڪجھ. ڇو؟ ڇا تون پوليس کان ڀڄي رهيو آهين؟“ ”اڃا تائين ڪجھ به واضح ناهي.“ ”جيڪڏهن تون نه چاهين ته ڀلي مون کي نه ٻڌاءِ. پر ان کي ٻڌڻ دلچسپ رهندو. هتي ڪجھ به ڪو نه ٿو ٿئي. مان هتي پِياسينزا ۾ صفا ناڪام ٿي ويس.“ ”مون کي بيحد افسوس آهي.“ ”او ها مان ڪافي خراب رهيس. مون سٺو پڻ ڳاتو. مان ٻيهر هتي لائيرِيڪو ۾ ان جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.“ ”مان هتي رهڻ پسند ڪندس.“ ”تون بيحد ٻاجهارو آهين. تون ايتري بدحواسي ۾ نه آهين، ها نه؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان.“ ”جيڪڏهن تون نه ٿو چاهين ته مون کي نه ٻڌاءِ. تون ڪمبخت محاذ کان ٽارو ڪيئن ڪري آئين؟“ ”مان سمجهان ٿو ته مان انهي کي ڇڏي آيس.“ ”ڀلا ڇوڪرا. مون هميشه ڄاتو پئي ته تون عام فهم آهين. بحرحال ڇا مان تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ٿو؟“ ”تون بيحد مصروف آهين.“ ”نه ايترو نه، منهنجا پيارا هينري. ايترو نه. ڪا به شيءِ ڪرڻ ۾ مون کي سرهائي محسوس ٿيندي. ”تون لڳ ڀڳ منهنجي قد ڪاٺ جهڙو آهين. ڇا تون ٻاهر وڃي ڪري عام ماڻهن جهڙا ڪپڙا وٺي ايندين؟ مون وٽ ڪپڙا آهن پر اهي سڀ روم ۾ پيا آهن. ”تون اتي رهندو آهين، ها نه؟“ اهو هڪڙو گندو هنڌ آهي. تون اتي ڪيئن رهي سگهين ٿو؟“ ”مون هڪڙو ماهرِ تعميرات ٿيڻ پئي چاهيو.“ ”اهو هنڌ انهيءَ لاءِ ناهي. ڪپڙا خريد نه ڪر. توکي جيترا به ڪپڙا کپن مان توکي ڏيندس. مان توکي پورو ايندس جنهن ڪري تون هڪڙي عظيم ڪاميابي ماڻيندين. انهي الماڙيءَ ڏانهن وڃ. اتي هڪڙو ننڍڙو هنڌ آهي. توکي جيڪي ڪجھ به کپي اهو کڻ. منهنجا پيارا ساٿي، توکي ڪي به ڪپڙا خريد ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي.“ ”سم، بجاءِ ان جي مان اهي خريد ڪرڻ چاهيندس.“ ”منهنجا پيارا ساٿي، مون لاءِ اهو آسان رهندو ته تون پهريان اهي مون وارا ڪپڙا پاءِ ۽ پوءِ ٻئي گڏجي هلي ڪري ٻاهريان خريد ڪري اچون. ڇا تو وٽ پاسپورٽ آهي؟ تون پاسپورٽ جي بغير گهڻو ٻاهر نه ٿو وڃي سگهين.“ ”ها. مون وٽ اڃا تائين پاسپورٽ آهي.”ته پوءِ منهنجا پيارا ساٿي، ڪپڙا پاءِ، ۽ پراڻي هيلوينشيا ڏانهن هلون.“ ”اهو ايترو آسان ناهي. مون کي پهريان مٿي اسٽريسا ڏانهن وڃڻو آهي.“ ”پنهنجو مثال پاڻ، منهنجا پيارا ساٿي. تون فقط هڪڙي ٻيڙيءَ جو ونجھ آر پار ڦيراءِ.“ ”جيڪڏهن مان ڳائڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو هوندس، مان توسان گڏجي هلندس. مان پوءِ به توسان هلندس.“ ”تون سوئس انداز ۾ ڳائي سگهين ٿو.“ .منهنجا پيارا ساٿي، ته پوءِ مان سوئس انداز ۾ ڳائيندس. جيتوڻيڪ مان حقيقت ۾ پڻ ڳائي سگهان ٿو. اهو عجيب حصو آهي. ”مان شرط لڳايان ٿو ته تون ڳائي سگهين ٿو.“ هو واپس پلنگ تي آهلجي سگريٽ پيئڻ لڳو. ”گهڻي شرط نه لڳاءِ. پر جيتوڻيڪ مان ڳائي سگهان ٿو. اهو ڪمبخت ڪافي مزاحيه آهي، پر مان ڪري سگهان ٿو. مان ڳائڻ کي پسند ڪيان ٿو. ٻڌ.“ هو آفريڪي انداز ۾ رنڀڻ لڳو، هن جي ڳچي ڦونڊارجي ويئي، هن جون نسون ٻاهر نڪري بيٺيون. ”مان ڳائي سگهان ٿو،“ هن چيو. ”پوءِ کڻي اهي پسند ڪن يا نه.“ مون دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. ”مان هيٺ وڃي پنهنجي ٽانگي کي روانو ڪندس.“ ”منهنجي پٺيان اچ، منهنجا پيارا ساٿي، ۽ اسان ناشتو ڪنداسين.“ هن بستر کان ٻاهر قدم وڌايا، سڌو ٿي بيهي رهيو، هڪڙو گهرو ساه کنيائين ۽ هيٺ جهڪڻ واريون مشقون ڪرڻ شروع ڪيائين. مان ڏاڪڻين تان هيٺ لهي ويس ۽ ٽانگي واري کي پيسا ادا ڪيم.