ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

36

انهي رات هڪڙو طوفان هلي رهيو هو ۽ مان برسات کي درين جي شيشن سان ٽڪرائجڻ جي آواز تي جاڳي پيس. اها کليل کڙڪيءَ مان اندر اچي رهي هئي. ڪنهن دروازي کي کڙڪايو هو. مان ڪافي آرام سان دروازي ڏانهن ويس، ته جيئن ڪيٿرائن جي سڪون ۾ ڪو خلل نه پوي، ۽ ان کي کوليم. اتي ساقي بيٺو هو. هن کي ڊگهو ڪوٽ پاتل هو ۽ هن کي آلو ٽوپلو کنيل هو. ”تينينت، ڇا مان توسان ڳالهائي سگهان ٿو؟“ ”ڇا ڳالھ آهي؟“ ”اهو ڪافي ڳنڀير مسئلو آهي.“ مون هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي. ڪمرو تاريڪ هو. مون دريءَ کان فرش تي پاڻي ڏٺو. ”اندر اچ،“ مون چيو. مان هن کي ٻانهن کان پڪڙي اندر غسل خاني ڏانهن وٺي ويس؛ دروازو ٻيڪڙائي ڇڏيم ۽ روشني ٻاريم. مان وهنجڻ واري ٻاٽي جي ڪناري تي ويهي رهيس. ”ڇا ڳالھ آهي، ايمِلييو؟“ ”ڇا تون مشڪل ۾ آهين؟“ ”نه. تينينت، تون مشڪل ۾ آهين؟“ ”ها؟“ ”اهي توکي صبح جو گرفتار ڪري رهيا آهن.“ .ها؟“ ”مان توکي ٻڌائڻ آيس. مان ٻاهر شهر ۾ هوس ۽ انهن کي هڪڙي ڪيفي ۾ ڳالهائيندي ٻڌم.“ ”مان سمجهان ٿو.“ ”هو اتي اٿي بيٺو، هن جو ڪوٽ آلو هو، پنهنجي آلي ٽوپلي کي جهليندي هن ڪجھ به نه چيو.“ ”اهي مون کي گرفتار ڪرڻ ڇو ٿا چاهن؟“ ”جنگ سان جُڙيل ڪنهن ڳالھ جي سبب.“ ”ڇا تون ڄاڻين ٿو ڇا ڳالھ آهي؟“ ”نه. پر مان ڄاڻان ٿو ته انهن کي خبر آهي ته تون هڪڙي آفيسر طور هتي هئين ۽ هاڻي تون هتي بنا ورديءَ جي آهين. هن ڀاڄ کان پوءِ اهي هر ڪنهن کي گرفتار ڪري رهيا آهن.“ ”مون هڪڙي منٽ جي لاءِ سوچيو.“ ”اهي ڪهڙي وقت تي مون کي گرفتار ڪرڻ ايندا؟“ ”صبح جو. مون کي وقت جي باري ۾ ڄاڻ ناهي.“ ”تون ڇا ڪرڻ جي صلاح ڏيندين؟“ ”هن پنهنجو ٽوپلو ڌوئڻ واري پيالي ۾ رکيو. اهو ڪافي آلو هو ۽ اهو فرش تي ڳڙي رهيو هو. ”جيڪڏهن توهان کي گرفتاريءَ جو خوف آهي ته ڪجھ به ناهي. پر هن حالت ۾ گرفتار ٿيڻ ڪافي برو آهي.“ ”مان گرفتار ٿيڻ نه ٿو چاهيان.“ ”ته پوءِ سوئزرلينڊ هليو وڃ.“ ”ڪيئن؟“ ”منهنجي ٻيڙيءَ ۾.“ ”اتي هڪڙو طوفان هلي رهيو آهي،“ مون چيو. ”طوفان جهڪو ٿي ويو آهي. اهو ڪٺن آهي پر تون بلڪل ٺيڪ ٺاڪ رهندين.“ ”اسان کي ڪڏهن وڃڻ گهرجي؟“ ”ترت. اهي صبح جو سوير توکي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ اچي سگهن ٿا.“ ”اسان جي ٿيلهن جو ڇا ڪجي؟“ ”انهن ۾ سامان وجهي سيل ستوڪ ڪيو. پنهنجي عورت کي تيار ڪر. مان انهن جي سنڀار لهندس.“ ”تون ڪٿي هوندين؟“ ”مان هتي انتظار ڪندس. مان نه ٿو چاهيان ته ڪو به مون کي احاطي جي ٻاهريان ڏسي.“ ”مون دروازو کوليو، ان کي ٻيڪڙايو، ۽ سمهڻ واري ڪمري ڏانهن هليو ويس. ڪيٿرائن جاڳي رهي هئي. ”اهو ڇا آهي، جاني؟“ ”اهو سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي، ڪيٽ،“ مون چيو. ”ڇا تون ترت ڪپڙا مٽائڻ پسند ڪندينءَ ۽ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ سوئزلينڊ هلندينءَ؟“ ”ڇا تون؟“ ”نه،“ مون چيو. ”مان واپس بستري ڏانهن وڃڻ پسند ڪنديس.“ ”اهو ڇاڪاڻ ڪري رهيو آهين؟“ بار وارو همراه چوي ٿو ته اهي مون کي صبح جو گرفتار ڪري رهيا آهن.“ ”ڇا بار وارو پاڳل ٿي ويو آهي؟“ ”نه.“ ته پوءِ جاني، مهرباني ڪري، جلدي ڪر ۽ ڪپڙا پائي وٺ ته جيئن اسان شروع ڪري سگهون.“ هوءَ بستر جي پاسي کان اٿي ويٺي. هوءَ اڃا تائين ننڊاکڙي هئي. ”ڇا غسل خاني ۾ اهو بار وارو آهي؟“ ”ها.“ ”ته پوءِ، مان پاڻ کي ڌوئي صاف ڪو نه ڪنديس. جاني، مهرباني ڪري ڪنهن ٻئي طريقي سان ڏس، ۽ مان صرف هڪڙي منٽ ۾ ڪپڙا مٽائيندس.“ جيئن ئي هن پنهنجو رات وارو چوغو لاٿو مون هن جي ڀُوري پٺي ڏٺي ۽ پوءِ مان ٻئي طرف ڏسڻ لڳس ڇاڪاڻ جو هن مون کي طلب پئي ڪيو. هوءَ هڪڙي ٻار سان ٿوري موٽِي ٿيندي پئي ويئي ۽ هن نه پئي چاهيو ته مان ان کي ڏسان. مون مينهن جي وسڪاري کي دريءَ وٽان ٻڌندي ڪپڙا مٽايا. مون وٽ ٿيلهن ۾ وجهڻ جي لاءِ ايترو ڪجھ ڪو نه هو. ”ڪيٽ، جيڪڏهن توکي ضرورت پوي ته منهنجي ٿيلهي ۾ ڪافي گنجائش آهي.“ ”مون لڳ ڀڳ ڀري ڇڏيو آهي،“ هن چيو. ”جاني، مان بيحد بيوقوف آهيان، پر بار وارو شخص غسل خاني ۾ ڇو آهي؟“ ”شش ــ هو اسان جا ٿيلها هيٺ پڄائڻ لاءِ انتظار ڪري رهيو آهي.“ ”هو بيحد سٺو آهي.“ ”هو هڪڙو پراڻو دوست آهي،“ مون چيو. ”مون هن کي هڪڙي ڀيري ڪجھ سلڦيءَ وارو تماڪ موڪليو هو.“ ”مون تاريڪ رات ۾ کليل کڙڪيءَ ڏانهن نهاريو. مان ڍنڍ کي ڏسي ڪو نه سگهيس، فقط رات ۽ مينهن پر هوا جهڪي ٿي ويئي هئي.“ .جاني، مان تيار آهيان،“ ڪيٿرائن چيو. ”ٺيڪ آهي.“ مان غسل خاني جي دروازي ڏانهن ويس. ”ايمِيلِيو، هي ٿيلها وٺ،“ مون چيو. بار واري ٻه ٿيلها کنيا. ”تون اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪافي سٺو آهين،“ ڪيٿرائن چيو. ”محترمه، ڪا ڳالھ ناهي،“ ساقيءَ چيو. ”مان توهان جي ان جي لاءِ مدد ڪري رهيو آهيان ته جيئن مان پاڻ نه مشڪل ۾ اڙجي وڃان.“ ”ٻُڌ،“ هن مون کي چيو. ”مان انهن کي نوڪرن جي ڏاڪڻين وٽان کڻي ٻيڙيءَ تائين پڄائيندس. توهان بلڪل ايئين ٻاهر وڃو ڄڻ توهان ڪا چهل پهل ڪري رهيا آهيو.“ ”اها چهل پهل جي لاءِ هڪڙي حسين رات آهي،“ ڪيٿرائن چيو.”اها هڪڙي گندي رات آهي ٺيڪ آ.“ ”مان خوش ٿيان ها جيڪر مون وٽ هڪڙي ڇٽي هجي ها،“ ڪيٿرائن چيو. اسان هيٺ احاطي ڏانهن وياسين ۽ هيٺ ٿلهي قالين سان ڍڪيل ويڪرين ڏاڪڻين تان لٿاسين. ڏاڪڻين جي قدمن ۾ حمالي ميز جي پٺيان ويٺو هو. هو اسان کي ڏسي حيران ٿي ويو. ”سائين، توهان ٻاهر ته نه ٿا وڃو نه؟“ هن چيو. ”ها،“ مون چيو. .اسان ڍنڍ جي ڀرسان طوفان کي ڏسڻ وڃي رهيا آهيون.“ ”سائين، توهان وٽ ڪا ڇٽي ڪونهي ڇا؟“ ”نه،“ مون چيو. “هن ڪوٽ تان پاڻي ترڪي ويندو آهي.“ هن ان ڏانهن شڪ وچان ڏٺو. ”سائين، مان توهان لاءِ ڇٽي آڻيان ٿو،“ هن چيو. هو هليو ويو ۽ هڪڙي وڏي ڇٽيءَ سان واپس موٽي آيو. ”سائين، اها ٿوري وڏي آهي.“ هن چيو. مون هن کي ڏهن ليرن جو هڪڙو نوٽ ڏنو. ”او، سائين، توهان ڏاڍا سٺا آهيو. توهان جي وڏي وڏي مهرباني.“ هن چيو. هو دروازي کي کولي بيهي رهيو ۽ اسان ٻاهر برسات ۾ وياسين. هن ڪيٿرائن ڏانهن ڏسي مسڪرايو ۽ ڪيٿرائن هن ڏانهن ڏسي مسڪرايو. ”ٻاهر طوفان ۾ نه بيهو،“ هن چيو. ”توهان آلا ٿي ويندئو، سائين ۽ محترمه.“ هو فقط ٻيو حمالي هو، ۽ هن جي انگريزي تهائين لفظي ترجمو هئي. ”اسان واپس موٽي اينداسين،“ مون چيو. اسان رستي جي هيٺان هڪڙي اجگر ڇٽيءَ جي هيٺان گهمياسين ۽ رستي ڏانهن ويندڙ تاريڪ ڀنل باغيچن منجهان لنگهياسين ۽ رستي جي آرپار ڍنڍ جي ڀرسان جهنگلي واري مارڳ ڏانهن وياسين. هاڻي هوا ساحل کان دور گهلي رهي هئي. اها نومبر جي هڪڙي ٿڌي ۽ نَم هوا هئي ۽ مون ڄاتو پئي ته جبلن ۾ برفباري ٿي رهي هئي. اسان اڳتي آياسين گهاٽ وٽ ننڍڙن ٻوٽن جي پاڙن سان ٻڌل زنجيرون لڳل ٻيڙين وٽان گذرياسين جتي ساقيءَ جي ٻيڙي هئڻ گهرجي. پٿر جي برعڪس پاڻي تاريڪ هو. ساقي وڻن جي قطارن جي ڀر کان ٻاهر قدم وڌايا. ”ٿيلها ٻيڙيءَ ۾ آهن،“ هن چيو. ”مان توهان کي ٻيڙيءَ جي لاءِ ادائگي ڪرڻ گهران ٿو،“ مون چيو. ”تو وٽ ڪيتري رقم آهي؟“ ”ايتري ڪونهي.“ ”تون مون کي بعد ۾ پيسا موڪلجانءِ. اهو ٺيڪ رهندو.“ ”ڪيترا؟“ ”توکي ڇا کپي.“ ”مون کي ٻڌاءِ ڪيترا.“ .جيڪڏهن تون پهچي وڃين ته مون ڏانهن پنج سئو فرينڪ موڪلجانءِ. جيڪڏهن تون پار پئجي وئين ته تون ان کي برو نه ڀائيندين.“ ”بلڪل ٺيڪ.“ ”هي سموسا وٺو.“ هن مون ڏانهن هڪڙي ٿيلهي وڌائي. جيڪو ڪجھ به مئخاني ۾ پيو هو. اهو سڀ هتي آندو اٿم. هيءَ هڪڙي برانڊيءَ جي بوتل آهي ۽ هڪڙي شراب جي بوتل.“ مون انهن کي پنهنجي ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيو. ”مون کي انهن جي ادائگي ڪرڻ ڏيو.“ ”ٺيڪ آهي، مون کي پنجاه لاير ڏيو.“ مون اهي هن کي ڏئي ڇڏيا. ”برانڊي سٺي آهي،“ هن چيو. ”توهان اها پنهنجي گهر واريءَ کي ڏيڻ کان نه گهٻرائجو. بهتر آهي ته هوءَ ٻيڙيءَ ۾ گهڙي.“ هو ٻيڙيءَ کي جهلي بيٺو، اها پٿر جي ديوارن جي مخالف هيٺ مٿي ٿي رهي هئي ۽ مون ڪيٿرائن کي اندر گهڙڻ ۾ سهائتا ڪئي. هوءَ ٻيڙيءَ جي پٺئين پاسي کان ويهي رهي ۽ پنهنجي ٽوپيءَ کي پنهنجي چوگرد ڦيرائي ڇڏيائين. ”ڇا تون ڄاڻين ٿو ته ڪاڏي هلڻ گهرجي؟“ ”اڳتي ڍنڍ ڏانهن.“ ”تون ڄاڻين ٿو ته اهو ڪيترو دور آهي؟“ ”لُو اِينو کان اڳتي.“ ”لُو اِينو، ڪينيرو، ڪينوبِيو، ترانزانو کان اڳتي.“ ”جيسين توهان بريساگو تائين نه پهچو توهان سوئزرلينڊ ۾ نه ٿا هجو. توهان کي مونتِي تمارازا کان گذرڻو پوندو.“ ”ڇا وقت ٿيو آهي؟“ ڪيٿرائن پڇيو. ”اهي فقط يارنهن وڄي رهيا آهن،“ مون چيو. ”جيڪڏهن تون سارو وقت ونجھ هلائيندو رهيين ته توکي لازماَ اتي ستين بجي صبح ڌاران هئڻ گهرجي.“ ”ڇا اهو ايترو پري آهي؟“ ”اهو پنجٽيھ ڪلوميٽر پري آهي.“ ”اسان کي ڪيئن هلڻ گهرجي؟ هن برسات ۾ اسان کي هڪڙي قطب نما (ڪمپاس) جي ضرورت آهي.“ ”نه. اِسولا بيلا ڏانهن هلاءِ. انهي کان پوءِ ٻئي طرف اِسولا ميدر ڏانهن هل هوا سان گڏ هل. هوا توکي پيلينزا ڏانهن وٺي ويندي. توکي روشنيون نظر اينديون. انهي کان پوءِ اڳتي ساحل ڏانهن هل.“ ”ٿي سگهي ٿو هوا مَٽجي وڃي.“ ”نه،“ هن چيو. ”هيءَ هوا ٽن ڏينهن جي لاءِ اهڙي ئي رخ ۾ هلندي رهندي. اها سڌو سنئون ميتارون کان اچي رهي آهي. اتي شرط لڳائڻ جي لاءِ هڪڙي دٻي آهي.“ ”هاڻي مون کي ٻيڙيءَ لاءِ ڪجھ ادا ڪرڻ ڏي.“ ”نه مان بلڪه هڪڙو موقعو چاهيندس. جيڪڏهن تون ان مان پار پئجي وئين ته تون جيڪو ڪجھ به سري سگهئين مون کي ادا ڪندين.“ ”ٺيڪ آهي.“ ”مان نه ٿي سمجهان ته تون ٻڏي ويندين.“ ”اهو ٺيڪ آهي.“ ”هوا سان گڏ اڳتي ڍنڍ ڏانهن هل.“ ”بلڪل ٺيڪ.“ مون ٻيڙيءَ ۾ قدم رکيو. ”ڇا تو هوٽل جي لاءِ رقم ڇڏي هئي؟“ ”ها. ڪمري ۾ هڪڙي لفافي ۾.“ ”ٺيڪ آهي. ڀلا ڀاڳ، تينينت.“ ”ڀلا ڀاڳ. اسان تنهنجو ڪيترو ئي دفعا شڪريو ادا ڪيون ٿا.“ ”جيڪڏهن تون ٻڏي وئين ته تون منهنجو شڪريو ادا ڪو نه ڪندين.“ ”هو (بار وارو) ڇا ٿي چوي؟“ ڪيٿرائن چيو. ”هو چوي ٿو ڀلا ڀاڳ.“ ”ڀلا ڀاڳ،“ ڪيٿرائن چيو. ”تنهنجي وڏي مهرباني.“ ”ڇا تون تيار آهين؟“ ”ها.“ ”اها هڪ طرف مڙي ويئي ۽ اسان کي ڌڪو آيو. ساقي اسان ڏانهن ناپسنديدگيءَ وچان هٿ جو اشارو ڪيو. مون هوٽل جي روشنين کي ڏٺو ۽ ٻاهرين طرف ونجھ هلائڻ لڳس، سڌو سنئون ٻاهر جيسين اهي نظرن کان اوجهل ٿي ويون اتي بلڪل هڪڙي سمونڊ جهڙو وهڪرو هو پر اسان هوا سان گڏ هلي رهيا هئاسين.