17
مون بستر جي پڇاڙيءَ ۾ واريءَ سان ڀريل ٿيلهيون ڏٺيون. اهي نالين تي هيون جيڪي ريشيدار مواد مان ٻاهر نڪتيون هيون. ٿوريءَ دير کان پوءِ مون مِس گيج کي ڏٺو ۽ هن چيو، ”هاڻي اهو ڪيئن پيو لڳي؟“ ”بهتر،“ مون چيو. “هن تنهنجي گوڏي تي حيرت انگيز ڪم ڪيو. ”انهي کي ڪيترو وقت لڳو؟“ ”اڍائي ڪلاڪ.“ ”ڇا مون ڪا به احمقاڻي ڳالھ ڪئي؟“ ”ڪجھ به نه. نه ڳالهاءِ. بس چپ ره.“ مان بيمار هوس ۽ ڪيٿرائن سچ چيو هو. انهي جو ڪو به فرق ڪو نه پيو ته رات جي ڊيوٽيءَ تي ڪير هو. هاڻي اتي اسپتال ۾ ٽي ٻيا مريض به اچي ويا هئا، جارجيا جو هڪڙو سنهڙو ڇوڪرو جيڪو ريڊ ڪراس ۾ هو جنهن کي مليريا هئي، هڪڙو زبردست ڇوڪرو، جيڪو پڻ سنهڙو هو، جيڪو نيويارڪ جو هو ۽ هن کي مليريا ۽ يرقان هو. جنهن هڪڙي يادگار جي لاءِ هڪڙي گولِيدار گولي جي مرڪب جي فَتيلي (فِيوز) جي ڍڪڻي ۽ وڏي ڌماڪيدارگولي جي ڍڪڻ کي ڦيرائي ڍرو ڪرڻ پئي چاهيو. اهو هڪڙو گولِيدار گولو هو جيڪو آسٽريائن پاران جبلن ۾ استعمال ڪيو ويو هو جنهن تي هڪڙو ڌاتوئي غلاف چڙهيل هو جيڪو ڇٽڻ کان پوءِ ڦاٽي ڪو نه سگهيو ۽ ان سان هٿ چراند ڪرڻ جي نتيجي ۾ اهو ڦاٽي پيو. نرسون ڪيٿرائن بارڪلي کي ڪافي پسند ڪري رهيون هيون ڇاڪاڻ جو هن رات جو مقرر وقت کان وڌيڪ نوڪري سرانجام پئي ڏني. هوءَ مليريا جي مريضن جو ٿوري وقت ۾ ئي ڪم ڇڏائي وٺندي هئي، جنهن ڇوڪري ڌاتوئي غلاف کي ڍرو ڪيو هو اهو اسان جو هڪڙو دوست بڻجي ويو هو ۽ اهو ڪڏهن به رات جي وقت گهنٽي ڪو نه وڄائيندو هو، جيستائين صفا لازمي نه هجي پر انهن جي ٽهل ٽڪور جي دوران اسان گڏ هوندا هئاسين. مان هن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هوس ۽ هوءَ به مون سان پيار ڪندي هئي. مان ڏينهن جي وقت سمهي پوندو هوس ۽ اسان ان وقت دوران يادداشت ناما لکندا هئاسين ۽ انهن کي فرگوسن جي هٿان ڏيارائي موڪليندا هئاسين. فرگوسن هڪڙي سٺي ڇوڪري هئي. مون هن جي باري ۾ ڪڏهن به ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ڪو نه ٻڌو هو سواءِ ان جي ته هن جو هڪڙو ڀاءُ پنجاهين سيڪنڊ ڊويزن ۾ هو ۽ هڪڙو ڀاءُ ميسوپوٽاميه ۾ هو هوءَ ڪيٿرائن بارڪلي سان ڪافي سٺو ورتاءُ ڪندي هئي. ”فرگُوسن، ڇا تون اسان جي شاديءَ ۾ ايندينءَ؟“ مون هڪڙي ڀيري هن کي چيو. ”توهان ڪڏهن شادي ڪندا ئي ڪو نه.“ ”اسان ڪنداسين.“ ”نه توهان نه ڪندئو.“ ”ڇو نه؟“ ”توهان شادي ڪرڻ کان اڳ ۾ هڪٻئي سان ڦٽائي ڇڏيندئو.“ ”اسان ڪڏهن به جهيڙو ڪو نه ڪنداسين.“ ”توهان وٽ اڃا به وقت پيو آهي.“ ”اسان نه وڙهنداسين.“ ”ته پوءِ توهان ڍيِري ٿي ويندئو. ماڻهو ايئين ئي ته ڪندا آهن. اهي شادي ڪو نه ڪندا آهن.“ مان هن جي هٿ کي پڪڙڻ لاءِ سري ويس. ”مونکي پڪڙڻ جي نه ڪر،“ هن چيو. ”مان رئان نه ٿي. ٿي سگهي ٿو ته توهان ٻئي بلڪل ٺيڪ هجو. پر خيال ڪجانءِ متان تون هن کي ڪڏهن ڪنهن مصيبت ۾ وجهين. جيڪڏهن تو هن کي ڪنهن مصيبت ۾ وڌو ته مان تنهنجو خون ڪري ڇڏينديس.“ ”مان هن کي ڪنهن به مشڪل ۾ ڪو نه اڙائيندس.“ ”تون پوءِ خيال ڪجانءِ. مان اميد ٿي ڪريان ته توهان صحيح سلامت رهندئو. توهان وٽ سٺو وقت آهي.“ ”اسان وٽ هڪڙو سٺو وقت آهي.“ ”ته پوءِ جهيڙو جهٽو نه ڪجو ۽ هن کي ڪنهن به مشڪل ۾ ڪو نه اڙائجانءِ.“ ”نه مان نه اڙائيندس.“ ”تون ڏسندينءَ. مان هن کي انهن جنگي ٻارن مان ڪنهن به هڪڙي ڄڻي سان ڏسڻ پسند نه ٿو ڪيان“. ”فرگِي، تون هڪڙي نهايت ئي سٺي ڇوڪري آهين.“ ”مان نه آهيان. منهنجي چاپلوسي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر. تنهنجي ڄنگھ ڪيئن آهي؟“ ”ٺيڪ آهي.“ ”تنهنجو مٿو ڪيئن آهي؟“ هن پنهنجي آڱرين سان ان جي مٿان ڇهيو. اهو هڪڙي ننڊ ورتل پير جيان حساس هو. ”ان سان مون تي ڪڏهن به ڪو فرق ڪو نه ٿو پوي.“ ”اهڙي قسم جو ٽڪراءُ ڪنهن کي به پاڳل بڻائي سگهي ٿو. ان سان تو تي ڪو به فرق نه ٿو پوي؟“ ”نه.“ ”تون هڪڙو خوشنصيب نوجوان آهين. ڇا تو خط لکي پورو ڪيو آهي؟ مان هيٺ پئي وڃان. ”هي وٺ،“ مون چيو. ”تون هن کي چئو ته ڪجھ وقت جي لاءِ هوءَ رات جي ڊيوٽيءَ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري.“ ”مان هن کي چوڻ چاهيان ٿو.“ ”تون نه ڪندين. پر جيڪڏهن تون هن کي ان تي آماده ڪندين ته مان ان لاءِ تنهنجي تعظيم ڪنديس.“ ”مان هن کي ان تي آماده ڪندس.“ ”مان ان تي يقين نه ٿي ڪيان.“ هن يادداشت نامو ورتو ۽ هلي ويئي. مون گهنٽي وڄائي ۽ ٿوريءَ گهڙيءَ کان پوءِ مِس گيج اندر گهڙي آئي. ”ڇا ڳالھ آهي؟“ ”مان ته صرف توسان ڳالهائڻ پئي گهريو. ڇا تون نه ٿي سمجهين ته مس بارڪلي کي ڪجھ وقت جي لاءِ رات جي ڊيوٽيءَ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي؟ هوءَ ڪافي ٿڪل ٿي لڳي.“ ”هوءَ ايترو وقت ترسي ڇاڪاڻ ٿي؟“ مس گيج مون ڏانهن نهاريو. ”مان توهان جي هڪڙي دوست آهيان،“ هن چيو. ”توکي مون سان ايئين ڳالهائڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي.“ ”تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“ ”معصوم بڻجڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. ڇا اهو سڀ ڪجھ تنهنجي رضامندي سان نه پئي ٿيو؟“ ”ڇا توکي هڪڙو مهڪدار شراب گهرجي؟“ ”ٺيڪ آهي. ته پوءِ مونکي وڃڻو آهي.“ ”هن وڏي الماڙيءَ مان هڪڙي بوتل ٻاهر ڪڍي ۽ هڪڙو گلاس کڻي آئي. ”تون گلاس کڻي وڃ،“ مون چيو. ”مان بوتل ۾ ئي پيئندس.“ ”آ هي وٺ، تو لاءِ بوتل حاضر آهي،“ مس گيج چيو. ”صبح جو دير تائين سمهڻ واري مس وان ڪيمپين منهنجي باري ۾ ڇا چوندي آهي؟“ ”هوءَ تو بابت فقط سرزنش ڪندي آهي. هوءَ توکي اسان جو مراعت يافته مريض ڪوٺيندي آهي.“ ”جهنم ۾ پوي.“ ”هوءَ ايتري ويل ناهي،“ مس گيج چيو. ”هوءَ بلڪل پوڙهي ۽ چيڙاڪ آهي. هن توکي ڪڏهن به پسند ڪو نه ڪيو آهي.“ .نه.“ ”چڱو، مان ڪيان ٿي. ۽ مان تنهنجي دوست آهيان. تون اهو نه وسارجانءِ.“ ”تون بيحد سٺي آهين.“ ”نه. مان ڄاڻان ٿي ته تون ڪنهن کي سٺو سمجهين ٿو. پر مان تنهنجي دوست آهيان. تنهنجي ڄنگھ ڪيئن آهي؟، ”ٺيڪ آهي.“ ”مان ان جي مٿان هارڻ لاءِ ڪجھ صاف ٿڌو پاڻي آڻيان ٿي. ان سان ريشي ۾ لازمي خارش ٿيندي. اهو ٻاهريان گرم آهي. ”تون بيحد سٺي آهين.“ ”ڇا ان سان گهڻي خارش ٿيندي؟“ ”نه. اهو ٺيڪ آهي.“ ”مان انهن وارياسين ٿيلهين کي سٺي نموني ڄمائي ڇڏيندس.“ هوءَ مٿان جهڪي بيهي رهي. ”مان تنهنجي دوست آهيان.“ ”ها مان ڄاڻان ٿو.“ ”نه نه تون نه ٿو ڄاڻين. پر ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن تون ڄاڻي ويندين.“ ڪيٿرائن بارڪلي ٽي راتيون موڪل تي هئي ۽ ان کان پوءِ هوءَ وري واپس وري آئي. اهو ايئين لڳي رهيو هو ڄڻ اسان ٻئي هڪٻئي کان هڪڙي ڊگهي سفر جي جدائي کان پوءِ ملياسين.