ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

13

اسان صبح جو سوير ملان پهتاسين ۽ انهن اسان کي مال بردار گاڏين واري احاطي ۾ لاٿو. هڪڙي ايمبولنس مون کي آمريڪي اسپتال ڏانهن کڻي ويئي. ايمبولنس جي اندر اسٽريچر تي ويٺي سواري ڪندي مون کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته اسان شهر جي ڪهڙي حصي منجهان گذري رهيا هئاسين پر جڏهن انهن اسٽريچر کي هيٺ لاٿو مون کي بازار جو هڪڙو هنڌ نظر آيو ۽ مون کي هڪڙو کليل شراب خانو نظر آيو جنهن جي ٻاهران هڪڙي ڇوڪري ٻهارو ڏئي رهي هئي. اهي گهٽيءَ کي پاڻي ڏئي رهيا هئا ۽ صبح جي وقت ۾ اتان بوءِ اچي رهي هئي. انهن اسٽريچر کي هيٺ لاٿو ۽ اهي اندر هليا ويا. حمالي انهن سان گڏ ٻاهر آيو. هن جون سياهي مائل سفيد مڇون هيون، هن کي هڪڙي چوڪيدار جي ٽوپي پاتل هئي ۽ هن کي پورين ٻانهن واري قميض پهريل هئي. اسٽريچر لفٽ ۾ نه پئي وڃي سگهيو ۽ انهن هڪٻئي سان بحث مباحثو ڪيو ته آيا مونکي اسٽريچر تان لاهي لفٽ ۾ مٿي هلڻ بهتر هو يا ان کي مٿي ڏاڪڻين جي وسيلي نيو وڃي. مان انهن کي بحث مباحثو ڪندي ٻڌي رهيو هوس. انهن لفٽ ۾ هلڻ تي اتفاق ڪيو. انهن مون کي اسٽريچر تان لاٿو. ”آرام سان هلجو،“ مون چيو. ”ان کي آرام سان وٺو.“ اسان لفٽ ۾ سٿيل هئاسين ۽ جيئن ئي منهنجون ڄنگهون مڙيون مونکي ڪافي گندو سور ٿيڻ لڳو. ”ڄنگهون سڌيون ڪيو،“ مون چيو. ”سگنور تينينت، اسان نه ٿا ڪري سگهون. ايتري جاءِ ڪونهي.“ جنهن ماڻهوءَ اهيو چيو ان جي ٻانهن منهنجي چوگرد ورايل هئي ۽ منهنجي ٻانهن پڻ هن جي چوگرد ورايل هئي. هن جو ساه منهنجي منهن تائين پئي پهتو جنهن مان ڳاڙهي شراب ۽ ٿوم جي سخت بدبو اچي رهي هئي. ”مهذب ٿي،“ هڪڙي ٻئي ماڻهوءَ چيو. ”ڪتيءَ جا پٽ ڪير مهذب ناهي!“ ”مان چوان ٿو ته مهذب ٿي،“ منهنجي پيرن کي پڪڙي رکندڙ همراه مون کي چيو. مون لفٽ جي دروازي ۽ ان جي گِرل کي بند ٿيندي ڏٺو ۽ حماليءَ پاران چوٿين منزل جي بٽڻ کي دٻائڻ واري عمل ڏانهن نهاريو. حمالي ڪافي پريشان نظر اچي رهيو هو. لفٽ آهستي آهستي مٿي هلي رهي هئي.
”ڳرو ٿو لڳي؟“ مون ٿوم جي ڌپ واري ماڻهوءَ کان پڇيو. ”ڪا ڳالھ ناهي،“ هن چيو. هن جي چهري مان پگهر وهي رهيو هو ۽ هو چنگهي رهيو هو. لفٽ آرام سان مٿي هلندي هلندي رڪجي ويئي. پير پڪڙيندڙ همراه دروازو کوليو ۽ قدم ٻاهر ڪيائين. اسان هڪڙي ڇڄي (بالڪوني) تي هئاسين. اتي پِتل جي مُٺين وارا ڪيترائي دروازا هئا. پير جهليندڙ همراه هڪڙو بٽڻ دٻايو جنهن سان هڪڙي گهنٽي وڄڻ لڳي. اسان کي اها دروازي جي اندريان ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ڪو به نه آيو. تهان پوءِ حمالي ڏاڪڻ تان مٿي چڙهي آيو. ”اهي ڪٿي آهن؟“ اسٽريچر سنڀاليندڙن پڇا ڪئي. ”مان نه ٿو ڄاڻان،“ حمالي چيو. ”اهي ڏاڪڻ جي هيٺان سمهندا آهن.“ ”ڪنهن هڪڙي کي وٺي اچ.“
حمالي گهنٽي وڄائي، جنهن کان پوءِ هن دروازو کڙڪايو، ان کان پوءِ هن دروازو کوليو ۽ ان ۾ اندر گهڙي ويو. جڏهن هو واپس آيو هن سان هڪڙي عمر رسيده عورت ساڻ هئي جنهن کي چشمو پاتل هو. هن جا وار ڍرا هئا ۽ اڌ وٽان ڇڄي رهيا هئا ۽ هن هڪڙي نرس وارو لباس اوڙهيل هو. ”مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي،“ هن چيو. ”مان اطالوي ڀاشا سمجهي نه ٿي سگهان.“ ”مان انگريزي ڳالهائي سگهان ٿو،” مون چيو. ”اهي مون کي ڪٿي نه ڪٿي رکڻ چاهن ٿا“. ”ڪو به ڪمرو تيار ناهي. اتي ڪو به مريض متوقع ناهي. هن پنهنجي وارن جي چوٽي کي مٿي ڪيو ۽ مون کي صفا قريب کان ڏسڻ لڳي. ”انهن کي ڪو به ڪمرو ڏيکاريو جتي اهي مون کي رکي سگهن.“ ”مان نه ٿي ڄاڻان،“ هن چيو. ”اتي ڪو به مريض متوقع ناهي. مان تو کي ڪنهن به ڪمري ۾ بلڪل به نه ٿي رکي سگهان.“ ”ڪو به ڪمرو هلي ويندو،“ مون چيو. ان کان پوءِ حماليءَ کي اطالوي ۾، ”هڪڙو خالي ڪمرو ڳولهي لھ.“ ”اهي سڀ خالي آهن،“ حمالي چيو. ”توهان پهريان مريض آهيو.“ هن پنهنجي ٽوپي پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي رکي ۽ بزرگ عورت ڏانهن ڏسڻ لڳو. ”مٺڙي حضرت عيسيٰ مسيح جي صدقي مون کي ڪنهن ڪمري ڏانهن وٺي هلو.“ مڙيل ڄنگهن سان درد وڌندو ۽ وڌندو رهيو مان ان کي هڏن مان ايندي ۽ ويندي محسوس ڪري رهيو هوس.
حمالي دروازي جي اندر گهڙي ويو، ان جي پويان سفيد وارن واري عورت هئي، ۽ پوءِ هو ستت ئي واپس وري آيو. ”منهنجي پويان اچو،“ هن چيو. اهي مون کي هيٺ هڪڙي ڊگهي دالان ڏانهن هڪڙي اونداهي ڪمري ڏانهن نيئي ويا. اتي نئين سازوسامان (فرنيچر) جي خوشبو اچي رهي هئي. اتي آرسي واري ڪپڙن جي هڪڙي وڏي الماڙي سان گڏ هڪڙو پلنگ هو. انهن مون کي اتي پلنگ تي رکيو.
”مان چادرون نه ٿي رکي سگهان،“ عورت چيو. ”انهن جي تالا بندي ڪيل آهي.“ مون هن سان نه ڳالهايو. ”اتي منهنجي کيسي ۾ پيسا پيل آهن،“ مون حماليءَ کي چيو. ”کيسي جي هيٺان واري بٽڻ ۾.“ حمالي پيسا ٻاهر ڪڍيا. ٻه اسٽريچر سنڀاليندڙ پنهنجون ٽوپيون هٿن ۾ جهلي بستر جي ڀرسان بيهي رهيا. ”انهن مان هر هڪ کي في ڪس پنج لاير ڏيو ۽ پنج لاير پنهنجي پاران.“ ”منهنجا ڪاغذ ٻئي کيسي ۾ رکيل آهن. تون اهي نرس کي ڏئي سگهين ٿو.“
اسٽريچر سنڀاليندڙن مون کي سلام ڪيو ۽ انهن منهنجو شڪريو ادا ڪيو. ”الوداع،“ مون چيو. ”۽ گهڻيون مهربانيون.“ انهن ٻيهر سلام ڪيو ۽ اهي هليا ويا. ”اهي ڪاغذ،“ مون نرس کي چيو، ”منهنجي ڪيس جي وضاحت ڪن ٿا ۽ ان اعلاج جي جيڪو مون کي اڳ ۾ ڏنو ويو آهي.“ عورت انهن کي کنيو ۽ پنهنجي چشمي وسيلي انهن تي نظر ڦيرائي. اتي ٽي ڪاغذ هئا ۽ اهي بند ڪيل هئا. ”مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪرڻ گهرجي،“ هن چيو. مون کي اطالوي پڙهڻ ۾ نه ٿي اچي. مان ڊاڪٽر جي حڪم جي بنا ڪا به شيءَ ڪري نه ٿي سگهان. هن دانهن ڪئي ۽ ڪاغذ پنهنجي پيش بند (چيلھ جي چوگرد پاتل ڪپڙي) جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. ”ڇا تون هڪڙو آمريڪي آهين؟“ هن دانهن ڪندي پڇيو. ”ها. مهرباني ڪري ڪاغذ بستر جي ڀرسان واري ميز تي رکو.“ ڪمري ۾ ڌنڌ ۽ ٿڌڪار هئي. جيئن ئي مان بستر تي ليٽيس مان ڪمري جي ٻئي پاسي کان وڏي آرسيءَ کي ڏسي پئي سگهيس پر مون کي اهيو نظر نه پئي آيو ته ان ۾ ڇا جو عڪس بڻيل هو. حمالي بستر جي لڳولڳ بيٺل هو. هن جي صورت ڪافي سٺي هئي ۽ هو ڪافي رحمدل هو. ”تون وڃي سگهين ٿو،“ مون هن کي چيو. ”توهان پڻ وڃي سگهو ٿا،“ مون نرس کي چيو. ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ”مسز واڪر.“ ”مسز واڪر توهان وڃي سگهو ٿا. مان سمجهان ٿو ته مون کي ننڊ اچي رهي آهي.“ مان ڪمري ۾ اڪيلو هوس. اهو ٿڌو هو ۽ ان مان هڪڙي اسپتال جهڙي بدبو ڪو نه پئي آئي. گدو ٺوس ۽ آرامده هو ۽ مان بنا ڪنهن چر پر جي ان تي ليٽي پيس، مشڪل سان ساه کڻي رهيو هوس، درد ۾ گهٽتائي جي محسوسات جي سبب خوش هوس. ٿوريءَ دير کان پوءِ مون پاڻِيءَ جي طلب محسوس ڪئي ۽ مونکي بستر جي ڀرسان هڪڙي ڏوريءَ تي گهنٽي ڏسڻ ۾ آئي ۽ مون ان کي وڄايو پر ڪو به حاضر ڪو نه ٿيو. مان سمهي پيس.
جڏهن مون سجاڳ ٿيس مون آسپاس نظر ڊوڙائي. پردي مان سج جي روشني داخل ٿي رهي هئي. مون وڏي الماڙي، ننگيون ديوارون ۽ ٻه ڪرسيون ڏٺيون. بستر ۾ سڌيون ڪيل، گندين پٽين واريون منهنجون ڄنگهون، ان تي ڄمي ويون. مان انهن کي چورڻ پورڻ لاءِ محتاط هوس. مون کي اڃ لڳي هئي ۽ مان گهنٽيءَ تائين پهتس ۽ بٽڻ کي دٻائي ڇڏيم. مون دروازي جي کلڻ جو آواز ٻڌو ۽ اوڏانهن نهاريو ۽ اتي هڪڙي نرس هئي. هوءَ ڪافي جوان ۽ حسين ڏيکارجي رهي هئي. ”صبح جو سلام هجي“. مون چيو. ”توهان کي به صبح جو سلام هجي،“ هن چيو ۽ هوءَ بستري ڏانهن سري آئي. ”اسان ڊاڪٽر کي وٺي اچڻ جي قابل نه ٿي سگهيا آهيون. هو ليڪ ڪومو (Lake Como) ڏانهن ويل آهي. ڪنهن به نه پئي ڄاتو ته هڪڙو مريض اچڻ وارو آهي. بحرحال توسان ڇا مسئلو آهي؟“ ”مان گهايل آهيان. ڄنگهن ۽ پيرن ۾ ۽ مونکي مٿي ۾ ڌڪ لڳو آهي.“ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ”هينري. فريڊيرڪ هينري.“ ”مان توکي ڌوئي صاف ڪنديس. پر اسان پٽين جي باري ۾ تيستائين ڪجھ به نه ٿا ڪري سگهون جيستائين ڊاڪٽر نه ٿو موٽي اچي.“ ”ڇا مس بارڪلي هتي آهي؟“ ”نه. انهي نالي سان هتي ڪو به ڪونهي.“ ”اها عورت ڪير هئي جنهن منهنجي اچڻ کان پهريان دانهن ڪئي؟“ نرس ٽهڪ ڏنو. ”اها مسز واڪر آهي. اها هڪڙي رات جي لاءِ ڊيوٽيءَ تي هئي ۽ اها ننڊ پيل هئي. هن کي ڪنهن جي به آمد متوقع ڪو نه هئي.“ جڏهن اسان ڳالهائي رهيا هئاسين ان وقت هوءَ منهنجا ڪپڙا لاهي رهي هئي، ۽ جڏهن سواءِ پٽين جي هن منهنجا ڪپڙا لاهي ڇڏيا، هن مون کي ڪافي نرمي ۽ سئولائي سان ڌوتو. ڌوئڻ سان مون کي ڪافي سٺو محسوس ٿيو.
منهنجي مٿي تي پٽي لڳل هئي جنهن جي سموري پاسي کان هن اگهي صاف ڪيو. ”تون ڪٿي زخمي ٿئين؟“ ”پلاوا جي اتر ۾ اِسونز وٽ.“ ”اهو ڪٿي آهي؟“ ”گوريزيا جي اتر ۾.“ مان ڏسي پئي سگهيس ته انهن هنڌن مان ڪنهن به هنڌ سان هن کي ڪو سروڪار ڪو نه هو. ”ڇا توکي تمام گهڻو درد آهي؟“ ”نه. هاڻي ايترو ناهي.“ هن منهنجي وات ۾ ٿرماميٽر وجهي ڇڏيو. ”اطالوي ان کي ٻانهن جي اندر وجهندا آهن،“ مون چيو. ” ڳالهاءِ نه.“ جڏهن هن ٿرماميٽر کي ٻاهر ڪڍيو هن ان کي پڙهيو ۽ ان کي لوڏو ڏنائين. ”ڪيترو بخار آهي؟“ ”اهو ڄاڻڻ تو لاءِ ضروري نه آهي.“ ”مون کي ٻڌايو اهو ڪيترو آهي.“ ”اهو ڪافي ضابطي ۾ آهي.“ ”مون کي ڪڏهن به ڪو بخار نه هوندو آهي. منهنجون ڄنگهون پڻ پراڻي لوه سان ڀريل آهن.“ ”تنهنجو ڇا مقصد آهي؟“ ”اهي خندقي مارٽر گولن، پراڻن پيچن ۽ بستر جي اسپرنگن ۽ ٻين شين سان ڀريل آهن.“ هُن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ مسڪرائي ڏنو. ”جيڪڏهن توکي تنهنجي ڄنگهن ۾ ڪي خارجي جزا پيل آهن ته اهي انهن ۾ هڪڙي سوزش پيدا ڪندا ۽ توکي بخار ايندو.“ ”ٺيڪ آ،“ مون چيو. ”اسان ڏسئون ٿا ته انهن مان ڇا ٿو اچي.“ ۽ هوءَ ڪمري کان ٻاهر هلي ويئي ۽ صبح جو سوير پوڙهي نرس سان گڏجي آئي. انهن گڏجي منهنجي لاءِ نئون بستر لڳايو. اها منهنجي لاءِ نئين ۽ تعريف جوڳي ڪارروائي هئي. ”هتان جو نگران ڪير آهي؟“ ”مِس وان ڪيمپين.“ ”هتي ڪل ڪيتريون نرسون آهن؟“ ”فقط اسان ٻه.“ ”ڇا اتي وڌيڪ نه اينديون.“ ”ڪجھ وڌيڪ اچي رهيون آهن.“ ”اهي هتي ڪڏهن پهچنديون؟“ ”مان نه ٿي ڄاڻان. هڪڙي بيمار ڇوڪري جي حيثيت ۾ تون اِلاهي سوال ٿو ڪرين.“ ”مان بيمار نه آهيان،“ مون چيو. ”مان گهايل آهيان.“ انهن بستري کي تيار ڪري ڇڏيو هو ۽ مان پنهنجي هيٺان ۽ مٿان هڪڙي صاف سٿري چادر سان ليٽي پيس. مسز واڪر ٻاهر هلي ويئي ۽ واپسيءَ تي هڪڙي پاجامي وارو جيڪيٽ کڻي آئي. هنن اهو مونکي پارائي ڇڏيو ۽ مون پاڻ کي صاف سٿرو اوڙهيل محسوس ڪيو. ”توهان منهنجي لاءِ تمام سٺيون آهيو،“ مون چيو. نرس سڏ ڏنو جنهن تي مس گيج احمقن وانگي وات ڦاڙي ٽهڪ ڏنو. ”ڇا مون کي ٿورو پاڻي ملي ويندو.“ مون پڇيو.”يقيناَ. ان کان پوءِ تون ناشتو ڪري سگهين ٿو.“ ”مون کي ناشتي جي طلب نه آهي. ڇا مون لاءِ پردا کلي سگهن ٿا.“ ڪمري ۾ روشني ميرانجهڙي هئي ۽ جڏهن پردا کوليا ويا اتي سج جي چٽي روشني اچي ويئي ۽ مون ٻاهر هڪڙي ڇڄي (بالڪوني) ڏانهن نهاريو ۽ ان جي پريان گهرن جي ڇتين تي ٽائيلن واريون سرون ۽ چمنيون هيون. مون ٻاهر ٽائيلن جي سرن وارين ڇتين ڏانهن نهاريو ۽ مون سفيد ڪڪر ۽ ڪافي نيرو آسمان ڏٺو.
”ڇا توهان کي اها ڄاڻ نه آهي ته ٻيون نرسون ڪڏهن اچي رهيون آهن؟“ ”ڇو؟“ ” اسان تنهنجي ٺيڪ نموني سان سار سنڀار نه لهي رهيون آهيون ڇا؟“ ”توهان تمام گهڻيون سٺيون آهيو.“ ”ڇا تون بستر وارو ٿانءُ ڪتب آڻڻ پسند ڪندين؟“ ”مان ڪوشش ڪندس.“ انهن منهنجي مدد ڪندي مونکي مٿي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها ڪنهن ڪم جي ڪو نه هئي. بعد ۾ مان اتي ئي ليٽي پيس ۽ ٻاهر ڇڄي جي مٿان کليل دروازن ڏانهن ڏسڻ لڳس. ”ڊاڪٽر ڪڏهن ٿو اچي؟“ ”جڏهن هو پاڻ واپس وري. اسان ليڪ ڪومو ڏانهن هن کي ٽيليفون ڪئي آهي.“ ”اتي ڪي ٻيا ڊاڪٽر نه آهن ڇا؟“ ”اسپتال لاءِ اهو ڊاڪٽر آهي.“ مس گيج پاڻيءَ جو هڪڙو جڳ ۽ هڪڙو گلاس کڻي آئي. مون ٽي گلاس پاڻيءَ جا پيتا ۽ پوءِ انهن مونکي ڇڏي ڏنو ۽ مون ڪجھ پلن لاءِ دريءَ کان ٻاهر نهاريو ۽ پوءِ واپس سمهي پيس. مون ڪجھ مانجهاندو ورتو ۽ منجهند جي منتظمه مس وان ڪيمپين، مون کي ڏسڻ آئي. نه هوءَ مونکي پسند ڪندي هئي ۽ نه ئي وري مان هن کي پسند ڪندو هوس. هوءَ ننڍي قد واري صاف طور تي وهمي ۽ پنهنجي حيثيت تي تمام گهڻو گهمنڊ رکندي هئي. هن مون کان ڪيترائي سوال پڇيا ۽ اهو سمجهڻ لڳي ته منهنجو اطالوين سان هئڻ ڪي قدر شرمناڪ هو. ”ڇا مان مانيءَ سان گڏ شراب واپرائي سگهان ٿو؟“ مون هن کان پڇيو. ”صرف ان وقت جڏهن ڊاڪٽر ان کي تجويز ڪري.“ ”جيستائين هو تجويز نه ٿو ڪري تيستائين مان ايئين نه ٿو ڪري سگهان؟“ ”قطعي نه.“ ”توهان آخرڪار هن جي اچڻ جو ارادو رکو به ٿا يا نه؟“ ”اسان هن کي ليڪ ڪومو ڏانهن تار ڪئي آهي.“ هوءَ ٻاهر هلي ويئي ۽ مس گيج واپس موٽي آئي.“ ”تون مس ڪيمپين سان ايتري گستاخيءَ سان ڇو پيش اچي رهيو هئين؟“ جڏهن هن منهنجي لاءِ ڪا شيءِ ڪافي مهارت سان ڪري ورتي ان وقت هن مون کان پڇيو. ”منهنجو اهڙو ڪو به مقصد ڪو نه هو. پر هوءَ مغرور هئي.“ ”هوءَ چئي رهي هئي ته تون جابر ۽ مغرور هئين.“ ”مان ڪو نه هوس. پر هڪڙي ڊاڪٽر کان سواءِ هڪڙي اسپتال جو ڪهڙو تصور جڙي ٿو؟“ ”هو اچي رهيو آهي. هنن هن جي لاءِ ليڪ ڪومو ڏانهن تار موڪلي آهي.“ ”هو اتي ڇا ڪندو آهي؟ ترندو آهي؟“ ”نه. اتي هن جي هڪڙي ڪلينڪ آهي.“ ”اهي پوءِ ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر جو انتظام ڇو نه ٿا ڪن؟“ ”هَش ـــ هَش. (خاموش ڪرائيندي). هڪڙو سٺو ڇوڪرو ٿي ۽ هو ايندو.“
مون حماليءَ کي آڻڻ لاءِ هڪڙي ماڻهوءَ کي روانو ڪيو ۽ جڏهن هو آيو مون هن کي اطالويءَ ۾ چيو ته مون لاءِ شراب خاني مان سِنزانو (Cinzano) جي هڪڙي بوتل، ۽ شِيانتِي (chianti ـــ اطالوي شراب) جي هڪڙي بوتل ۽ شام جون اخبارون وٺي اچ. هو هليو ويو ۽ انهن کي اخبار ۾ ويڙهي کڻي آيو، مون ان کي کوليو، مون هن کي چيو انهن جا ڍڪڻ کول ۽ شراب ۽ مهڪ واري شراب کي بستر جي هيٺان رک.
انهن مونکي اڪيلو ڇڏي ڏنو ۽ مان بستر ۾ آهلجي ڪجھ گهڙين لاءِ اخبار پڙهڻ ۾ لڳي ويس، اڳيان واريون سرخيون، ۽ مري ويل آفيسرن جي فهرست ۽ انهن کي ادا ڪيل اعزاز ۽ پوءِ هيٺ پهتس ۽ سِزانو جي بوتل کي مٿي ڪيم ۽ ان کي پنهنجي پيٽ جي مٿان رکيم، ۽ ٿڌا گلاس پنهنجي پيٽ جي پويان، ۽ هلڪا هلڪا جام وٺندو رهيس اتي جامن جي درميان بوتل کي پڪڙيندي پنهنجي پيٽ تي گول گول دائرا ٺاهيندو رهيس، ۽ ٻاهر شهر جي ڇتين جي مٿان ڇائنجندڙ اونداه کي تڪيندو رهيس. ۽ راتوڪا باز جيڪي ڇتين جي مٿان اڏارون ڀري رهيا هئا ۽ سِزانو کي اوتيندو رهيس. مس گيج هڪڙو گلاس آڻي ڏنو جنهن سان انڊي جي ملائي وارو مرڪب به ساڻ هو. جڏهن هوءَ اندر آئي تنهن مهل مون مهڪدار شراب جي بوتل کي بستر جي ٻئي پاسي ڏانهن سوري ڇڏيو.
”مس وان ڪيمپين ان ۾ ڪجھ شيري ( sherry ــ هڪڙي قسم جو شراب) ملائي ڇڏيو هو،“ هن چيو. ”تون هن سان ايترو اُٻهرو نه ٿي. هوءَ ايتري جوان نه آهي ۽ هن جي مٿان هن اسپتال جي هڪڙي وڏي ذميداري عائد ٿيل آهي. مسز واڪر پڻ ڪافي جهوني آهي ۽ اها هن جي لاءِ ڪنهن به ڪم جي ناهي.“ “هوءَ ڪافي دلڪش عورت آهي،“ مون چيو. ”هن جي تمام گهڻي مهرباني.“ ”مان تو لاءِ فوراَ رات جي ماني کڻي ٿي اچان.“ ”اهو سڀ ٺيڪ آهي،“ مون چيو. ”مونکي بک نه لڳي آهي.“
جڏهن هوءَ طشتري کڻي آئي ۽ جڏهن ان کي بستر واري ميز تي رکيائين ان مهل مون هن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ رات جي مانيءَ مان ٿورو کاڌو. ان کان پوءِ اتي ٻاهر اونداه ٿي ويئي هئي ۽ مان سرچ لائيٽن جون شعاعون ڏسي پئي سگهيس جيڪي آسمان ڏانهن هلي رهيون هيون. مون کن پل لاءِ نهاريو ۽ پوءِ سمهڻ جي ڪيم. مان مشڪل سان سمهي پئي سگهيس هڪ دفعي مان جاڳي پيس مون کان پگهر ٽمي رهيو هو ۽ مان ڊنل هوس تهان پوءِ مان واپس سمهي پيس ۽ پنهنجي ڀيانڪ سپني کان ٻاهر رهڻ جي ڪوشس ڪرڻ لڳس. مان ڪافي دير سان سج اڀرڻ کان اول وري جاڳي پيس ۽ مرغن کي ٻانگون ڏيندي ٻڌم ۽ جيستائين اتي ڏينهن ٿيڻ لڳو تيستائين جاڳندو رهيس. مان ڪافي ٿڪل هوس ۽ هڪ لڱا اتي جيئن ئي روشني ڦٽڻ لڳي مان وري واپس ننڊ ڏانهن هليو ويس.