ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

35

ڪيٿرائن ڍنڍ جي ڀرسان هڪڙي ننڍڙي هوٽل ڏانهن فرگوسن کي ڏسڻ ويئي ۽ مان بار ۾ ويهي اخبارون پڙهڻ لڳس. اتي بار ۾ چمڙي واريون آرامده ڪرسيون هيون ۽ مان انهن مان هڪ تي ويهي رهيس ۽ تيستائين پڙهندو رهيس جيستائين ساقي (بار وارو) اتي آيو. فوج تيگليامينتو وٽ مهاڏو اٽڪائي ڪو نه سگهي هئي. اها پِي آوَ ڏانهن موٽ کائي رهي هئي. مون کي پي آوَ ياد هو. سين ڊونگا جي ويجهو مٿي محاذ ڏانهن ويندي ريل جو رستو اتان گذرندو هو. اهو ڪافي اونهو ۽ سست هو ۽ اهو ڪافي سوڙهو هو. اتي هيٺاهين ۾ مڇرن سان سٿيل ڌٻڻيون ۽ واه هئا. اتي خوبصورت محل نما ڪجھ جايون هيون. هڪڙي ڀيري، جنگ کان پهريان، مٿي ڪورتِينا دي ايمپيزو ڏانهن ويندي مان ان جي ڀرسان پهاڙن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ويو هوس. مٿي اهو سينگاري مڇيءَ سان ڀريل هڪڙي وهڪري جيان لڳي رهيو، اهو مٿاڇرن ڦهلائن ۽ پٿرن جي هيٺان وارن تلائن سان گڏ آرام سان وهي رهيو هو. اتان کان رستو ڪيڊور ڏانهن مڙي رهيو هو. مون کي تعجب پئي ٿيو ته فوج جيڪا اتي مٿي هئي اها هيٺ ڪيئن اچي سگهي ٿي. بار وارو همراه اندر گهڙي آيو. ”ڪائوُنٽ گريفِي تنهنجي باري ۾ پڇي رهيو هو،“ هن چيو. ”ڪير؟“ ”ڪائونٽ گريفي. توکي ياد آهي اهو پوڙهو شخص جيڪو جڏهن تون پهريان هتي آيو هئين هتي آيو هو.“ ”ڇا هو هتي آهي؟“ ”ها، هو پنهنجي ڀائيٽي سان گڏ هتي آيو آهي. مون هن کي ٻڌايو ته تون هتي هئين. هو چاهي ٿو ته تون هن سان بليئرڊ کيڏ.“ ”هو ڪٿي آهي؟“ ”هو چهل پهل ڪري رهيو آهي.“ ”هو ڪيئن آهي؟“ ”هو پهريان کان جوان آهي. هن ڪالھ رات جو شيمپين جون ٽي ڪاڪ ٽيلون (بک وڌائڻ جا مشروب) رات جي ماني کائڻ کان اول پيتيون.“ ”هن جي بليئرڊ راند ڪيئن هلي رهي آهي؟“ ”سٺي. هن مون کي مات ڏني. جڏهن مون هن کي ٻڌايو ته مان هتي هوس هو ڏاڍو خوش ٿيو. هن سان کيڏڻ جي لاءِ هتي ڪو به ڪونهي.“ ڪائونٽ گريفي چورانوي سالن جي ڄمار جو هو. هو ميٽرنچ جو هڪڙو همعصر هو ۽ هو سفيد وارن ۽ مڇن وارو ۽ خوبصورت اندازن وارو جهونو شخص هو. هن آسٽريا ۽ اٽليءَ ۾ سفارتڪاريءَ جون خدمتون سرانجام ڏنيون هيون هن جي جنم ڏڻ جون تقريبون ملان جا عظيم سماجي موقعا تصور ڪيا ويندا هئا. هو هڪ سئو سالن جي ڄمار کان مٿي هئڻ جي باوجود به حال حيات هو ۽ هڪڙي هموار روانيءَ سان بليئرڊ جي راند کيڏندو هو جيڪا هن جي چورانوي سالن جي ڄمار جي نزاڪت جي بلڪل ابتڙ هئي. بدليل موسم جي ڪري مان جڏهن اسٽريسا وٽ هوس منهنجي هن سان ملاقات ٿي هئي ۽ جڏهن اسان بليئرڊ جي هڪڙي راند رچائي رهيا هئاسين ان مهل اسان شيمپين پي رهيا هئاسين. مان سمجهان ٿو ته اها هڪڙي عاليشان رسم هئي ۽ هن مون کي هڪڙي سئو ۾ پندرنهن پوائنٽون ڏنيون ۽ مون کي هارائي ڇڏيو. ”تو مون کي ڇو نه ٻڌايو ته هو هتي آهي؟“ ”مون کان اهو وسري ويو.“ ”ٻيو هتي ڪير آهي؟“ ”ڪو به اهڙو ڪونهي جنهن کي تون سڃاڻيندو هجين. اتي مجموعي طور تي فقط ڇھ ماڻهو آهن.“ ”هاڻي تون ڇا ڪري رهيو آهين؟“ ”ڪجھ به نه.“ ”اچ ته ٻاهر مڇي مارڻ هلون.“ ”مان صرف هڪڙي گهنٽي جي لاءِ هلي سگهان ٿو.“ ”اچ. ڪلوئنڙو کڻي اچ.“ بار واري همري ڪوٽ پاتو ۽ اسان ٻاهر هليا وياسين. اسان هيٺ وياسين ۽ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهياسين مون ونجھ پئي هلايو جڏهن ته بار وارو همراه ٻيڙيءَ جي پوئين پاسي کان ٿي ويٺو ۽ هڪڙي ويڙهي واري ڏوريءَ کي ڍرو ڪندو ويو جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ داڻو ۽ وزن ڏنل هو ڍنڍ ۾ رهندڙ سينگاري مڇيءَ کي ڦاسائڻ لاءِ. اسان ڪناري جي لڳو لڳ ونجھ هلائيندا رهياسين، بار وارو همراه هٿ ۾ ڏوريءَ کي جهليو بيٺو هو ۽ رکي رکي ان کي پوئتي سٽون ڏئي رهيو هو. ڍنڍ کان اسٽريسا متروڪ لڳي رهيو هو. اتي بي لباس وڻن جون ڊگهيون قطارون هيون، وڏا هوٽل ۽ بند پيل وِلا هئا. مون آئيسولا بيلا جي آرپار ونجھ هلايو ۽ ديوارن جي قريب پهتس، جتي پاڻي ڪافي تيزيءَ سان گهرو ٿي رهيو هو ۽ اتي اسان پٿر جون ديوارون ڏٺيوسين جيڪي صاف پاڻيءَ ۾ آڏِ تراش نموني سان هيٺ پئي ويون، ۽ انهيءَ کان پوءِ مٿي ۽ مهاڻن جي ٻيٽ جي ڀرتائين ڦهليل هيون. سج هڪڙي ڪڪر جي هيٺان هو ۽ پاڻي تاريڪ لسو ۽ ڪافي ٿڌو هو. اسان کي مڇيءَ جي هڪڙي به سٽ نه لڳي جيتوڻيڪ اسان مٿي ايندڙ مڇيءَ جا پاڻِيءَ تي ٺهي بيهندڙ دائرا ڏٺاسين. مون مٿي مهاڻن جي ٻيٽ جي آمهون سامهون ونجھ هلايو اتي جتي ٻيڙيون اڀيون ڪيل هيون ۽ ماڻهو ڄار اُڻي رهيا هئا. ”ڇا اسان کي هڪڙو جام پيئڻ گهرجي؟“ ”ٺيڪ آهي.“ مون ٻيڙي مٿي پٿر جي گهاٽ تي آندي ۽ بار واري همراه رسيءَ کي ڇڪيو، ٻيڙيءَ جي تري ۾ ويٺي ان کي ويڙهيو ۽ ٻيڙيءَ جي مٿئين حصي واري ڪناري کان ويڙهي ۾ ڪنڍا هڻي بند ڪيو. مون ٻاهر نڪري ٻيڙيءَ کي ٻڌو. اسان هڪڙي ننڍڙي ڪيفي ۾ وياسين، هڪڙي خالي ڪاٺ جي ميز تي ويهي رهياسين ۽ خوشبودار سفيد شراب جو حڪم ڏنوسين. ”ڇا تون ونجھ هلائيندي ٿڪجي پيو آهي؟“ ”واپسيءَ تي مان هلائيندس،“ هن چيو. ”ونجھ هلائڻ مون کي پسند آهي.“ ”متان تنهنجي ڏور جهلڻ سان ڀاڳ کلي پوي.“ ”ٺيڪ آهي.“ ”مون کي ٻڌاءِ ته جنگ ڪيئن هلي رهي آهي؟“ ”تمام گهڻي فرسوده.“ ”مون کي واپس موٽڻو ناهي. مان ڪائونٽ گريفيءَ جيان تمام پوڙهو ٿي ويو آهيان.“ ”ٿي سگهي اڃا توکي وڃڻو پوي.“ ”ٻئي سال اهي منهنجي ڪلاس کي گهرائيندا. پر مان نه ويندس.“ ”تون ڇا ڪندين؟“ ”ملڪ کان ٻاهر هليو ويندس. مان جنگ ڏانهن نه ويندس.“ ”مان هڪڙي دفعي حبش ديش (ايبيسينيا) ۾ جنگ ڏانهن ويو هوس.“ ”تون ڇاڪاڻ ويو هئين؟“ ”مان نه ٿو ڄاڻان. مان هڪڙو احمق هوس.“ ”هڪڙو ٻيو خوشبودار سفيد جام کپي؟“ ”ٺيڪ آهي.“ بار واري همراه واپس ونجھ هلايو. اسان اسٽريسا کان پرتي تائين ڍنڍ ۾ ڦرياسين ۽ انهي کان پوءِ ڪناري کان گهڻو دور نه هيٺ جي طرف وياسين. مون سُڪ سان ويڙهيل ڏوريءَ کي جهليو ۽ ويڙهي جي ڦرڻ جي ڪري نبض جي مدهم حرڪت کي محسوس ڪيو جڏهن ته مون نومبر جي ڍنڍ واري تاريڪ پاڻيءَ ۽ متروڪ ڪيل ساحل ڏانهن نهاريو. بار واري همراه هٿن سان ڊگها ڦيراٽا پئي ڏنا ۽ اڳتي ڌڪجڻ جي ڪري ٻيڙي جهٽڪو ڏنو. هڪڙي دفعي مون کي سٽ لڳي ڏوري اچانڪ سخت ٿي ويئي ۽ پوئتي جهٽڪو ڏنائين. مون پوئتي ڇڪيو ۽ زنده سينگاريءَ جو وزن محسوس ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ ڏوري وري هيڏي هيڏي ڦرڻ لڳي. اها مون کان ڇڏائجي ويئي. ”ڇا اها وڏي پئي محسوس ٿي؟“ ”ڪافي وڏي.“ ”هڪڙي ڀيري جڏهن مان ٻاهر اڪيلي سر ڪنڍي سان مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ جي لاءِ روانو ٿيو هوس مون ڏوري پنهنجي ڏندن ۾ ڦاسائي هئي ۽ هڪڙو جهٽڪو آيو جنهن زري گهٽ منهنجا ڏند اکيڙي ٻاهر پئي ڪيا.“ ”بهترين طريقو اهو آهي ته توهان ان کي پنهنجي ڄنگھ جي مٿان رکو،“ مون چيو. ”انهي کان پوءِ توهان ان کي محسوس ڪري سگهو ٿا ۽ توهان جا ڏند وڃائجڻ کان بچي ويندا.“ مون پنهنجو هٿ پاڻيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. اهو ڪافي ٿڌو هو. هاڻي اسان زري گهٽ هوٽل جي آمهون سامهون هئاسين.“ ”مون کي اندر وڃڻو آهي،“ بار واري همراه چيو. ”مون ڏوريءَ کي ڇڪيو ۽ ان کي ٻنهي پاسن کان ناهموار هڪڙي ڪاٺِيءَ سان ويڙهي ڇڏيو. بار واري همراه پٿر ۾ هڪڙي ننڍڙي ٻوٽي جي پاڙ ۾ ٻيڙيءَ کي ٻڌي ڇڏيو ۽ ان کي هڪڙي زنجير ۽ تالي سان ٻڌي ڇڏيو. ”جڏهن به توکي اها گهرجي،“ هن چيو، ”مان توکي چاٻيون ڏيندس.“ ”مهرباني.“ هو مٿي هوٽل ڏانهن ويو ۽ بار ڏانهن ويو. مون صبح جو ايترو سوير هڪڙو ٻيو جام نه پئي چاهيو تنهن ڪري مان مٿي ڪمري ڏانهن هليو ويس. نوڪرياڻي ڪمري کي تازو تازو صاف ڪري ويئي هئي ۽ اڃا تائين ڪيٿرائن واپس ڪو نه آئي هئي. مان پلنگ تي آهلجي پيس ۽ ڪجھ به نه سوچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. جڏهن ڪيٿرائن واپس وري آئي هوءَ ٻيهر ٺيڪ ٺاڪ هئي. ”فرگوسن هيٺ ڏاڪڻين تي آهي،“ هن چيو. هوءَ مانجهاندو ڪرڻ جي لاءِ اچي رهي هئي. مون ڄاتو پئي ته تون دل ۾ نه ڪندين،“ ڪيٿرائن چيو. ”نه،“ مون چيو. ”جانِ من، ڇا ڳالھ آهي؟“ ”مان نه ٿي ڄاڻان. ”مان ڄاڻان ٿي. تون ڪجھ به ڪو نه ڪندين. تون چاهين ٿو ته سڀ ڪجھ مان ڪيان ۽ مان وڃان ٿي.“ ”اهو سچ آهي.“ ”مون کي افسوس آهي، جاني. مان ڄاڻان ٿو ته هڪدم ڪجھ به نه ڪري سگهڻ يقيناَ هڪڙي ڀيانڪ محسوسات هئڻ گهرجي.“ ”منهنجي زندگي هرشيءِ سان ڀرپور رهي آهي،“ مون چيو. “هاڻي جيڪڏهن تون مون سان نه هوندينءَ ته دنيا ۾ مون وٽ ڪا به شيءِ نه رهندي.“ ”پر مان توسان هونديس. مان صرف ٻن ڪلاڪن جي لاءِ هليو ويو هوس. اتي اهڙي ڪاشيءِ آهي جيڪا تون ڪري سگهين؟“ ”مان بار واري همراه سان گڏ مڇي مارڻ ويو هوس.“ ”ڇا اهو مزيدار هو؟“ ”ها.“ ”جڏهن مان هتي نه هجان منهنجي باري ۾ نه سوچيندي ڪر.“ ”اهو طريقو مون محاذ تي ڪتب آندو. پر اتي ڪرڻ جي لاءِ ڪا نه ڪا شيءِ هوندي هئي.“ ”اوٿيلو (شيڪسپيئر جي ناٽڪ جو مرڪزي ڪردار ـــ مترجم) پنهنجي قبضي سميت هليو ويو،“ هن مون کي چيڙائڻ جي ڪئي. ”اوٿيلو هڪڙو حبشي هو،“ مون چيو. ”ٻيو ته، مان حاسد ناهيان. مان فقط توسان ايترو پيار ٿو ڪيان جو ٻي ڪا شيءِ آهي ئي ڪا نه.“ ”ڇا تون هڪڙو سٺو ڇوڪرو ٿيندين ۽ فرگُوسن سان سٺو هلندين؟“ ”مان هميشه فرگوسن سان سٺو هلندو آهيان رڳو هوءَ مون کي پاراتا ڏيڻ بند ڪري.“ ”هن سان سٺو ٿي هل. سوچ ته اسان وٽ ڪيترو آهي ۽ هن وٽ ڪجھ به ناهي.“ ”مان نه ٿو سمجهان ته هن کي اهو ڪجھ گهرجي جيڪو اسان وٽ آهي.“ ”جاني تو جهڙو اهڙو ڏاهو ڇوڪرو، ايترو ڪو نه ٿو ڄاڻي.“ ”مان هن سان سٺو هلندس.“ ”مان ڄاڻان ٿي تون هلندين. تون ڪافي مٺڙو آهين.“ ”هوءَ بعد ۾ هتي ڪونه ٽڪندي، ها نه؟“ ”نه. مان هن مان جند ڇڏائينديس.“ ”۽ انهي کان پوءِ اسان هتي مٿي اينداسين.“ ”يقيناَ. تون ڇا ٿو سمجهين مان ڇا ٿي ڪرڻ چاهيان؟“ اسان فرگوسن سان مانجهاندو ڪرڻ جي لاءِ ڏاڪڻين کان هيٺ لهي وياسين. هوءَ هوٽل ۽ کاڌي کائڻ واري ڪمري جي درخشانيءَ کان تمام گهڻو متاثر هئي. اسان سفيد ڪيپريءَ جي بوتلن جي هڪڙي جوڙي سميت هڪڙو سٺو مانجهاندو ڪيوسين. ڪائونٽ گريفي کاڌي کائڻ واري ڪمري ۾ آيو ۽ اسان کي نوڙي سلام ڪيائين. هن جو ڀائيٽيو، جيڪو ٿورو گهڻو منهنجي ڏاڏي جهڙو هو، اهو هن سان گڏ هو. مون ڪيٿرائن ۽ فرگوسن کي هن جي باري ۾ ٻڌايو ۽ فرگوسن ڪافي متاثر ٿي ويئي. هوٽل ڪافي وڏو هو ۽ عاليشان ۽ خالي پر کاڌو سٺو هو، شراب مزيدار هو ۽ آخر ۾ شراب اسان کي ڪافي سٺو محسوس ڪرايو. ڪيٿرائن کي وڌيڪ بهتر محسوس ڪرڻ جي ڪا به طلب ڪو نه هئي. هوءَ تمام گهڻو خوش هئي. فرگوسن تمام گهڻو خوش ٿي ويئي. مون پڻ تمام سٺو محسوس ڪيو. مانجهاندي کان پوءِ فرگوسن پنهنجي هوٽل ڏانهن هلي ويئي. هن چيو ته مانجهاندي کان پوءِ هوءَ ڪجھ گهڙين جي لاءِ آرام ڪرڻ وڃي رهي هئي. منجهند جو دير سان ڪنهن اسان جي دروازي کي کڙڪايو. ”ڪير آهي؟“ .ڪائونٽ گريفي ڄاڻڻ چاهي ٿو اگر توهان هن سان بليئرڊ کيڏڻ چاهيو ٿا.“ ”مون پنهنجي گهڙيءَ ڏانهن نهاريو؛ مون ان کي لاهي ڇڏيو هو ۽ اها وهاڻي جي هيٺان پيئي هئي. ”جاني، توکي وڃڻو آهي ڇا؟“ ڪيٿرائن ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”مان سجهان ٿو بهتر آهي ته مان وڃان.“ گهڙيءَ ۾ سوا چار وڄي رهيا هئا. ٻاهر ڏانهن مون زور سان چيو، ”ڪائونٽ گريفيءَ کي ٻڌايو ته مان پنجين بجي بليئرڊ جي ڪمري ۾ ايندس.“ سوا پنجين بجي ڌاران مون ڪيٿرائن کي الوداعي چمي پاتي ۽ غسل خاني ڏانهن ڪپڙا مٽائڻ ويس. پنهنجي ٽاءِ کي ڳنڍ ڏيندي مون پنهنجو پاڻ کي عام ڪپڙن ۾ عجيب محسوس ڪيو. مون کي لازماَ ياد رکڻ گهرجي ته مان ڪجھ وڌيڪ قميضون ۽ جورابا خريد ڪندس. ”ڇا تون گهڻو وقت ٻاهر هوندين؟“ ڪيٿرائن پڇيو. هوءَ بستر ۾ ڪافي حسين لڳي رهي هئي. ”ڇا تون مون کي ڦڻي کڻي ڏيندين؟“ مون هن کي پنهنجي وارن کي ڦڻي ڏيندي ڏٺو، پنهنجي ڪنڌ کي اهڙي نموني جهليندي جو هن جي وارن جو سمورو وزن هڪڙي پاسي ڏانهن ٿي ويو. اتي ٻاهر اونداه ڇانيل هئي ۽ پلنگ جي مٿان واري روشني هن جي وارن ۽ ڳچيءَ ۽ ڪلهن جي مٿان چمڪي رهي هئي. مان هن ڏانهن سري ويس ۽ هن کي چمي پاتم ۽ جنهن هٿ ۾ هن کي ڦڻي جهليل هئي انهي کي پڪڙيم ۽ هن جو ڪنڌ وهاڻي جي پٺيءَ سان لڳو. مون هن جي ڳچيءَ ۽ ڪلهن کي چميو. هن سان ايترو پيار ڪندي مون پاڻ کي مدهوش محسوس ڪيو. ”مان دور وڃڻ نه ٿو چاهيان.“ ”مان توکي دور وڃڻ نه ڏينديس.“ ”ته پوءِ مان نه ٿو وڃان.“ ”ها. وڃ اهو ٿوري گهڙيءَ لاءِ هوندو ۽ پوءِ تون موٽي ايندين.“ ”اسان هتي مٿي رات جي ماني کائينداسين.“ ”جلدي وڃ ۽ جلدي موٽي اچ.“ مون ڪائونٽ گريفيءَ کي بليئرڊ جي ڪمري ۾ ڏٺو. هو ڌڪ هڻڻ جي مشق ڪري رهيو هو، بليئرڊ جي ميز جي مٿان هيٺ ايندڙ روشنيءَ ۾ ڪافي ڪمزور نظر اچي رهيو هو. روشنيءَ کان ٿورو پرڀرو تاش جي پتن واري هڪڙي ميز تي چانديءَ جي رنگ جهڙي برف واري ٻالٽي پيئي هئي جنهن کي ڳچيون ۽ ڍڪڻ هئا برف جي مٿان شيمپين جون ٻه بوتلون پيون هيون. جڏهن مان ميز جي ويجهو پهتس ڪائُونٽ گريفي سڌو کڙو ٿي بيٺو ۽ مون ڏانهن وڌڻ لڳو. هن پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو. ”اها نهايت ئي خوشيءَ جي ڳالھ آهي جو توهان هتي آهيو. توهان ڪافي مهربان آهيو جو مون سان کيڏڻ آيا آهيو.“ ”مون کان اهو سڀ پڇڻ جي لاءِ توهان جون ڀلايون ۽ ڀال.“ ”ڇا توهان بلڪل ٺيڪ آهيو. انهن مون کي ٻڌايو ته توهان اِسونزو ۾ زخمي ٿي پيا هئا. مون کي اميد آهي ته توهان ٻيهر چاڪ چڱا ڀلا ٿي ويا آهيو.“ ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان. ڇا توهان ٺيڪ رهيا آهيو؟“ ”او، مان هميشه ٺيڪ رهندو آهيان. پر مان پوڙهو ٿي رهيو آهيان. هاڻي مون پوڙهائپ جون نشانيون پڪڙيون آهن.“ ”مان ان کي تسليم ڪري نه ٿو سگهان.“ ”ها. ڇا توهان هڪڙيءَ جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيو ٿا؟ مون لاءِ اهو آسان آهي ته مان اطالوي ڀاشا ۾ ڳالهايان. مان پنهنجي تربيت ڪندو آهيان پر مان ڏسان ٿو ته جڏهن مان ٿڪجي پوندو آهيان ته اطالويءَ ۾ ڳالهائڻ مون کي سئولو لڳندو آهي. سو مان ڄاڻان ٿو ته لازماَ مون کي پوڙهو ٿيڻ گهرجي.“ ”اسان اطالوي ڳالهائي سگهون ٿا. مان پڻ، ٿورو ٿڪل آهيان.“ ”او، پر جڏهن توهان ٿڪجي پوندئو ته توهان جي لاءِ انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ آسان رهندو.“ ”آمريڪي.“ ”ها. آمريڪي.“ ”توهان مهرباني ڪري آمريڪن ڳالهائجو. اها ڪافي زبردست ڀاشا آهي.“ ”مان ورلي ڪڏهن آمريڪين کي ڏسندو آهيان.“ ”توهان انهن کي لازماَ ياد ڪندا. ڪو به يا ته پنهنجي ڏيھ واسين کي ياد ڪندو آهي يا وري ڏيھ واسي نارين کي. مان ان تجربي کان واقف آهيان. ڇا اسان کيڏون يا توهان گهڻو ٿڪل آهيو؟“ ”مان سچ پچ ٿڪل نه آهيان. مون هڪڙي مذاق پئي ڪئي. توهان مون کي ڪهڙو بدلو ڏيو ٿا (handicap: بليئرڊ راند ۾ هينڊيڪيپ ــ بدلوــ رانديگر جي سراسرين تي منحصر هوندو آهي، جيڪو رعايت طورهڪڙي مقابلي ۾ گهٽ مهارت رکندڙ رانديگرن کي ٻلوان رانديگرن جي خلاف ڏنو ويندو آهي، جيڪو اصولي طور تي کٽڻ جي برابر امڪانن جي دستيابي ڪندو آهي. رانديگر پنهنجي مخصوص معيارن جي برخلاف مقابلو ڪندا آهن. جيڪو سراسريءَ کان بهتر کيڏي ٿو، اهو لازماَ انهن کي هارائي ٿو جن کي هڪڙو ”برو ڏينهن“ ــ "Bad day“ مليوـــ مترجم) ”ڇا توهان تمام گهڻو کيڏي رهيا هئا؟“ ”هرگز به نه.“ ”توهان ڪافي سٺي نموني سان کيڏو ٿا. هڪڙي سئو ۾ ٽي پوائنٽون؟“ ”توهان منهنجي گهڻي ساراه ڪيو ٿا.“ ”پندرنهن؟“ ”اهو بهتر رهندو پر توهان پوءِ به مون کي مات ڏئي ڇڏيندا.“ ”ڇا اسان داو تي کيڏون؟“ توهان هميشه داوَ تي کيڏڻ جا خواهشمند رهيا آهيو؟“ ”ٺيڪ آهي. مان توهان کي ارڙنهن پوائنٽون ڏيندس ۽ اسان هڪڙي پوائنٽ تي هڪڙي فرينڪ جي لاءِ کيڏنداسين.“ هن بليئرڊ جي هڪڙي زبردست راند کيڏي ۽ بدلي سان پنجاه ۾ مان فقط چار اڳتي هوس. ڪائونٽ گريفي ديوار تي هڪڙي بٽڻ کي ڇڪي ساقيءَ لاءِ گهنٽي وڄائي. ”مهرباني ڪري هڪڙي بوتل کولجو،“ هن چيو. انهي کان پوءِ مون کي، ”اسان ٿورو محرڪ وٺنداسين.“ شراب برف سان ٿڌو هو ۽ ڪافي خشڪ ۽ سٺو هو. ”ڇا اسان اطلويءَ ۾ ڳالهايون؟ ڇا توهان کي ڪافي ناگوار لڳندو؟ اها هاڻي منهنجي ڪمزوري بڻجي ويئي آهي.“ اسان راند رچائيندا رهياسين، ڌڪن دوران شراب جا ڍڪ پيئندا رهياسين، اطالويءَ ۾ ڳالهائيندي، پر تمام ٿورڙو ڳالهائيندي، گهڻو ڌيان راند تي ڏنوسين. ڪائونٽ گريفي هڪ سئين پوائنٽ ٺاهي ۽ بدلي سان گڏ مان فقط چورانوي پوائنٽن تي هوس. هن مسڪرايو ۽ منهنجي ڪلهن تي ٿڦڪي هنئي.”هاڻي اسان هڪڙي ٻي بوتل پيئنداسين ۽ تون جنگ جي باري ۾ ٻڌائيندين.“ هن منهنجي ويهي رهڻ جو انتطار ڪيو. ”ڪنهن ٻي شيءِ جي باري ۾،“ مون چيو. ”تون ان جي باري ۾ ڳالهائڻ نه ٿو چاهين؟“ ٺيڪ آ. تون ڇا پڙهي رهيو هئين؟“ ”ڪجھ به نه،“ مون چيو. ”مون کي افسوس آهي مان ڪافي موڳو ٿي ويو آهيان.“ ”نه. پر توهان کي پڙهڻ گهرجي.“ ”زمانه جنگ“ (وار ٽائيم ـــ اخبار ــ مترجم) ۾ ڇا لکيل آهي؟“ ”اتي ”لِي فُو هڪڙي فرانسيسيءَ جو، باربُس. اتي ”مسٽر بِرٽلنگ انهي مان ڏسي ٿو، آهي. (اخبار ۾ ڇپيل ڪالم ـــ مترجم) ”نه هو نه ٿو ڏسي.“ ”ڇا ”هو انهي مان نه ٿو ڏسي. اهي ڪتاب اسپتال ۾ هئا.“ ”تون انهي مهل پڙهي رهيو هئين؟“ .”ها، پر ڪجھ به خاص ڪونهي.“ ”مون سمجهيو مسٽر برٽلنگ انگريز مڊل ڪلاس جي روح جو سٺو مطالعو رکي ٿو.“ ”مان روح جي باري ۾ نه ٿو ڄاڻان.“ ”غريب ڇوڪرا. اسان مان ڪو به روح جي باري ۾ نه ٿو ڄاڻي. ”ڇا تون عقيدي پرست آهين؟“ ”رات جو.“ ڪائونٽ گريفي مسڪرايو ۽ پنهنجي هٿن سان گلاس کي موڙي ڇڏيائين. ”مون توقع پئي ڪئي ته مان جيئن جيئن پوڙهو ٿيندو ويندس مان پرهيزگار ٿي ويندس پر ڪنهن به طرح سان مان نه ٿي سگهيو آهيان،“ هن چيو. ”اها وڏي افسوس جي ڳالھ آهي.“ ”ڇا توهان موت کان پوءِ ٻيهر زنده رهڻ پسند ڪندئو؟“ مون پڇيو۽ يڪدم موت جو ذڪر ڪندي مون پاڻ کي احمق محسوس ڪيو. پر هن انهي لفط کي برو نه ورتو. ”اهو زندگيءَ تي دارومدار رکندو. هيءَ زندگي تمام گهڻي مزيدار آهي. مان تاحيات جيئڻ پسند ڪندس،“ هن مسڪرايو. ”مون کي ڪافي ويجهو آهي.“ اسان چمڙي جي گهرين ڪرسين تي ويٺا هئاسين، شيمپين برف جي ٻاٽليءَ ۾ هئي ۽ اسان جا گلاس ميز تي اسان جي درميان رکيل هئا. ”جيڪڏهن توهان ايترو پوڙهو ٿي گذاريو جيترو مون گذاريو آهي توهان کي ڪيتريون ئي عجيب شيون نظر اينديون“ ”توهان ڪڏهن به پوڙها نه ٿا لڳو.“ ”اهو جسم آهي جيڪو پوڙهو ٿي ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي خوف ٿيندو آهي ته مان هڪڙي آڱر کي ايئين ڀڃي ڇڏيندس جيئن ڪو چاڪ جي ڪاٺيءَ کي ڀڃندو آهي. ۽ روح پوڙهو نه آهي ۽ ايترو ڏاهو به ناهي.“ ”توهان ڏاها آهيو.“ ”اهو عظيم مغالطو آهي؛ پوڙهي ماڻهوءَ جي ڏاهپ. اهي ڏاهپ ڏانهن نه وڌندا آهن. اهي محتاط ٿيندا ويندا آهن.“ ”شايد اها ئي ڏاهپ آهي.“ ”اها ڪافي بي ڪشش ڏاهپ آهي. توهان لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪير آهي؟“ ”ڪو جنهن سان مان پيار ڪيان ٿو.“ ”مون سان به ساڳي ئي حالت آهي. اها ڏاهپ ناهي. ڇا توهان زندگيءَ کي اهم سمجهو ٿا؟“ ”ها.“ ”مان به. ڇاڪاڻ جو مون وٽ اهو ئي سڀ ڪجھ آهي. ۽ جنم ڏڻن جون تقريبون ڪوٺرائڻ،“ هن ٽهڪ ڏنو. ”توهان غالباَ مون کان وڌيڪ ڏاها آهيو. توهان جنم ڏڻن جون تقريبون نه ڪوٺرائيندا آهيو.“ اسان ٻنهي شراب پيتوسين. ”توهان واقعي ۾ جنگ جي باري ۾ ڇا ٿا سمجهو؟“ مون پڇيو. “مان سمجهان ٿو ته اها فرسوده آهي.“ ”ان ۾ ڪير سوڀارو ٿيندو؟“ ”اٽلي.“ ”ڇو؟“ ”اهي هڪڙي نوجوان قوم آهن.“ ”ڇا هميشه نوجوان قومون جنگين ۾ سوڀاريون ٿينديون آهن؟ اهي هڪڙي وقت جي لاءِ لائق هونديون آهن.“ ”انهي کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي؟“ ”اهي پوڙهيون قومون بڻجي وينديون آهن.“ ”توهان چيو ته توهان ڏاها نه آهيو.“ ”پيارا ڇوڪرا، اها ڏاهپ ناهي. اها ڪلبيت (cynicism) آهي.“ ”اهو مون کي ڪافي ڏاهپ ڀريو ڀاسي ٿو.“ ”اهو مخصوص طور تي ناهي. مان توهان کي ٻئي پاسي کان مثالن جا حوالا ڏئي سگهان ٿو. پر اهو خراب ناهي. ڇا اسان جي شيميپين پوري ٿي ويئي آهي؟“ ”لڳ ڀڳ.“ ”ڇا اسان کي وڌيڪ پيئڻ گهرجي؟ تهان پوءِ مون کي لازماَ ڪپڙا بدلائڻا آهن. ”شايد هاڻي اسان جي لاءِ بهتر ناهي.“ ”ڇا توهان پڪ سان چئو پيا ته توهان کي وڌيڪ طلب ناهي؟“ ”ها.“ ”هو اٿي بيٺو.“ ”مان اميد ٿوڪيان ته توهان ڪافي خوشنصيب رهندا ۽ خوش ۽ گھڻو گهڻو صحتمند.“ ”توهان جي مهرباني. ۽ مان اميد ٿو ڪيان ته توهان تاحيات رهندا.“ ”توهان جي مهرباني. مون وٽ آهي. ۽ جيڪڏهن توهان ڪڏهن به پرهيزگار بڻجي وڃو ته جيڪڏهن مان مري وڃان ته مون لاءِ دعا گهرجو. مون پنهنجي ڪيترن ئي دوستن کي ايئين ڪرڻ لاءِ چيو آهي. مون پنهنجو پاڻ پرهيزگار ٿي وڃڻ جي توقع ڪئي هئي پر اهو نه ٿي سگهيو آهي.“ مان سمجهان ٿو ته هو ڏک وچان مسڪرائي رهيو هو پر مان ٻڌائي ڪو نه سگهيس. هو ڪافي پوڙهو هو ۽ هن جي چهرو ڪافي گهنجيل هو، هڪڙي مسڪراهٽ ايترين لڪيرن کي استعمال پئي ڪيو جو چهري جون سموريون ترتيبون ضايح پئي ٿي ويئيون. ”مان ڪافي پرهيزگار ٿي سگهان ٿو،“ مون چيو. ”بحرحال، مان توهان لاءِ دعاگو رهندس.“ ”مون هميشه پرهيزگار ٿيڻ جي توقع ڪئي هئي. منهنجو سمورو خاندان ڪافي پرهيزگاري ڪندي گذاري ويو. پر ڪنهن به طرح سان اها (مون ڏانهن) ڪو نه آئي. ”اهو ڪافي سويرو آهي.“ .ٿي سگهي ان کي ڪافي دير ٿي ويئي هجي.“ ”ٿي سگهي ٿو منهنجا مذهبي احساس گهڻي وقت تائين زنده رهيا هجن“ ”منهنجا پنهنجا فقط رات جي وقت ۾ ايندا آهن.“ ”ته پوءِ توهان محبت ۾ مبتلا آهيو. اهو نه وسارجو ته اهو مذهبي احساس آهي.“ ”توهان ايئين مڃو ٿا؟“ ”يقيناَ.“ هن هڪڙو قدم ميز ڏانهن وڌايو. ”توهان کيڏڻ لاءِ ڪافي مهربان هئا.“ ”اها هڪڙي عظيم مسرت هئي.“ ”اسان مٿي ڏاڪڻين تي گڏ هلنداسين.“