ناول

اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

هي ڪتاب نامياري آمريڪي ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪار ارنيسٽ هيمنگوي “Ernest Hemingway” جي مشهور ناول “A Farewell to Arms” جو سنڌي ترجمو آهي. اهو مشهور ناول 1929ع ۾ ڇپيو. اهو ناول اسٽيج ڊرامي، فلم ۽ ٽي وي سيريل طور به پيش ٿيو. هن ناول جي اندر بنيادي ڪردار جنگ کان بيزاري ڏانهن مائل آهي جنهن کي نقادن پاران ڪوڊ هيرو جو لقب ڏنو ويو آهي. جنگ هن جي نظر ۾ ايبنارمل عمل آهي جنهن ۾ سواءِ پِيڙائن ۽ اهنجن ايذائن جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه ٿو پوي.
Title Cover of book اي پيار توکي الوداع “A Farewell to Arms”

29

منجهند جو اسان هڪڙي گپ واري رستي ۾ ڦاسي پياسين، اسان لڳ ڀڳ جيترو شمار ڪري سگهياسين، انهي مطابق اهو يوڊائن کان ڏه ڪلوميٽر پري هو. صبح دوران مينهن وسڻ بند ٿي ويو هو ۽ اسان ٽي ڀيرا جهازن کي ايندي ڏٺو، اهي اسان جي مٿان گذري ويا، ۽ انهن کي پرانهين کاٻي طرف کان ۽ مکيه شاهراه تي بمباري ڪندي ٻڌوسين. اسان ثانوي درجي وارن پيچرن جي هڪڙي ڄار تي هئاسين ۽ ڪيترن ئي اهڙن رستن کي اختيار ڪيو هئوسين جيڪي تاريڪ هئا، پر اڪثر، انهن جي پشت پناهيءَ وسيلي ٻين رستن کي ڳولهيندي، يُوڊائن جي ويجهو پهچي ويا هئاسين. هاڻي، ايمو جي گاڏي، پوئتي ورائيندي ته جيئن اسان هڪڙي اونداهي رستي کان ٻاهر نڪري سگهون، هڪڙي نرم مٽيءَ ۾ پاسي کان ڦيٿن سميت ڦاسي پئي، جلدي جلدي گهمائڻ جي سبب، کوٽيندي کوٽيندي گهرائي ۾ ايترو هيٺ هلي ويئي جو ڪار ان جي راڊ تي بيهي رهي. هاڻي جيڪو ڪرڻو هو سو هو ته ڦيٿن جي اڳيان مٽِيءَ کي کوٽيو وڃي، انهي کي هيٺان کان جهنگلي ٻوٽن جي وسيلي ٽيڪ ڏجي ته جيئن چينون گرفت پڪڙن، ۽ ان کي تيستائين ڇڪ ڏجي جيستائين ڪار رستي تي اچي وڃي. اسان سڀ ڪار جي چوگرد رستي کان هيٺ هئاسين. ٻنهي سارجنٽن ڪار ڏانهن ڏٺو ۽ ان جي ڦيٿن کي چڪاسيو. انهي کان پوءِ اهي بنا ڪو لفظ ڳالهائڻ جي رستي کان هيٺ هلڻ لڳا. ”اچو،“ مون چيو. ”جهنگلي ٻوٽي کي ٿورو وڍيو.“ ”اسان کي هلڻو آهي،“ هڪڙي ڄڻي چيو. ٻئي ڪجھ به نه ڪڇيو. انهن کي چالو ڪرڻ جي وڏي تڪڙ هئي. اهي مون ڏانهن مرڳو ڏسي ئي ڪو نه رهيا هئا. ”مان توهان کي حڪم ٿو ڏيان ته واپس اچو ۽ جهنگلي ٻوٽي کي وڍيو،“ مون چيو. هڪڙو سارجنٽ موٽي آيو. ”اسان کي هلڻو آهي. ٿوريءَ دير ۾ تون وڍجي ويندين. تون اسان تي حڪم هلائي نه ٿو سگهين. تون هڪڙو آفيسر نه آهين.“ ”مان توهان کي حڪم ٿو ڏيان ته جهنگلي ٻوٽي کي وڍيو،“ مون چيو اهي اڳتي مڙي رستي کان هيٺ وڃڻ لڳا. ”بيهي رهو،“ مون چيو. اهي گپ سان ڀريل رستي ڏانهن هيٺ هلندا رهيا، ٻئي طرف کان جهاڙيون هيون. ”مان توهان کي حڪم ٿو ڪيان ته بيهي رهو،“ مون هنن کي سڏ ڪيو. اهي ٿورو پرڀرو ويا. مون چمڙي جي ٿيلهيءَ کي کولي پستول ٻاهر ڪڍيو، ان کي ان ڏانهن تاڻي بيٺس جنهن گهڻو ڳالهايو پئي، ۽ فائر ڪيو. مان گُسي پيس ۽ اهي ٻئي ڊوڙڻ لڳا. مون ٽي دفعا فائر ڪيا ۽ هڪڙي ڄڻي کي ليٽائي وڌم. هڪڙو جهاڙين ۾ لڪي ويٺو ۽ نظرن کان اوجهل هو. هو جيئن ئي کيتن ڏانهن ڀڄڻ لڳو مون هن ڏانهن پستول تاڻيو. پستول مان خالي ٺُش جو آواز نڪتو ۽ مون ان ۾ گولين جو ٻيو پٽو وڌو. مون ڏٺو ته ٻئي سارجنٽ ڏانهن گولي هلائڻ ڪافي پري هو. هو کيتن جي آرپار گهڻو اڳتي لنگهي ويو هو، اڃا پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪندي ڊوڙي رهيو هو. مون ٻيهر خالي پٽي ۾ گوليون وجهڻ شروع ڪيون. بونيلو مٿي آيو. ”مون کي ڇڏ ته مان هن کي وڃي پورو ڪري اچان،“ مون پستول هن جي حوالي ڪيو هو هيٺ هليو ويو جتي انجنيئرن جو سارجينٽ ڪنڌ هيٺ ڪيو پٽ تي پيو هو. بونيلو هن جي مٿان جهڪي بيٺو، هن ان همراه جي مٿي جي پٺيان پستول تاڻيو ۽ گهوڙو دٻائي ڇڏيائين پستول ڪو نه ڇٽو. ”تون انهي جو چيمبر ٻيهر لوڊ ڪر،“ مون چيو. هن ان جو چيمبر لوڊ ڪيو ۽ ٻه دفعا فائر ڪيائين. هن سارجنٽ جي ڄنگهن کان پڪڙي ان کي گهلي رستي جي پاسي تي ڦٽو ڪيو ته جيئن هو جهاڙين جي ڀرسان پيو هجي. هو واپس آيو ۽ پستول مونکي واپس ڪيائين. ”ڪتيءَ جو پٽ،“ هن چيو. ”سارجينٽ تو ڏٺو نه مون هن کي ڪيئن ماريو؟“ ”اسان کي جلدي جلدي جهنگلي ٻوٽو کڻڻو آهي،“ مون چيو. ”ڇا ٻئي کي پڻ منهنجو نشانو لڳو يا نه؟“ ”مان ايئين نه ٿو سمجهان،“ ايمو چيو. ”هو پستول جي نشاني کان گهڻو پرتي هو.“ ”بيڪار ماڻهو،“ پيانيءَ چيو. اسان سڀ ننڍڙيون ڏانڊيون ۽ ٽاريون ڪٽي رهيا هئاسين. ڪار مان هرشيءِ ٻاهر ڪڍي ويئي. بونيلو ڦيٿن جي اڳيان ٻاهر کوٽي رهيو هو. جڏهن اسان تيار هئاسين ايمو ڪار کي چالو ڪيو گاڏيءَ کي گيئر ۾ وڌو ڦيٿا گول گول ڦرڻ لڳا جهنگلي ٻوٽي ۽ مٽيءَ کي ٻاهر ڦٽو ڪندي. اسان تيستائين ڇڪيندا رهياسين جيستائين اسان کي پنهنجي ڄنگهن جا جوڙ ڀڄندي محسوس نه ٿيڻ لڳا. ڪار چُرڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. ”بارتو، ان کي اڳتي پوئتي ڌڪو ڏيو،“ مون چيو. هن انجڻ کي پوئتي ڦيرايو، وري اڳتي ڦيرايائين. ڦيٿا اڃا گهڻو هيٺ هليا ويا. وري ڪار راڊ تي بيهي رهي، ۽ ڦيٿا انهن سوراخن ۾ ڦرڻ لڳا جيڪي انهن کوٽي ڪڍيا هئا. مان سڌو ٿي بيهي رهيس. ”اسان ان کي رسيءَ جي مدد سان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش وٺنداسين. توهان سڌي سنئين نموني ان کي ڇڪي نه ٿا سگهو.“ ”اسان کي ان جي ڪوشش ڪرڻي آهي،“ مون چيو. ”اها ٻئي ڪنهن طريقي سان ڪو نه نڪرندي.“ پيانيءَ ۽ بونيلو جون ڪاريون فقط سڌيون سنيون هيٺ سوڙهي رستي ڏانهن هلي پئي سگهيون اسان ٻنهي ڪارين کي رسو ٻڌوسين ۽ ڇڪڻ لڳاسين. ڦيٿا فقط هڪڙي پاسي کان نالين جي مخالف ڦرڻ لڳا. ”انهي جو ڪو فائدو ڪونهي،“ مون وڏي واڪي چيو. ”انهي کي روڪ.“ پياني ۽ بونيلو پنهنجي ڪارين کان هيٺ لهي بيٺا ۽ واپس موٽي آيا. ايمو هيٺ لٿو. ڇوڪريون رستي کان لڳ ڀڳ چاليھ گزن جي دوريءَ تي پٿر جي هڪڙي ديوار تي بيٺيون هيون. ”تينينت، تنهنجي ڇا صلاح آهي؟“ بونيلو چيو. ”اسان ٻيهر کوٽينداسين ۽ جهنگلي ٻوٽي سان هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش ڪنداسين.“ مون چيو. مون رستي کان هيٺ نهاريو. اها منهنجي غلطي هئي. مان هنن کي هيڏانهن مٿي وٺي آيو هوس. سج لڳ ڀڳ ڪڪرن کان ٻاهر نڪري آيو ۽ سارجينٽ جو لاش جهاڙيءَ جي ڀرسان پيو هو. ”اسان هن جو ڪوٽ ۽ ٽوپي ان جي هيٺان ڏينداسين،“ مون چيو. بونيلو انهن کي کڻڻ لاءِ ويو. مون جهنگلي ٻوٽي کي ڪٽيو ۽ ايمو ۽ پيانيءَ ان جي اڳيان ۽ ڦيٿن جي درميان کوٽيو. مون ٽوپيءَ کي ڪٽيو، پوءِ ان کي ڦاڙي ٻه حصا ڪيم، ۽ انهن کي مٽيءَ ۾ ڦيٿن جي هيٺان ڏئي ڇڏيم، پوءِ جهنگلي ٻوٽي کي هيڏانهن هوڏانهن لوڏڻ لڳس ته جيئن ڦيٿا ان کي پڪڙي سگهن. اسان چالو ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين ۽ ايمو سيٽ جي مٿان ويهي رهيو ۽ ڪار کي چالو ڪيائين. ڦيٿا ڦرڻ لڳا ۽ اسان ڇڪ ڇڪان ۾ لڳي وياسين. پر اهو ڪنهن به ڪم جو ڪو نه هو. ”اهو اتي ختم ٿي ويو،“ مون چيو. ”بارتو، تون ٻي ڪاشيءِ ڪار ۾ ڪرڻ گهرين ٿو؟“ ايمو بونيلو سان گڏ مٿي هليو ويو، پاڻ سان گڏ پنير ۽ شراب جون ٻه بوتلون ۽ پنهنجي ٽوپي کڻي آيو. بونيلو، ڦيٿي جي پويان ٿي ويٺو. سارجنٽ جي ڪوٽ جي کيسن ڏانهن ڏسي رهيو هو. ”بهتر آهي ته ڪوٽ کي ڦٽو ڪري ڇڏجي،“ مون چيو. بارتو، جي ڪنوارين جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ ”اهي پٺيان کان بيهي سگهن ٿيون،“ پيانيءَ چيو. ”مان نه ٿو سمجهان ته اسان گهڻو دور هلي سگهون ٿا.“ .مون ايمبولنس جو پٺيون دروازو کوليو. ”اچو،“ مون چيو. ”اندر گهڙو.“ ٻئي ڇوڪريون اندر چڙهي ويون ۽ هڪڙي ڪنڊ کان ويهي رهيون. لڳي پيو ته انهن گولي هڻڻ واري عمل کي ڌيان ۾ ڪو نه آندو هو. مون واپس مٿي رستي ڏانهن نهاريو. سارجنٽ پنهنجي ميري ڊگهي ٻانهن واري چڍي ۾ پيو هو. مان پيانيءَ سان گڏ اٿي بيٺس ۽ اسان هلڻ شروع ڪيوسين. اسان کيتن مان گذرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين. جڏهن رستو کيتن ۾ اندر گهڙيو مان هيٺ لهي اڳتي هلڻ لڳس. جيڪڏهن اسان ٻئي پاسي ڏانهن ٽپي سگهون، اتي ٻئي پاسي کان هڪڙو رستو موجود هو. اسان ان پاسي نه ٽپي سگهياسين. اهو ڪارين لاءِ ڪافي نرم ۽ گپ هاڻو هو. جڏهن اهي آخرڪار ۽ مڪمل طور تي بيهجي ويون، ڦيٿا حَبن تائين گِچي ويا، اسان انهن کي کيتن ۾ ڇڏي ڏنوسين يُوڊائن ڏانهن پيرين پنڌ هلڻ لڳاسين. جڏهن اسان ان رستي تي پهتاسين جيڪو مکيه شاهراه ڏانهن وڃي رهيو هو مون ان ڏانهن انهن ڇوڪرين کي اشارو ڪيو. ”اوڏانهن هيٺ هليون وڃو،“ مون چيو. ”توهان کي اتي ماڻهو ملي ويندا.“ انهن مون ڏانهن نهاريو. مون پنهنجو بٽون ڪڍيو ۽ انهن مان هرهڪ کي ڏهن ليرن جو هڪڙو هڪڙو نوٽ ڏنم. ”هوڏي هيٺ هليون وڃو،“ مون اوڏانهن اشارو ڪندي چيو. ”دوست! خاندان!“ انهن کي سمجھ ۾ ڪو نه آيو پر انهن پئسن کي سُڪ سان جهليو ۽ هيٺ رستي ڏانهن هلڻ لڳيون. انهن واپس مڙي نهاريو ڄڻ انهن کي ڊپ پئي ٿيو ته مان انهن کان پيسا واپس وٺي سگهان ٿو. مون انهن کي هيٺ رستي ڏانهن ويندي ڏٺو، انهن جون شالون انهن جي بدن سان زور سان ويڙهيل هيون، اسان ڏانهن فڪرمنديءَ سان ڏسنديون رهيون. ڊرائيور ٽهڪ ڏئي رهيا هئا. ”انهي طرف ڏانهن وڃڻ جي لاءِ تون مون کي گهڻا پيسا ڏيندين، تينيت؟“ بونيلو چيو. ”اهي ماڻهن جي هجوم ۾ بهتر رهنديون بجاءِ اڪيليون هئڻ جي متان ڪو انهن کي پڪڙي نه وجهي،“ مون چيو. ”مون کي ٻه سئو ليرا ڏي ۽ مان پوئتي واپس سڌو سنئون آسٽريا ڏانهن هليو ويندس،“ بونيلو چيو. ”اهي توکان کسي ويندا،“ پيانيءَ چيو. ”ٿي سگهي جنگ ختم ٿي وڃي،“ ايمو چيو. اسان مٿي رستي تي جيترو جلدي ٿي پئي سگهيو هلندا رهياسين. سج جلدي لهڻ جي ڪري رهيو هو. رستي جي ڀرسان شهتوتن جا وڻ هئا. وڻن وچان مان کيتن ۾ ڦاٿل اسان جي ٻن چرندڙ پرندڙ ڪارين کي ڏسي پئي سگهيس. پيانيءَ پڻ ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريو. ”انهن کي انهن گاڏين کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هڪڙو رستو ٺاهي تيار ڪرڻو پوندو“ هن چيو. ”مان يسوع مسيح کي منٿ ٿو ڪيان ته ڪاش اسان وٽ موٽر سائيڪلون هجن ها،“ بونيلو چيو. ”هتي اها هڪڙي اهم شيءِ آهي.“ ايمو چيو. ”ڇا اتي آمريڪا ۾ موٽر سائيڪلون هلائيندا آهن؟“ ايمو چيو. ”اهي استعمال ڪندا آهن.“ ”موٽرسائيڪل هڪڙي شاندار شيءِ آهي.“ ”مان يسوع مسيح کي منٿ ٿو ڪيان ته ڪاش اسان وٽ موٽر سائيڪل هجي ها،“ بونيلو چيو. ”مان گهڻو پنڌ نه ڪري سگهندو آهيان.“ ”ڇا اهو فائرنگ جو آواز آهي؟“ مون پڇيو. مان سمجهان ٿو ته مون کي گهڻو اڳتي کان فائرنگ ٻڌڻ ۾ ٿي اچي. ”مان نه ٿو ڄاڻان،“ ايمو چيو. هن اوڏانهن ورنايو. ”مان ايئين سمجهان ٿو،“ مون چيو. ”پهريان اسان گهوڙيسوارن کي ڏسنداسين،“ پيانيءَ چيو. ”مان نه ٿو سمجهان ته انهن وٽ ڪي گهوڙيسوار آهن.“ ”مان يسوع مسيح کان اميد ٿو ڪيان ته ايئين نه هجي،“ بونيلو چيو. ”مان ڪنهن گهوڙيسوار جي نيزي ۾ چڀجڻ نه ٿو چاهيان.“ ”تينينت، تو پڪ سان انهي سارجنٽ کي گولي هنئي،“ پيانيءَ چيو. اسان تيزيءَ سان هلي رهيا هئاسين. ”مون هن کي ماري ڇڏيو.“ ”مون هن جنگ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو نه ماريو، ۽ مون ساري زندگيءَ ۾ هڪڙي سارجينٽ کي مارڻ پئي گهريو.“ ”تو هن کي ٻنڊڻ وٽان ماريو.“ ”ڪا ڳالھ ناهي. اها هڪڙي اهڙي شيءِ آهي جيڪا مون کي سدائين ياد رهندي، ته مون هڪڙي سارجنٽ کي ماري ڇڏيو.“ ”تون ان جو اعتراف ڪيئن ڪندين؟“ ايمو پڇيو. ”مان چوندس، فادر مون کي آشيرواد ڏي، مون هڪڙي سارجنٽ کي ماريو آهي.“ اهي سڀ ٽهڪن ۾ پئجي ويا. ”هو لاوجوديت جو قائل (انارڪسٽ) آهي.“ ”هو گِرجا گهر ڏانهن نه ويندو آهي.“ ”پيانِي پڻ هڪڙو انارڪسٽ آهي،“ بونيلو چيو. “ڇا تون واقعي لاوجوديت جو قائل آهين؟“ مون پڇيو. ”نه. تينينت، اسان اشتراڪي (سوشلسٽ) آهيون. اسان جو تعلق اِمولا سان آهي.“ ”ڇا تون اتي ڪڏهن به نه ويو آهين؟“ ”نه.“ ”يسوع جو قسم اهو هڪڙو زبردست هنڌ آهي، تينينت. تون جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ اوڏانهن اچ ۽ اسان توکي ڪجھ ڏيکارينداسين.“ ”ڇا توهان سڀ سوشلسٽ آهيو؟“ ”هر ڪو.“ ”ڇا اهو هڪڙو زبردست قصبو آهي؟“ ”تمام سٺو. تو ڪڏهن به هڪڙو اهڙو قصبو ڪو نه ڏٺو هوندو.“ ”توهان اشتراڪي ڪيئن بڻيا؟“ ”اسان سڀ اشتراڪي آهيون. هرماڻهو اشتراڪي آهي. اسان هميشه کان سوشلسٽ رهيا آهيون.“ ”تينينت، تون اچ. اسان توکي به سوشلسٽ بڻائينداسين.“ اڳيان رستو ساڄي پاسي ڏانهن مڙي رهيو هو ۽ اتي هڪڙي ننڍڙي ٽڪري هئي، هڪڙي پٿر جي ديوار جي پٺيان، صوفن جي ميون وارو هڪڙو نخلستان هو. جيئن ئي رستو مٿي ٽڪريءَ تي چڙهڻ لڳو انهن ڳالهائڻ بند ڪيو. اسان لڳولڳ هلي رهيا هئاسين هر ڪو وقت جي خلاف تيزيءَ سان هلي رهيو هو.