11
”توهان ڪيئن آهيو؟“ هن پڇيو. هن ڪجھ پيڪيٽ بستر جي ڀرسان هيٺ فرش تي رکيا. ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان، فادر.“ هو ان ڪرسيءَ تي ويهي رهيو جيڪا رنالڊيءَ جي لاءِ آندي ويئي هئي ۽ شرمساري وچان دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو. مون ڌيان ۾ آندو ته هن جو چهرو ڪافي ٿڪل لڳي رهيو هو. ”مان فقط هڪڙو منٽ ترسي سگهان ٿو،“ هن چيو. ”ڪافي دير ٿي ويئي آهي.“ ”دير ڪٿي ٿي ويئي آهي. ميس ڪيئن آهي؟“ هن مسڪرايو ”اڃا تائين منهنجو ڪافي مذاق اڏايو ويندو آهي،“ هن جي آواز مان پڻ هو ٿڪل لڳي رهيو هو. ”خدا جو شڪر آهي جو اهي سڀ صحيح سلامت آهن.“ ”مون کي ڪافي خوشي آهي ته تون بلڪل ٺيڪ آهين،“ هن چيو. ”مان اميد ٿو ڪيان ته تون تڪليف کان ٻاهر نڪري ايندين.“ هو ڪافي ٿڪل لڳي رهيو هو ۽ هن کي ٿڪل ڏسي مون کي سٺو نه پئي لڳو. ”هاڻي وڌيڪ تڪليف ڪونهي.“ ”مان توکي ميس ۾ ڪافي ياد ڪندو آهيان.“ ”ڪاش مان اتي هجان ها. مون هميشه تنهنجي ڳالهائڻ مان مزو پئي ورتو.“ ”مون تنهنجي لاءِ ڪجھ ننڍڙيون شيون آنديون آهن،“ هن چيو. هن پيڪيج کي کنيو. ”هي مڇرن جو ڄارو آهي. هي خوشبودار ٻوٽين سان معطر شراب جي هڪڙي بوتل آهي. ڇا توکي خوشبودار ٻوٽين سان معطر شراب پسند آهي؟ هي انگريزي اخبارون آهن.“ ”مهرباني ڪري انهن کي کوليو.“ هو خوش هو ۽ هن انهن کي کولي ڇڏيو.
مون مڇرن جو ڄارو هٿن ۾ جهليو. خوشبودار ٻوٽين سان معطر شراب جي بوتل کي هن مون کي ڏيکارڻ جي لاءِ مٿي ڪيو ۽ پوءِ ان کي بستر جي ڀرسان فرش تي رکي ڇڏيو. مون شين جي انبار مان هڪڙي انگريزي اخبار کنئي. مان ان جي سرخين کي اهڙي نموني پڙهي پئي سگهيس جو دريءَ مان ايندڙ اڌيڪي روشني ان تي پئجي رهي هئي. اها ـ نيوز آف دي ورلڊ ـ اخبار هئي ”ٻين ۾ تصويري خاڪا آهن،“ هن چيو. ”انهن کي پڙهڻ ۾ وڏي مسرت ايندي. تو اهي ڪٿان آنديون آهن؟“ ”مون انهن لاءِ پروفيسر کي روانو ڪيو هو. مان اڃا وڌيڪ آڻيندس.“ ” فادر، تنهنجو اچڻ سٺو رهيو. ڇا تون خوشبودار شراب پيئندين؟“ ”تنهنجي مهرباني. تون اهو پاڻ وٽ رکي ڇڏ. اهو تو لاءِ آهي.“ ”نه، هڪڙو پيالو ئي کڻي پيئو.“ ”چڱو ٺيڪ آ. ته پوءِ مان تولاءِ اڃا سوايو آڻيندس.“
پٽيوالو پيالا کڻي آيو ۽ شراب جي بوتل کولي ڇڏيائين. هن ان جو ڍڪڻ ڀڃي ڇڏيو ۽ ان جي پڇاڙيءَ کي بوتل جي اندر ڌڪو ڏيڻو هو. مان ڏسي پئي سگهيس ته پادري ڪافي نراس هو پر هن چيو، ”اهو سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي. ڪو مسئلو ناهي. ”فادر، هي تنهنجي صحت جي نانءِ آهي.“ ”تنهنجي بهتر صحت جي نانءِ.“ بعد ۾ هن گلاس کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي رکيو ۽ اسان هڪٻئي ڏانهن نهاريوسين. اسان هڪٻئي سان ڳالهائيندا هئاسين ۽ سٺا دوست هوندا هئاسين پر اڄوڪي رات اهو ڪافي مشڪل هو. ”فادر، ڇا ڳالھ آهي؟ تون ڪافي ٿڪل ٿو لڳين. ”مان ٿڪل آهيان پر مون کي ٿڪجڻ جو ڪو به حق نه ٿو پهچي. ”اهو گرميءَ جي ڪري آهي.“ ”نه. اها فقط بهار آهي. مان ڪافي اداسي محسوس ڪيان ٿو. تون جنگ کان بيزار آهين.“ ”نه. پر مان جنگ کان نفرت ٿو ڪيان.“ ”مان ان مان مزو نه وٺي رهيو آهيان،“ مون چيو. هن پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏٺائين. ”توکي ان تي ڪو اعتراض ڪونهي. تون ان کي نه ڏسي رهيو آهين. تون لازماَ مون کي معاف ڪري ڇڏ. مان ڄاڻان ٿو ته تون گهايل آهين. “ ”اهو هڪڙو اتفاق آهي.“ ”هاڻي به گهايل هئڻ جي باجود به تون ان کي نه ٿو ڏسين. مان ٻڌائي سگهان ٿو. مان پاڻ ان کي ڏسي نه ٿو سگهان پر مان ان کي ڪي قدر محسوس ڪيان ٿو.“ ”جڏهن مان زخمي ٿي پيو هوس اسان ان جي باري ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين. پاسني ان جي باري ۾ ڳالهائي رهيو هو.“ ”پادري گلاس هيٺ رکي ڇڏيو. هو ڪنهن ٻي شيءَ جي باري ۾ سوچي رهيو هو. ”مان انهن کي سڃاڻان ٿو ڇاڪاڻ جو مان به انهن جهڙو آهيان،“ هن چيو. ”البت تون مختلف آهين.“ ”پر واقعي مان هنن جهڙو آهيان.“ ”آفيسرن کي ڪا به شيءِ نظر ڪا نه ٿي اچي.“ ”انهن منجهان ڪجھ کي ئي نظر اچي ٿو. ڪي ڪافي نازڪ آهن اسان منجهان ڪنهن کان به وڌيڪ برو محسوس ڪن ٿا.“ ”اهي گهڻي قدر مختلف نه آهن.“ ”اها ڪا تعليم يا پئسو ناهي. جيڪڏهن انهن وٽ پئسو يا تعليم هجي به ها ته به پاسنيءَ جهڙا ماڻهو آفيسر ٿيڻ جي خواهش نه رکن ها. مان هڪڙو آفيسر نه هجان ها.“ ”تنهنجي رينڪ هڪڙي آفيسر جي آهي. مان هڪڙو آفيسر آهيان.“ ”مان حقيقت ۾ نه آهيان. ايتريقدر جو تون هڪڙو اطالوي به ناهين. تون هڪڙو غيرملڪي آهين. پر تون جيترو عوام جي قريب آهين ان کان وڌيڪ آفيسرن کي ويجهو آهين.“ ”فرق ڪهڙو آهي؟“ ”مان آسانيءَ سان چئي نه ٿو سگهان. اتي ماڻهو آهن جيڪي جنگ ڪندا. هن ملڪ ۾ انهن جهڙا کوڙ آهن. اتي ٻيا ماڻهو آهن جيڪي جنگ نه ڪندا.“ ”پر پهريان وارا انهن کي ايئين ڪرڻ لاءِ آماده ڪن ٿا. ”ها.“ ”۽ مان انهن جي مدد ڪيان ٿو.“ ”تون هڪڙو غيرملڪي آهين. تون هڪڙو ديش ڀڳت آهين.“ ”۽ اهي جيڪي جنگ ڪرڻ نه چاهيندا. ڇا اهي ان کي روڪي سگهن ٿا؟“ مان نه ٿو ڄاڻان.“ هن هڪ دفعو ٻيهر کڙڪيءَ جي ٻاهريان ڏٺو. مون هن جي چهري کي ڏٺو. ”ڇا اهي ڪڏهن به ان کي روڪڻ جي قابل بڻيا آهن؟“ ”اهي شين کي روڪڻ لاءِ متحد نه آهن ۽ جڏهن اهي متحد ٿين ٿا انهن جا اڳواڻ انهن کي نيلام ٿا ڪري ڇڏين.“ ”اها ته پوءِ نراسائي آهي؟“ ”اها ڪڏهن به نراسائي ناهي. پر ڪڏهن ڪڏهن مان اميد نه ٿو ڪري سگهان. مان سدائين اميد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن مون کان نه ٿو پڄي.“ ”ٿي سگهي ٿو ته جنگ ختم ٿي وڃي.“ ”مان اميد ڪيان ٿو.“ ”انهي کان پوءِ تون ڇا ڪندين؟“ ”جي اهو ممڪن آهي ته پوءِ مان ابروزيءَ ڏانهن واپس موٽي ويندس.“ هن جو ڀورو چهرو اچانڪ خوشيءَ مان ٻهڪي پيو. ”تون ابروزيءَ کي پسند ڪرين ٿو؟“ ”ها، مان ان سان بيحد پيار ڪيان ٿو.“ ”ته پوءِ توکي اوڏانهن وڃڻ گهرجي.“ ”مان پڻ ڏاڍو خوش ٿيندس. جيڪڏهن مان اتي رهي سگهان ۽ خدا سان پيار ڪيان ۽ ان جا فرض نڀايان.“ ”۽ معزز بڻجي وڃين،“ مون چيو. “ها ۽ معزز بڻجي وڃان. ڇو نه؟ ڪو سبب نه به بڻجي پر توهان جي عزت ٿيڻ گهرجي.“ ”اهو ڪو مسئلو ناهي. پر اتي منهنجي وطن ۾ اهو سمجهيو ويندو آهي ته هڪڙو انسان خدا سان پيار ڪري سگهي ٿو. اهو ڪو گندو چرچو ناهي.“ ”مان سمجهان ٿو.“ هن مون ڏانهن نهاريو ۽ مسڪرائي ڏنو. ”تون سمجهين ٿو پر تون خدا سان پيار نه ٿو ڪرين.“ ”نه.“ ”ڇا تون هن سان صفا پيار نه ٿو ڪرين؟“ ”نه مان ايترو پيار ڪو نه ٿو ڪيان.“ ”ها،“ هن چيو. ”تون واقعي نه ٿو ڪرين. تون جيڪو راتين ۾ مون کي ٻڌائيندو آهين. اهو پيار ناهي. اها فقط حَوَس ۽ جذبات آهي. جڏهن توهان پيار ڪيو ٿا ته توهان ان لاءِ شيون ڪرڻ جي خواهش رکو ٿا. توهان ان لاءِ قرباني ڏيڻ جي خواهش رکو ٿا. توهان ان جي فرضن کي نڀائڻ جي خواهش رکو ٿا.“ ”مان پيار نه ٿو ڪيان.“ ”تون ڪندين. مان ڄاڻان ٿو تون ڪندين. تڏهن تون خوش رهندين.“ ”مان خوش آهيان. مان هميشه خوش رهيو آهيان.“ ”اها ٻي شيءَ آهي. تون ان بابت ڪجھ به ڄاڻي نه ٿو سگهين جيستائين تون ان کي حاصل نه ٿو ڪرين.“ ”چڱو،” مون چيو. ”جڏهن به مون ان کي حاصل ڪيو مان توکي ٻڌائيندس.“ ”مان گهڻو رڪجي ويو آهيان ۽ گهڻو ڳالهائي رهيو آهيان.“ هو واقعي ان لاءِ پريشان هو ته هن ڪافي گهڻو پئي ڳالهايو. ”نه. نه وڃ. عورت سان پيار ڪرڻ بابت ڇا خيال آهي؟ جيڪڏهن مان سچ ۾ ڪنهن عورت سان پيار ڪيان ته ڇا اهو به ايئين ئي هوندو؟“ ”مان ان جي باري ۾ نه ٿو ڄاڻان. مون ڪڏهن به ڪنهن عورت سان پيار نه ڪيو آهي.“ ”تنهنجي ماءُ جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ ”ها، مون لازماَ پنهنجي ماءُ سان پيار ڪيو هوندو.“ ”ڇا تون شروع کان خدا سان محبت ٿو ڪرين؟“ ”جڏهن کان مان هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو هوندو هوس.“ ”چڱو،“ مون چيو. ”مان نه ٿو ڄاڻان ته ڇا چوڻ گهرجي.“ ”تون هڪڙو عمدو ڇوڪرو آهين،“ مون چيو. ”مان هڪڙو ڇوڪرو آهيان،“ هن چيو. ”پر تون مون کي فادر چئو.“ ”اها شائستگي آهي.“ هن مسڪرايو. ”واقعي، مون کي لازماَ هلڻ گهرجي،“ هن چيو. ”نه. صرف ڳالهائيندو ره.” ”مان تنهنجا سلام ميس ۾ پهچائيندس.“ ”ڪيترن عمدن تحفن لاءِ مهرباني.“ ”ڪا ڳالھ ناهي.“ ”مون سان وري ملڻ لاءِ اچجانءِ.“ ”ها. الوداع،“ هن منهنجي هٿ تي ٿڦڪي هنئي. “ايترو طويل،“ مون هن کي لهجي ۾ چيو. سِي آئو "Ciaou“ (الوداع ــ اطالوي ڀاشا ـ مترجم) هن دهرايو.
ڪمري ۾ اونداه ڇانيل هئي ۽ پٽيوالو جيڪو بستري جي پيرانديءَ کان ويٺو هو، اٿي بيٺو ۽ هن سان ٻاهر گڏجي ويو. مان هن کي ڪافي پسند ڪندو هوس ۽ مون اميد ڪئي ته هو ڪنهن وقت ابروزيءَ ڏانهن واپس موٽي ويندو. هو ميس ۾ فرسوده جيون گهاري رهيو هو پر هن ان کي درگذر پئي ڪيو ۽ مون ويچاريو ته هو پنهنجي وطن ۾ ڪيئن هوندو. هن مون کي ٻڌايو هو ته، ڪيپاراڪوٽا (Capracotta) ۾، قصبي جي هيٺان نهر ۾ سينگاريون مڇيون هيون. اتي رات جي وقت ۾ بانسري وڄائڻ کان منع ٿيل هئي. ڇو، مون هن کان معلوم ڪيو هو. ڇاڪاڻ جو اهو ڇوڪرين جي لاءِ صحيح نه هو ته اهي رات جي وڳڙي ۾ بانسري جو آواز ٻڌن. سمورا هاري توهان کي ”ڊان“ (Don) (سائين) چوندا ۽ جڏهن توهان انهن سان ملندئو ته اهي پنهنجون ٽوپيون لاهي ڇڏيندا. هن جو ابو روزانو شڪار ڪندو هو ۽ هارين جي گهرن وٽان کائڻ بند ڪري ڇڏيندو هو. انهن جي هميشه تعظيم ڪئي ويندي هئي. جيڪڏهن ڪو پرڏيهي شڪار ڪرڻ چاهي ٿو ته هو لازمي طور تي هڪڙي سَنَد ڏيکاري ته هو ڪڏهن به گرفتار نه ڪيو ويو هو. اتي گِران ساسو ڊي‘ اِٽاليا (Gran Sasso D'Italia ) تي رڇ هئا پر اهو ڪافي ڊگهو رستو هو. ايڪئيلا (Aquila) هڪڙو عمدو شهر هو. اهو سانوڻ جي مند ۾ رات جي وقت ٿڌو هوندو هو ۽ بهار ابروزي ۾ ساري اٽليءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت هوندو هو. پر جيڪو وڌيڪ دلڪش هو اهو هو خزان جي موسم ۾ شاه بلوط جي ٻيلي ۾ شڪار لاءِ اُسهڻ. سمورا پکي ڪافي سٺا هئا ڇاڪاڻ جو اهي انگور کائيندا هئا ۽ توهان کي ڪڏهن به هڪڙو به مانجهاندو ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪا نه هئي ڇاڪاڻ جو هميشه هارين ان کي پنهنجو اعزاز پئي سمجهيو جيڪڏهن توهان انهن جي گهرن ۾ انهن سان گڏجي کائو. ٿوريءَ دير کان پوءِ مان سمهي پيس.