3
منهنجو ۽ ليفٽيننٽ رِنالڊي جو جيڪو مشترڪ ڪمرو هو اهو ٻاهرئين اڱڻ مان نظر ايندو هو. دري کليل هئي، منهنجي ڪمري ۾ ڪمبل وڇايل هئا ۽ منهنجون شيون ديوار تي ٽنگيل هيون، گيس وارو نقاب جيڪو قلعي ڪيل مستطيل دٻي ۾ پيل هو، فولادي ٽوپلو جيڪو ساڳي ئي چمٽي ۾ لڳل هو. منهنجي بستر جي پيراندي کان منهنجي سڌي پيتي پيل هئي. منهنجي آسٽريائي سنائيپر (لڪي وار ڪندڙ) اَٺن دونالن واري نيري رائيفل ۽ مزيدار ڪارا اخروٽ، ڳلي ۾ پورو ايندڙ شُوزين وارو سامان، ٻن بسترن تي لٽڪيل هو. ان ۾ پوڻ واري دوربين مون کي ياد ٿو اچي، پيتيءَ ۾ پيل هئي. ليفٽيننٽ رنالڊي، ٻئي بستري تي ننڊ پيل هو. منهنجي اچڻ جي آواز جي ڪري هو جاڳي پيو ۽ اٿي ويٺو. ”سِي آئو ( موڪلائڻ ۽ مرحبا ڪرڻ لاءِ اطالوي سلام). ”تون ڪهڙي وقت تي آيو آهين؟“ ”عظيم الشان“. اسان هڪٻئي سان هٿ ملاياسين ۽ هن منهنجي ڳچيءَ ۾ پنهنجون ٻانهون ورائي مون کي ڳراٽڙي پاتي. ”اُف“. مون چيو. ”تون گندو آهين.“ ”توکي پاڻ کي صاف ڪرڻ گهرجي. تون ڪاٿي ڪاٿي وئين ۽ ڇا ڇا ڪري آئين؟“ مون کي هر هڪ شيءِ جو جلدي جلدي حال احوال ڏي. ”مان هر هنڌ تان ٿي آيس، مِلان، فلورينس، روم، نيپلز، وِلا، سان گِيووانِي،، ميسينا، ٽائورمينا.“ “تون ڪنهن وقت نامي جيان ٻڌائي رهيو آهين تون ڪي جوکي ڀريا خوبصورت ڪم ڪري آئين؟“ ”ها.“ ”ڪٿي؟“ ”ملانو، روما ۽ نيپولِي ۾.“ ”ايترو ڪافي آهي. تون مون کي اهيو ٻڌاءِ ته ڪهڙي سڀ کان وڌيڪ بهتر هئي؟“ ”ملانو ۾“. ”اهو ان جي ڪري جو پهريان اتي ويو هوندين. تون هن کي ڪٿي مليين؟ ڪووا ۾؟ تون ڪٿي ويو هئين؟ تون ڪيئن پيو ڀائين؟ مون کي هرهڪ شيءِ بابت جلدي جلدي ٻڌاءِ .ڇا تو اتي ساري رات گذاري؟“ ”ها“. ”اهو ته ڪجھ به ناهي. هاڻي هتي اسان وٽ به نيون ڇوڪريون آيون آهن. ها نيون ڇوڪريون جيڪي پهريان ڪڏهن جنگي محاذ تي نه آيل آهن.“ ”ڏاڍو سٺو“. توکي مون تي اعتبار نه ٿو اچي نه؟ اسان اڄ منجهند جي وقت هلنداسين ۽ ڏسنداسين. ۽ قصبي ۾ خوبصورت انگريزي ڇوڪريون ملنديون. هاڻي مون کي مس بارڪِلي سان پيار ٿي ويو آهي. مان توکي هن سان ملائيندس. مان پڪ سان مس بارڪلي سان شادي ڪندس.“ ”مون کي پاڻ کي ڌوئي صاف ڪرڻو آهي ۽ رپورٽ به ڪرڻو آهي. ڇا هينئر ڪو ڪم تي موجود ناهي ڇا؟“ ”جڏهن کان تون هتان هليو وئين هتي اسان وٽ سردين لڳڻ، جسم جي کلن جي اکڙي وڃڻ، يرقان، سوزاڪ، پاڻمرادو پيدا ٿيل زخمن، ڦڦڙن جي سوڄ ۽ سخت و نرم ڪوهِ زريا کان علاوه ٻيو ڪجھ ڪونه ٿيو آهي. هر هفتي ڪو نه ڪو ٽٽل پٿراون ٽڪڙن جي ڪارڻ زخمي ٿيو پوي. ڪن کي چڱا خاشا زخم ٿي پيا آهن. ٻئي هفتي وري ٻيهر جنگ شروع ٿي رهي آهي. شايد اها ٻيهر شروع ٿئي. ايئين ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. ڇا تون سمجهين ٿو ته جيڪڏهن جنگبنديءَ کان پوءِ مان مس بارڪلي سان شادي ڪري ڇڏيان ته ڇا اهو مون لاءِ ٺيڪ رهندو؟“ ”يقيناَ،“ مون چيو ۽ مون ٻاٽي کي پاڻيءَ سان ٽُٻ ڪري ڇڏيو. ” اڄ رات تون مون کي هر ڳالھ ٻڌائيندين،“ رنالڊي چيو. “هاڻي مون کي آرام ڪرڻ گهرجي ته جيئن مان مس بارڪلي خاطر تازو توانو ۽ خوبصورت بڻجي سگهان.“ ”مون پنهنجي قميض ۽ جبو لاهي ڇڏيو ۽ پاڻ کي پاڻيءَ جي ٻاٽي ۾ ڌوئڻ لڳس. جڏهن مان پاڻ کي ٽوال سان اگهي رهيو هوس مان ڪمري جي چوطرف ۽ کڙڪيءَ ڏانهن نظر ڊوڙائڻ لڳس ۽ رنالڊي ڏانهن پڻ نهاري رهيو هوس جيڪو اکيون بند ڪري بستري تي آهليو پيو هو. هو ڪافي سٺو نظر اچي رهيو هو، هو منهنجو هم عمر هو ۽ هو امالفي کان آيو هو. هن کي سرجن هئڻ پسند هو ۽ اسين ڪافي سٺا دوست هئاسين. جڏهن مان هن ڏانهن نهاري رهيو هوس هن پنهنجون اکيون کولي مون ڏانهن نهاريو. ”تو وٽ ڪجھ پيسا آهن؟“ ”ها.“ ”مون کي پنجاه لاير اڌارا ڏي.“ مون پنهنجا هٿ سُڪايا ۽ ديوار تي لٽڪيل پنهنجي جُبي جي اندريان پنهنجو بٽون کنيو. رنالڊي نوٽ مون کان ورتو، هو بستر تي آهليل رهيو ۽ نوٽ کي گوڏي واري کيسي ۾ اندر کسڪائي ڇڏيائين. هو مسڪرائڻ لڳو،” مون کي مس بارڪلي مٿان ڪنهن پاڻ وهيڻي امير ماڻهوءَ جو تاثر پيدا ڪرڻ گهرجي. تون منهنجو عظيم ۽ بهترين دوست آهين ۽ منهنجو مالي محافظ.“ ”جهنم ۾ پئو.“ مون چيو.
ان رات مان ميس ۾ پادريءَ جي ڀرسان ويٺل هوس ۽ هو اچانڪ مايوس ۽ ڏکارو ٿي ويو ڇاڪاڻ جو مان ابروزي ڪو نه ويو هوس. هن پنهنجي والد صاحب کي خط لکي ٻڌائي ڇڏيو هو ته مان هنن ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ انهن سمورا انتظام به ڪري ڇڏيا هئا. مان پڻ هن وانگي ناگوار محسوس ڪري رهيو هوس ۽ مان سمجهي ڪو نه سگهيس ته مان اوڏانهن ڇو نه ويس. مون اوڏانهن وڃڻ چاهيو پئي ۽ مون هن کي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ڪيئن نه هڪڙي پٺيان ٻي شيءِ ٿيندي رهي ۽ آخر ۾ هن ڏٺو ۽ سمجهي ويو ته مون واقعي به اوڏانهن وڃڻ پئي چاهيو ۽ اهڙي قسم جي ٻي ڪا به ڳالھ ڪو نه هئي. مون ڪافي شراب واپرايو هو ۽ ان کان پوءِ ڪافي ۽ اسٽريگا (Strega)، شراب جي نشي ۾ ڌَت، مون ڳالهائڻ شروع ڪيو، اسان آخر اهي ڪم ڇو نه ڪري سگهندا آهيون جن جي اسان خواهش رکندا آهيون، اسان ڪڏهن به اهڙيون شيون نه ڪري سگهندا آهيون. اسان ٻئي هڪٻئي سان مخاطب هئاسين جڏهن ته ٻيا پاڻ ۾ مٿي ماري ڪري رهيا هئا. مون ابرُوزِي ڏانهن وڃڻ پئي چاهيو. مان ڪنهن به اهڙي هنڌ ڏانهن ڪو نه ويو هوس جتي رستا برف جي ڪري ڄمي ويل هجن ۽ اهي فولاد جيان سخت ٿي وڃن، جتي صاف ۽ خشڪ ٿڌ هجي، جتي پِيٺل ۽ خشڪ برف هوندي هجي ۽ اتي سيهڙن جون گذرگاهون هونديون هجن، ۽ هاري پنهنجي ٽوپي لاهي توهان کي سائين سائين ڪري مخاطب ٿيندا هجن ۽ اتي ڪافي سٺو شڪارٿيندو هجي. مان اهڙي ڪنهن به هنڌ ڏانهن ڪو نه ويو هوس، پر ڪيفيز جي دونهي ۾ راتين ۾ جڏهن ڪمرا گول گول ڦرندي ڏيکاربا آهن ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ديوارن ڏانهن واجهائبو آهي، بسترن ۾ گذاريل راتيون، شراب ۾ ٻُڏل، جڏهن توهان ڄاڻيندا آهيو ته بس اهو ڪجھ ئي آهي، ۽ سجاڳيءَ جو اهو عجيب احساس ۽ بي خبري جو اهو عالم ته رات اسان سان گڏ ڪير ستل هو، ۽ تاريڪي ۾ ٻڏل ڪوڙي دنيا، ايترو ڀڙڪائيندڙ رات، جنهن کي وري ٻيهر اختيار ڪرڻو پوي بي خبر ۽ لاغرض رات، اهو يقين ته بس اهيو سڀ ڪجھ آهي، سڀ ڪجھ اهوئي آهي ۽ ٻي ڪا پرواه ڪرڻي ئي ناهي. ۽ اچانڪ ڪنهن ڳالھ جو فڪر واري وڃڻ وري ننڊ ۾ گهيرجي وڃڻ ۽ ان سان گڏ صبح ويلي جاڳي پوڻ، ۽ جيڪو ڪجھ اتي موجود هجي اهو وڇڙي وڃي ۽ هر شيءِ چڀندڙ ۽ ڏُکي ۽ چٽي ۽ ڪڏهن ڪڏهن قيمت تي ٿي پوندڙ ڦڏو. ڪڏهن ڪڏهن اڃا وڌيڪ مزيدار ۽ لاڏڪوڏ ۽ گرم ۽ ناشتو ۽ مانجهاندو. ڪڏهن ڪڏهن سموري سُٺائي جو موڪلائي وڃڻ ۽ ٻاهر گهٽيءَ ڏانهن نڪري وڃڻ خاطر خوشي محسوس ڪرڻ پر هميشه ٻئي ڏينهن شروع ٿي وڃڻ ۽ وري ٻي رات پئجي وڃڻ. مون رات جي باري ۾ چوڻ پئي چيو ۽ رات ۽ ڏينهن جي درميان فرق ۽ رات ڪيئن بهتر هئي جيسين ڏينهن صاف ۽ ٿڌو ٿئي ۽ مان اهو بيان ڪري نه سگهيس، ڇاڪاڻ جو مان اهو ڪجھ هاڻي نه ٿو ٻڌائي سگهان. پر جيڪڏهن توهان ايئين ڪيو آهي ته توهان پاڻ ڄاڻي سگهو ٿا. هُن ڪڏهن ايئين ڪو نه ڪيو هو پر هُن سمجهيو پئي ته مون ابروزي وڃڻ پئي چاهيو پر وڃي ڪو نه سگهيس ۽ اسان اڃا به دوست هئاسين، ڪافي هڪجهڙيون لذتون رکڻ وارا، پر هڪٻئي ۾ فرق سان گڏ. هو هميشه اهو ڪجھ ڄاڻيندو هو جنهن کان مان بي خبر هوندو هوس، جنهن کي جڏهن به مان ڄاڻي ويندو هوس مان ان کي وساري ڇڏڻ جي صلاحيت رکندو هوس. پر ان وقت مون ان کي نه پئي ڄاتو، جيتوڻيڪ مون بعد ۾ سکي به ورتو. انهي سموري وقت دوران اسان ميس ۾ موجود هئاسين، ماني کائي ڇڏي هئي سين، ۽ بحث مباحثو هلي رهيو هو. اسان ٻنهي ڳالهائڻ بند ڪيو ۽ ڪپتان رڙ ڪندي چيو، ”پادري خوش ناهي. پادري کي ڇورين کانسواءِ مزو نه ٿو اچي.“ ”مان خوش آهيان،“ پادري وراڻيو. ”پادري خوش ناهي. پادري چاهي ٿو ته آسٽريائي عوام جنگ ۾ سوڀارو ٿئي.“ ڪپتان چيو. ٻيا ٻڌي رهيا هئا. پادري پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو. ”نه“ هن چيو. ”پادري چاهي ٿو ته اسان ڪڏهن به حملو ڪو نه ڪيون. ڇا تون واقعي چاهين ٿو ته اسان ڪڏهن به حملو ڪو نه ڪيون؟“ ”نه“. ”مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ڪو جنگ جي اڳرائي ڪري ته پوءِ اسان کي حملو ڪرڻ گهرجي.“ ”لازمي طور تي حملو ڪرڻ گهرجي. ۽ حملو ٿيندو.“ پادري ڪنڌ لوڏيندي هائوڪار ڪئي. ”هن کي اڪيلو ڇڏي ڏيو،“ ميجر چيو، ”هو صحيح پيو چوي.“ ”ان بابت ڪنهن به نموني ڪجھ ڪرڻ هن جي وس ۾ ناهي،“ ڪپتان چيو. اسان سڀ اٿي بيٺاسين ۽ ميز خالي ٿي ويئي.