6
مان ڪرسيءَ تي پنهنجي ٽوپي پڪڙي ويٺس. اسان جي لاءِ گورِيزيا ۾ فولادي ٽوپلا پائڻ لازمي هو پر اهي تڪليف ڏيندڙ هئا ۽ گهڻي قدرناٽڪي انداز وارا هوندا هئا هڪڙي اهڙي قصبي ۾ جتي شهرين کي خطري واري هنڌ تان اڃا ٻاهر نه ڪڍيو ويو هو. مان به جڏهن مٿي مورچن ڏانهن ويندو هوس ان وقت هڪڙو ٽوپلو پائيندو هوس ۽ هڪڙو انگريزي گيس جو نقاب پاڻ سان گڏ کڻندو هوس. اسان انهن کي هٿ ڪرڻ جي ويجهڙائي ۾ شروعات ڪئي هئي. اهي واقعي ۾ نقاب هئا. تان پڻ اسان لاءِ لازمي هو ته اسان خودڪار پستول پهريون، ايتري تائين جو ڊاڪٽرن ۽ صفائي وارن عملدارن لاءِ پڻ ان کي پهرڻ لازمي هو. مان جڏهن ڪرسيءَ تي ويٺل هوس ته اهو پستول منهنجي پٺيءَ کي لڳي رهيو. توهان جيڪڏهن ان کي اهڙيءَ طرح نه ٿا پهريو جنهن سان اهو صاف طور تي نظر نه ايندو هجي ته اهڙيءَ حالت ۾ توهان کي گرفتار به ڪيو ويندو. رنالڊي حاجتمندي واري ڪاغذ سان گڏ ان پستول کي چمڙي جي ڳوٿريءَ ۾ بند ڪري هلندو هو. مون سان اصلي پستول ساڻ هوندو هو ۽ جڏهن به مان ان کي هلائڻ جي مشق ڪندو هوس پاڻ کي ڪنهن گولي مار چوٽُوءَ جيان محسوس ڪندو هوس. اهو آسترا 7.65 قطر وارو هو جنهن کي ننڍڙي نالي هوندي هئي ۽ جڏهن ان کي هلائبو هو ته اهو اهڙيون ته ٽِپون کائيندو هو جو ڪنهن کي ماري سگهڻ جو سوال ئي پيدا ڪو نه پئي ٿيو. مون ان کي هلائڻ جي مشق ڪئي هئي، نشاني جي طرف جهليندي ۽ کل جهڙي ننڍڙي دونالي جي جهٽڪن تي مهارت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش وٺندي جيستائين ويهن قدمن جي ڪجھ مفاصلي کان پنهنجي مقصود نشاني کي چٽي سگهان ۽ پوءِ ان کل جهڙي پستول کي پاڻ وٽ رکڻو پيو ۽ پوءِ مون ان کي ستت ئي وساري ڇڏيو ۽ ان کي بنا ڪنهن محسوسات جي پنهنجي پٺ ۾ لڙڪائي ڇڏيو سواءِ ان جي ته جڏهن به ڪنهن انگريزي ڀاشا ڳالهائڻ واري شخص سان ملڻ ٿيندو هو ته هڪڙو مبهم قسم جو شرم محسوس ڪندو هوس. هاڻي مان ڪرسيءَ تي ويٺل هوس شايد ڪو پٽيوالو هو جنهن مون کي ان مهل ناپسنديدگي واري نظر سان پويان رکيل ميز تان پئي ڏٺو جڏهن مان سنگِ مرمر جي فرش ۽ پليستر ڪيل ديوار جي نقشن کي ڏسي رهيو هوس ۽ مس بارڪلي جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس.
پليستر ڪيل ديوارن تي بڻايل نقش ايترا خراب ڪو نه هئا. ڪو به نقش ان مهل ڀلو پئي لڳو جڏهن ان جون کلون لهڻ پئي لڳيون. مون ڪيٿرائن بارڪلي کي هال ڏانهن ايندي ڏٺو ۽ اٿي بيٺس. هوءَ ايتري قداور ڪو نه پئي لڳي پر هوءَ ڏاڍي پياري لڳي رهي هئي.”مسٽر هينري، توهان کي صبح جو سلام هجي،“ هن چيو. ”توهان ڪيئن آهيو؟“ مون چيو. پويان ميز تي ويٺل پٽيوالو ٻڌي رهيو هو. ”اسان کي هتي ويهڻ گهرجي يا ٻاهر باغيچي ڏانهن هلون؟“ ”ٻاهر ٿا هلون اهو ڪافي ٿڌو آهي.“ مان هن جي پويان ٻاهر باغيچي ڏانهن هلڻ لڳس، پٽيوالو اسان کي پويان کان ڏسي رهيو هو. جڏهن اسان ٻاهر روڙيدار رستي تي هئاسين ان وقت هن مون کي چيو، ”تون ڪيڏانهن هليو ويو هئين؟“ ”مان ٻاهر مورچي ڏانهن ويل هوس.“ ”تو مون ڏانهن ڪو يادداشت نامو به ڪو نه ڏياري موڪليو؟“ ”نه،“ مون چيو. مون سوچيو مان هونئن ئي واپس موٽي ايندس.“ ”منهنجا دلبر، تون لازمي طور تي مون کي اطلاع ڏئين ها.“ اسان سڙڪ کان پرڀرو، وڻن جي هيٺان هلي رهيا هئاسين. مون هن جي هٿن کي پڪڙيو، پوءِ اسان بيهي رهياسين ۽ مون هن کي چمي پاتي.“ ”هتي ڪو اهڙو هنڌ ناهي جيڏانهن اسان هلي سگهون؟“ ”نه،“ هن چيو. ”اسان هتي صرف گهمي سگهون ٿا. تون ڪافي وقت مون کان پري رهيو آهين.“ ”هي ٽيون ڏينهن آهي. پر هاڻي مان واپس وري آيو آهيان.“ هن مون ڏانهن نهاريو. ”۽ ڇا تون مون سان محبت ڪرين ٿو؟“ ”ها.“ ”تو چيو ته تون مون سان پيار ڪرين ٿو، ها نه؟“ ”ها،“ مون ڪوڙ ڳالھايو. ”مان توکي چاهيان ٿي. مون اڳ ۾ ڪڏهن اهي لفظ نه ٻوليا آهن. ۽ تون مون کي ڪيٿرائن جي نانو سان پڪاري سگهين ٿو.“
اسان هڪڙي رستي تي هلي رهيا هئاسين ۽ هڪڙي وڻ جي هيٺان رڪجي وياسين. ”چئو، مان ڪيٿرائن ڏانهن رات جي وقت ۾ واپس وري آيو آهيان“. ”مان ڪيٿرائن ڏانهن رات جي وقت ۾ واپس وري آيو آهيان.“ ”اوه، منهنجا دلبر، تون واپس وري آيو آهين، ها نه؟“ ”ها.“ ”مان توسان بي پناه پيار ڪيان ٿي ۽ تنهنجي غير موجودگيءَ ۾ مان بي قرار هوندي هيس. تون مون کي ڇڏي هليو ته نه ويندين نه؟“ ”نه.“ ”مان هميشه ورندو رهندس.“ ”اوه، مان توسان بيحد پيار ڪيان ٿي، پنهنجو ڪرم ڪندي وري پنهنجو هٿ اتي ڦيراءِ“ ”تون ايڏو دور ڇو هليو ويو هئين.“ مون هن جو پاسو ورايو ته جيئن هن جو رخِ انور ڏسي سگهان ۽ ان کي چمي سگهان ۽ مون ڏٺو هن جون اکيون پورجي ويون هيون. مون هن جي ٻنهي بند ڪيل اکڙين کي چميو. مون سمجهيو هوءَ يقيناَ ٿورڙي پڳلي هئي. جيڪڏهن آهي ته پوءِ ٺيڪ آ. مان ڪيڏانهن وڃي رهيو هوس ان جي مون کي ڪا به پرواه ڪا نه هئي. هي ان کان بهتر هو جڏهن هر شام آفيسرن جي گهرن ڏانهن وڃبو هو جتي ڇوڪريون اسان جي مٿان چڙهي وينديون هيون ۽ اسان جي ٽوپين جو ڪياڙيءَ ڏانهن منهن ڪري پائينديون هيون اهو انهن جو پنهنجي آفيسر ڀائرن سان چاهت جو اظهار هوندو هو جن سان گڏجي هو اتي گهمڻ ڦرڻ اينديون هيون. مون ڄاتو پئي ته مان ڪيٿرائن بارڪلي سان ڪا محبت ڪو نه ٿو ڪيان نه ئي هن سان پيار ڪرڻ جو مون وٽ ڪو تصور هو. اهو هڪڙي قسم جي بِرج واري (Bridge) راند جيان هو، جنهن ۾ توهان پتا کيڏڻ بجاءِ شين بابت ڳالھائيندا آهيو. برج جي راند وانگي توهان کي ڍونگ رچائڻو آهي ته توهان پئسن يا داو تي رکيل رقم جي لاءِ کيڏي رهيا آهيو. ڪنهن به ان ڳالھ جو ذڪر نه ڪيو آهي ته داو تي رکيل مال ڪهڙي قسم جو آهي. مون لاءِ اهيو سڀ ڪجھ صحيح هو. ”ڪاش ڪو اهڙو هنڌ هجي جتي اسان ٻئي هلي سگهون،“ مون چيو. گهڻي وقت تائين اڀي سر بيهي پيار ڪندي مان مرداڻي مشڪلات واري تجربي کي منهن ڏيئي رهيو هوس. ”هتي اهڙي ڪا به جڳھ ڪونهي،“ هن چيو. هوءَ جيڏانهن به ويئي هئي اتان واپس موٽي آئي. ”اسان هتي صرف ٿوري وقت لاءِ ويهي سگهون ٿا.“ اسان پٿر جي هڪڙي سڌي ميز تي ويهي رهياسين ۽ مون ڪيٿرائن بارڪلي جي هٿ کي پڪڙيو. هن منهنجي ٻانهن کي پنهنجي ڳڄيءَ ۾ ورائڻ نه پئي ڏنو. ”ڇا تون ڪافي ٿڪجي پيو آهين؟“ هن چيو. هن هيٺ گاه ڏانهن ڏٺو. ”اسان ڪيڏي نه گندي راند رچائي رهيا آهيون، ها نه؟“ ”ڪهڙي راند؟“ ”ڪند ذهن نه ٿي.“ ”منهنجو ڪو ارادو ڪونهي.“ ”تون ڪافي سٺو ڇوڪرو آهين،“ هن چيو. ”۽ تون ٺيڪ اهڙي ئي انداز سان کيڏي رهيو آهين جيئن تون بخوبي ڄاڻين ٿو. پر اها گندي راند آهي.“ ”ڇا تون هميشه ماڻهن جي ارادن کي پرکي ويندي آهين.“ ”هميشه ته نه. پر تنهنجي خاطر. مون سان پيار ڪرڻ جو توکي ڪو ڍونگ رچائڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. شام جي وقت لاءِ ختم ٿي ويو. ڪا ٻي شيءِ جنهن جي باري ۾ تون ڳالهائڻ چاهين؟“ ”پر مان تو سان پيار ڪيان ٿو.“ ”مهرباني ڪري ڪوڙ نه ڳالهاءِ جڏهن اسان کي ڪرڻو ئي ناهي. مون کي هڪڙي عمدي شو ڏانهن وڃڻو آهي. تون ڄاڻين ٿو ته مان پاڳل نه آهيان ۽ مان ايترو دور هلي نه ويئي آهيان“ مون هن جي هٿ کي دٻائي ڇڏيو. ”هاڻي اهو ڪافي مزاحيه لڳي ٿوــــــــ ڪيٿرائن. پر تون ڪافي سٺو آهين. تون هڪڙو سٺو ڇوڪرو آهين.“ ”پادري به ايئين چيو هو.“ ”ها، تون ڪافي سٺو آهين. ۽ تون ايندين ۽ مون سان ملندين؟“ ”پڪ سان.“ ”۽ توکي اهيو چوڻ جي ضرورت ناهي ته تون مون سان پيار ڪرين ٿو. گهڙي کن جي لاءِ اهو ختم ٿي چڪو.“ هوءَ اٿي بيٺي ۽ مون کان پنهنجو هٿ ڇڏائي ورتائين. ”شب خير.“ مون هن کي چمڻ پئي چاهيو. ”نه.“ هن چيو. ”مان تمام گهڻو ٿڪل آهيان.“ ”ڀلا مون کي ئي کڻي چمي پاءِ“، مون چيو. ”جاني، مان تمام گهڻو ٿڪجي پيئي آهيان.“ ”مون کي چمي پاءِ.“ ”چئبو توکي ايتري گهرج آهي؟“ ”ها.“ اسان چمي پاتي ۽ هن اچانڪ سلسلي کي ٽوڙي ڇڏيو. ”نه ڪر. پليز، پيارا.“ اسان دروازي ڏانهن هلڻ لڳاسين ۽ مون هن کي اندر ويندي ڏٺو ۽ احاطي کان هيٺ هن کي ويندو ڏسندي مون کي وڻي رهيو هو. هوءَ احاطي ڏانهن هيٺ هلي ويئي. مان گهر ڏانهن موٽڻ لڳس. اها هڪڙي گرم رات هئي ۽ مٿي پهاڙن ۾ ڪافي مانڌاڻ متل هو. مون سين گيبريل (San Gabriele) تي چمڪاٽ ڏٺا. مان ولا روزا (Villa Rossa)جي اڳيان رڪجي ويس. ڪو ڳائي رهيو هو. مان گهر ڏانهن هلندو رهيس. جڏهن مان ڪپڙا بدلائي رهيو هوس ان وقت رنالڊي اندر گهڙي آيو. ”اي، ها!“ هن چيو. ”مامرو ٺيڪ نه پيو هلي. ٻچڙي جو منهن لٿل آهي.“ ”تون ڪيڏانهن ويو هئين؟“ ولا رواز ڏي. اهو ڪافي چمڪي رهيو هو. اسان سڀني ڳاتوسين. تون ڪاڏي ويو هئين؟“. ”انگريزن (برطانوين) کي سڏڻ.“ ”مالڪ جو ڪرم آهي! جو مان انگريزن سان شامل ڪو نه ٿيس.“