پبلشر پاران
ڪجهه وقت کان غير رواجي نثري نظم لاءِ “ نئين ڪويتا” جو اصطلاح استعمال ٿي رهيو آهي.جيڪو علمي طور مونجهارو پيدا ڪري ٿو. جيئن ته سنڌي، سنسڪرت ۽ هندي ٻولين ۾ شاعريءَ لاءِ لفظ ڪويتا ڪَتب ايندو آهي. ان ڪري نئين ڪويتا جي معنيٰ بيٺي. “نئين قسم جي شاعريءَ يا “جديد قسم جو شعر” جڏهن ته نثري نظم هجي يا پابند نظم، غزل، گيت يا وائي اهي سڀ شاعريءَ جون صنفون آهن. انڪري جڏهن به انهن سمورين شاعراڻين صنفن ۾ غير معمولي قسم جي شاعري کي نئين ڪويتا نٿو چئي سگهجي. پر اهو اصطلاح شاعريءَ جي سمورين صنفن سرجندڙ غير روايتي شاعريءَ لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو.
اهوئي سبب آهي جو شاعريءَ جي نقادن هر دور جي نئين ڪويتا جي لاءِ الڳ الڳ اصطلاح ڏنا آهن.
روايتي نثري نظم ۽ اڄوڪي غير روايتي نثري نظم جي وچ ۾،“ڪافي” ۽ “ وائي” جيترو واضح فرق پيدا ٿي پيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪي دوست ان کي “نئين ڪويتا” جو نالو ڏئي رهيا آهن. هندستان ۾ ته سنڌي اديب وڏي عرصي کان غير روايتي نثر نظم کي “نئين ڪويتا” جي اصطلاح سان لکي رهيا آهن.
هاڻي انهيءَ واضح فرق کي ڏسي واقعي هڪ نئين اصطلاح جي ضرورت پئي ٿي، ته ان نئين قسم جي روايتي نثري ڪويتا لاءِ ڪو نئون اصطلاح گهڙجي. هن وقت جيڪي هن صنف ۾ “نئين ڪويتا” جي نالي سان شاعري سرجي رهيا آهن. انهن ڳاڻ ڳڻين منجهان احمد سولنگي، انور ساگر ڪانڌڙو، روحل ڪالرو، امر گل، راشد بروهي، ثناءُ الله عتيق، عرفان لنڊ، اعجاز شاهه، آڪاش عامر ۽ ٻيا بہ ڪيترائي سريلا ڪوتاڪار آهن جيڪي پاڻ ملهائي رهيا آهن ۽ جيڪي نثري نظم جي ئي نانءُ سان ، هن شاعراڻي صنف ۾پاڻ پيا موکن، تن منجهان آدرش، فراق هاليپوٽو، پارس حميد، درگاهي گبول، انور ڪاڪا، رحمت پيرزاده، فياض ڏاهري، رفيق سيال، امر سنڌو، سميرا قريشي ۽ ٻيا به ڪيترائي قابل ذڪر آهن.
مان هتي اهو به واضح ڪندو هلان: ته مون سميت جيڪي به هن صنف جا پرزور حامي آهن. اهي پابند شاعري جا انڪاري نه آهن. جيئن بيت هجي يا وائي گيت هجي يا غزل يا ٻي ڪا پابند صنف، ڇو جو ان لاءِ اهوئي ثبوت ڪافي اهن ته اهي سڀ شاعر، هاڻي به پابند شاعري ڪري رهيا آهن. ڀلوڙ گيت، غزل ۽ وايون سرجي رهيا آهن منهنجو به پابند شاعري جو هڪ چڱو ڀلو ذخيرو سالن کان اشاعت لاءِ مون ڏانهن واجهائي رهيو آهي. هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن پابند شاعريءَ ۾ غزل توڙي ٻين صنفن منجهه لکي وٺندو آهيان.
مان هتي پنهنجي شاعري جي باري ۾ انڪري نه پيو ڳالهايان ۽ ان جون تاويلون نه پيو پيش ڪريان جو مان پڙهندڙ کي آزاد ڇڏڻ پئي چاهيو آهي. مون نه پئي چاهيو ته تخليق ۽ پڙهندڙ جي وچ ۾ اچان. ۽ڪا ٽياڪڙي ڪريان. شايد اهو ئي سبب آهي جو مو ڪنهن ٻئي کان مهاڳ ناهي لکرايو.
هيءَ ٿوري عجيب ڳالهه آهي ته ڪتاب جو ليکڪ به مان آهيان ته پبلشر واري نوٽ جي صورت ۾ آمهاڳ به مان ئي لکي ويٺو آهيان. ڇا ڪيان پبلشر هجڻ جي ناتي اها منهنجي مجبوري آهي.