مان جڏهن ٻاهران
ميرو ٿي موٽندو هيس
ته مونکي لٽن ڌوئڻ واري مشين وانگر
هوءَ پنهنجي آغوش ۾ ڀري
اُجر ڪري رکندي هئي
استريءَ وانگر تپي
ڀاڪر ۾ ڀري
منهنجي روح جا گهنج لاهيندي هئي
هوءَ منهنجي ڪاوڙ کي فرج وانگر ڄمائي
برف ڪري ڇڏيندي هئي
۽ منهنجي زندگيءَ جو کير ڦِٽڻ کان بچي ويندو هيو
هوءَ منهنجي خوشين جو ن سبزيون
۽ خوابن جا ميوا هميشه رکندي هئي تازا
هوءَ غمگين ڏسي مون کي
ٽي ويءَ وانگر
وندرائيندي هئي دل منهنجي
۽ ٽيپ وانگر ڳائيندي هئي
سدائين مونکي ڏسي
ٽيوب لائٽ وانگر
ٻهڪي پوندي هئي
۽ مان سڄو روشن ٿي پوندو هيس
هوءَ پريشانين جو پگهر ايندو ڏسي مونکي
مون مٿان پکي جيئن ڦرڻ لڳندي هئي
پئي اَرهي سَرهي گهور ويندي هئي مون مٿان
مون لاءِ هوءَ اونهاري ۾ اي سي
۽ سياري ۾ سگري هوندي هئي
منهنجي ناراض ٿيڻ سان اکيون
پاڻيءَ جا موٽر ۽ نلڪا بڻجي وينديون هيس
هوءَ جيءَ ۾ جايون ڏئي مون کي
هيانوَ جي هندوري ۾
لاڏ ڪوڏ سان لوڏيندي هئي
لکين دفعا
سيني جي سيج تي ڀاڪرن جي بسترن ۾ سمهاري
ننڊ ڪرائي خوابن سان کيڏائيندي هئي
پنهنجي پوتيءَ جي پلو ۾ ٻڌي
يا هڻي ور ۾
يا انگي ۾ وجهي
مون کي پيسن جيان رکندي هئي سنڀالي
پر ليلا وانگر ڪڏهن به مون کي کپائڻ جو
ڀلجي به خيال ڪونه آيس
پنهنجي وارن سان ٻهاري ڏيندي هئي
مون کي پنهنجي چپن سان پوچي ڏيندي هئي
مون کي پنهنجي گهر وانگر
رکندي هئي صاف سٿرو
پئي سينگاريندي هئي شاعراڻي انداز ۾ مون کي
پر اڄ هوءَ
سڄي ارٿ ٿي وئي آهي
شاٽون ٿي هئي
مونکي ڪپڙن جيان ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري
الائي ڇا تان مڇري آهي
ٿانون جيئن اڇلائي مون کي
پنهنجا ئي زيان پئي ڪري
هوءَ استريءَ وانگي تپي وئي آ
۽ ساڙي پئي مون کي
ڪارونڀار ڪڪرن وانگي گجگوڙون ڪري
مون مٿان وڄن وانگي پئي ڪري
2016
*