شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

چانهه وانگي چُلهه تي رکي مون کي

چانهه وانگي چُلهه تي رکي مون کي
الائي ڪيڏانهن هلي وئي آهي
ڪيڏي لاپرواهه آهي هوءَ
مان کير وانگي اُٻرجي هارجان پيو
۽ پيئڻ بلا وانگي
وڇوڙي جي باهه مون کي
چوسيندي وڃي ٿي
منهنجي دالي جهڙي دل ۾
رڳو اداسيءَ جو دونهون ڀرجي ويو آهي
هوءَمونکي ميرن ڪپڙن جيان
منهنجي ئي اکين ۾ پسائي هلي وئي
ڌوپڻ وري ڌيان ئي نه ڏنو آهي مون تي
هن کي ته اڃان پيار جي پوچي ڏئي مون کي
ٻاجهه سان ٻهاري
ڇنڊڻي ڦوڪڻي هئي زندگي منهنجي
ٽوپي اڳڙين جيان مون کي
رلهيءَ جيان جوڙي
پاڻ کي ئي هيس ويڙهڻو
ڀرت جيان ڀري پاڻ کي منهنجي مٿان
ٿانون جيئن مون کي چپن سان ملي
جائتو ڪري مون کي
اٽي جيئن ڪلڻو هيس
پنهنجي وارن سان واڻي کٽ جيئن مون کي
پنهنجي آغوش جي آڳر تي رکي
پنهنجي قلب جي ڪمري ۾ رهائڻو هيس
۽ سمهڻو هيس مون مٿان
مون کي ته اڃان هن جي جسم جا جبل جهاڳڻا هيا
۽ هن کي منهنجي روح جو ريگستان ريج ڪرڻو هيو
سون جيان سنڀالي رکڻو هيس مون کي
پر مون کي هيئن وڇوڙي جي رستي تي
ڦٽو ڪري آ وئي
اسان کي ته اڃان هڪ ٻئي سان مٽي مٽائڻي هئي
۽ هڪٻئي مان ظاهر ٿيڻو هيو ائين جيئن لٽا لاهبا آهن
هن کي ته هميشه جي لاءِ
هرو ڪم جيان سنڀالڻو هيس مون کي
نَهَنِ سان مون مٿان درد کي کُرڙي لاهڻو هيس
۽ تا حياتي هڪ ٻئي جون هر روز مَٽيون ڀرڻيون هيون.
پر جيئن مڇين کي ڇلهي وڍبو آهي
مون سان اهڙي ڪار ڪري وئي
جونءَ جيئان جيءُ منهنجو
پنهنجن نَهَنِ جي وچ ۾ ڏئي
چٿي وئي مون کي
۽ منهنجي تن من جي سڀني تالن جون
سموريون ڪونجون
پنهنجي اڳٺ ۾ٻڌي ساڻ کڻي وئي.

2010
*