شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

مشينن سان مٽي مائٽي ڳنڍيندڙ

مشينن سان مٽي مائٽي ڳنڍيندڙ
روبوٽن سان ياري رکندڙ
انسانيت جا انڪاري
۽ ماڻهپي جا مياري ماڻهو
فطرت کان فرار حاصل ڪيل
قدرت کان بيزاري ماڻهو
ذليل ذهنن جا مالڪ
دلين سان دغائون ٿا ڪن
چنڊ جهڙي درويش کي به
مشيني پٿر اڇلائي هڻي رهيا آهن
ڪوڙ تي قربان قربان ٿيندڙ
پنهنجين عياشين ۽ حوس جي پورائيءَ لاءِ
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي زور تي
انسانيت، آزادي ۽ امن سان
زنا بالجبر ڪري رهيا آهن
اڄوڪا اُسريل انسان
هي جو ٿيو بي ڍنگا، ننگا
شيطاني راڳن تي
وحشي ناچ نچي رهيا آهن
هيءَ وحشت آخر ڪيسيتائين
اهو ڏينهن پري ناهي
جڏهن ماڻهن جا هٿ
خود پنهنجين ئي ڳچين ۾ هوندا
اهو ڏينهن پري ناهي
جڏهن ماڻهو پاڻ تي پاڻ باهيندا
پاڻ تي پاڻ داهيندا
جڏهن پاڻ کي پاڻ ڏيندا سزائون
۽ پنهنجو انت پاڻ آڻيندا
ڇو ته برائي هميشه
پاڻ کي ئي برباد ڪندي آهي
*
2009