ڏئي ريل جي پٽڙي وڃان ٿو
پٿرن کي ٿڏا هڻندو
مينهن ۾ ڀڄندو
بانسري آهي ڀڳل
هٿ ۾ جهليل
ڳلو به آهي کليل
ناهن ٻيڻيون ڏنل
ڪالر به آهي اڀو
ڪهيون به ناهن بوٽ جون ٻڌل
۽ ٽٽل هن دل جون تارون سڀئي
آ ڀڳل گٽار جهڙو من منهنجو
ڀٽائيءَ جي قبر سان
ٽيڪ ڏياري رکيل ڄڻ تنبورو
مان سڄو درد جي مند آهيان
تنهنجي فراق ۾ جانان
منهنجي وارن مان به
ڳوڙها ٽمن ٿا
هي مينهن جون ڦڙيون آهن
يا مونکي کُڙکٻيتا چمن ٿا
وڄائي پيو وڇوڙو
وائلن جيان مونکي
سُڪرات جي سُرَن جهڙو
منهنجي ساهن جو سنگيت
پيو سِسِڪي سڏي توکي
اي منهنجا مِيت
سياري جي هن مُلحد موسم ۾
برسات جي پيٽرول هاري
باهه ڏئي ويو ڊسمبر مونکي
۽ مان مندر جيئن سڙان ٿو
يار منهنجي رڳ رڳ ۾
يادن جون ريلون ڊڪن ٿيون
۽ مان بند تي ويهي رهان ٿو
*
2014