شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

لفظن جي معنيٰ ئي مٽجي وئي آهي

لفظن جي معنيٰ ئي مٽجي وئي آهي
ٻولي ئي اُبتي لڳي پئي آ
هتڙي سمنڊ هو ڪيڏانهن هليو ويو
هٽران جبل به کٽل آهي
ندي نانگ هئي ڄڻ
ڪهڙي ٻر ۾ لڪي وئي
ڪهڙن سورن
سُکن جا سنڌ سڪائي ڇڏيا آهن
هي ڇا
اُٺ آکيرن تي چڙهي ويٺا آهن
باز ڪوريئڙن جي ڄارن ۾
ڦٿڪن پيا
ڏيڏر ڪبوترن جا پر چورائي
اڏامندا ٿا وتن
ٽينڪون شهرن جا طواف ڪري رهيو آهن
ٻارن کي مائرون اُرهن بدران
پلاسٽڪ جو ٿيلهيون ٿيون ڌارائن
رشتن مان رت پونءِ ڳڙي رهي آهي
ڪردارن جا ڪنڌ لهي چُڪا آهن
مڪاريءَ جي ماحول ۾
ڏندن جو ڏيهه بڻجي چڪو آهي هي
پئسو پئسي سان هٿ ٿو ملائي
۽ سمورا آدرش
نالين ۾ لڙهي رهيا آهن
هي نئين نسل جا آدمخور
مردا ته ٺهيو
پر قبرون به ڪَرٽي کائي رهيا آهن
هي هر وڻ کي پنهنجو ڪارو سمجهي
ڪهاڙين سان ڪپيندا ٿا وڃن
هي گڏهه گلابن جي ڀيل ڪري رهيا آهن
ماڻهو ته ائين ائين ٿا مارن
ڄڻ رت جا ڀريل ڦوڪڻا ٿا ڦاڙن گولين جي سين سان
هي جسمن کي ميڻ ڪٽي رهيا آهن
ائين ٿو لڳي
ڄڻ وحشت جي هر روز هتڙي
سالگرهه ملهائي پئي وڃي
هنن کي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندو
ته پئٽرول جي پاڻيءَ تي پچيل
هي باهه جو فصل
ماڻهو ڪونه کائيندا
پر ماڻهن کي کائيندو.
*

6.2015