مان ڦٽ پاٿ جي ڪناري
بينچ تي ويٺو
قديمي وڻ هيٺان
برفباريءَ ۾ تنهنجي يادن کي ڀاڪر ڀري
اميدن جي باهه جهيڻيءَ تي
هٿ سيڪي رهيو آهيان
۽ سوچي رهيو آهيان
تون اوچتو اچي
مون مٿان ڇٽي جهلي بيهندينءَ
۽ ڪوپ ڪافيءَ جو ڀري ڀاڪر ۾
هڪ ڍُڪ پياريندينءَ ۽ ٻيو ڍُڪ پيئندينءَ
مدن جون ڳالهيون ڪندي
پيار تي لهي ايندينءَ
اسان مٿان ٻيهر
پيار جي وهي ايندي
پوءِ ڇلي پوندي سامهون زندگيءَ جي ندي
برف ڳري وڻ تان مينهن وانگي ڇڻندي
آسمان صاف ٿيندو
اُس جو اُهاءُ ٿيندو
۽ اسان ٻئي هڪ ئي ڪتاب ۾
منهن لڪائي ڪنهن لائبريريءَ ۾
چپن کي چپن سان اُچارينداسين
زبان جي آڱر ڳلن تي رکي
هڪ ٻئي کان سوال ڪنداسين اهڙا
جن جا جواب رڳو ڀاڪر ۽ چميون هجن
يا ڪنهن باغيچي ۾
دنيا جي خزاني منجهان
پيار جي چوري ڪنداسين
۽ اسان جا ساٿاري
باغ جا سڀئي گُل ڍڪي ڇڏيندا اسان کي
بس پوپٽن کي ئي پتو هوندو اسان جو
پکي پنهنجي باري ۾ خاموش رهندا.
يا بينچ تي ويٺي
اخبار ۾ لڪي ويندي قربت اسان جي
يا ڪنهن ريسٽورينٽ ۾
ميز هيٺان پير پنهنجا
هڪ ٻئي سان پيا کينچل ڪندا
چانهن جا ڪوپ ۽ بوتلون
پيون مٽا سٽا ٿينديون
۽ هڪ ٻئي کي هلڪيون پيون چهنڊيون لڳنديون
شرارتي مرڪن سان
پئي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي
۽ سمنڊ جي ڪناري باهه جي مچ ڀرسان
يا خيمي اندر رات ڪٽبي
سجائي جنتن جي ڪهڪشان
بينچ تي ننڊ وٺي وئي
هوءَ اچي مون مٿان
خوابن جو ڪمبل وجهي وئي
پوءِ سڄي رات برفباريءَ ۾ پوريجندو ويس مان.
2013
*