شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

ڪاري برف

ڪاري برف

ڪارو مينهن ڪارن ڳڙن ۾ تبديل ٿي ويو آهي
اڄڪلهه منهني ساٿي وطن تي
ڪاري برفباري ٿي رهي آ
سنڌوءَ ڪاري سُڃَ ڇولين پئي هڻي
۽ ڪاري بک ٿر کي رڙڪي رهي آهي
مائرن جون ڇاتيون ڪاراٽجي ويون آهن
ڳاڙهي رت جهڙو انقلاب سُڪي
ڪاري رنگ جا دڙڳ ٿي ويو آهي
ڪاري هوا هتڙي رات جو راڄ قائم ڪيون ويٺي آهي
۽ ڪاري باهه ڪاري نانگ وانگر
هر وسندي ڳڙڪائيندي پئي وڃي
ٽانڊن جيان ڌڳندڙ ڪردار به
ڪوئلا بڻجي چڪا آهن
سامراجي انڌڪار کي
اڃا به گهرو گُگهه ڪرڻ لاءِ
مان نوح نبيءَ وانگر جُنبيل آهيان
تخيل جو ڪاٺ چيري
هڪ نظمن جي ٻيڙو ٺاهڻ ۾
مون تي انسانيت جا مرتد
موت جا پوڄاري
امن جا ڪافر
ٺٺوليون ڪري رهيا آهن
عنقريب هن ڌرتيءَ تي باهه جو ميلاپ اچڻو آهي
جيڪو زمين مان بارودي سرنگهون ائين ڦاڙي نڪرندو
جيئن آتش فشائون لائو اوڳاڇينديون آهن
آبدوز مڇيون
سمنڊ ساڙي سڪائي ڇڏينديون
اڀ مان راڪاس جهازن جا ڪڪر
بمن جو مينهن وسائيندا
۽ ائٽمي ميزائيل ائين ڪرندا
جيئن اربين سال اڳ
آسمان مان هن ڌرتيءَ تي
تتل لوهه جا ڳاڙها ڳڙا نازل ٿيا هيا
سموري ڌرتي باهه جي لپيٽ ۾ اچي
ائين سڙندي
جو سج جي سمان لڳندي
ان کان پوءِ هن ڌرتيءَ تي
دونهين جو دور شروع ٿيندو
پوءِ هي نظمن جو ٻيڙو
اهي کُهي انسانيت سميت
ڌرتيءَ تي موجود
هر ڀلائي کي
هر جنس جي جوڙي سميت کڻي
پنهنجو سفر شروع ڪندو
جڏهن باهه سڪي ويندي
ته امن جو ڪبوتر اڏامي پڪ ڪري
هيءَ نظمن جي ٻيڙو
انسانيت جي سڙيل جبل مٿان
لنگر انداز ٿيندو
۽ صالحن کي هن کنڊر گولي ٿي
باد ڪندو
انهن جي چڱاين سان
ڇار ۾ زرخيزي پيدا ٿيندي
۽ سڙي ڪوڪلو ٿيل ڌرتيءَ مان
هيرن جواهرن جا وڻ ڦٽندا
چانديءَ جون نديون
سون جي سمنڊن کي کي جنم ڏينديون
۽ ٻيهر ساوڪ جو سج بڻجي پوندي ڌرتي.
*
2016