گهٽيءَ ۾ چونڪ تي
مان دڳ بتيءَ کي ڀاڪر ڀريون
مينهن ۾ ٻَران ٿو
دل جي کولي ڇٽي
۽ هوءَ بالڪونيءَ منجهان وار پنهنجا
ڪڪر ڪري ٿي مون مٿان وسائي
پنهنجي ادائن جي آڱر سان
مون کي بتيءَ جيان هو ٻاري جهمڪا ٿي ڏئي
کُلي بند ٿئي ٿي ڪنهن گُل وانگر
هوءَ جا ٻارن جي مخول وانگر
پنهنجي منهن تي رکي هٿ
يا تاڙيون وڄائي ٿي کلي کِنوڻين جيان
بڻجي ٿو وڃي انڊلٺيون انڊلٺيون آسمان
مان بيٺي بيٺي وڻ جيان سائو ٿيڻ ٿو لڳان
مون ۾ اُمنگن جا پن ڦُٽڻ ٿا لڳن
۽ من مٿان خوابن جا پکي اچي ويهن ٿا ۽ اڏامن
مان بيخوديءَ جي هوا سان
نچندڙ ڳائيندڙ وڻ بڻجي ٿو وڃان
۽ منهنجون لامون بڻجي بانسريون وڄڻ ٿيون لڳن
پن پن پنهنجي زبان ۾ ڳائڻ ٿو لڳي
هوءَ بيٺي بالڪونيءَ ۾ ٽَهڪن ۽ مُرڪن سان
مينهن ۾ مون مٿان اس ڇانو ٿي ڪري
۽ گهٽي جلترنگ جيئن ٿي وڃي
بيباڪيءَ جي ٻيڙي
انهيءَ ننڍڙي نديءَ ۾ ڪاهي ٿي پوي
۽ اڏامڪ چُمين جا ولر
آسمان کي ڍڪن ٿا ڇڏن
*
12.2015