شاعري

اداس راڳي، خاموش ساز

. ھي ڪتاب نوجوان شاعر شڪيل احمد جي نثري نظمن جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ شڪيل لکي ٿو:
”شاعري ليلان جون ميڙون ۽ منٿون ۽ آزيون نيزاريون آهن، شاعري سچل جي سرمستي آهي، شاعري غريب بار جي ڪِري پيل خرچي وارو ڏک آهي، شاعري غريب ٻار جي رانديڪن واري حسرت آهي، عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ شاعري آهي، شاعري تهذيبن جا کنڊر آهي، شاعري وڻ جي وڍجڻ جو غم آهي، شاعري چي گويرا جي جدوجهد آهي، پريشانيءَ واري حالت ۾ ذهن جي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ شاعري آهي، شاعري روحاني بيچينيءَ من جي آرس ڀڃڻ وانگي آهي، آرٽ جي آئيني شاعري ڪائنات جو عڪس آهي، نظم پاڻيءَ تي شفق جهڙا هلڪا آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 290
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شڪيل احمد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اداس راڳي، خاموش ساز

جڏهن مان پنهنجي چوٽيءَ تي چڙهي

جڏهن مان پنهنجي چوٽيءَ تي چڙهي
پاڻ کي پستيءَ ۾ ڏسندو آهيان
ته منهنجي غرور جو
مٿو ڦرڻ لڳندو آهي
۽ عاجزيءَ جي اڏام
مونکي پنهنجي مٿان محسوس ٿيندي آهي
تڏهن مان ڪروڌ ۾ ڀرجي
اوچائيءَ تان پستيءَ ۾
پنهنجي مٿان جمپ ڏئي
خودڪشي ڪندو آهيان
پر هر دفعي ڪرڻ دوران
مونکي باغي پر ڦٽي پوندا آهن
۽ مان ڪرندي ڪرندي ڪلٽي کائي
عذاب وانگر وري اُڀ ڏانهن اڏامڻ لڳندو آهيان
۽ پنهنجي مٿان اڏامندڙ عاجزيءَ کي
جهرڪيءَ وانگر جهٽي
ڪنهن ديوتا جي مٿي تي ويهي
ان کي نوچڻ لڳندو آهيان
ته ان ديوتا جو سمورو بدن
زخمي ٿي پوندو آهي.
*

6.2016