هوءَ گلابي آسمان آهي
جنهن ۾ رات جو سونهري چنڊ
۽ ڀانت ڀانت جي مڙني رنگن جا
ستارا چمڪن ٿا
۽ ڏينهن جو خوابي خماريل سچ
هوءَ جڏهن باغيچي کان گذرندي آهي
ته ٽارين تان پاڻمرادو پَٽجي
گل هن جي پويان ڊڪندا وتندا آهن
۽ پيرن هيٺان پاڻ ڌريندا آهن
هوءَ جنهن ڪتاب ڏانهن نظر ڪندي آهي
ان ڪتاب جا ورق پاڻهئي ورندا ويندا آهن
هن جي هٿن تائين پهچڻ لاءِ
ٿانو پاڻ ۾ ٿڙڪندا رهن ٿا
متان لاهي ڇڏي
ڊپ کان ڪپڙا ميرا نٿا ٿِينس
رنگ ۽ ڊزائينون مٽائيندا ٿا رهن
هن کي ڏسي
ٻريل بلف ۽ فانوس
ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي ٿا پون
هن کي ڏسي پکين کان
اڏامندي اڏامڻ وسري ٿو وڃي
۽ ڪري ٿا پون
هوءَ جڏهن آئيني اڳيان ٿي بيهي
ته انهن ۾ ڏارون پئجي ٿيون ٿيون وڃن
هن کي ڇهي پن پوپٽ بڻجي ٿا پون
هن جا قدم ڇهي رستا پيانو جيئن وڄڻ ٿا لڳن
جڏهن هوءَ هٿن ۾ ٿي کڻي
ته خالي پنا
شاعريءَ سان ڀرجي ٿا وڃن
هڪ انڊلٺي گلن جو ڪڪر
هن مٿان هميشه ڇانو ڪندو ٿو رهي
انڪري ئي پنکڙين جو رنگين مينهن
هن مٿان وسندو ٿو رهي
*